سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :11

تنوير جوڻيجو

اڄوڪي ڳالهه:

انهيءَ ڏينهن زاهده شيخ آئي، زاهده ڏسڻ ۾ نازڪ ۽ نفيس، پر جدبي ۽ جهد ۾ جبل کان به ڏاڍي. هر وقت، هر لمحي عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر ايندي. انهيءَ ڏينهن هڪڙيءَ ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڪوٺ ڏيڻ آئي هئي. موضوع هو:

”انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي روڪ ٿام.“

موضوع نهايت ئي اهم، نهايت ئي ڪارائتو هو. هونئن به انساني حقن جو دائرو وسيع ٿئي، تِر کان ننڍڙو ۽ جبل کان اُتاهون.

پر هن مسئلي جو حل، هڪڙي ننڍڙي اصول ۾ لڪل آهي، پر شرط آهي ته هرڪو سچائيءَ سان ان تي عمل ڪري.

”هانوَ تي هٿ رکي ڏسي.“

اهو ئي اهو پيمانو آهي، جنهن سان ٻئي جي ننڍن ننڍن حقن جي به حفاظت ٿي سگهندي.....۽ پوءِ ”ٻئي“ ۾ هڪڙي شخصيت پنهنجي به هوندي!

حقن جو ذڪر آهي ته....... ڪجهه اهڙن حقن جو به ذڪر جيڪي تازو عورتن کي مليا آهن...... يا ملندا.

ٿاڻن ۽ پوليس جي تحويل ۾ رهندڙ عورتون، اڪثر پوليس آفيسرن جي اُرهه زوراين ۽ ڏاڍاين جو شڪار بڻبيون آهن. اخبارن جي پڪارن جي نتيجي ۾، انهن اُرهه زوراين کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ وفاقي ڪابينا، تازو پنهنجي هڪڙي گڏجاڻيءَ ۾ فوجداري ضابطي مجريه 1958 دفعه 167 ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي. هن ترميم جي عمل ۾ اچڻ کانپوءِ ڪوبه مئجسٽريٽ پوليس جي تحويل ۾ موجود، ڪنهن عورت جو ريمانڊ ان وقت تائين نه ڏيندو، جيستائين انهن حالتن بابت تحريري سبب نه ڄاڻايو وڃي، جن لاءِ ريمانڊ جي ضرورت آهي. ان کانسواءِ پوليس جي تحريري درخواست تي ڏنل ريمانڊ جي باوجود به ملزمه پوليس حوالات بجاءِ عدالت حوالات ۾ رهندي، پڇا ڳاڇا لاءِ کيس سج اڀري کانپوءِ سج لٿي کان اڳ، نيو ويندو ۽ ساڻس گڏ ليڊي پوليس آفيسر کانسواءِ سندس محرم به گڏ هوندو.

ان کانسواءِ پي. آءِ. اي جون هوائي ميزبان عورتون نوڪريءَ ڪرڻ مهل، هڪڙي بانڊ ڀرڻ تي مجبور هونديون هيون، جنهن تي هڪڙي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي تصديقي صحيح پڻ لازم هوندي هئي. هن بانڊ تحت ڪابه ايئرهوسٽس پنجن سالن تائين شادي نه ڪري سگهندي هئي؛ پر جي هوءَ شادي ڪندي هئي ته ان لاءِ کيس تربيت تي خرچ ايندڙ رقم مان چاليهه هزار رپيا، پي. آءِ. اي کي واپس ڪرڻا پوندا هئا.

اهڙيءَ ريت، فوجي اسپتالن ۾ به ملازم نرسن تي اها پابندي لاڳو هوندي هئي، ته هو فوجي آفيسر يا ان جي برابر، ڪنهن ٻئي عهدي تي فائز، سرڪاري آفيسر کانسواءِ ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪري نه سگهنديون هيون.

پر تازو 28 جون 1992 ۽ 2 جولاءِ 1992 تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب افضل ضله جي اڳواڻيءَ ۾، جسٽس افضل لون ۽ جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ تي مشتمل، سپريم ڪورٽ جي بينچ، عبوري وک طور، انهن پابندين کي رد ڪيو آهي.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)

جيڏين جو جهان

(نامور خواتين جي، ذڪر بابت سلسلو)

مس مينچو!

جنهن نامياري خاتون جو اسين ذڪر ڪري رهيون آهيون، سا آهي Big Bold- ڊيگو برٽا مينچو

ڊيگو برٽا مينچو جو تعلق گوئٽي مالا جي هڪڙي ريڊ انڊين قبيلي سان آهي ۽ ڊيگو برٽا مينچو کي هن سال سندس خدمتن جي عيوض، امن جو نوبل انعام، سان نوازيو ويو آهي.

گوئٽي مالا، لاطيني آمريڪا جو هڪڙو ننڍڙو ملڪ آهي، جيڪو پئسفڪ سمونڊ ويجهو آهي. ان ملڪ جي ايراضي هڪ لک اٺ هزار، اٺ سئو اڻانوي چورس ڪلو ميٽر آهي، جڏهن ته هتان جي آبادي اٽڪل ٻاهٽ لک ڇاونجاهه هزار فردن تي مشتمل آهي، جيڪي گهڻو ڪري ريڊ ائڊينس قبيلا ۽ اسپيني آهن.

هتان جي زراعت

ڪپهه،ڪافي ۽ ڪيلا آهن. ان کانسواءِ تماڪ ۽ رٻڙن جي اهم معيشيت آهي.

هت نه رڳو اسپيني، پر پري اسپينش تهذيبن جا آثار به هنڌ هنڌ نظر اچن ٿا، جهڙوڪ: مايا ۽ Aztecs تهذيبون.

1524 عيسويءَ ۾ هي علائقو اسپين جي ڪالوني بڻيو، جڏهن ته 1821ع ۾ هتان جي ماڻهن، اسپين کان آزادي حاصل ڪئي. 1825ع کان هتي سينٽرل آمريڪن فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪو 1838ع تائين هليو.جيتوڻيڪ گوئٽي مالا 1821ع ۾ آزادي حاصل ڪئي، پر مسلسل فوجي آمرن جي آمد جي ڪري، هي علائقو دهشتگردي، ظلم ۽ تشدد جو شڪار بڻيل آهي؛ خاص طرح هڪڙي سپر پاور هٿان هتان جا ماڻهو ظلم جو شڪار رهيا آهن.

مس مينچو، انهيءَ ظلم ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف مسلسل جنگ جوٽي رهي آهي. هن سلسلي ۾ کيس ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پيون آهن.

سندس پيءُ هڪڙو هاري اڳواڻ هو. جنهن کي سندس سورنهن سالن جي جواڻ جماڻ پٽ سان جيئري ئي باهه جي شعلن جو کاڄ بڻايو ويو.

جڏهن ته سيڪيورٽي وارن سندس ماءُ کي به بي حرمت ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

ٽيٽيهه ساله، پنجن فٽن جي ننڍڙي مينچو خود، 1981ع کان ميڪسيڪو ۾ جلاوطن رهي.

مس مينچو پنهنجين اڻوڻندڙ حالتن سببان باقاعدي تعليم حاصل ڪري ناهي سگهي. اڻويهن سالن جي عمر تائين ته کيس رڳو گوئچ زبان ايندي هئي، پر پوءِ هن انگريزي زبان به سکي ۽ پنهنجي ديس واسين جي ڏک لاءِ آواز بلند ڪيو. سندس آواز جي گونج، دور دور تائين پکڙجڻ لڳي.

مس مينچو جو چوڻ آهي ته، ”گوئٽي مالا جو هڪڙو ڀوائتو روپ اهو به آهي، جت هزارها ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻايو ٿو وڃي. جڏهن ته ٻي دنيا وارا اهو ڏسي محض حيران ٿين ٿا، ته ڇائيتاليهه هزار ماڻهو، گوئٽي مالا مان گم ٿي ويا! ان کان وڌ هو ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهن.“

ڊيگو برٽا مينچو جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي سڌارا اچڻ گهرجن، انساني ۽ ريڊ انڊين قبيلن جي حقن جو احترام ٿيڻ گهرجي.“

نوبل انعام جي ڪري نه رڳو گوئٽي مالا، پر مس برٽا مينچو ته دنيا جي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز آهي. مينچو انهن مظلومن جو آواز آهي جن جا اڍائي لک کان وڌ ٻار، ٽن ڏهاڪن ۾ يتيم ٿيا آهن.

سندس خدمتن جي اعتراف ۾ نوبل ڪميٽيءَ جو چوڻ آهي ته مينچو بذات  خود، پنهنجي ملڪ، آمريڪا کنڊ ۽ سموري دنيا ۾ نسلي ثقافتي ورڇن جي باوجود به امن ۽ ايڪي جي علامت آهي. هن عظيم اعزاز باعث سموري دنيا، مينچوءَ جي عظيم جاکوڙ کي سلام ڪري ٿي.

”عورت ۽ تاريخ“

”سنڌ راڻي“

سنڌ راڻي، تاريخ ساز نه سهي، پر سنڌ جي تاريخي حوالن جي ڄاتل سڃاتل ضرور آهي.

سمجهيو وڃي ٿو ته سندس جنم 1180 هجري، يا ان کان ڪجهه سال اڳ، ٺريءَ جي ڳوٺ کان ست اٺ ميل پري اولهه طرف، ديهه اڍيجاڻيءَ ۾، اڍيجن جي قبيلي ۾ ٿيو هو. مائٽن سندس نالو مريم رکيو. پر سندس سونهن ۽ سوڀيا سبب، سڀ کيس ”سونيتي“ ڪوٺڻ لڳا.

سونيتي کانپوءِ، سونيتيءَ جي گهر هڪڙي ننڍڙي نينگر به جنم ورتو. مائٽن تنهن جو نالو رکيو، ”سائين ڏنو“. سونيتي اڃا ننڍڙي هئي ته انهن ڏينهن ۾، سنڌ جو حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، ڪڇ جي راءِ جي سهڻي ڀائٽي راءِ ويسُو جي، جي ڌيءُ پرڻجي اچي اتان لنگهيو. ميان غلام شاهه پنهنجيءَ ڪنوار کي سنڌ راڻيءَ جو لقب ڏنو.

جڏهن ڳوٺ جي ماڻهن سنڌ راڻيءَ کي ڏٺو ته سندس سونهن کي سونيتيءَ جي حسن سان ڀيٽڻ لڳا. ”چي اسان جي سونيتي به ته سنڌ راڻي آهي.“

جيئن جيئن سونيتي عمر جا ڏاڪا چڙهڻ لڳي، تيئن تيئن سندس حسن جي هاڪ وڌڻ لڳي. ۽ هونئن به چوندا آهن، ڀريل ٻير تي، پٿر ته لڳندا ئي آهن، سو هيءَ ته سونهن سان به مالا مال هئي، ان ڪري سندس مِٽيون پري پري کان اچڻ لڳيون، سندس مائٽن جي هڪ ڌُر به سندس لاءِ گُهر ڪئي، پر جيئن ته سندس عمر اڃا ننڍي هئي، ان ڪري سندس پيءُ، اُن مِٽيءَ کان انڪار ڪيو. سندس مائٽن کي ڳالهه نه آئڙي. تن خار وچان وڃي، سنڌ جي ان وقت جي حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙي کي چوريو ته ”اُڍيجن وٽ نهايت، سهڻي ٻانهن آهي، جا رڳو اوهان جي محل ۾ ئي سونهي.“

انهن ڏينهن ۾، ميان سرفراز ڪلهوڙو، ڪڇ ۽ گجرات تي چڙهائي لاءِ سنبريل هئو. سو واٽ تي ان ساڳيءَ جاءِ تي پڙاءُ ڪيو، جتي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو شاديءَ کانپوءِ اچي ٽڪيو هئو.

صبح جو سوير، ميان سرفراز جيئن ئي هوا خوريءَ لاءِ نڪتو ته هن سونيتيءَ کي ڏٺو، جا پنهنجين سرتين ساڻ، پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪتي هئي.

ميان سرفراز نهايت عزت ۽ پاٻوهه مان، نينگرين سان ڳالهايو.

۽ پوءِ سونيتيءَ جي پيءُ کي گهرائي، ادب ۽ احترام سان سونيتيءَ جي گهر وارن کي موهي وڌو ۽ صلاح ثواب ڪري، هنن مِٽيءَ لاءِ هاڪار ڪئي.

هاڻي سونيتي، سونيتيءَ بجاءِ سنڌ راڻي ڪوٺجڻ لڳي. انهيءَ عرصي ۾ سونيتيءَ جي گهر وارن جا لاڳاپا ۽ رشتا ميان سرفراز سان وڌڻ لڳا.

انهن ڏينهن ميان سرفراز پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڦيرائي خدا آباد ڪيو. جتي سونيتيءَ پيءُ باعيال گهمڻ لاءِ ويو.

انهن ڏينهن ۾، بلوچ سردار ميان صاحب جي ڪوٽ جا محافظ هوندا هئا. خاص طرح مير مرزي خان جو پُٽ، مير باگو خان، خدمت لاءِ خدا آباد آيل هو.

ان موقعي تي، هن سونيتيءَ کي ڏٺو ۽ سندس محبت ۾ گرفتار ٿيو، پر جيئن ته سونيتي، حاڪم جي مڱ هئي، ان ڪري ڪڇي پڇي ڪونه سگهيو ۽ دل جي ڳالهه سندس دل ۾ ئي رهجي وئي. ان دوران ميان سرفراز جي وزير راڄي ليکي جي سازشن سببان ملڪ ۾ مانڌاڻ مَتو. راڄي جي چوڻ تي، ميان سرفراز، مير بهرام کي قتل ڪري سندس چاچي، ميان عبدالنبي کي تخت تي ويهاريو ويو ۽ ميان عبدالنبيءَ، ميان سرفراز کي قتل ڪرايو ۽ ساڳئي وقت، سونيتيءَ جي مائٽن تي زور بار آندو ته سونيتي سندس نڪاح ۾ ڏني وڃي. سونيتيءَ جي پيءُ انڪار ڪيو. جنهن سببان ميان عبدالنبيءَ کيس قتل ڪرايو ۽ هاڻي سونيتيءَ جي ڀاءُ، سائين ڏني تي زور بار آندو ويو، جنهن خوف سببان سندس مڱڻو، ميان عبدالنبيءَ سان ڪرايو ۽ هڪ ڀيرو وري سونيتي سنڌ جي ٻئي حاڪم ميان عبدالنبيءَ جي مڱ بڻي.

پر سونيتي دل سان اها مِٽي ڪونه قبولي ۽ ڀاءُ تي زور ڏنو ، ته بلوچ سردارن کان مدد وٺي کيس آزاد ڪرائي.

مير باگي ان ڏس ۾ سائينءَ ڏني جي مدد ڪئي ۽ سائين ڏني کي وٺي مير فتح خان وٽ آيو. مير فتح خان سائينءَ  ڏني کي سندس آڪهه سميت پناهه ڏني.

۽ انهيءَ وچ ۾ ميان عبدالنبيءَ ۽ بلوچ سردارن جي اڻبڻت وڌي ۽ مير فتح خان، نيٺ ميان عبدالنبيءَ کي شڪست ڏني.

هاڻي هڪڀيرو وري سونيتيءَ جو مسئلو ڪَر کڻي بيٺو.

ڪجهه ماڻهن جي راءِ هئي، ته جيئن ته مير فتح خان، فاتح آهي، ان ڪري سونيتي به کيس ملڻ گهرجي.

پر ساڳي وقت مير باگو خان به سونيتيءَ لاءِ، اميدوار هو. ان کانسواءِ ٻين بلوچن سردارن کي به سونيتيءَ لاءِ سڪ هئي.

آخر بلوچ سردارن گڏجي ويچاريو ته ڪٿي سونيتيءَ سببان منجهن ڏڦير نه پئجي، ان ڪري اهو سوچيائون ته هڪ طرف ملڪ ۽ ملڪيت، ٻئي طرف سونيتي.

جيڪو سونيتيءَ سان پرڻبو سو ملڪ ۽ ملڪيت تان هَٿ کڻندو، مير باگي خان شرط قبوليو. بلوچ سردارن سندس شادي سونيتيءَ سان ڪرائي ۽ گڏوگڏ کيس هڪ ڀلي گهوڙي ۽ غير آباد جاگير گذر سفر ڪرڻ لاءِ ڏني.

مير باگو خان پرڻجي لاڙ آيو ۽ جاگير مان واهه کوٽايو. اهو علائقو اڄ ٽنڊوباگو جي نالي سان مشهور آهي. جاگير جون واڳون سائينءَ ڏني حوالي هيون. اهو ئي سموري ملڪ جو ڪرتا ڌرتا هئو.

هڪ ڀيري، عمرڪوٽ جو راڻو ٽنڊي باگي آيو، راند دوران سائينءَ ڏني کيس ڪو طعنو ڏنو. راڻي اها ڳالهه دل ۾ رکي ۽ موقعو وٺي شڪار دوران سائينءَ ڏني کي مارائي ڇڏيو.

سائينءَ ڏني جي موت جي گهاءَ سنڌ راڻيءَ کي گهائي وڌو ۽ سنڌ راڻي بيمار ٿي پئي ۽ ائين پنجويهن سالن جي سنڌ راڻي،  1204 هجري تي دم ڏنو ۽ سندس وصيت تي کيس، سندس اباڻي قبرستان، ٺريءَ لڳ، ديواني شاهه جي قبرستان ۾، اُڍيجن جي مقام ۾ پوريو ويو.

*

آشا

روپ-ٻهروپ

انسانيت جو اِهو اڌ حصو

پنهنجي تخليقڪار وٽان

”تحفي طور“

پنهنجي سڀاوَ ۾

ڪُتي جي بَڇ،

نظر ۾ بگهڙ جي وحشت

۽ جسم ۾ ڪنهن

شيطان جي طاقت کڻي آيو آهي

هن جي نظر ۾ تولاءِ

ڪوبه محبت ڀريو پيغام ڪونهي پر هَوس آ

هن جا لفظ

جن جي جادوءَ ۾

تون پنهنجو وجود تائين

وڃائي ويهين ٿي،

ڪابه سچائي ڪونهي

هي، جيڪو توکي ڏسڻ ۾

فرشتو ٿو لڳي

هي، جنهن جي

ڏينهن رات پوڄا ڪري

تو پنهنجي من کي

مندر ٺاهي ڇڏيو آ،

توکي پنهنجي پيار سان مرعوب ڪري

صرف تنهنجي جسم کي

لوئيندو، چيريندو ۽ ڦاڙيندو ڪنهن ڳجهه وانگر

تنهنجي هڏن کي به چٻاڙيندو ويندو ڪنهن ڪتي وانگر

۽ تون ! جا

پنهنجي وجود کي مڃائڻ لاءِ

هيڏا جتن ڪندي آهين

ڪڏهن به پاڻ کي ڳولي نه سگهندينءَ!

*

 

مجبوري

شعر لکڻ به مجبوري آ

نه لکي سگهڻ به مجبوري آ

لڙڪ اُگهي کلڻ ۽

کِلندي سُڏڪڻ به مجبوري آ

توکي سوچڻ، تولاءِ لڇڻ به چاهيان

توکي وساري ڇڏڻ به مجبوري آ

توکي تَڪڻ تي دل ڀي چاهي

توکان اکيون ڦيرڻ به مجبوري آ

منهنجي سپنن جي ساڀيان اُماس جهڙي

سپنن ۾ توکي پوءِ ڏسڻ به مجبوري آ

ورهين پُڄاڻايان جي تون ملين به ته

”ڪيئن آهيو“ چئي نه سگهڻ به مجبوري آ

ڪاهه ڪئي آ دردن دل ڏي

سورن جو ڪنهن سان نه سلجڻ به مجبوري آ

پيار ۾ ڪهڙيون مجبوريون ساٿي

هي پيار ڪرڻ به مجبوري آ.

*

شاني

”امن جو پکي حنوط ٿيل، پٿر جو بڻيل“

امن جو پکي!

جيڪو زيتون جي ٽاري چهنب ۾ جهلي،

آيو هيو حضرت نوح جي قوم لاءِ پيغام کڻي،

۽ چيائين کلي

ته امن آ، ڌرتي تي!

مان ڳوليان پئي  ۽ ڳوليان پئي......

امن ۽ ان امن جي پکيءَ کي

۽ هيل تائين

ميڙي چونڊي، اڄ جي بازن کان!

هٿ ڪيا اٿم،

ان جا پَر، پُڇ، ڌَڙ، اکيون، چهنب ۽ ٽاري زيتون جي!

۽ پَر پَر جوڙي، ڌڙ مٿان،

چنبڙايا اٿم، چهنب، پَر پُڇ ۽ اکيون،

۽ حنوط ڪري رکيو اٿم،

زيتون جي ٽاريءَ ساڻ

سندم ڊرائينگ روم جي، قيمتي شين جي شوڪيس ۾

۽ هڻي ڇڏيو اٿم ڪُرف مٿان-

جنهن کي اڄ جا باز متان؟

چيري ڇيڇاڙي رکن-

توهين سڀني به، مون جيان،

پنهنجي گهرن جي ڪُرف لڳل شوڪيس ۾

اهڙائي ڪي ٺاهي رکو

سنگ مرمر ۽ پٿرن سان ٽُڪيل امن جا پکي،

جن جي چهنب ۾ زيتون جي ٽاري جهليل

۽ ڏسيو هر خاص ۽ عام کي، داستانِ غم هر دم،

ته اِهو اُهو اصل امن جو پکي آهي.

جنهن اڄ جي دور جي، ديون، جنن ۽ جادوگرن

جي حد ۾ وڃي

حد اندر، بي ادبي ڪئي، پُٺتي مُڙي نهارڻ جي،

۽ صلي ۾ پٿر جو بڻجي پيو.

*

 

آشا

امن جا اڇا پکي

هو گهڻو تڻو ماٺ رهندو هو. بنهه گهٽ ڳالهائيندو هو، بس رڳو لکندو هو. ان ڪري جو هو ليکڪ هو.

هن جي هڪڙي پريمڪا به هئي، ڌرتيءَ کانپوءِ وڌ ۾ وڌ هو پنهنجي پريمڪا سان محبت ڪندو هو.

هن جو ڪو به رت جو رشتو ڪونه هو، بس رڳو دل ۽ پيار جو رشتو هئس دوستن سان ۽ پريمڪا سان.

هُن جو اندر وڍيل هو، هُو ته به مُرڪندو هو.

هو ڪڏهن ڪڏهن روئندو به هو، پر روئندي روئندي سدائين کِلي پوندو هو

سندس دوست هن کي ماٺيڻو چوندا هئا، صابر ۽ مُرڪندڙ، مُک تي سنڌو ڇوليون هڻندو نظر ايندو هئس، اکيون قدرتي طور تي ڀنل هئس. گهري سانوري رنگ ۽ سنڌي هاٺيءَ واري هن جوان ۾ ايڏي ته ڪشش هئي جو هرڪو ڏانهس ڇڪيو ايندو هو..... هو دُکي هو.....ٻاروتڻ کان وٺي دُکن سان کيڏندو آيو هو ۽ دُکن جو عادي ٿي ويو هو...... وڏا وڏا گهاوَ سهي به مُرڪندو هو، تڏهن به هن کي اُميد هئي، پيار جي آٿت جي، ڪارن وارن جي گهاٽي ۽ ٿڌڙي ڇانوَ جي، اِها اُميد هن کي پنهنجي پريمڪا مان هئي. هو زخمي هو ۽ پنهنجن زخمن کي، محبوب جي پيار سان ڌوئڻ ٿي چاهيائين.

عام پريمين وانگر هو پنهنجي پريمڪا کي مهانگا...... هزارن جا گفٽ نه ڏيندو هو، هو پنهنجي پريمڪا کي سدائين پنهنجي ڪا ڪَوِتا گفٽ ڪندو هو، جنهن جي هر اکر ۾ پنهنجي اندر جو سمورو پيار اوتي ڇڏيندو هو ۽ سندس پريمڪا خوشيءَ منجهان جهُومي اُٿندي هئي.

هو ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، خاموش اُگهاڙين پيرين سمونڊ جي ڪناري، واريءَ تي پيا ٽِلندا هئا، ڪنهن ڪنهن مهل، يڪو پيا هڪ ٻئي کي گهوريندا هئا ۽ ٻئي پوءِ هڪ ئي وقت سُڏڪي پوندا هئا، شايد ٻنهي جي اندر ۾ ڪو گهرو گهاءُ هو جيڪو ٻنهي کي روئاڙي وجهندو هو.

هو پاڻ تخليقڪار هو..... پر عام تخليقڪارن جيان چانهه، سگريٽ يا شراب نه پيئندو هو. هو ٻالڪپڻ کان ڏکويل هو، ان ڪري پيار پيئندو هو ۽ پيار پياريندو هو جڏهن هُو پنهنجي پريمڪا جا نازڪ، پشم جهڙا هٿ، پنهنجي مضبوط ۽ کهرن سانورن هٿن ۾ جهليندو هو، ته پاڻ کي دنيا جو خوش قسمت ترين انسان تصور ڪندو هو. انهن گهڙين ۾ کيس ماضيءَ جا سمورا دک وسري ويندا هئا. هو ٻئي دُکي هئا ۽ هڪ ٻئي جي ساٿ ۾ پنهنجا دک وساري ڇڏيندا هئا.

هو ٻئي گهايل هئا، پر پاڻ به کلندا هئا ۽ ٻين کي به کلائيندا هئا..... هو ڇا هئا.........ڪي ٻه فرشتا........

جبل وانگر اڏول ۽ مضبوط جيڪي دنيا جا ڪاپاري ڌَڪَ سهي به ڪو نه ٽُٽا هئا.

ٻنهي جي طبيعت ۾ سنڌو جهڙي گنڀيرتا ۽ مڪليءَ جهڙي ماٺ هئي...... دوست هُنن کي ”ٻه ماٺيڻا“ ڪري سڏيندا هئا ۽ هو ٻئي ماٺيڻا گڏ مري ويا، هو ٻئي پنهنجن خوابن کي تعبير جي ويس پارائڻ کان اڳ مري ويا اُنهن کي مرڻ نه کپي ها...... ان ڪري جو هو ٻئي امن جا اڇا پرچم هُئا. هو جيڪي ٻئي امن جا اڇا پکي هئا، جنگ جي گوليءَ جو نشانو بنجي ختم ٿي ويا...... انهن ته زندگيءَ سان وفا ڪئي، پر رت جي کوکلن رشتن وانگر زندگي ته بي وفا نڪتي........

ڪوريءَ جي هڪ ڪَوِتا ۽ ليکڪ جي هڪ ڪهاڻي اڻ مڪمل رهجي ويون. هڪ ئي لمحي ۾ سڀ آشائون قتل ٿي ويون.

سندس رت سان سمونڊ جي واري ريٽي ٿي ويئي هئي.... هو کليل اکين ۽ اُڃايل مُک سان، آڪاش ڏانهن ڏسي رهيا هئا...... وهندڙ رت......کليل اکيون  ۽ بي جان جسم ڪا فرياد ڪري رهيا هئا......

ڇو آيا هئا هن دنيا ۾، هنن ڇا پاتو ۽ ڇا وڃايو..... زندهه رهڻ جي خواهش، تخليق ڪرڻ جي خواهش، هڪٻئي جي ساٿ ۾ جيون گهارڻ جي خواهش سڀ خواهشيون سندن دل مان ٽپي ٻاهر نڪري آيون ۽ پيار جي ٻن نشانين کي حسرت سان ڏسڻ لڳيون.

هو ٻئي، ڪجهه وقت زندگيءَ جي موضوع تي بحث ڪري رهيا هئا، ٻنهي هن ڏکئي جيون سان بي انتها محبت پئي ڏيکاري، ان مهل ٻئي گهڻو، جيئڻ لاءِ دعائون گُهري رهيا هئا، ته ڪير لوهه جي چنهنبيارين گولين سان هنن ٻنهي جي معصوم وجود کي وهنجاري ويو....... هو محبت جا پيغمبر، نفرت جي اونداهه جي زَد ۾ اچي گم ٿي ويا. سمونڊ جون وِيرون سندن کنهنبن لٽن کي ڌوئينديون پئي ويون. انهن جي کليل اکين ۾ هڪ سوال هو..... سماج کان........ ته ائين ڇو ٿيو....... ۽ آخر ڪيستائين ائين ٿيندو رهندو؟؟

هو ٻئي اڪيلا هئا...... هو ٻئي تخليقڪار هئا...... کين زندگيءَ سان عشق هو. هڪٻئي سان هو انتها تي پهچي پيار ڪندا هئا. هو ٻئي ماٺيڻا هئا ۽ هو ٻئي گڏ مري ويا......

 هو جيڪي پيار جي سِمبل (Symbol) هئا.......گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ته ائين ۽ ايڏو جلد مرڻ نه کپي ها!

*


 

زبيده ناز خاصخيلي

سوال

پکين جي گوڙ تي اک کلي پئي. صبح ٿي چڪو هو. نڀاڳي ننڊ گهڻي دير تائين گرفتار ڪري ڇڏيو هو. جلدي جلدي اُٿي سامهون واري ديوار تي لڳل گهڙيال تي نظر وڌم. نماز جو ٽائيم به ڪونه رهيو هو. اڄ سڄو گهر جو ڪم به ڪرڻو اٿم. ڇو جو  امان شهر مان ماسيءَ وارن ڏانهن ويل آهي. اهو سوچي وري هڪ نظر گهڙيال تي وڌم. شهر ڏانهن ويندڙ بس جي وڃڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ هو. مان جلدي جلدي بورچي خاني ڏانهن ويس. نيرن ٺاهڻي هيم. انهي بس ۾ ادا کي ڪاليج وڃڻو هو پر اڄ خبر ناهي ڇو ڪم ۾ دل ئي نه پئي لڳي. سوچيم شايد دير سان اٿي آهيان ان ڪري صبح به سٺو نٿو لڳي. بس جيئن تيئن ڪري ڪم لاهي ئي ڇڏيم پر دل نه ڄاڻ ڇو پرسڪون نه ٿي. سوچيم ڪو سٺو ڪتاب ئي پڙهجي پر پڙهڻ سان به دل نه لڳي. ڇو نه ڀرت ويهي ڀريان! اڃا سُئيءَ ۾ ڌاڳو وڌم ئي مس، ته ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز آيو. ڏاڍي ڪاوڙ لڳم. بس هڪ ته ماڻهن کي سڪون نه آهي، ته ٻين کي به سڪون سان ويهڻ نٿا ڏين. وڃي دروازو کوليم. او ماسي، توهان! ماسي مومل هميشھ وانگر چوڻ لڳي مائي ڏسو ايڏو غضب در کولڻ ۾ ايڏي دير! مون کيس ڪيترا ڀيرا چيو به آهي ته ماسي مومل مان مائي نه پر ڇوڪري آهيان؛ پر هن جي عادت آهي، سندس تڪيو ڪلام ئي مائي آهي. ڳوٺ جي هر ننڍي توڙي وڏي عورت کي مائي ئي چوندي آهي. وري ڳوٺ جو هر ننڍو توڙي وڏو کيس ماسي مومل ئي چوندو آهي. روزانو هر گهر جو چڪر لڳائيندي آهي. تڏهن وڃي سڪون ملندو اٿس. سندس عمر 60 سال هوندي پوءِ به جوانن وانگر پئي هلندي آهي. وري به چيائين مائي ماڻهين ڪونهي ڇا؟ چيم نه ماسي امان ڪالهه کان ئي شهر ويل آهي، پر تون ويهه ته مان تنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي ٿي اچان. چيائين نه نه مائي آئون ڪونه ٿي چانهه پيئان، پر غضب ٿي ويو! مان حيران ٿيندي چيو ماسي مومل ڇا ٿيو؟ خير ته آهي! چيائين مائي هوءَ ويچاري بي ڏوهه هئي! پر آخر ڪير ماسي مومل؟ مان وڌيڪ پريشان ٿيندي پڇيو. چيائين مائين هوءَ سگهڙ سياڻي هئي، سڄي ڳوٺ ۾ سندس ڀرت جو چرچو هوندو هو! مون چيو، ماسي مومل تون عائشه جي ڳالهه پئي ڪرين! ڇا ٿيو آهي عائشه کي؟ چيائين اڙي مائي اڃا ٿي پڇين ته ڇا ٿيو آهي! ”ههڙا هاڃا ٿينِ، بُري هن ڀنڀور ۾“! ڪالهه شام جو پڻس کيس ڪجهه ڪاغذ تي لکندي ڏسي ورتو. بس ويچاريءَ جا ڪُهاڙيءَ جي وار سان پساهه پورا ڪري ڇڏيائين. مائي ماڻهو آهن يا حيوان! هڪ ئي ته ٻچو هيس دنيا ۾. وڌيڪ خدا به اولاد ڪونه ڏنس! منهنجي زبان مان بي اختيار لفظ نڪتا، نه نه ماسي، چئو ته اهو ڪوڙ آهي.

ماسي مومل گهنجيل چهري تي وڌيڪ گهنج وجهي چيو، مائي سڄي ڳوٺ ۾ اها ڳالهه باهه وانگر پکڙجي وئي آهي.تون چوين ٿي ڪوڙ آهي! ائين هن پنهنجي چولي جي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي پنهنجي ناس واري دٻلي ٻاهر ڪڍي. دٻلي ته اڇي هئي پر اندر پيل ناس ڪاري هئي. بلڪل انهن ماڻهن وانگر مون کي اها دٻلي به لڳي، جيڪي ٻاهر نظر ته انهي اڇي دٻليءَ وانگر ايندا آهن، پر اندر ڪارا ناس وانگر هوندا آهن. ماسي مومل ناس ڪڍي اهڙي طرح نڪ جي ٻنهي چونٽين ۾ ٿي ڀريائين آڱوٺي جي مدد سان ڄڻ ته ٻوڏ اچڻ کان اڳ بند ٻڌي رهي هجي. پوءِ پنهنجي منهن ڪجهه ڀُڻڪندي ٻاهر نڪري وئي. مان خاموش هن کي ڏسندي رهيس. جڏهن دروازي کان ٻاهر نڪري وئي ته وڃي در بند ڪيم. واپس ٿڪل قدمن سان اچي کٽ تي ويهي رهيس. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿي ويو ۽ ڪيئن ٿيو! منهنجين اکين آڏو عائشه جو مُرڪندڙ چهرو اچي ويو. پاڻ اڃان ٻن سالن جي مس ٿي هئي جو ماءُ ڇوري ڪري ويس. ان کانپوءِ نانيءَ سندس پالنا ڪئي؛ پر سندس پيءُ کي اها ڳالهه نه وڻي. پنجن سالن جي ٿي ته واپس پاڻ وٽ وٺي آيس. هن جي ٻاهر نڪرڻ تي سخت پابندي لڳي وئي. سندس والد پردي جو پابند هو، جنهن ڪري هن معصوم کي به ان قانون تي هلڻو پيو. هن جي نانيءَ گهڻيون منٿون ڪيون، ته ڇوڪريءَ کي ڪجهه نه ڪجهه پڙهائي، پر سندس نشائي پيءُ تي ڪجهه به اثر ڪونه ٿيو. هو ڇوڪرين جي تعليم جي خلاف هو. چيائين پڙهي ڪهڙي آفيسري ڪندي! جڏهن ته عائشه کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. پيءُ اڳيان ان شوق کي ظاهر ڪونه ڪندي هئي. پنهنجي تمنا کي اندر ۾ ئي دٻائي ڇڏيندي هئي.

عائشه جو چاچو سڪندر شهر ۾ نوڪري ڪندو هو. تنهن پنهنجن ٻارن کي شهر گهرائي ورتو. شهر ۾ کين اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ان ڳالهه تي عائشهه جي پيءُ کي ڏاڍي  ڪاوڙ لڳي. ڀاءُ کي چيائين ته پُٽ کي ڀلي وٺي وڃي پڙهاءِ پر ڇوڪريءَ کي ڪهڙي نوڪري ڪرائڻي اٿئي، جو شهر ۾ ٿو پڙهائين. پر ڀاءُ هن جي هڪ به نه ٻڌي.

موڪلن ۾ جڏهن ارشد ۽ سُهڻي ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن به عائشه کي پنهنجي چاچي جي گهر وڃڻ جي اجازت نه هئي. عائشه جي دل ڏاڍي بيچين هوندي هئي، ته سهڻيءَ سان ڀاڪر پائي ملان. هنن سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي خوشيءَ ۾ ٽهڪ ڏئي، پر پيءُ جي سامهون هوءَ تصور به نٿي ڪري سگهي.

سهڻي ۽ ارشد ٻئي پنهنجي پيءُ سان هٿ هٿن ۾ ڏيئي ٻني گهمڻ ويندا هئا ته هن جي اندر ۾ اهڙا خيال اُڀرندا هئا، ته ڪاش منهنجو بابا به مون کي اهڙي طرح پاڻ سان گڏ وٺي وڃي، پر بابا ته مون کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت به نٿو ڏئي! ڪاش منهنجو بابا، چاچو سڪندر هجي ها، ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها! پر آخر ڇو منهنجو بابا ۽ سهڻيءَ جو پيءُ ٻئي ڀائر آهن، پوءِ به هڪ ٻئي کان ايترو مختلف ڇو آهن.

اهڙا سوال جواب هوءَ روز پنهنجو پاڻ کان ڪندي رهندي هئي. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو. هوڏانهن سڪندر کي پنهنجي ڀاءُ جي اصليت جي پروڙ پئجي وئي. هن پنهنجي زمين الڳ ڪري ڇڏي. اهڙي طرح ٻنهي ڀائرن ۾ محبت بجاءِ نفرت وڌي وئي. ان کانپوءِ سڪندر ڳوٺ اچڻ ڇڏي ڏنو هو. هن سال ئي گهڻن سالن کانپوءِ سهڻي ۽ ارشد ٻئي ڳوٺ ڏسڻ آيا هئا. جڏهن اها خبر عائشه کي پئي ته هوءَ پڃڙي ۾ پيل پکيءَ جيان تڙپي پئي، ته ڪهڙي طرح هو سهڻي ۽ ارشد کي ڏسي سگهي. گهڻي سوچڻ کانپوءِ هن کي ترڪيب سمجهه ۾ اچي وئي. صبح جو جڏهن سندس پيءُ گهر کان ٻاهر نڪري ويو، تڏهن هن پنهنجي گهر جي سامهون واري دري کولي. جتان سهڻيءَ وارن جو گهر ۽ اڱڻ نظر ايندو هو. اتي بيهي کيس ڏسي رهي هئي. هوٻئي ڀاءُ ڀيڻ پنهنجي گهر کان نڪري ٻني ڏسڻ هليا ويا. عائشه ڪافي دير هنن کي تڪيندي رهي. جيستائين هو نظرن کان الوپ نه ٿي ويا.

مون جڏهن سندس اهو حال ڏٺو سو سهڻي کي ٻڌايم. سهڻي به ساڻس ملڻ لاءِ راضي ٿي وئي، پر هاڻ عائشه جي پيءُ تي اک رکڻي هئي، ته هو ڪڏهن ٿو ٻاهر وڃي ۽ ڪنهن مهل ٿو واپس اچي. اهو ڪم ارشد سنڀالي ورتو. جڏهن عائشه اڪيلي گهر ۾ هئي ته سهڻي ۽ مان ساڻس ملڻ وياسين. پاڻ اندر ڪمري ۾ ويٺل هئي. جتي اونداهي ڇانيل هئي. اسان چٽي طرح کيس ڏسي ڪونه سگهيونسين. پر شايد پاڻ اسان جي قدمن جو آواز ٻڌي ورتائين. سو ڪمري جي دروازي تي پهچي وئي. سهڻيءَ کي ڏسي ايتري ته خوش ٿي، ڄڻ ته ويراني ۾ بهار جو جهوٽواچي ويو هجي. خوشيءَ ۾ ڀاڪر پائي سُهڻيءَ سان ملي هئي. انهيءَ ويل هو پنهنجن جذبن کي روڪي ڪونه سگهي هئي. سهڻي به پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي ڪونه سگهي هئي. ان وقت مون کي ائين لڳو، ڄڻ ٿر جي ٻُٽ مٽيءَ تي برسات پئي هجي. سموري سُونهن موٽي آئي هجي. پوءِ سهڻي واپس هلي آئي ۽ سڄو حال ارشد کي ٻڌايو هئائين. ارشد اهو ٻڌي اُداس ٿي ويو  هو. نيٺ هنن فيصلو ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڃا ڳوٺ ۾ رهنداسين. جڏهن ته هو آيا هفتي لاءِ هئا. پوءِ پندرهن ڏينهن رهي پيا هئا.

انهيءَ وچ ۾ سهڻي عائشه سان ملندي رهندي هئي. عائشه سهڻي کي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل ڀرت ۽ ٻيا هنر ڏيکاريا هئا، جنهن تي سهڻي ڏاڍي خوش ٿي هئي. هن سان وعدو ڪيو هئائين ته مان تنهنجون ٺاهيل شيون ۽ ٻيا ڀرت شهر کڻي وينديس، جتي انهن جي وڏي قيمت ملندي آهي. ڳوٺ جي مقابلي ۾ شهر ۾ وڌيڪ ناڻو ملندو آهي. عائشه جڏهن به پنهنجي تعليم کان محروم رهڻ جو افسوس ڪندي هئي ته سهڻي کيس دلاسا ڏيندي چوندي هئي، عائشه علم معنيٰ آهي ڄاڻ؛ جيڪا تو وٽ آهي. پوءِ به هن پنهنجي پين ۽ ڊائري عائشه جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ڪجهه لفظ به هن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريائين جيئن ته هن کي شوق اڳ ئي هو سو جلد ئي ڪجهه لکڻ سکي وئي.

اڄ اڃا سج مس اُڀريو ته عائشه جي قتل ٿيڻ جي خبر ٻڌم. جيڪو خط لکندي سندس پيءُ ڏسي ورتو، سو سندس سئوٽ سهڻيءَ جي نانوَ هو. جنهن جي ڏوهه ۾ رت سان رڱجي وئي.

”عائشه!“ منهنجن اکين مان ڳوڙها تيزيءَ سان وهي رهيا هئا. ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، منهنجون سوچون ُٽٽي پيون. مون وڃي در کوليو. ڀاءُ اندر داخل ٿيندي چيو ادي، عائشه کي ڪاريءَ جي ڏوهه ۾ ماريو ويو آهي. مان خاموش رهيس. هن منهنجي چهري ۾ ڏٺو. چوڻ لڳو صبح جو بس اڳ ئي نڪري وئي. آئون ڪاليج پهچي ڪونه سگهيس. ڳوٺ وارن جي ڳالهين ٻڌڻ ڪري دير ٿي وئي. هڪڙا چون پيا ڪاري هئي. ٻيا چون پيا ڪنهن کي خط ٿي لکيائين پر ڇوڪري اهڙي ته ڪونه هئي! ڪيڏا نه ظالم آهن! بي ڏوهي کي ڏوهي ٿا ڪن. ايتري ۾ هن پنهنجي کيسي مان هڪ ڪاغذ ٻاهر ڪڍي مون ڏانهن وڌايو. چوڻ لڳو ته هي سندن ڀر واري گهر ۾ رهندڙ سليم ڏنو آهي. چيائين پئي ته جنهن مهل رڙين جو آواز آيو، انهيءَ وقت پهريائين سندس ماءُ ۽ ڀيڻ داخل ٿيون هيون گهر ۾؛ پر خون ڏسي جلد موٽي آيون، پر ڀر ۾ اهو ڪاغذ پيل هو، جيڪو سندس ماءُ لڪائي کڻي آئي هئي. مون اهو ڪاغذ کوليو جنهن تي بي ڏوهيءَ جي رت جا ڪجهه ڇنڊا لڳل هئا. خون ڏسي منهنجن هٿن مان پنو هيٺ ڪري پيو. انهيءُ ڪاغذ تي تحرير چٽي نظر پئي آئي، پهريائين ته رب سائينءَ جو مٺو نالو لکيل هو ان کانپوءِ لکيل هو منهنجن پيارين ۾ پياري ڀيڻ السلام عليڪم پوءَ شايد قلم کي ڪپڻ لاءِ ڪهاڙي وار ڪري وئي اڳتي ڪاغذ خالي هو. خون جي ڇنڊن سان لال ٿيل هو. اهي ڦُڙا سواليه انداز ۾ ظاهر ٿي چئي  رهيا هئا. اڃا اهڙيون ڪيتريون قتل ٿينديون؟

اي سماج! ٻڌاءِ اڃا ڪيترين عائشائن جون آشائون ڀري ڀور ٿينديون. اڃا ڪيترا اهڙا هاڃا ٿيندا؟

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com