سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :3

شيخ اياز

هلي آ ته اڄ راتِ پُوري نه ٿي!

ڪهاڻي اِئين ئي اَڌوري نه ٿي!

 

چوين ٿو مِلي آهه مون شاعري!

اِئين ڪيئن جي سيجَ سُوري نه ٿي!

 

تماچي اچي ڪيئن ڪينجهر ڪَنڌيءَ،

جڏهن گندري ڪابه  نوري نه ٿي؟

 

اُتر جي هوا ۽ جهڪي باهڙي،

پرين شال هي رات پورِي نه ٿي!

 

اڙي چنڊ اُلهين مَتان اُڀَ مان،

سدا لاءِ هُن ساڻ دورِي نه ٿي!

 

اڃا سڪَ ٻَر ٻَر ٻَري ٿي ”اياز“

محبت ٿئي پر پر اڌورِي نه ٿي!

*

نجمه پنهور

جيڏل شال جڙي رهين!

سرتين کي صلاح آهي ته هِن نموني جون رپورٽون، پنهنجي رسالي ”سرتيون“ لاءِ لکي موڪلين، تصويرن سميت ته اسان شايع ڪنداسين:

-ادارو

12 نومبر 92ع خميس جي سُرهي شام منهنجي پياري سرتي ثمينه ميمڻ سُندر لاڏي ٿيڻي هئي، مان به ڪيترن ڏينهن کان وهانءُ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهي هئس، آخر ڀائرن کي منٿ ميڙ ڪري تيار ڪيم ته موري وٺي هلو، (ڇو ته وهانءُ اُتي ٿيڻو هو) پري جو پنڌ؛ ڪيترو سوير نڪرڻ جي ڪوشش ڪئيسين تڏهن به چڱي دير ٿي وئي. ڪاري ور وارڪا ڏيندڙ چوٽيءَ وانگر رستو اُن تي ڊوڙندڙ موٽرون، بسون ۽ جيپون ”مورو“ شهر الائجي ڇو مون کي ڏاڍو عجيب ۽ رومانٽڪ لڳو. مان گهر پهچڻ سان پهرين ته سڀني کي هڪ منٽ لاءِ بيهي ڏٺو ته ڪهڙيون ڪهڙيون سرتيون پهچي چڪيون آهن. سڀني سان ملڻ کانپوءِ جيئن ثمينه سان ڀاڪر پائي مليس، ته سندس مرڪندڙ چهري تي هلڪي ڪاوڙ هئي ڇو ته مان به دير سان پهتي هئس، ثمينه جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل ٿيندو ويو، جيئن جيئن بهار ويجهي ايندي آهي، ته سڀ رنگ رچندا ويندا آهن، ثمينه جي زندگيءَ ۾ بهار اچي وئي، سندس هر گهڙي ۾ زندگي هئي، ڪٿي وڄ ٿي وراڪا ڏنا، ڪٿي حياتي جي هن جوڙي مٿان خوشبوءَ جي ورکا ٿي ڪئي ويئي.

مون سندس اَکيو هٽائيندي چيو، ”ڇوڪري هي ڇا کڻي پاتو اٿئي.“ تنهن تي ثمينه جي ڀيڻ ٻڌايو ته اِها رسم آهي ونهه جي. هن رسم ۾ ڇوڪري ست ڏينهن اهو اَکيو جيڪو ڳاڙهي ٽڪر جو ٺهيل هوندو آهي ۽ جنهن تي ٻه ڏسڻ لاءِ اکيون هونديون آهن، پائبو آهي ۽ لاهڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هوندي آهي، مون سندس ٻانڌڻي جي پوتي ٺاهي ۽ چپن تي بي اختيار ٻول تري آيا:-

جيڏل شال جڙي رهين!

ثمينه ڪمپيوٽر تي پنهنجون نازڪ آڱريون هلائيندي ۽ هينئر ڪنوار جي روپ ۾ ڏاڍي وڻندڙ ۽ پياري لڳي رهي هئي.

اسان جي سمورين سرتين جو قافلو، سندس خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهچي چڪو هو، ۽ سَهرن ڳائڻ ۽ جهُمريون هڻڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ پوريون هوسين، واقعي ڪيڏو مزو ٿي آيو، هِيڏيون سرتيون گڏ هجن ۽ ڌماچوڪڙي متل نه هجي ائين ڪيئن ممڪن آهي. جڏهن گهڻو هُل مچايوسين ته ثمينه جي امان سمجهائيندي چيو، ڇوڪريون نياڻيءَ جي وهانءَ ۾ ايترو گهڻو خوش ناهي ٿيبو ۽ سهرا ڪونه چئبا آهن! پاڻهي گهوٽيتا ساٺ سؤڻ ڪندا توهين ماٺ ڪري ويهو، تنهن تي ناهيد رڙ ڪندي چيو، امان اُهو زمانو ويو، جڏهن نياڻيءَ جي گهر ۾ خوشيون ڪونه ٿينديون هُيون، هن وقت ته ڪنهن نياڻيءَ جو بار لٿو ته ڄڻ مائٽن سُک پاتو. ناهيد جملو چئي بس ڪيو ته، امان چوڻ لڳي ته چئو ته سچي ٿيون. امان سڀني کي دعائون ڪندي چيو الله ڪندو سڀني جا ڀاڳ ڀلا ٿيندا. منهنجي ثمينه جي پويان!

نڪاح کانپوءِ مبارڪن جي آوازن ۾ ويڙهجي، سيڙهجي، ثمينه شرمائيندڙ ڪنوار بڻجي چڪي هئي، سندس منهن تي هڪ نه ختم ٿيندڙ طويل مرڪ هئي، مون کي اُن مرڪ ۾ الائي ڇو ڪئين رنگ نظر آيا، چوڌاري ڳيچن جو سريلو آواز ۽ سرتين جا مليل جليل ٽهڪ ۽ چرچا ماحول کي وڌيڪ مُعطر ۽ وڻندڙ بنائي رهيا هئا، ڇوڪريون مختلف رنگن جي سُهڻن ڪپڙن ۾ حورون لڳي رهيون هيون، واقعي ماحول طلسماتي ٿي پيو هو!

سڄي رات رسمن جي حوالي هئي، موڪلائڻ مهل هي ڳيچ فضا ۾ ٻُريو ته هڪ عجيب، منظر ڏسڻ ۾ آيو، چپن تي ڳيچ جا سُر هئا ۽ اکين ۾ لڙڪ- خوشيءَ جالُڙڪ:

لاهي ڪڙولو ڪوٽ جو

اسين مومل نينداسين

اسين تِل نه ترسنداسين.

*

 

شگفته شاهه

بُک ۽ اديب

هُو!...... جيڪو هڪ اديب هئڻ سان گڏ ”وڏو ماڻهو“ به آهي جنهن کي اديبن جي سٿ جا ڪيترائي اديب ”برک اديب“، ”ديس جو هڏ ڏوکي اديب“، ”وطن جو نمائنده اديب“ ۽ ٻين انيڪ لقبن سان سڏيندا آهن.... هن غربت، افلاس ۽ عام ماڻهوءَ جي ڏکن سکن تي بيشمار ”ادبي شاهڪار“ تخليق ڪيا آهن..... پر هُو پاڻ شهر جي هڪ اعليٰ سوسائٽي يعني ”وڏن ماڻهن“ جي علائقي ۾ رهندڙ آهي..... هڪ ڀيري جڏهن سندس هڪ ”فارينر“ (پرڏيهي) دوست وٽس گهمڻ آيو هو ته کين عاليشان ڪار ۾ وٺي هُو پنهنجي ”اعليٰ سوسائٽي“ سان لاڳو ”غريبن جي بستي“ وٽان لنگهيو هو ته سندس دوست اتي گاڏي بيهاري غريبن جي ڏکوئيندڙ رهڻي ڪهڻيءَ کي ڏسي کيس چيو:

”توهان جهڙا وڏا ماڻهو هنن غريبن جي مدد ۽ واهر لاءِ اڳتي ڇو نه ايندا آهن.....ڏسو......هيڏي وڏي ماڻهن جي علائقي ڀرسان غريب بنيادي ضرورتن کان به محروم آهي ۽ توهان سڀ خاموش.....!؟!“

.......؟ پوءِ هن ڪار مان لهي سندس ملڪ جي هڪ تمام وڏي نڪرندڙ مشهور رسالي (مئگزين) لاءِ هڪ اهم رپورٽ لکي جنهن جو عنوان ‘Pollution, poverty and third world’ (آلودگي، غربت ۽ ٽين دنيا) هو ان لاءِ پنهنجي ڪيئمرا سان بي شمار تصويرون ڪڍيون هيون ان مهل ئي ان اديب انهن ”غريبن“ جو حساب ڪتاب صاف ڪرڻ لاءِ سوچي ورتو هو ۽ ترت پنهنجي پرڏيهي دوست کي ايئر پورٽ تي ڇڏي موٽڻ کانپوءِ انتظاميا جي ”وڏن ماڻهن“ کي شڪايت ڪئي هئي ته غريبن جي بستي اتي غير قانوني. ۽ ”وڏن ماڻهن“ جي علائقي لاءِ ”آلودگي“ جو سبب هئي ۽ وڏي ڳالهه ته Low standered (گهٽ درجي واري) هئي، جنهن ڪري ترت ئي انتظاميا جا پگهاردار ان وسنديءَ جي ماڻهن کان اتان تڙڻ لاءِ اچي ويا .... ان ڏينهن ئي هن ”اديب“ جو ٽيليويزن تي هڪ ”ادبي پروگرام“ ۾ انٽرويو رڪارڊ ٿيڻو هو......... ۽ جيئن ئي سندس چلڪڻي ڪار سندس وڏي عاليشان بنگلي جي گيٽ مان نڪتي ته ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ ڊرائيور گاڏيءَ کي اوچتو بريڪ هنيو....... ڀرسان ”غريبن جي وستي“ ۾ گوڙ متل هو ۽ انتظاميا جي پگهاردارن ۽ غريبن وچ ۾ وستي خالي ڪرڻ تي ڇڪتاڻ متل هئي..... اوچتو هڪ ”پگهاردار“ جو زوردار ”ڏنڊو“ کائي هڪ ضعيف  شخص ”اديب“ جي ڪار جي اڳيان اچي ڪريو هو ۽ سندس مٿي مان رت نڪري رهيو هو اديب جي پڇڻ تي هڪ ”پگهاردار“ چيو هو:

”ڪا خاص ڳالهه ناهي سَر!...... ڪجهه ئي، دير ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ بستي خالي ٿي ويندي...... سڀني کان گهڻو گوڙ هي پوڙهو ڪري رهيو هو ۽ چوي ٿو ته اسين هيءَ بستي ڇو  خالي ڪريون؟ هيءَ زمين ته پيڙهين کان اسان جي آهي. غاصب ته اهي وڏا ماڻهو آهن جن اسان جهڙن ڪيترن جون هتان زمينون ڦٻائي ۽ پَکا پٽائي هي محل ماڙيون ٺهرايون آهن...... پرسر! ڏنڊي کائڻ کانپوءِ اُميد ته هن پوڙهي جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو...... اوهان وڃو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو..... اهو چئي ”پگهاردار“ بي درديءَ سان پوڙهي کي ٽنگ کان پڪڙي روڊ جي ڪناري تي ڦٽو ڪيو ۽ ”برک اديب“ جي ڪار چيڪاٽ ڪندي تکي هلي وئي...... اڳتي هلي سگنل تي ڪار بيٺي ته هڪ فقيرياڻي فٽ پاٽ تي ويٺل هئي. سندس ڪڇ تي هڪ اڌ اگهاڙو ٻار هو جنهن جو پيٽ بک ڪري وڃي پُٺي سان لڳو هو.......فقيرياڻي کيس ڏسي صدا هنئي ”سائين! الله جي نالي ڪجهه پئسا ڏي ته هن معصوم کي ڪجهه کارايان جيڪو گهڙيءَ پَل جو مهمان آهي......“

”نان سنيس!....... هنن ماڻهن ته جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي...... ڊرائيور جلدي هل......“ اديب ڪروڌ مان ڪار جو شيشو چاڙهيندي چيو........ ۽ پوءِ ”ادبي پروگرام“ ۾ کانئس انٽرويو وٺڻ دوران سڀني کان آخر ۾ جڏهن کانئس سندس وڏي کان وڏي خواهش بابت پڇيو ويو هو ته هن ٿڌو ساهه کڻي ۽ ڏاڍي ڏک سان چيو هو:

”جڏهن مرڻ کانپوءِ آئون قبر ۾ دفن ٿي مٽيءَ سان ملي مٿي ٿي ويندس ته اها مٽي منهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندي، ڪاش!! جيڪڏهن منهنجي ان مٽيءَ مان ڪو ڪڻڪ جو هڪ ٻوٽو پيدا ٿئي ۽ اهو سَلو هڪ سنگ ئي ڪڍي جنهن کي منهنجي  وطن جو ڪو ”ڏڪاريل“ هڪ ئي ڄڻو کائي پيٽ ڀري ته آئون سمجهندس ته مون پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجي ماڻهن ۽ وطن جو تِر جيترو ئي سهي پر ڪجهه ته قرض لاٿو.....“

انهن جملن تي ڪمپيئرز توڙي آڊينس ۾ ”واهه واهه“ مچي وئي هئي ۽ اهو پروگرام نشر ٿيڻ کانپوءِ ته ڪيترن ئي اديبن ۾ به ”واهه واهه“ ٿي وئي هئي ۽ ڪجهه اديبن ته سندس آخري خواهش وارن لفظن کي ”لافاني“ هئڻ جو درجو ڏنو هو ۽ سندس اهي لفظ ڪيترن ڪهاڻين ۾ Quote ڪيا ويا، مثالن ۾ ڏنا ويا، ڪتابن ۾ لکيا ويا....... پر......شايد........ ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته اهو انٽرويو ڏئي جڏهن هو پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۾ موٽيو هو ته ساڳي فٽ پاٿ تي هن جي نگاهه ان ئي فقيرياڻيءَ تي پئي هئي...... سندس ڏٻرو، ڪارو ۽ ڏرا ڏنل اکين ۽ پُٺيءَ لڳل پيٽ وارو ٻار مري چڪو هو ۽ سندس ڪڇ ۾ وات کوليو پيو هو..... هن جي کليل وات تي مکين جا ميڙ هئا..... سندس بي جان اکيون سندس ماءُ جي چهري ڏانهن نهاري کانئس انيڪ سوال پڇي رهيون هيون...... ۽ سندس ماءُ وري آهستي آهستي گڏ ٿيندڙ ماڻهن ڏانهن هر هر ڏسي ڄڻ هر ڪنهن کان انيڪ سوال پڇي رهي هئي ۽ ..... هن اديب نفرت سان هنن ڏانهن ڏسي وري منهن ڦيري چيو هو:-

”نان سينس!.......ڊرائيور!.......ڪار کي جلدي هتان ڪڍ.....“

*

 

شگفته شاهه

ڪوئل

نما شام

هيءَ تنها تنها ڪوئل

وڻ جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي اُڏري

ڪنهن کي آخر ڳولهي ٿي؟!

من جي اونهاين مان

ڪيڏي پيڙا مان

ڪُوڪُو ڪُوڪي ٿي

ٻول مٺا هيءَ ٻولي ٿي

ڇو ٿي منهنجي جيون جي

ماٺي جَر ۾

يادن جو ڪو پٿر اڇلي

دردن جي راهن ۾ رولي ٿي

بهار رُت جي نينڍ ڏئي ٿي

يا ته سنيهو ساوڻ جو

يا ته...... وري......پوءِ.....

دَري خزان جي کولي ٿي

ڇو ٿي رولي ايڏو......!!!!؟؟؟

تڙپي ٿي تڙپائي ٿي

ڪو گيت اهڙو ڳائي ٿي.

*


 

 

شگفته شاهه

وائي

رڳو انا جي تسڪين خاطر

ارمانن جو خون ٿي ويو

                        هي ڇا ٿي ويو.....!!؟؟

محبتن جي شهر ۾ اڄ

دونهون نفرتن جو ڀرجي ويو

                هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

ٻاٽ اونداهه ۾ جرڪندڙ

آخري ڏيئو پڻ اُجهي ويو

                        هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

هُو شخص جو اجنبي هو

دل ۾ منهنجي پيهي ويو

                        هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

منهنجي ملڻ ۽ وڇڙڻ کانپوءِ

هو شخص شاعر بڻجي ويو

                        هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

اُميد ته هئي درگذر جي مگر

الزام هڪ ٻيو مون تي لڳي ويو

                        هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

انتظار ڪندي ڪندي نيٺ

دروازو دل جو بند ٿي ويو

                                هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

هُو جيڪو دشمن جان هو

اڳواڻ سوئي منهنجو بڻجي ويو

                        هي ڇا ٿي ويو....!!؟؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

جڏهن گندري ڪابه  نوري نه ٿي؟