ادارا
مجيد پنهور (رپورٽ)
سيڪريٽري جنرل (سڄڻ)
سڄڻ (سنڌ جرنلسٽ نيٽ ورڪ فار چلڊرين)
سنڌ جرنلسٽس نيٽ ورڪ فار چلڊرين (سڄڻ) جولاءِ 1991ع ۾ قائم ڪيو
ويو. هيءَ تنظيم جنهن جو مخفف ”سڄڻ“ آهي، سنڌ جي
ٻارن جي ترقي، واڌاري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ
جوڙي ويئي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا صحافي پنهنجي قلم
سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ رهندڙ /پلجندڙ معصوم
ٻارڙا غربت، افلاس ۽ معاشري جي اڻبرابريءَ واري
اڍنگن اصولن جي چڪيءَ ۾ پيسبا رهن ٿا. انهن ٻارڙن
۾ خاص طور نياڻيون- جن کي انهن علائقن ۾ پُٽ کان
گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي. سڄڻ تنظيم ٻارن جي ڀلائي
۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ عالمي اداري يونيسيف طرفان
پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۽ شعبه ابلاغه عامه،
سنڌ يونيورسٽي طرفان جولاءِ 1991ع ۾ ڪوٺايل ورڪشاپ
۾ ٺاهي ويئي، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان اٽڪل 30 صحافين
شرڪت ڪئي.
”سڄڻ“ هڪ عام ۽ سڌو سنئون اچار آهي. محبت ۽ پنهنجائپ پيدا ڪندڙ
لفظ آهي. اهڙي ئي طرح سڄڻ جا سڀ ساٿي، سنڌ ۾ سنڌ
جي ٻارڙن خاص طور نياڻين جي حقن جي مڃتا ۽ حفاظت
لاءِ سرگرم عمل آهن.
سڄڻ جا مول متا
“Child First”
”پهرين ٻار“ جي نعري سان هيٺين ريت ڪم رڪي رهي
آهي.
اغراض و مقاصد:
1-ٻارن جي جياپي، سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه جي باري ۾ گڏيل قومن جي
عالمي پڌرنامي پٽاندر، ٻارن جي حقن کي ترقي وٺرائڻ
۽ جدوجهد ڪرڻ.
2- سُڌ سماءَ ۽ سماجي عمل ذريعي ”اول ٻار“ جي نظرئي کي وڌائڻ.
3- ٻارن ۽ مائرن جي ڀلائيءَ لاءِ ادب کي ڇپائڻ ۽ ڦهلائڻ.
4- ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه لاءِ معلوماتي ۽ تفريحي
پروگرامن جو انتظام ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ.
5- قومي توڙي بين القوامي سطح جي پروگرامن ۽ موقعن تي سنڌ جي
ٻارن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ.
6- ٻارن جي ادب کي همٿائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ، ٻارن ۽ مائرن جي لاءِ
تخيلق ڪيل انتخاب ڇپيل (يا) آڊيو- وڊيو مواد تي
انعام ڏيڻ.
7- ٻارن ۽ مائرن جي مفاد لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين انجمنن ۽ تنظيمن کي
همٿائڻ ۽ ساڻن سهڪار ڪرڻ.
8- ٻارن ۽ مائرن جي حقن جي ڏس ۾ سنڌ جي صحافين ۽ سُڌ سماءَ جي
ماڻهن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ.
سڄڻ جون سرگرميون:
سڄڻ پنهنجون باقاعدي سرگرميون 27 اپريل 1992ع تي حيدرآباد ۾
”ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ صحافين جو ڪردار“ جي موضوع
تي سيمينار منعقد ڪرائڻ سان شروع ڪيون، جنهن ۾ سنڌ
جي نامور صحافين ۽ ٻارڙن جي تنظيمن سان وابسته اهم
شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ ٻارڙن جي مسئلن تي روشني وڌي.
ان ئي سال آڪٽوبر ۾ چئن ڏينهن جو ”ٻارن جي حقن
لاءِ سماجي تحرڪ“ جي حوالي سان هڪ ورڪشاپ هوٽل
فٽاز ۾ ٿيو. جنهن ۾ سڄي سنڌ جي صحافين ڀرپور حصو
ورتو ۽ ٻارڙن جي حقن جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽
سماجي تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ تجويزون ۽ رايا ڏنا.
ورڪشاپ جي آخري ڏينهن تي صحافين حيدرآباد جي
ڀرپاسي جي ٻهراڙين جي اسڪولن کي سروي ڪيو.
سڄڻ طرفان 1993ع کان سنڌ ۾ ٻارن جي مسئلن تي سروي شروع ڪيو ويو
آهي.
سڄڻ سان سهڪار ڪندڙ ادارا
”سڄڻ جا بنيادي ميمبر ۽ عهديدار، شعبه ابلاغه عامه، سنڌ
يونيورسٽي، پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۽ ٻارن جي
حقن جو محافظ ادارو يونيسيف.
*
شازيه شيخ
رمز روح جي
ڏک ڇاهي؟ شايد! پنهنجي مادي وجود جي هجڻ جو احساس، انسان جو
پنهنجو پاڻ سان پيار، خود پرستي ۽ ماديت پسندي ئي
دراصل اسان جي تمام ظاهري ڏکن جي جڙ آهن، جيڪي اڄ
جي انسان جي ڪردار جا جُزَ ٿي ويا آهن ۽ جڏهن هن
جيون مادي خواهشون اڻپوريون رهجي وڃن ٿيون ته هو
پنهنجو پاڻ کي مظلوم سمجهي پاڻ تي رحم کائڻ شروع
ڪري ڇڏي ٿو. هو دنيا جي واچوڙي ۾ ائين وڪوڙجي ويو
آهي جو هن کان هن جو اصل، هن جو اندر، هن جو روح
وسري ويو آهي. اهو روح جيڪو هن جي وجود جي هجڻ جو
ڪارڻ آهي، اڃايل ئي رهجي وڃي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي
ته انسان هميشھ اڃايل ئي رهجي ٿو. توڙي ڪيتري به
جاکوڙ ڪري. سڀ بيڪار آهي. ڇو ته انسان جي وجود جي
اندر جي جيڪا دنيا آهي. ان ۾ ئي انسان جي منزل
لڪيل آهي. جنهن شيءِ جي تلاش ۾ انسان ازل کان رهيو
آهي يعني خوشي ۽ سڪون سي ته هن جي اندر ۾ ئي موجود
آهن ٻاهر ته ڪجهه به ناهي. ٿورو بس پنهنجو پاڻ
ڏانهن موٽ کائڻي آهي. ڀٽيڪل انسان جو وجود آهي،
روح نه. فقط پنهنجي ظاهري وجود جي نفي ڪري ڏسجي ته
سڀئي منزلون هڪ هڪ ڪري آڏو اچي بيهنديون، اسان کي
ته ٻه قدم هلڻ جي ضرورت نه پوندي.
رڳو خواهش جي غلامي مان پاڻ کي آزاد ڪجي. انهن کي پنهنجو غلام
بڻائجي ته سڄي بادشاهي پنهجي آهي.
جڏهن اسان جو ڪنهن سان نيهن جو ناتو جُڙي ٿو. ته اهو ظاهري
وجودن جو هڪ ٻئي سان ڳنڍجڻ ناهي. رشتا پنهنجي سر
ڪا به معنيٰ نٿا رکن ظاهري سطح تي. جيستائين روح
پاڻ ۾ نٿا ڳنڍجن. پيار ۾ جيڪڏهن مادي وجود جو تصور
وچ ۾ آهي، ته پوءِ اهو پيار نه پر خواهش آهي ۽ اتي
ئي انسان ڀُلجي پوي ٿو. ڀٽڪي پوي ٿو. اهو خواهش جي
ڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ روح ائين ئي اڃايل رهن ٿا.
اها خواهش ئي آهي جيڪا انسان کي زمين جي محدود ٽڪري تي قيد ڪيو
ڇڏي، ان کان آزادي انسان جي روح کي بي وسعت آسمانن
ڏانهن کڻي وڃي ٿي.
دنيا ته فقط سڪل ڪک پن آهي ۽ ان ڍير مان اسان پيار، سڪون
آزاديءَ جهڙيون قيمتي شيون ويٺا ڳولهيون ۽ وقت
وڃايون. پنهنجي پلاند ڏانهن نهار ڇو نه ٿا ڪيون،
جنهن ۾ سڀ ڪجهه ٻڌل رهجي ويو آهي! ان ڳنڍ کي ڇو نه
ٿا کوليون. انسان جو وجود ته ٺهيل ئي پيار جي
مٽيءَ مان آهي.
*
سڪينه ميرجت
نظم
منهنجي سڃاڻپ
پڇي ٿو منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ
مون کان ڏور ۽ اوپرا ڄڻ
سنڌو جا ٻئي ڪَپ
مون لاءِ ڌُٻڻ ٿي پئي آ
تنهنجي غلطين جي گَپَ
زبان ته آهي پر چُپ سڳي سان
سبيل ٻئي چَپَ
حواسن جا هٿيار ساٿي
ڪين اياڻپ جي کَپَ
منهنجي سڃاڻپ
پڇي ٿو منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ
ثمينه سانڊاڻو
سِٽون
اڄ هُو مليو، بلڪل ڌارين وانگر،
ڪيڏو فاصلو هو، زمين، تارن وانگر،
تنهنجي پيار جي، پياسي آهيان صنم، ٿرين وانگر
ثمينه خاموش آ، مقام ۾ قبرن وانگر-
زيبا ڏيرو
رات جي اڪيلائي ۾
رات جي اڪيلائي ۾ روئڻ ڏاڍو عجيب لڳو
اندر منجهه سڏڪن جو سڏڪڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
ڏکن سان جيئندي جيئندي ويو آ کلڻ وسري،
ٽهڪن سان ٽهڪ به ڏيڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
زندگيءَ جي ويران رستن تي تو کانسواءِ،
ڪنڊن تي هاڻي هلڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
نه ڇِرڪي ڪو اکيون ڳاڙهيون منهنجيون ڏسي،
اکين ۾ ڳوڙهن جو اچڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
مون کي ڪوبه ماڻهو زيبا مليو ٿي جڏهن،
ان کان تنهنجو نانءُ پڇڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
*
تعارف: حسينه آزاد
ڊاڪٽر ياسمين شيخ تاريخ 19 نومبر 1992ع تي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري
وئي.
انا للهِ وانا عليھ راجعون
سندس جنم 21 اپريل 1966ع ۾ تعلقي هالا ۾ ٿيو. پرائمري تعليم
ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين ۽
سيڪنڊري تعليم اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي، انٽر
سائنس گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ڪراچي ۽ ايم. بي.
بي ايس جي ڊگري 1992ع سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل
ڪيائين.
ياسمين، اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني ۾ عام معلومات جي چٽا ڀيٽي ۽
مباحثن ۾ حصو وٺندي رهي ۽ انعام پڻ حاصل ڪيائين.
لکڻين ۾ ڪجهه شاعري ۽ مضمون پڻ لکيائين.
ياسمين، ڊاڪٽر سليمان شيخ جي نياڻي آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به
تعارف جو محتاج ناهي. سندس سماجي سرگرميون ڪنهن
کان به لڪل نه آهن. ”سگا“ سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن تنظيم جيڪا هر وقت سنڌ جي خوشحاليءَ
لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پاڻ انهيءَ تنظيم جا رهنما
پڻ آهن. سندس وڏي ڌيءَ ياسمين پڻ پنهنجي پيءُ
وانگر کِلمُک، هڏڏوکي هر ڪنهن سان همدردي ڪندڙ،
ڪنهن کي به ڏکيو ڏسي پاڻ پريشان ٿي وڃڻ، سڀ
ڳالهيون هُن کي پنهنجي پيءُ کان ئي مليون هيون.
ياسمين کي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري 1992ع ۾ ملي ۽ شادي به
انهيءَ سال ٿي. زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جا ٻه موڙ هڪ
ئي وقت ۾، ڪيڏي نه ڀاڳن واري هئي ياسمين، پر
....... ياسمين نظر جي پئي اوچتو، جڏهن خوشيون هُن
وٽ جهول ڀري آيون ۽ پاڻ زندگيءَ کي سمجهڻ لڳي جڏهن
۽ پنهنجي خوشين کي سنڀالڻ ۾ لڳل هئي تڏهن زندگيءَ
هُن سان ايڏو ڀيانڪ مذاق ڪيو جو هوءَ هميشھ لاءِ
هڪ پل ۾ سڀني کي ڇڏي هلي وئي، ڪنهن به نه سوچيو
هئو ته هينئر ياسمين سان اسان جي آخري ملاقات
هوندي ۽ ايڏي وڏي حادثي جو شڪار ٿي ائين هلي
ويندي، ڪنهن سوچيو هئو! ڪنهن به ته نه. ها هلڻو ته
هر ڪنهن کي آ پر ڪنهن جو سڀاءُ، ڪنهن جي معصوميت
ڪنهن جي ٻاجهه واري طبيعت ڪيڏي نه من کي وڻندي آهي
۽ جڏهن اهي اسان کان وڇڙي ويندا آهن ته انهن جي
ياد هميشھ دلين ۾ رهجي ويندي آ. ياسمين به اسان جي
اهڙي ئي سرتي آهي، جنهن کي اسين ويرَ به وساري نه
سگهنديونسين!
* * *
|