ظفر حسن
ڊائري
26، اپريل 1991ع
اڄ هڪڙي ڳالهه تي قمر سان ڪاوڙجي پيس، ڏاڍو زور سان ڳالهايم ۽
گهڻي دير تائين گوڙ ڪندو رهيس بلڪه قمر سان وڙهندو
به رهيس. ناظرا (منهنجي ڌيءَ) به وچ ۾ پئي ڳالهه
ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کي به دڙڪا ڏنم.
پوءِ مون سوچيو ته سڄو ڏوهه منهنجو هو. ڳالهه بيشڪ ڪاوڙ ڪرڻ
جهڙي هئي پر ايتري به نه جو آسمان کڻي مٿي تي
کڻجي. پوءِ مون ڏاڍو پڇتايو ته هروڀرو قمر تي ڪاوڙ
ڪيم، نظرا تي به ڪاوڙ ڪيم. تيليءَ مان کڻي ٿنڀ
بڻايم.
آئون سمجهان ٿو اڄڪلهه منهنجو بلڊ پريشر شايد ”هاءِ“ رهي ٿو ۽
ويجهڙائي ۾ ڪوليسٽرول به چيڪ ڪرايو هئم ته اهو
وڌيل هو. ٻي ڳالهه ته شايد آئون تيزيءَ سان پوڙهو
به ٿي رهيو آهيان. ان ڪري ٿوري ٿوري ڳالهه تي قمر
سان، ٻارن سان ڪاوڙجيو پوان. بس طبيعت کي جيڪا
ڳالهه ٿوري به نه ٿي وڻي ته بلڊ پريشر چڙهيو وڃي.
ايتري ڪاوڙ منهنجي لاءِ چڱي ڪانهي. آئون اڳيئي دل
جو مريض رهي چڪو آهيان، ويتر جو ايئن بلڊ پريشر
چاڙهيو وتندس، ته اهو پنهنجو پاڻ کي مارڻ جي برابر
ٿيندو. هونئن به جي ڪو دل جو مريض نه به رهيو هجي،
ته به ائين ڪاوڙ ڪرڻ چڱي ڳالهه ڪانهي، ڇو ته ائين
ڪاوڙ ڪرڻ سان ڪوبه دل جو مريض بڻجي سگهي ٿو.
تنهن کان سواءِ ٻي ڳالهه اها آهي ته منهنجو ائين قمر سان وڙهڻ
ٻارن تي ڏاڍو اُگرو اثر ٿو وجهي. هو مون کي سندن
ماءُ سان وڙهندو ڏسي پريشان ٿي ٿا وڃن. آئون قمر
کي بلڪل ڏوهه ڪونه ڏيندس. جو هڪڙو ته گهڻو ڪري
ڏوهه منهنجو هوندو آهي (جنهن جو مون کي پوءِ احساس
ٿيندو آهي)! ٻيو ته ڳالهه کي وڌائيندو به آئون
آهيان. پوءِ مون کي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو آهي
ته جيڪڏهن اها ڳالهه ڪاوڙ ڪرڻ جهڙي هئي به کڻي ته
به ايتري ڪاوڙ ڪرڻ جهڙي نه، جيتري مون ڪاوڙ ڪئي
هئي. قمر منهنجو خيال ايترو ٿي رکي جو ٻي ڪا زال
پنهنجي مڙس جو ورلي رکندي هوندي. اها دعويٰ بهرحال
آئون سندس مڃتا ۾ ٿو ڪريان، ٻيون به گهڻيون زالون
هونديون جي قمر جيترو يا ان کان به وڌيڪ پنهنجن
مڙسن جو خيال رکنديون هونديون. بهرحال ايترو ضرور
چوندس ته قمر منهنجو ڏاڍو خيال ٿي رکي. منهنجي
ڪِرياتي کاڌ- خوراڪ جو، منهنجي ڪپڙي لٽي جو،
منهنجي آرام جو، هر طرح خيال رکي ٿي- ۽ آئون ئي
قمر جي ڪنهن معمولي ڳالهه تي چڙي، ڪاوڙجي پوندو
آهيان ۽ قمر سان وڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهيان ۽
ڪڏهن ڪڏهن ته ٻارن کي به سندن ڪنهن معمولي غلطيءَ
تي يا هروڀرو دڙڪا پيو ڏيندو آهيان.
بهرحال اڄ مون قمر سان، ٻارن سان وچن ڪيو آهي ته هاڻي آئون
ڪڏهين نه وڙهندس ڪڏهين تکو يا ڏاڍيان نه
ڳالهائيندس. آخر ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ آخر قمر
ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو هو منهنجي ڪاوڙ جو شڪار
بڻجن. ڪٿي ائين ته ڪونهي ته ٻاهر جتي ڪاوڙ جو
اظهار ڪرڻ گهرجي، اهو نه ڪرڻ ڪري يعني اها ڪاوڙ
ڪرڻ جي همت نه هئڻ ڪري پنهنجي گهر م ڪاوڙ ٿوڪريان!
آئون نه ٿو گهران ته مون کان پوءِ قمر ۽ منهنجا ٻار جڏهن مون کي
ياد ڪن ته“ سُهانين ۽ خوشگوار گهڙين سان گڏ منهنجي
ڪاوڙ ۽ دڙڪن کي به ياد ڪن آخر آئون قمر لاءِ، ٻارن
لاءِ ڇڏي ڇا ويندس؟ ڪا دولت ڪا ڌراوت ته ڪونه ڇڏي
ويندس، جو ان نشي ۾ منهنجي ياد ئي وسري وڃين. اسين
مڊل ڪلاس جا ماڻهو، پنهنجي ايندڙ مڊل ڪلاس وارن
ٻارن لاءِ بس اهي پياريون پياريون يادگيريون ئي ته
ڇڏي وينداسين ۽ انهن يادگيرين ۾ اهڙا منظر ۽
اهڙيون ڳالهيون به هجن جي دل کي ڏک پهچائين، ته
پوءِ اها منهنجي/ اسان جي ايندڙ نسل سان ظلم
ٿيندو. ان ڪري پهرين ته اهڙين ڏکوئيندڙ ڳالهين جو
نه هجڻ، بنهه نه هجڻ ته شايد ممڪن نه هجي، پر
اهڙيون ڏکوئيندڙ ڳالهيون جيتريون گهٽ هجن اوترو
چڱو.
مون قمر کي، ٻارن کي چيو وساري ڇڏيو منهنجا دڙڪا ۽ ڪاوڙون- هاڻي
ياد رکجو منهنجو ۽ توهان جو هڪ ٻئي سان پيار،
مِٺيون مِٺيون، پياريون پياريون ڳالهيون، مُرڪون ۽
ٽهڪ ۽ بس انهن ۾ هڪ ٻه، هڪ ٻن سيڪنڊن جيترا
هڪ-سِٽا دڙڪا يا ڪاوڙ ۽ اها به ڪڏهن ڪڏهن- سال ٻن
۾ ڪو هڪ اڌ ڀيرو! اهو به ورلي يا شايد ڪڏهن به نه!
(”سرتيون“ لاءِ)
خط
*سَرتي: اسلام عليڪم، سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ ڇپجندڙ
خواتين جي رسالي ”سرتيون“ بابت خبر پئي ۽ اُها به
اڪيڊمي جي پراڻي خبرنامي وسيلي. اسان لاءِ اهڙي
خوبصورت ٽماهي رسالي جي اجراع تي مبارڪباد قبول
فرمايو. وڌيڪ تعريف مختصر لفظن ۾ پڙهيم، ته سچ پچ
ائين محسوس ٿيو، ته اوهان علم ادب جي ميدان ۾
خواتين لاءِ هڪ ڪارنامو انجام ڏنو آهي.
مان هڪ شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجي ڀينرن لاءِ، اوهان جي
وسيلي، ڪجهه قلمي سهڪار ڪرڻ چاهيان ٿي. اميد ته ان
بابت توهان ضرور اطلاع ڏينديون. رسالي جي انداز ۽
مزاج جي باري ۾ ڪا ڄاڻ نه آهي. بهرحال جيڪو تعارف
خبرنامي ۾ لکيل آهي، ان کي پڙهي مان 10 رپين جون
ٽڪليون موڪليان پئي، جيڪڏهن توهان وٽ پراڻا پرچا
هجن، ته اُهي به موڪلينديون، ته جيئن معلومات ملي
سگهي. اميد ته جلد ”سرتيون“ روانو ڪنديون.
هڪ نياڻي شاهين ظفر، بهاول پور
*سَرتي: اسلام عليڪم، پهريون دفعو ”سرتيون“ ڏانهن پنهنجي شاعري
موڪلي رهي آهيان، اميد ته مانائتي موٽ ملندي. آءُ
مختلف رسالن ۾ ڪجهه وقت کان باقاعدي لکي رهي
آهيان، شايع ٿيندي رهي آهيان، خبر ناهي ته
”سرتيون“ ۾ به نالو يا...... هلندي آهي الائي ڇا؟
جيڪڏهن ها ته پوءِ ته ظاهر آ، ته آئون شايع ٿي نه
سگهنديس، باقي جيڪڏهن توهان صرف ۽ صرف معيار ڏسندا
آهيو. نئون يا پراڻو لکندڙ، دوستي يا سفارش بلڪل
به نه ڏسنديون آهيو ته پوءِ آئون ضرور شايع
ٿينديس. ۽ ها ”سرتيون“ ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جو
پورو پورو حق آهي شايع ٿيڻ جو.
توهان هڪ نظر شاعريءَ تي ضرور وجهجهو، اميد ٿي ڪريان ته توهان
جي معيار تي پوري لهندي مايوس نه ڪندا. هونئن به
اسان ڪوي مايوسيءَ جا منڪر ٿيندا آهيون.
مهرباني!
روبينه ابڙو
*محترمه ايڊيٽر: السلام عليڪم، هڪ ذاتي ڪتاب گهر ۾ ٽماهي
”سرتيون“ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. جنهن ۾ علمي ادبي،
سائنسي ۽ مذهبي موضوعن تي نهايت معلومات ۽ تحقيقي
مقالا ۽ اعليٰ قسم جا مضمون پڙهي توهان لاءِ دل
مان بي اختيار دعائون نڪتيون. توهان هن پرچي ذريعي
پڙهندڙن جي لاءِ اهڙو سٺو مواد مهيا ڪري انهن جي
اصلاح ڪري رهيون آهيو ۽ ان سان گڏ دين جي خدمت
ڪندي، سماج جي رهنمائي جو فرض پڻ سرانجام ڏئي
رهيون آهيو. توهان کي الله تعاليٰ هن جو اجورو عطا
فرمائي آمين.
محترمه ايڊيٽر، جيئن ته ”ولي اڪيڊمي“ هڪ علمي ادبي ادارو آهي،
جنهن جي مقصدن ۾ علمي ادبي جلسن جو اهتمام ڪرڻ،
شاعري ۽ شاعرن جا تذڪرا ۽ ٻيون ادبي سرگرميون
ڇپجنديون رهنديون آهن، اتي هڪ علمي ادبي ڪتابن تي
ڳانڍاپيل پبلڪ لائبرري پڻ موجود آهي ته جيئن
پڙهندڙ ان مان لاڀ پرائي سگهن. هن لائبرري جي لاءِ
”ولي اڪيڊمي“ جي نالي ٽماهي ”سرتيون“ اعزازي ڪاپي
جاري ڪرڻ فرمائينديون ته توهان جو شڪر گذار رهندس.
محمد رفيع الدين سيڪريٽري ولي اڪيڊمي ڪورنگي 6- ڪراچي 31
*سرتي: اسلام عليڪم، ڪافي ڏينهن کان سوچيم پئي اوهان کي خط لکي
پڇا ڪيان ته ”سرتيون“ ايترو دير سان ڇو ٿو نڪري.
”سرتيون“ ايترو ته سٺو آهي جو دل چوي ٿي هر مهيني
باقاعدي اچي.
11 تاريخ شام جو خبر اهڙي ڏک ڀري ٻڌم جو نيٺ خط لکڻو پيو. سائين
طالب الموليٰ جي جدائي ۾ هر سنڌي ماڻهو جنهن کي
پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار آهي. ڪهڙي خبر هئي نئون
سال اهڙا مور ماڻهو کسي وٺندو. مخدوم صاحب جن جو
ادب ۾ نه فقط سندس وڏونانءُ هو پر هو سنڌ جو وڏو
ڏاهو ماڻهو هو. شايد ڪو هاڻ اهڙو سچو موتي هن
مٺيءَ سنڌ ۾ پيدا ٿئي. سائين جي سربراهي ۾
”سرتيون“ اسان تائين پهچندو هو ڄڻ ته سنڌ جي ادبي
گس ڏانهن هلندڙ هر نياڻي مٿان سندس شفقت ڀريو هٿ
هو. سندس ڏاهپ ۽ چاهت جو ئي نتيجو ”سرتيون“ هو
جنهن مان لڳو ٿو هو عورتن کي اڳتي هر ميدان ۾ ڏسڻ
پيو چاهي.
ڀيڻ هاڻ ”سرتيون“ ڪڏهن نڪرندو، منهنجو مواد توهان ڏانهن موڪليل
آهي، معياري سمجهي ضرور جاءِ ڏينديون.
توهان جي ڀيڻ زبيده ناز خاصخيلي ضلعو بدين. |