رعنا شفيق
من موتي
آڪٽوبر جي ٿڌي اُس ڏاڍي لاپروهيءَ سان پڌر ۾ پساريل هئي. اها
سرءَ جي مُند به گذريل خزان جي رُتن وانگر ساڳيا
احساس کڻي آئي هئي. توڙي جو ڪا شيءِ اهڙي نه رهي
هئي، جهڙي پهرين هئي. زندگيءَ ۾ ڀل ڪو وڏو ڦيرو
اچي وڃي، پر اها مند اهيئي پراڻا احساس ۽ تاءُ
ڏاڍي ايمانداريءَ سان کڻي ايندي آهي.
ٻاهر آسمان جو نيرو رنگ چٽو هو. نيرو جيڪو اُميد جو رنگ هوندو
آهي.
پر اندر- انهن ڇوڪرين جي ڪمري ۾ هر شيءِ ٻاڦ جي سنهي پر
ڏڪائيندڙ چادر جي پٺيان پئي ظاهر ٿي. اها ٻاڦ ڄڻ
ثنا جي اکين مان پئي نڪتي جيڪي ٻه ٻرندڙ اَڱر
هيون.
آئون پريشان ٿي ويس. ٻارن کي پالي وڏي ڪرڻ جي ڊگهي سفر ٿڪائي
ڇڏيو هو ۽ ان سفر جي وچ ۾ ڪٿي مون ٻارن کي سمجهڻ
جو ڏانءُ وڃائي ڇڏيو هو. ائين پيو لڳي ڄڻ اُها
رسي، جنهن تي آلا ڪپڙا اُس لڳڻ لاءِ وجهبا آهن،
ٽُٽي پئي هجي.
مون ۾ هر دم هڪ خواهش سمايل هوندي آهي، ته آئون اڳتي وڌندي رهان
ايترو اڳتي جو چوٽيءَ تي پهچي وڃان! حيثيت هجي ته
سٺي ۾ سٺي. عهدو هجي ته اعليٰ درجي جو. ۽ اِها ئي
خواهش ثنا کي ڄڻ منهنجي پاران ورثي ۾ ملي هئي.
پر هوءَ ڳُجهي سڀاءُ جي مالڪ آهي. ٻئي کان هميشھ هڪ مفاصلو رکي
ڳالهائيندي آهي. ڪنهن کي پنهنجي ويجهو ايترو اچڻ
نه ڏنو اٿس، جو ڪو هن جي من ۾ جهاتي پائي ان جا
احساس پڙهي سگهي.
پر ڳالهائينديون هيون هن جون اکيون! اُهي به هر احساس پڌرو نه
ڪري ڇڏينديون هيون، بلڪه رڳو اُهي خيال ظاهر
ڪنديون هيون، جيڪي هوءَ ٻئي کي ٻڌائڻ چاهيندي هئي!
انهن اکين مان ئي مون کي نياپو ملڻ لڳو ته آئون خطرناڪ حد تائين
پنهنجي ڌيئرن کي نظرانداز ڪري رهي هئس. ۽ سو به
پنهنجي بزنس لاءِ!
ثنا سي-ايس –ايس جو امتحان پاس ڪري لاهور وئي هئي، هڪ سال لاءِ
جتان ٽريننگ پوري ڪري هاڻي موٽي هئي ۽ اڄڪلهه هوءَ
گهر ۾ ئي ڏينهن گذاري رهي هئي.
سندس پوسٽنگ جي نوٽيس جي انتظار ۾ ”مون کي اڃا پنهنجو ڪيريئر
مضبوط ڪرڻو آهي. پلير، امان، مون کي اهڙين ڳالهين
۾ جلدي فيصلي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو. آئون اڃا
شاديءَ لاءِ تيار نه آهيان.!“
پاڻ کي گهليندي پنهنجي هنڌ تي ڪيرائي ڇڏيم. منهنجو دماغ ٻارن جي
ڏنل ڌڪن جي ڪري ٿڪجي پيو هو.
منهنجي بزنس به نظرانداز پئي ٿي. مون کي خبر هئي ته مئنيجر ٻين
دڪانن مان اهڙي نموني ۾ مال کسيندو هوندو، جو مون
کي خبر ئي نه پوندي! پر اڄڪلهه مون ۾ بِلن ۽
اڪائونٽ جي رجسٽرن کي جاچڻ جي همٿ ئي نه هئي.
عمر آهستي آهستي منهنجي تيزيءَ ۽ قابليت کي زنگ وانگر داغدار
پئي ڪري.
اڄڪلهه آئون هر وقت اهو سوچيندي هئس ته زندگيءَ ۾ مون ڇا پاتو؟
۽ ڇا وڃايو؟
منهنجي پهرين ۽ آخري خواهش هئي ته پنهنجي اخبار ڪڍان ۽ ائين ٿيڻ
جي بدران آئون هڪ زال ۽ ماءُ ٿيڻ ۾ مطمئن رهيس.
ٻار به ته پوڙحي عمر جي لاءِ هڪ غريب جي رومال ۾ جمع ڪيل ننڍو
خزانو هوندا آهن. پوءِ ڀلي اِهي سِڪا ڪي ڪم جا به
نه هجن. هڪ سلامتيءَ جو احساس ته ڏيندا آهن. اکين
کي ڏسڻ لاءِ هڪ مدار ته ڏيندا آهن. نه ته ڪاٺ جون
شيون ڏسي اکين کي ڪهڙو آٿت ٿو ملي؟ ڪهڙي دلجاءِ ٿي
ملي؟ اهي ٻه ٽي سِڪا اڳيان نه هجن ته اِهي کٽون،
اهي در ڪهڙي معنيٰ ٿا رکن!
مون هميشھ پنهنجي ڌيئرن کي ڪنهن هُنر سکڻ، ڪنهن هابي رکڻ تي منع
ڪئي آهي. ڪپڙا سبڻ، گُل ٺاهڻ يا ڀرت ڀرڻ- اهي شيون
ته پوءِ به اچي وينديون، پر اهو وقت جيڪو ڪجهه هٿ
ڪرڻ جو آهي سو هو رڳو پڙهائيءَ ۾ صرف ڪنديون آهن.
اِهي ننڍا هُنر انسان کي ڪا وڏي کيپ کٽڻ نه ڏيندا آهن ۽ زندگي
پوري پني ٿي بڻجي ٿي وڃي. سڄو دماغ وچئين درجي جو
رهجي ٿووڃي.
منهنجي خواهش هئي ته ٽنهي کي پڙهائي پوري ڪندي، پنهنجي پيرن تي
بيهندي ڏسان. لڳي پيو ته آئون سندن رهنمائيءَ ۾
ڪامياب رهي هئس.
ائين به نه هو ته مون هنن کي دادلو ڪري ڇڏيو هو. هنڌ وڇائڻ،
صفائي وغيره ته ساهه کڻڻ جيتريون ضروري شيون آهن.
سڌي سنئين ماني پچائي ڇڏينديون هيون، پر اِهي
چائينيز
Chineese
کاڌو يا بيڪنگ ۾ وقت خراب نه ڪنديون هيون.
خير، ثنا جي انتظار جا ڏينهن پورا ٿي ويا ۽ اسان سڀئي ان جي
پيڪنگ ڪرڻ ۾ مصروف هئاسين.
ته هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو ثنا اِهو آکيرو ڇڏي اُڏري وئي، جيڪو
مون ۽ نظير ٺاهيو هو. جڏهن وڏو ٻار گهر ڇڏي هليو
ويندو آهي، ته زندگي ساڳي نه رهندي آهي. سارا ۽
شهلا به ان جي جدائيءَ کي محسوس پئي ڪيو.
آئون وري ريڊي ميڊ گارمينٽس جي دڪانن ۾ مصروف ٿي ويس.
مون کي اڪائونٽ بُڪس رکڻ جي لاءِ بڪ شيلف کپندو هو ۽ ياد آيم ته
گهر ۾ ڪٿي پيو آهي. سو اسٽور ۾ ويس ڳولهڻ لاءِ.
ڏٺم ته پيو هو. ان ۾ ڪجهه ڪتاب پيا هئا. هڪڙي
پراڻي نوٽبڪ کي سڃاڻي مون ان جا پيلا ۽ نازڪ پنا
اٿلايا.
هڪ ٻئي زماني جو منظر اکين آڏو گهمي ويو. منهنجي ئي هٿ سان لکيل
پُراڻن ڏينهن جا احوال ڏنل هئا ان ۾. ساڳئي گهر ۾
ارڙهن سال پهرين!
اهو ڦاٽل ۽ ميرونوٽبڪ شاهد هو نه صرف سندم مڙس سان گذريل سهڻي
وقت جو، پر هڪ ماءُ جي اکين منجهان انهن جي وڌندڙ
ٻارن جي واقعن جو به!
آئون هڪڙي پيتيءَ تي ويهي رهيس ۽ نوٽبڪ جا پنا اٿلائڻ لڳس.
ماضيءَ جي مُندن جا جهُوٽا محسوس ڪري رهي هئس ته سندم اکيون هڪ
پني تي اٽڪي پيون. لکيل هو:
”اڄ هڪ عجيب ڳالهه ٿي، آئون لٽا ڌوئي رهي هئس، ته ثنا ڊوڙندي
آئي ۽ پڇيائين، ”امان، هڪڙي ڳالهه پُڇان؟“
آئون ان کي چوڻ واري هئس ته مون کي اُن مهل تنگ نه ڪري، پر ان
جي آواز ۾ ڪا ڳالهه هئي، جو آئون ائين نه چئي
سگهيس. سندس منهن ۾ نهاريم اکين ۾ ڄڻ ٻه تارا چمڪي
رهيا هئس ۽ چپ ڀوَ ۽ خوشيءَ کان ڏڪيس پئي. سندس من
۾ اهڙو موتي پيدا ٿيو هو، جنهن جي روشني اکين ۽
چپن جي رستي جهلڪي رهي هئي ۽ نظر پئي آئي.
ايتريقدر جو آئون انهيءَ موتيءَ جي سُونهن ڏسڻ
لاءِ بي چين ٿي پيس.
مون ثنا کي ڀرسان پيل صندليءَ تي ويهاري پڇيو ته: ڇا ڳالهه آهي؟
”امان، آئون وڏي ٿينديس، ته ڇا آئون احمد سان شادي ڪري
سگهنديس؟“ هن ڊڄيل آواز ۾ شرمائيندي چيو.
آئون چڪرائجي ويس. ته هن ڇهن سالن جي ڇوڪريءَ جو من پيار جي
ماکيءَ سان ڀرجي ويو آهي! جيڪا مٺي ته هوندي آهي،
پر جنهن کي رڳو چٽبو آهي پيئبو نه آهي.
ته ثنا جي دل پيار سان آشنا ٿي پئي آهي. سو به هڪ ڇوڪري لاءِ!
ان عمر ۾ ته ڪا گُڏي، ڪا ساهيڙي وڻندي آهي. پر ان
جو نازڪ من جيڪو اڃا وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جي مرحلن مان
لنگهي رهيو هو، سو پيار جي اُس ۽ ڇانوَ مان لنگهي
رهيو آهي!
مون پنهنجي مٺڙي ڌيءَ جي کليل وات کي ڏٺو- اڳيان کير وار ٻه ڏند
ڀڳل هئا ۽ اڃا پڪا ڏند نه نڪتا هئا ۽ هوءَ منهنجي
”ها“ ٻڌڻ لاءِ منتظر هئي.
”نه، ثنا!“ مون الاهي آهستي جواب ڏنو، ٻار به عجيب امتحان ۾
وجهي ٿا ڇڏين.
هن جي دل ٽُٽي پئي. ”سوري، پٽ، پر ائين نٿو ٿي سگهي.“ ”پر ڇو؟“
هن پُڇيو.
”ڇو جو سئوٽ پاڻ ۾ شادي نه ڪندا آهن، جيئن ڀاءُ ڀيڻ.....“ مون
ڪوڙ ڳالهايو.
”پر امان، مون کي احمد ڏاڍو ٿو وڻي. مون ته هن کي پسند به ڪري
ڇڏيو آهي.“ ڪجهه دير کانپوءِ هن چيو، مون سان
ايترو سُٺو ٿو هلي. ٻين ڇوڪرن وانگر نه آهي.“
”ثنا، توکي شاديءَ کان پهرين ته الاهي ضروري ڪم ڪرڻا آهن.“ مون
مُرڪي چيو توکي پڙهائي ڪري وڏو ٿيڻو آهي.
ڊاڪٽر ٿيڻو آهي. پنهنجي ڪار پاڻ هلائي ڪلينڪ ويندينءَ نه؟“
مون نوٽبڪ بند ڪري ڇڏيو. منهنجو من تاريخن ۽ واقعن کان چڪرائجي
ويو.
مون کي ياد آيو ته ڪجهه سال پهرين ثنا مون کي ايلاز ڪيا هئا، ته
کيس سندس پُڦيءَ وٽ وڃڻ جي اجازت ڏيان، پر مون
انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو جو مون نظير جي خاندان سان سڀ
ناتا ٽوڙي ڇڏيا هئا. ان کانپوءِ مون پنهنجي ٻارن
کي هنن کان پري رکيو هو. متان هو منهنجي پيارن جو
پيار مون کان کسي نه ڇڏين! مون پنهنجي خود غرضيءَ
جي ڪيتري نه وڏي قيمت ڏني هئي!
لفظ بيوه جو ليبل لڳو. گهر هلائڻ ۽ هر مهيني هڪ ٻڌل آمدني آڻڻ
جو بار پيو، ته ڪير به ته ويجهو نه آيو. اچن به
ڪيئن ها. هرڪو مِڊل ڪلاس جي کسڪندڙ چادر کي ٻنهي
هٿن سان سيري مٿي کي ڍڪڻ ۾ مصروف هو.
اِهي مڊل ڪلاس جا گهر جيڪي ٽي –وي، فرج وغيره سيڪنڊ هينڊ ته
وٺندا آهن، پر انهن کي قائم رکڻ لاءِ اڪثر دال به
واپرائي نه سگهندا آهن. پر سيمنٽ جي ڇتين ۽ لوهه
جي گيٽن کان ٻاهر هنن جي ڏکن جي آهه به نه نڪرندي
آهي.
مڊل ڪلاس جا ڏک سهڻ ۽ اُف نه ڪرڻ جو ٻوجهه سندس ڪنڌن تي پيو ته
ڌيئرن جا ڪومل احساس بي مقصد ٿي پيا، جيئن ٽين
دنيا جا حڪمران ڏُڪر جهڙي اندروني مرضن کي
نظرانداز ڪري، سرحدن کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳيو وڃن.
پيار جو ننڍڙو ٽِمڪو، جيڪو ڇهن سالن جي ننڍڙي حياتيءَ محسوس ڪيو
هو، منهنجي بي رحم حڪمن سان به اُجهاميو نه هو.
مون کي اِهو به ياد نه هو ته ثنا اڪثر پراڻا البم کولي ڏسندي
رهندي هئي.
۽ ڇا آئون ڪڏهن اُهي لائِنون وساري ٿي سگهان جيڪي ثنا اسڪول جي
ڪاپيءَ ۾ لکيون هيون؟
”پيار ڇا آهي؟ تون پُڇين ٿي.
مون هن کي دريءَ تي بيٺل ڏٺو هو ۽ پوءِ- پوءِ هو اُڏري ويو.
آهه! آئون هر شيءَ قربان ڪري ڇڏيان، وري پيار جو جهلڪو ڏسڻ لاءِ
سندس دري تي.“
آئون نوٽبڪ ڪمري ۾ کڻي آيس. پين سان هڪ خالي پني تي لکڻ شروع
ڪم.
”تنهنجو سئوٽ، احمد-سڀاءُ جو نرم ۽ ڏيک ويک جو سُهڻو. هن گذريل
سال شادي ڪري ورتي. جڏهن هو آمريڪا مان موٽيو هو
ته اسان سان ملڻ آيو هو.
جڏهن تون لاهور ۾ هئينءَ ٽريننگ تي. هن توسان ملڻ جي خواهش ظاهر
ڪئي، پر مون تو وٽ وڃڻ کان ان کي سختيءَ سان منع
ڪري ڇڏي.
هاڻي مون کي خبر پئي ته تون اڃا تائين شاديءَ کان انڪار ڇو ٿي
ڪرين. هاڻي سمجهه ۾ آيو، ته تون پنهنجي من ۾ ڪنهن
ٻئي کي ڪڏهن به جاءِ نه ڏئي سگهنديئن!
*
آزاد نظم
نسيم شيخ
زرد پن
سرءُ جي جهوٽن سان
جيئن ڪرندا زمين تي آهن زرد پن
تيئن هو به لاچار ڇڻي ڪري پيو هو.
سرءُ جهڙو بي جان
بلڪل پيلو زرد پن بي آواز سرد آهه
شايد زندگي جي شام آخري پساهن کانپوءِ
مجبور ۽ بيوس ڄڻ آخري آرام گاهه الائجي نصيب ٿئي نه ٿئي.
پر هو سڌو هيٺ اچي ڪريو
۽ پنهنجي ساڳي ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو هو
جتان اُٿيو هو پاسي کان بيٺل سائي گاهه
ٽهڪ ڏيئي چيو زرد ۽ بيڪار پن.
*
دؤر
اڄوڪي هن دؤر ۾ هن دنيا ۾
ڏٺو وائٺو ۽ ظاهر ظهور
ايئن ئي پيو پسجي
ٻڌجي ۽ ڏسجي
۽ اها آهي به حقيقت
ته هر ڪو ۽ هر هڪ
آهي پنهنجي پاڻ لاءِ
حيران ۽ پريشان
۽ بس
*
ٽيڙو
چوڏس رات ۾
چنڊ آئينو ۽ دل
پنهنجن جذبن ۾
تارن ڀري رات ۾
اُداس رات ۽ چانڊوڪي
پنهنجن سوچن ۾
رات جو هي سمان
ڄڻ ته ائين لڳو
جدائي جو هي داستان
*
دوستي
دوستي ۽ ناتو
هڪ ڪوڙو رشتو
منهنجون دلفريب ڳالهيون
سچيون ڪوڙيون
ڪنهن ڏنو
ڪنهن کي دوکو
خبر ناهي
مون کي.
*
ڪلثوم منظور
سرتين کي گذارش آهي ته ڪهاڻي پڙهي پنهنجي راءِ ۽ اُن جو عنوان
لکي موڪلين.
ادارو
مون کي فخر آهي ته آئون هڪ تمام وڏي ۽ عزت واري خاندان جي نور
نظر آهيان، منهنجي خاندان جي هر لحاظ کان عزت آهي.
سياست ۾ هنن جي مقابلي جو ڪير ڪونه آهي! پيريءَ
مريديءَ ۾ انهن جو ڪو ثاني ڪونه آهي. هر سال سندن
ڏاڏن جي درگاهه تي تمام وڏو ميلو لڳندو آهي. اسان
جي گهر کي حويلي سڏيو ويندو آهي اسان جو گهر ۽
درگاهه تقريبن گڏ گڏ آهن.
اسان جي خاندان ۾ ڇوڪرين جي شادي ٻهر بلڪل ڪونه ٿئي مرد چار
شاديون به ڪن پوءِ چاهي ڪٿان به؟ ۽ ڪير به هجن پر
پهرين شادي ڏاڏي پوٽيءَ سان لازمن ڪرڻي آهي پوءِ
ان کي هڪ فالتو ٿانوَ يا ڪنهن بيڪار شيءِ وانگر
گهر جي ڪنڊ ۾ ڇڏي پاڻ ڪيتريون به شاديون ڪري يا
رنون ويهاري.
اسان جي خاندان جا اصول رسم و رواج پنهنجا آهن عورت در کان ٻهر
به ڪانه نڪرندي. ڄمڻ کان مرڻ تائين هُن کي گهرجي
چانئٺ به ڏسڻي ڪانه آهي، ڄمڻ سان چاچي جي پٽ چاهي
60 سال پوڙهو ٻن ٽن شادين وارو هجي چاهي اڃا پيدا
به نه ٿيو هجي ان سان منسوب ڪيو ويندو آهي، ان
فيصلي خلاف ڪنهن کي به ڪڇڻ جي مجال ڪانه آهي، ڇو
جو اهو فيصلو وڏو ڏاڏو يا ڏاڏي ڪندا آهن، پر اهي
ديوارون ۽ ڪوٽ جيڪي صدين جا ٻڌل آهن انهن ۾ مون
ڏرا وڌا. منهنجو پيءُ پنهنجي ماءُ پيءُ جو هڪ ئي
پٽ هو. جڏهن بابا ڄائو ته سندس 60 سالن جي سئوٽ
جيڪا سندس نالي ڪئي وئي هئي، ڏهن سالن جي عمر ۾ ان
جي شادي ان سان ڪرائي وئي ۽ ان مان بابا کي ڪوبه
اولاد ڪونه ٿيو. ميلي ۾ هر سال اسان جي حويليءَ ۾
ڏهه ٻارنهن ڇوڪريون حويليءَ ۾ ڪم ڪار لاءِ مائٽ
ڇڏي ويندا هئا، انهن ۾ هڪ ڇوڪري شروع ۾ يا پوءِ
بابا کي وڻي. حويليءَ جي روايت مطابق اولاد نه هئڻ
ڪري پنهنجو حق سمجهي بابا شادي ڪئي اتفاق اهڙو ٿيو
جو ان مريداڻيءَ مان به بابا کي ٻن سالن جي عرصي
کانپوءِ آئون پيدا ٿيس. بابا کي مون سان ڏاڍو چاهه
هو. هو مون کي ڏسي ڏسي پيو خوش ٿيندو هو. هر انگل
منهنجو پورو ڪندو هو. منهنجي پيدائش کان اڳي بابا
هڪ ماڊل گرل سان ان شرط تي شادي ڪئي ته سڀ ڪم ۽
شوق ڇڏي هلي حويليءَ ۾ رهي. ان ٻيا ته سڀ شرط
مڃيا، پر حويليءَ ۾ رهڻ قبول نه ڪيو. آخر شهر ۾
پنهنجي نالي تي بنگلو ۽ گاڏي وٺي پوءِ بابا سان
شادي ڪري ٺيڪ ٿي ويٺي. اتفاق يا نصيب سان پروين کي
لڳاتار ٽي پٽ ٿيا. حويليءَ جي رواج مطابق هوءَ خود
هن حويليءَ جي خودمختيار مالڪ ٿي پئي. منهنجي ڄمڻ
جي خوشيءَ ۾ پهريون دفعو حويليءَ ۾ گهمڻ آئي ۽
پوءِ هر موقعي تي اچڻ ضروري ٿي پيو.
مون به اکيون کولي ان کي ماءُ جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ هن به مون کي
ڌيءَ وانگر محبت ڏني هر موقعي تي تحفا ڪپڙا سامان
آڻڻ پنهنجو فرض سمجهندي هئي پر ان سان گڏ اهو به
ٻڌائڻ لازمي هو ته فاريه آئون پنهنجا ڪپڙا وٺڻ ويس
هي فراڪ مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ مون تولاءِ ورتو. اهي
شيون ۽ پيار ڏيکارڻ واريون ڳالهيون ٻڌ ي مون کي
پنهنجي سڳي ماءُ کان وڌيڪ هن سان محبت محسوس ٿيڻ
لڳي. منهنجي ماءُ ته سادي سودي اٻوجهه انسان هئي.
اها ڄاڻي انهن ڳالهين ۽ چالن مان آئون ڪجهه وڏي ٿيس ته بابا
پروين بيبيءَ جي چوڻ تي مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو
اهو پهريون اصول هو جيڪو بابا ٽوڙيو ۽ پوءِ
خودبخود مون لاءِ رستو کلندو ويو ۽ آئون سڀ فاصلا
لتاڙيندي وڏي ٿيندي ويس. ايستائين جو آئون مئٽرڪ ۾
اچي ويس. ٻيون سڀ ڳالهيون ٺيڪ ٺاڪ هيون پر هڪڙي
نمايان تبديلي مون ۾ آئي اها هئي ته آئون حويليءَ
تي وڃڻ کان لهرائيندي هئس. اگر مجبوريءَ ۾ موڪلون
يا ميلي ۾ وڃڻ ٿيو ته به امان سان سنئون منهن ڏئي
ڪونه ڳالهائيندي هئس. امان ويچاري هڪ هڪ گهڙي هڪ
هڪ لمحو منهنجي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. آئون گهر
ويندي هئس ته، امان حويليءَ ۾ اندران در وٽ بيٺل
ملندي هئي، امان مون کي ڀاڪر پائي ملڻ چاهيندي هئي
ته آئون پري ٿي ويندي هئس: منهنجا وار پروين بيبي
محنت سان ٺاهيا آهن اهي خراب ٿيندا. امان منهنجي
غير موجودگيءَ ۾ مون لاءِ حلوا چٽڻيون مربا ٺاهي
رکندي هئي ته اهي مون کي شهر جي حلون ۽ مربن جي
اڳيان بيڪار ۽ خراب لڳندا هئا. آئون اهي ڏسي امان
کي واپس ڪري چوندي هئس ته هيڏي محنت اجايو ڪئي
اٿئي خواهه مخواهه ان کان ته هي ٺهيل جڙيل آئون
وٺي آئي آهيان، اهي تون کائي ڏس، مايوسي ۽ شرمندگي
ان مهل امان کي پروين جي اڳيان ٿيندي هئي. اها مون
کي بلڪل ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي. بس صرف پروين ئي
پروين هر طرف هوندي هئي موڪلن ۾ به پروين گڏ ايندي
هئي ان سان ڳالهائڻ کائڻ پيئڻ هر ڳالهه هن سان گڏ
هوندي هئي امان ويچاري مون کي چوندي، فاريه هڪ
گهڙي مون وٽ ويهه ته سهي. منهنجي پاسي ۾ ويهه، مون
سان ڳالهائي، پر آئون اٽلندو پروين سان گڏجي امان
تي طنز ڪندي هئس ته اهو به ڪو لاڏ، هتي حويليءَ ۾
تولاءِ ته آئي آهيان باقي گهر ۾ ويٺا آهيون اڃا ڇا
پاسي ۾ ويهان!
اڄ جڏهن منهنجو اولاد ٿيو آهي ته امان جي محبت جي خبر پئي آهي
ته هوءَ مون کي ڏسي ڏسي جيئندي هئي. آئون ڪيڏي
بيوقوف هئس ماءُ جو قدر ڪونه ڪيم. هوڏانهن پروين
مون کي پنهنجي طريقي سان پنهنجي خاندان ۽ ريتن
رسمن کان متنفر ڪري ڇڏيو جڏهن انٽر پاس ڪيم ته
بابا حويلي هلڻ لاءِ چيو پر مون انڪار ڪيو ۽ همٿ
افزائي پروين ڪئي. آخر بابا مجبور ٿي مون کي
يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو. يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ کان
پوءِ مون کي بلڪل آزادي ملي وئي. پروين جي طرفان
منهنجي هر ڳالهه هر قدم جي همت افزائي ٿيندي هئي،
بابا ته گهڻو وقت حويليءَ ۾ رهندو هو. هفتي لاءِ
ايندو هو ۽ ٽي هفتا ڳوٺ ۾ مريدن کي سنوارڻ ۾
لڳائيندو هو. ان کان اها خبر دير سان پئي ته سندس
گهر ۾ اولاد ڦٽندو وڃي آئون مريد پيو سينگاريان.
ان کي پروين تي مڪمل ڀروسو هو. پروين جو چيل اکر لوهه تي ليڪو
هو، ڇو جو هن بابا جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڇڏي شريف ٿي
سندس اولاد ۽ گهر کي ٺاهيو ۽ سڌاريو هو.
اتي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ملاقات اعجاز سان ٿي جيڪو پنهنجي پيءُ
جو اڪيلو پٽ هو ۽ ان جو اهو خواب هو ته منهنجو پٽ
پڙهي هڪ وڏو ماڻهو ٿئي پر اعجاز جو اهو خواب هو ته
ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي اڪيلي ڌيءَ سان شادي ڪري مال
ملڪيت هٿ ڪري ويهي عيش ڪريان.
آئون هن جي شڪل ۽ رک رکاءُ ۽ دوستن سان ملڻ جلڻ ڏسي ڀلجي ويس ته
مون امان بابا جي محبت جو ناجائز فائدو ورتو آهي!
اعجاز جي هر ڀيري شاهه جا بيت ٻڌائيندو هو ۽ سسئي ۽ سهڻي جا
مثال ٻڌائي چوندو هو ته انسان جو لکيو ته آسمان تي
ٺهندو آهي تنهنجو ۽ منهنجو ميلاپ ٿي رهندو. ذات
پات جي ڪا ڳالهه ڪانه آهي. ذات ته خدا پاڪ جي افضل
آهي. ٻيو سڀ ڍونگ آهي. تون مون کي نه ملندئين ته
آئون مري ويندس. مون کي ته بابا جي طرفان سڀ
اختيار مليل آهن. آئون ڪنهن سان به شادي ڪريان صرف
رڳو شادي ڪريان آئون تمام وڏي ماڻهوءَ جو پٽ
آهيان. يونيورسٽي هڪ شغل وانگر اچان ٿو. اهو به
منهنجو شوق آهي. بابا کي ته ڪا خاص دلچسپي ڪانه
آهي. آئون يونيورسٽي اچان ٿو يا نه بابا جون ذاتي
ملون آهن. آئون اعجاز سان يونيورسٽيءَ جي اندر
ملندي هئس: ها بابا جي ڊپ کان ملڻ لاءِ ڪيڏانهن به
ڪانه ويندي هئس ۽ مون کي اعجاز جي باري ۾ ڪنهن کان
تصديق ڪرڻ يا پڇڻ جي ته ضرورت ئي ڪانه سمجهي. ڪنهن
ساهيڙيءَ ڪجهه چوڻ چاهيو ته ان کي ڪوڙو سمجهي ڇنڊي
ڇڏيم. آخر مون کي منجهيل ۽ پريشان ڏسي پروين مون
کان سبب پڇيو. ان شايد مون کي ايتري محبت ڏني ۽
پاڻ تي هيرايو ان لاءِ هو ته جيئن آئون مٿس مڪمل
ڀروسو اعتماد ڪريان پوءِ مون کي اونڌا ۽ ابتا
مشورا ڏي. مون کي پروين چيو ته تون اعجاز کي چئو
ته آئون بابا کان اجازت نٿي وٺي سگهان ڪورٽ ۾ پاڻ
شادي ڪري وٺون ٿا پوءِ بابا کان اجازت وٺنداسين.
خدا جي ڪرڻي مون کي انڌو اعتماد پروين تي هو. ان
ڏينهن ۽ ان گهڙيءَ تي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم. ڪاش آئون
ٿورو صبر کان ڪم وٺان ها يا پنهنجي ڪنهن سرتيءَ کي
همراز ڪريان ها ته ائين نه برباد ٿيان ها.
مون به پروين جي چوڻ تي لڳي اعجاز سان ڪورٽ ۾ وڃي نڪاح ڪري
ڇڏيو. بابا حويليءَ ويل هو ۽ آئون پروين جي اجازت
سان هفتو پنهنجي شهر کان ٻاهر وڃي اعجاز سان گڏ
هوٽل ۾ رهيس. بابا جي موٽڻ کان اڳ آئون موٽي آيس.
پروين مون کي ڏسي بلڪل غير ٿي وئي چيائين ته تو هي
ڇا ڪيو؟ آئون تنهنجي پيءُ کي ٻڌائيندس ته ان جي
هارٽ فيل ٿي ويندي آئون پنهنجو مڙس مارڻ نٿي
چاهيان تو چڱو صلو اسان کي پنهنجي آزاديءَ جو ڏنو
آهي. هاڻ ٻين ڇوڪرين کي به مائٽ ڪونه پڙهائيندا.
تو سڀن لاءِ رستو بند ڪري ڇڏيو. هاڻ خبردار جو تون
گهر کان ٻاهر نڪتي آهيان! پوءِ پنهنجي پٽ کي ان
راز ۾ شامل ڪري اعجاز کي به موچڙا کارايائين،
اعجاز مون کي لڪ ۾ نياپو ڪيو ته تو وٽ ڪجهه پئسا
يا زيور هجن ٻيو به جيڪي ڪجهه هجي کڻي اچ ته پاڻ
هليا هلون شهر کان پري. مون به نه سوچيو نه سمجهيو
رات جي اونداهه ۾ نڪري هلي ويس. اعجاز اها ڏاهپ
ڪئي جو جيڪو پئسو ۽ زيور آئون کڻي آئي هئس اهي سڀ
قبضي ۾ ڪيا ۽ شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ۾ مون کي پنهنجي
دوست وٽ وٺي آيو، اتي پندرنهن ڏينهن رهياسين وري
اتان مون کي وٺي لاهور آيو. اتي مون کي الٽيون
شروع ٿي ويون، اعجاز خوش ٿيڻ جي بجاءِ ڪاوڙ ۾ وڙهڻ
لڳو. چڙ ۽ بيزاري محسوس ڪرڻ لڳو. زيور ۽ ڪپڙا پئسا
آئون کڻي وئي هئس اهو ته ختم ٿي ويو ۽ اعجاز هڪ
ڏينهن مون کي اچي ٻڌايو ته تنهنجي اچڻ کانپوءِ
تنهنجو پيءُ صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ مري ويو
منهنجي ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي پر اعجاز نه
مون کي تسلي ڏني نه ڪجهه چيو ۽ ٻاهر ويو هليو.
واپس آيو ته چيائين ٽئڪسي بيٺي آهي هلي پنهنجي
ڀائرن کان پنهنجو حق وٺ. تو ڪو گناهه ڪونه ڪيو آ،
تو پنهنجو حق استعمال ڪري شادي ڪئي آهي.
مان ڊِڄي ويس ته چوڻ لڳو، ڊڄ نه، نڪو گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه آهي.
پهرين هڪ ٻه ڏينهن تون پنهنجي ڪنهن ساهيڙيءَ وٽ
رهج پوءِ مائٽن وٽ وڃج. انهن کان ملڪيت مان پنهنجو
حصو وٺج. منهنجو پيءُ منهنجي ڪري فوت ٿيو. هاڻ
آئون ڪهڙي نموني مائٽن جي گهر ۾ قدم رکنديس ۽ ڪهڙي
نَڪ سان ملڪيت وٺنديس. مون انڪار ان ڏينهن ڪيو.
مهيني کانپوءِ پهريون ڀيرو هن مون کي مار ڏني.
زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اها مار ملي هئي. ٻيو
پڇتاءُ آئون بيمار ٿي پيس. مون کي اسپتال ۾ ڇڏي
پاڻ هليو ويو. اتي نرس جنت نالي هئي. هئي پوڙهي.
ان کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. مون سان ٻن ڏينهن ۾ ڪير
به ڪونه آيو هو ملڻ. پوءِ هن منهنجي اٺ مهينا خدمت
ڪئي. پنهنجي گهر وٺي آئي مون کي ڌيءَ وانگر
رکيائين. پوءِ هڪڙو ڀيرو پروين سان ملڻ لاءِ ويس
ته ان ته مون کي دروازي تان لوڌي ڪڍي ڇڏيو.
پر آئون وري ماسي جنت سان گڏجي پنهنجي ماءُ وٽ ويس ته ان مون کي
ڏسي ايڏو رنو آخر بيهوش ٿي وئي ۽ مون کي آهستي
چيائين ته تو پاڻ تي حويليءَ جا دروازا بند ڪيا
آهن. تون ائين نه وڃين ها ته شايد آئون ايتري
مجبور نه ٿيان ها. باقي آئون ايتري گنجائش رکان ٿي
ته تون هتي نه اچج باقي آئون توسان ملڻ اينديس.
اهي ڏينهن اهي ڏينهن اعجاز جو ڪوبه پتو ڪونه آهي مون کي هڪ پٽ
ڄائو. ٻڌو اٿم ته اعجاز شادي ڪري پنهنجو گهر آباد
ڪري ويٺو آهي. آئون ماسي جنت وٽ رهان ٿي. اهو ته
الائي مون زندگيءَ ۾ ڪهڙي نيڪي ڪئي يا امان جون
دعائون آهن، جو اهڙي هستي جو سايو مون کي مليو
آهي. مون کي نرسنگ جي ٽريننگ ڪرائي اٿس ۽ چوي ٿي
منهنجا هڏ جڏهن جواب ڏيندا ته ڀلي پوءِ تون منهنجي
جاءِ تي اچج. في الحال گهر سنڀال.اهو آهي منهنجي
زندگيءَ جو حال! ماءُ جو قدر ڪريان ها ته اهي
ڏينهن ڪانه ڏسان ها. امان اڃا به سال ۾ هڪ ڀيرو
ايندي آهي منهنجو پٽ تيرنهن سالن جو ٿيو آهي ان جو
نالو امتياز رکيو اٿم، ڪڏهن ڪٿي ڪنهن موڙ تي اعجاز
ملي به ته شايد نه مون کي، نه پنهنجي پُٽ کي
سڃاڻي!
ڪا مُرڪ ناهه چپ تي، دل ۾ نه ڪا خوشي آ،
افسوس هيءَ حياتي، ويران ٿي ويئي آ.
* |