سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :10

 

شاني

 

”جذبا“

ذهن جي قبر ۾!

دفن ڪيا اٿم،

سارا جذبا نرم ۽ گداز

جسم تي پاتا اٿم

ڪمخاب ۽ اطلس جا لباس

ڪير ڄاڻي؟ ڪڏهن ڪو آيو مٿان منهنجي شباب

ڪير ڄاڻي؟ وڄائڻ، منهنجي مئل آرزوئن جو

منهنجي رباب

مان سدائين!

دامن سنڀالي ٿي هلان،

ٻه ٻول ڪنهن جا، پيار وارا،

روح جي جذبن جي ڌارا تي؛

متان اُڊوڙي ۽ کولي رکن

۽ منهنجي نرم ۽ گداز جذبن کي،

ذهن جي قرب مان،

ڪفن مان کولي رکن!


 

 

BRAIN CANCER

انڏيون، منڊيون، لوليون، لنگڙيون

تنهنجيون سوچون

وڻ ويڙهي جان،

توتي!

تنهنجي مفلوج ذهن تي،

ويڙهجي ويون

جنهن مان تون

پاڻ ڇڏائي ڪين سگهين

نيٺ تون به،

Brain Cancer ۾ ناس ٿئين،

جاڙ جئين!

*

نسيم شيخ

ڪمرشل آرٽ

”آرٽ زندگي لاءِ“ يعني آرٽ جو اهو طريقو جيڪو زندگيءَ جي ڪاروبار سان لڳ لاڳاپو رکندو هجي. هونئن به اهو برائو نظريو جنهن ۾ فن برائي فن سمجهيو ويندو هو. سو جديد دور کان ڪي صديون اڳ ختم ٿي چڪو آهي.

فن اهو آهي جو زندگيءَ جي عام گهرجن جي پورائي ڪري ان ۾ سونهن سوڀيا ۽ دلڪشي پيدا ڪري. سونهن سوڀيا ۽ دلڪشي اهڙيون وصفون آهن، جهڙوڪ لوهه لاءِ پارس. عام رواجي شين کي وڌيڪ خوبصورت ۽ فني طور خوبصورت ڪرڻ جو طريقو صدين کان هلندو آيو آهي. پنجن مکيه شاخن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

جهڙوڪ: 1- مصوري 2-بت سازي 3- عمارت سازي 4-رقص ”ناچ“ ساز سرود 5- ادب .شاعري“ نثر نگاري وغيره. پر هتي اسان جو واسطو مصوري تائين محدود آهي. ڪمرشل آرٽ جي وسيلي عام طرح انساني زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ ”شين“ کي وڌيڪ دلچسپ دلڪش ۽ جاذب ڪرڻ لاءِ فني طور پيش ڪيو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ ڪمرشل آرٽ طرفان خاص اشتهار پبلسٽي اشتهار ڏيئي مشهور ڪرڻ جهڙوڪ ”پوسٽر“ اشتهار، ڪتابن جا جلد پوش  ۽ مختلف ضروري شين جي دٻن شيشن ۽ پيتين تي سهڻن اکرن ۽ رنگن جي وسيلي وڌيڪ سهڻو ڪيو وڃي ٿو. هن طريقي جي فن ۾ هڪ خاص ترڪيب سان خاص پني سان ڪاري مس پائي ۽ پوسٽر جا رنگ اهڙي طرح روغني رنگن سان پيش ڪيا ويندا آهن، جيڪي وري وڏي پئماني تي خاص ڪيمرائن وسيلي بلاڪ ٺاهي تصويرون ڇاپي ٺاهيون وڃن ٿيون. جيڪي وري بلاڪن جي وسيلي جهڙوڪ آفيسٽ ڇپائي جي وسيلي وڏي تعداد ۾ ٺاهيون وڃن ٿيون پر اڄڪلهه سڀ ڪم ڪمپيوٽر وسيلي ڪن ٿا. رواجي ڪتابن جي مٿان سهڻو گرد پوش ۾ نالو ۽ نقش نگاري ۽ چٽسالي سان سينگاريو وڃي ٿو. ڪمرشل آرٽ ۾ مختلف مشيني ذريعا، وسيلا ڪم آندا وڃن ٿا، ته ٻئي پاسي بنيادي طور سهڻي ڪتابت ۽ نقش نگار ۽ ڊزائين پڻ ڪتب اچن ٿا. انهيءَ ڪري ڪمرشل آرٽ جو گرافڪ آرٽ سان گهڻو لڳ لڳاپو انهن انساني زندگي ۾ ڪم ايندڙ شين جو آهي.

اڄ ڪلهه ڪمرشل آرٽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ رائج ڏيندو وڃي. انهي ڪري ڄڻ ڪمرشل آرٽ جي پيداوار جي لاءِ ڪمرشل آرٽسٽ جو هڪ مستقل  ۽ ڪارائتو پيشو ۽ روزگار ٿي چڪو آهي.

***

 

تنوير جوڻيجو                           رپورٽ

سائين ميران محمد شاهه جي ورسي

17 نومبر 1992ع تي، پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي پاران، سنڌي ادبي بورڊ ۽ جناب سيد قمر الزمان شاهه جي سهڪار سان، سنڌ جي برک سياستدان، سماج سڌارڪ، لطيف جي ڄاڻوءَ قادر الڪلام شاعر ۽ بلندر پايه نثر نويس سائين ميران محمد شاهه جي ورسي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ ملهائي ويئي.

هونئن ته، هن آڊيٽوريم جو، هر پروگرام وڻندڙ ۽ جاندار هوندو آهي، پر هيءَ تقريب، پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي ۽ بهتر انتظام، جي ڪري پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. محدود وقت اندر، لامحدود دلچسپي، هن ئي تقريب جو ڪمال هو. جنهن لاءِ جَس لهڻي امداد حسيني، جنهن پروگرام کي هڪ منفرد روپ رنگ ڏنو.

هيءُ پروگرام، ٽڻ ڀاڱن ۾ ورهايل هو: (1) تقريرون ۽ مقالا (2) چانهن پاڻي ۽ (3) راڳ رهاڻ.

پروگرام جي پهرين نشست، تقريرن ۽ مقالن تي مشتمل هئي. اسٽيج تي ويٺل هئا: جناب غلام رباني آگرو صاحب، سيد قمر الزمان شاهه صاحب، ڊاڪٽر آر. اي شاهه صاحب، پروفيسر غلام حسين خاصخيلي صاحب ۽ پروفيسر اقبال قريشي صاحب. جڏهن ته ڪارروائي سياسيات شعبي جي استاد مانواري اسلم ميمڻ هلائي.

هونئن ته آڊيٽوريم، سنڌ يونيورسٽيءَ جي معزز استادن، آفيسرن ۽ ڪارڪنن سان ڀريل هو، پر ٻاهران ايندڙ مهمانن جي به ڪمي ڪا نه هئي. پروگرام جي شروعات ريت پٽاندر تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. ان بعد پروفيسر اقبال قريشيءَ، سيد ميران محمد شاهه جي شخصيت ۽ حياتيءَ بابت تعارفي تقرير ڪئي. ان کانپوءِ اسٽيج تي اچڻ جو سڏ ٿيو سنڌي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب کي. هُن سائين ميران محمد شاهه جي خطن جي مجموعي ”رهاڻ“ تي ڳالهايو، جيڪي سائين ميران محمد شاهه سائين جي. ايم سيد کي لکيا هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب، سائين ميران محمد شاهه جي نثر نويسيءَ کي ساراهيو ۽ خطن جا اقتباس سامعين آڏو پيش ڪيا. ڊاڪٽر جوڻيجو جي معلوماتي مقالي کانپوءِ، امداد حسيني اسٽيج تي آيو. هِن وقت امداد حسيني ٽن حوالن سان سامعين جي آڏو هو. پنهنجي ذاتي حيثيت يعني بحيثيت سنڌيءَ جي برک ليکڪ شاعر جي ناتي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حوالي سان ۽ ٽيون سيد ميران محمد شاهه صاحب ”گنات“ جي هڪ اهم ميمبر ۽ مائٽ عزيز جي ناتي سان. اهي ٽئي روپ، امداد حسيني پنهنجي هڪڙي نظم جي ذريعي خوب نڀايا. نظم جو عنوان هئو ”سين ايف ب“ مهراڻ 3/92 ۾ ڇپجي چڪو آهي.

جناب امداد حسينيءَ جي پُرَ تاثير، نظم کانپوءِ اسلامڪ ڪلچر جي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سيد سعيد احمد پنهنجن خيالن جو اظهار، هڪڙي ننڍڙي واقعي سان ڪيو. جنهن سائين ميران محمد شاهه جي شخصيت جي عظمت کي اُجاگر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب، ان دور ۾ هڪڙو شاگرد هو. کيس اسپين بابت هڪڙي ڪتاب جي ضرورت پئي. ان ئي دور ۾، سائين ميران محمد شاهه ، اسپين ۾ سفير هو. هڪ اڻ واقف ۽ اڻ ڏٺل شاگرد کيس ڪتاب وٺي موڪلڻ لاءِ لکيو ۽ سيد ميران محمد شاهه نه رڳو جواب ڏنو، پر ڪتاب به موڪليو ۽ سيد سعيد احمد چواڻي، اهو ڪتاب اڄ به حيدرآباد جي ڪنهن لائبريريءَ ۾ موجود آهي. هاڻي محترمه سحر امداد کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي. سحر امداد صاحبه پاڻ ملهايو ۽ پنهنجي تحقيقي مقالي مان ڪجهه اقتباس سامعين لاءِ پيش ڪيا. اهو هڪڙو ڀيٽاڻو (Comperative) اڀياس هو. اُن دور ۽ هن دور جي سماجي، حالتن جو اهو ليک هن ئي مهراڻ ۾ پڙهندا..... سحر جي دلچسپ، پريزنٽيشن کانپوءِ، خاص مهمان جناب غلام رباني آگرو صاحب، خيالن جو اظهار ڪيو ۽ سائين ميران محمد شاهه جي شخصيت جي ڪن پهلوئن تي روشني وڌي. خاص مهمان جي دلچسپ گفتگو سامعين کي موهي وڌو. ننڍڙا دلچسپ واقعا موضوع گفتگو هئا. غلام رباني آگرو صاحب، پنهنجيون اسلام آباد جون مصروفيتون ڇڏي سائين ميران محمد شاهه کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ڄامشوري آيو هو.

هاڻي وارو هو صاحب صدر جناب قمر الزمان شاهه صاحب جو، قمر الزمان شاهه صاحب جي تقرير نه رڳو اثر انگيز پر ساڳئي وقت دلچسپ پڻ هئي. هن موقعي تي صاحب صدر ٻه اعلان پڻ ڪيا هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ميران محمد شاهه ”گولڊ ميڊل“ جو ۽ ٻيو ان شاگرد لاءِ، اسڪالر شپ جو جيڪو، سيد ميران محمد شاهه تي تحقيق ڪندو.

صاحب صدر جي تقرير کانپوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جناب آر. اي. شاهه صاحب، هن سيمينار کي ساراهيو ۽ آيل مهمانن جو ٿورو مڃيو.

ان ڀاڱي (Session) جي پُڄاڻيءَ تي ڊين آف سوشل سائنسز پروفيسر غلام حسين خاصخيلي صاحب، مهمانن جو ٿورو مڃيو.

ان کانپوءِ، چانهن پارٽيءَ جو بندوبست ٻاهر خوبصورت لان ۾ گلن جي وچ ۾ ڪيو ويو هو. ان موقعي تي مهمانن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه جو وجهه ملي ويو.

چانهن پاڻيءَ کانپوءِ وارو هئو راڳ رهاڻ جو. محترمه امداد حسيني ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر محترم عنايت بلوچ  ۽ آرٽسٽن جي سهڪار سان سائين ميران محمد شاهه صاحب جو چونڊ ڪلام، چونڊ گلوڪارن جي آوازن ۾ تيار ڪرايو هو.

ڪمپيئرنگ پڻ امداد حسيني صاحب جي ذمي هئي.

هن نشست جي شروعات، سائين ميران محمد شاهه جي هڪڙي نظم سان ڪئي وئي.

”علم مردن کي ملي زالن ڪيو ڪهڙوگناهه.“

ان نظم کي ”مهراڻ يونيورسٽي“ پبلڪ اسڪول ڄامشورو جي شاگردياڻين بيحد خوبصورتيءَ سان ڳايو. جيڪو سندن استاد ۽ نوجوان فنڪار ذوالفقار علي تيار ڪرايو هو.

هن نظم، ماحول ۾ ڪافي گرمي ۽ گنڀيرتا پيدا ڪري ڇڏي. اهائي گرمي ذوالفقار علي، امير علي ۽ انجم آرا پڇاڙيءَ تائين قائم رکي. ان ريت اهو مختصر پرجامع، منفرد ۽ دلچسپ سيمينار ٻين وڳي پڄاڻيءَ تي پهتو.

*

 هيٺيون درستيون ڪندا

صفحو         پئرا    سٽ    آيل مواد               دوستي

13             7      رستي جي ڏي پڇان   رستي جي ڏَسُ پُڇان

17     2      1       پيغمبر         پيغمبرن

18             2      کنتم خبر              کنتم خير

18     آخري  2      بهتر هن               بهتر آهن

19     1       13     ڄاڻيندڙ آهي   ڄاڻندڙ آهين

33     ڪالم 2       2      ڀُور پيرانديءَ   پُور پيرانديءَ

34     پئرا 2  7      بدتر            برتر

 

ماهتاب جهان پٺاڻ

ڪَرڻِي- ڀَرڻِي

اڃا آئون سنوارت ٺاهي. اخبار کڻي دري جي پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي مس ويٺو هوس ته سامهون منهنجي سڪيلڌي ڌيءَ ساران هٿ ۾ ٽرنڪ کنيو پئي آئي. هوءَ منهنجي ويجهو آئي ۽ ”بابا سائين“ چوندي هوءَ منهنجي سيني سان ٻارن وانگر سڏڪا ۽ اوڇنگارون ڏيندي چنبڙي ويئي، مون پيار مان سندس مٿي تي پيار سان هٿ ڦيريندي ماجرا پڇي ته ”ڌيءَ ڇا ڳالهه آهي؟ آخر تون اهڙي پريشان ڇو آهين ۽ روئين ڇو پئي؟“

ساران سُڏڪا ڀريندي چيو ته ”بابا سائين! سئوٽ مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ گُهر ڪئي اٿس ته پنهنجي پيءُ کان مون کي ويهه هزار رپيا آڻي ڏي، نه ته....!“

من ۾ پيڙا جي ڄٻيءَ جي اهڙي لَهِس آئي، جو سڄو تن تپي ويو. مون پاڻ کي ڪرسيءَ ۾ کڻي ڇڏيو. دل ۾ چيم ته ”قدرت منهنجو ڪيو، منهنجي آڏو آندو آهي! جهڙيءَ طرح مون پنهنجي زال سان ڪيو هو، اهڙيءَ طرح قدرت منهنجي ڌيءَ سان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو آئون اهو وساري ويٺو هوس ته منهنجي زال به ڪنهن جي ڌيءَ آهي!“

مون پنهنجي ڪمري ۾ سوڍيءَ جي لڳل تصوير ڏانهن ڏٺو ”سوڍي، تو سچ چيو هو، ته سومار تنهنجي گهر ۾ به نياڻي آهي ۽ جيڪڏهن تنهنجو ناٺي به اهڙي گُهر ڪري ته پوءِ.....!“

مون کي سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڀُرندو ڏسي ساران مون کي آٿت ڏنو آئون ماضيءَ جي خوشگوار گهڙين کي دهرائيندي پنهنجي پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳس.

سوڍي هڪ باوفا ۽ خدمتگار زال هئي. هُن منهنجي گهر کي جنت بنائي ڇڏيو هو؛ پر مون خراب صحبت ۾ اچي ڪري پنهنجي هٿن سان پنهنجي جنت جهڙي گهر کي جهنم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو!

منهنجا سڀ يار دوست شرابي ۽ جوئاري هئا. مان انهن تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هوس ۽ آئون پنهنجي اڌ کان وڌيڪ ڪمائي هر مهيني هنن جي دعوتن تي اُڏائيندو هوس.

هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست مون کي صلاح ڏني ته، ”يار سومار! تون پنهنجي زال هٿان ساهرن مان ڇو نه ٿو رقم گهرائين؟ تون پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جو دڙڪو ڏئي ساهرن کان ڏهه هزار رپيا گهرائي وٺ.“ ٻين دوستن به ان ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي. ان لاءِ آئون يارن جي چوڻ موجب سوڍيءَ وٽ پهتس ۽ کيس چيم ته ”سوڍي مون کي ڏهه هزار رپين جي سخت ضرورت آهي! ان لاءِ تون پنهنجي پيءُ کان اها رقم وٺي اچ.....! هوءَ منهنجي اها ڳالهه ٻڌي وڏي تحمل سان چوڻ لڳي ته:

”سومار! توکي ته خبر آهي ته بابا هڪ معمولي سرڪاري ملازم آهي. اڃا هن منهنجي شاديءَ لاءِ ورتل قرض به نه لاٿو آهي ته هو ڪٿان توکي ڏهه هزار رپيا ڏيندو!“

مون پنهنجي فيصلي کان سوڍيءَ کي، آگاهه ڪندي چيو ته ”تون هينئر ئي پنهنجي گهر وڃ ۽ ڏهه هزار رپيا کڻي اچين ته هن گهر ۾ داخل ٿجانءِ- ٻي صورت ۾ طلاق جا ڪاغذ پڻ توکي اتي گهر پهچي ويندا.“طلاق جو لفظ ٻڌي سوڍي هڪدم منهنجي پيرن تي ڪري پئي،  ”نه سومار،  توکي ننڍڙي ساران جو سُنهن آهي تون اهڙو ظلم نه ڪجانءِ! مان هينئر ئي وڃان ٿي ۽ وڃي ٿي رقم جو بندوبست ڪريان پر تون طلاق نه ڏجانءِ! نه ته منهنجو پيءُ ان صدمي ۾ مري ويندو!“

سوڍي ساران کي ڪڇ ۾ کڻي روئندي پٽيندي پيڪين هلي وئي. جڏهن شام جو واپس آئي ته هن جي هٿن ۾ نوٽڻ جي ٿهي هئي. جيئن نه بُکيو ڪُتو هڏي تي ايندو آهي ائين مون به نوٽن جي ٿهيءَ تي جهپو هنيو ۽ ٻاهر دوستن ڏانهن هليو ويس.

ڪجهه ڏينهن اميرن ۽ نوابن وانگر خوب دل کولي کاڌائون ۽ پيتائون ۽ عياشيون ڪيائون، هوٽلن ۾ يار دوست منهنجون تعريفون ۽ خوشامد ڪرڻ لڳا. ”ٻِلي هُش ۾ خوش“

 هڪ دوست منهنجي پُٺي ٺپريندي چيو ”واهه يار سومار! تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو. واقعي نرجو پٽ آهين....!

هنن لٻاڙي ۽ خوشامدي تعريفن منهنجو دماغ ئي ڦيرائي ڇڏيو.....!

انهن دوستن مان هڪڙي وڏي واڪ چيو ته ”هن جي بهادري تڏهن مڃينداسين، جڏهن هي پنهجي زال هٿان ويهه هزار رپيا گهرائي ته جيئن لاهور جهڙو شهر گهمجي! ٻين دوستن به ان ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي:

”آئون به هليو آيس سڌو سوڍيءَ وٽ ۽ کيس حڪم ڪيم ته ”سوڍي اسان کي پنهنجي دوستن سان لاهور گهمڻ وڃڻو آهي، ان لاءِ ويهه هزار رپيا تون ٻن ٽن ڏينهن اندر پنهنجي پيءُ کان وٺي اچ.“

هن ڀيري سوڍي ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽ کاڌو ۽ چوڻ لڳي ”سومار! ذلالت ۽ بي حسيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تون ڇوٿو منهنجن پوڙهن ۽ ڪمزور مائٽن جي صبر جو امتحان وٺين! تون ڇوٿو هنن کي اجايو تنگ ڪرين! تنهنجا اهي يار دوست، سچا دوست نه آهن پر اهي پئسي جا دوست آهن؛ تون انهن لالچي ۽ غيرن کي خوش ڪرڻ لاءِ منهنجي مائٽن کي ڇوٿو تنگ ڪرين!“

مون هن کي دڙڪو ڏيندي چيو ”بند ڪر اهو پنهنجو ليڪچر مون کي ٻن ٽن ڏينهن تائين پئسا ملڻ گهرجن، نه ته تون هميشھ پنهنجي مائٽن جي گهر رهجئين!“

هوءَ منهنجي سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهي ۽ نهايت نماڻي لهجي ۾ چوڻ لڳي ته:

”سومار! رب جي مُهابي منهنجن پوڙهن ۽ ڪمزور مائٽن تي رحم ڪر، اڃا منهنجون ٻه جواڻ ڀيڻون گهر ۾ ويٺيون آهن، انهن جي به شادي ڪرڻي آهي ۽ کين ڪجهه ڏاج ۾ به ڏيڻو آهي. پر جيڪڏهن تون ائين طلاق جا ڌڙڪا ڏئي پئسا وٺندو رهندين ته پوءِ انهن جي شادي ڪيئن ٿيندي؟ ڪجهه خدا جو به خوف ڪر تنهنجي به گهر ۾ نياڻي آهي. جيڪڏهن تنهنجو ناٺي به اهڙي طرح گُهر ڪري ته پوءِ؟“

اهي لفظ ٻڌندي منهنجو پارو چڙحي ويو ۽ مون هن کي زور سان ٿڦڙ وهائي ڪڍيو ۽ چيومانس ته ”خبردار! جي هڪ به لفظ ڪڇيو اٿئي. وڏي آئي آهي مون کي نصيحت ڪرڻ، مون صاف چئي ڇڏيو آهي ته مون کي پئسا ملن.........بس.........!“

۽ هوءَ ساران کي وٺي هلي وئي، شام جو ساران جو ڀاءُ سڀاڳو مون وٽ آيو ۽ هڪ (ڳوٿري) جنهن ۾ ويهه هزار رپيا ۽ هڪ پرزو لکيل هو سو ڏئي ويو. پرزي ۾ لکيل هو ته:

”پُٽ سومار! هيءَ رقم مون پنهنجي آپريشن ۽ علاج لاءِ رکي هئي پر شايد تنهنجي ضرورت منهنجي آپريشن کان اهم آهي، ان لاءِ هيءَ رقم تون کڻ جيڪا منهنجي سڄي عمر جو ثمر آهي. هن کانپوءِ تون بلاشڪ سوڍيءَ کي طلاق ڏئي ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ جو اسان وڌيڪ هاڻ رقم ڏئي نه سگهنداسين.“

انهيءَ ڪاغذ جي پرزي کي مون لاپرواهيءَ سان ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ آئون پنهنجي مرداني رعب ۽ حشمت ۽ بالادستيءَ جي نشي ۾ الوٽ هئس، ان لاءِ مون تي ڪنهن جي آهُن، التجائن ۽ ڪاغذ تي لکيل لفظن ڪوبه اثر نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو منهنجو ضمير مرده ٿي چڪو هو. آئون نهايت خود غرض ۽ بي حس ٿي ويو هوس.

”پئسي جي نشي  ۾ انسان اهڙو مدهوش ٿي وڃي ٿو جو جيسين کيس ڪا ٺوڪر نه لڳندس، تيسين اهو نشو نه لهندس!“

مون به هڪ ٻئي پٺيان ڪيئي ٺوڪرون کاڌيون ۽ غمن ۽ تڪليفن سان واسطو پيو، ته پوءِ هوش آيم. تڏهن وقت جي واڳ هٿن مان نڪري چڪي هئي.

آئون دوستن سان گڏ لاهور ۽ پوءِ مرغلا پهاڙين جي سير تفريح لاءِ اُسهيس منهنجي دوستن مون کان رقم ڦري مون کي هڪ جبل تان ڌڪو ڏئي پاڻ ڀڄي ويا. اتان موت جي منهن مان بچي نڪتس، ته سُهري جي اچانڪ موت جي خبر پئي، جنهن جي صدمي سبب منهنجي زال سوڍي به لاڏاڻو ڪري وئي. تڏهن بارگاهه رب العزت ۾ صدق دل سان پنهنجي ڪيل گناهن جي معافي گهريم، پر منهنجي ڌيءَ ساران سان سندس مڙس به اهو ساڳيو سلوڪ ڪري رهيو آهي جيڪو مون پنهنجي زال سان روا رکيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com