ڊاڪٽر صاحب چيو ته ”ها منهنجو ٻڌل آهي. اهو پنهنجي
دور جو هڪ مشهور ڪلام آهي.“ مخدوم صاحب، ڊاڪٽر
صاحب کان پڇيو ”ان ڪلام جي شاعر کي سڃاڻو؟“
ڊاڪٽر صاحب جو جواب ”نه“ ۾ هو.
تڏهن مخدوم صاحب پنهنجي کاٻي هٿ سان، هڪ شخص ڏانهن
اشارو ڪندي چيو ”ان ڪلام جو شاعر اجهو هُو
ويٺو اٿوَ!“ لانڍيءَ ۾ ويٺل هر شخص جون اکيون اُن
شخص تي وڃي کُتيون.
مون ڏٺو ته اُهو هڪ نماڻو سادن ڪپڙن وارو شخص هو،
جيڪو ان سُريلي ڪلام جو شاعر هو، جنهن ڪلام کي مان اڪثر جُهونگاريندو
آهيان، پر ان ڪلام جو رڳو ٿل ئي مون کي ياد آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به پڙهندڙ کي اهو پنهنجي وقت جو مشهور
ڪلام ياد آهي ۽ ان جي شاعر جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ
آهي ته مهرباني ڪري اسان ڏانهن ڏياري موڪلي ته
جيئن اُن کي ڇپي ٻين تائين به پهچائي سگهون.
ماڻڪ، موتي، لال جي سري هيٺ توهين به پنهنجون
ساروڻيون ٻين سان ونڊڻ ورهائڻ چاهيو ته ڄڻ پنهنجو
فرض پورو ڪندؤ ۽ انهن کي ڇاپڻ اسان جو فرض آهي.
زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي اهم هستين سان ملاقات هڪ
يادگار واقعو هوندو آهي. اهڙين هستين ڪنهن به هنر
يا فن ۾ ڪو خاص ڪم ڪيو آهي ۽ اهو اسان جي علم ۾
آهي، ته اهڙي ڳڻ کي ضرور ڳائڻ گهرجي. __ ادارو
طيبه سهارڻ
ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي الوداعي پارٽيءَ لاءِ شعر
الوداع اي دوستو!
الوداع اي ساٿيو!
زندگي جاکوڙَ جو نالو اٿوَ منهنجي مڃو،
ڪاميابي هم قدم هوندي اوهان سان جت وڃو،
منزلون آهن اوهان جي لئه وڌو، اڳتي وڌو،
الوداع اي ساٿيو!
الوداع اي دوستو!
روشني تعليم جو نالو اٿوَ منهنجي مڃو،
سوڀ جا ۽ فتح جا گُل
رنگ جهنڊا ٿي وڃو،
الوداع اي ساٿيو!
الوداع اي دوستو!
بندگي بسِ خلق جي خدمت اٿوَ منهنجي مڃو،
ڪامران جڳَ ۾ رُڳو محنت اٿوَ منهنجي مڃو،
جت رهو تت خوش رهو
الوداع اي ساٿيو!
الوداع اي دوستو!
قسط: 2
مينديءَ رتا هٿڙا
ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ
جي ڪا ضرورت ناهي، ڊاڪٽر ٿي پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ ئي
ڏاهي ۽ سياڻي ٿي سمجهين.
زينيءَ چيو ”صوفي الائي تون يقين ڪرين يا نه، پر
مون کي عجيب ۽ خوفناڪ قسم جون سوچون تنگ ٿيون ڪن ۽
ان کان پوءِ هڪڙو خوف طاري ٿيو وڃي، حالانڪ مٽ
مائٽ يقين ٿا ڏيارين ته شاهد بيحد شائسته، شريف ۽
سمجهو آهي، پر خبر ناهي مون سان ائين ڇو ٿو ٿئي،
خواب به ڊپ جهڙا ٿي ڏسان، ڪڏهن ڏسان ٿي ته هڪ
خطرناڪ جهنگل ۾ ڀٽڪان پئي ڪو رستو ڪا راهه نظر نه
ٿي اچي، ڪڏهن وري ڏسان ٿي ته ڪنهن گهَرِي
کاهيءَ ۾ ڪري پئي آهيان ۽ مدد لاءِ رڙيون پئي
ڪريان.“
اڌ ۾ ڳالهه ڪٽي چيومانس، زيني هاڻ چپ ڪر... ان
ڪري ڇوڪرين کي گهڻو نه پڙهائجي، ڪجهه گهڻيون ئي
سوچ واريون ٿيو وڃن“ ۽ ها هاڻي شاديءَ جون زور شور
سان تياريون شروع ڪر ۽ ها هيءَ بندي هر خدمت لاءِ
تيار آهي. ها، ڪپڙا روايتي قسم جا ٺهرائجانءِ. اُتي جي دعوت ۾ سنڌي ڀرتن ۽ اجرڪ پرنٽس کي ڏاڍو ساراهيندا
آهن. هلڪا سونا ڪندن جي ڪم جا زيور ٺهرائجانءِ،
بس زيني، هاڻي چهري کي خوشگوار ٺاهه، هي سڄيل ۽ پُرسوز تاثر ختم ڪر، زيني زور سان ٽهڪ ڏنو ۽ چيو:
”ها، صوفي ته تو منهنجي
سٺي ٿيراپي ڪئي آهي. صوفي، سٺي سَکي
به ڪيڏي وڏي نعمت آهي ۽ ها... تون به ته سهڻا ڪپڙا
سبراءِ نه. شاهد سان تنهنجو تعارف به ڪرايان!؟
هيءَ آهي منهنجي اسمارٽ پياري دل واري دوستِ
”صوفيه“. زيني اٿي هلي وئي. هن جي شاديءَ ۾ اسين
ڏاڍا خوش هئاسين. شاهد شڪل جو ته مناسب هو، البته
رعبدار شخصيت وارو هو. زيني ايڏي سهڻي ڪنوار ٺهي
جو نظر نه پئي هٽي. سچ پچ ان وقت مان سوچيان پئي
ته زينيءَ ايترو حسن ۽ روپ ڇو ڪڍيو آهي!؟ الله نظر
کان بچائيس ۽ آسودي ۽ خوشگوار ازدواجي زندگي عطا
ڪريس. زيني سڄو وقت منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ مون کي
ڀرسان ويهاريو ويٺي هئي. گهوٽ يعني شاهد کي رڳو
پندرهن ڏينهن رهڻو هو، انڪري سڀني جلدي دعوتن جا
سانباها ڪيا. ساهرن ۽ پيڪن ڏاڍي محبت ۽ اهتمام سان
دعوتون ڪيون. گهوٽ ڪنوار خوش هئا. شاهد واپسيءَ جي
ٽڪيٽ سان آيو هو. پندرهن ڏينهن جلدي گذري ويا.
شاهد، واپس وڃڻ جي تياري شروع ڪئي. زيني ڪافي اداس
پئي لڳي. شاهد جي پيار ۽ محبت هن کي پنهنجي الفت ۽
اُنسيت ۾ جڪڙي ڇڏيو هو.
شاهد، زينيءَ کي ٻن مهينن کان پوءِ گهرائڻ جو وعدو
ڪيو، اهي ٻه مهينا هن کي ڄڻ ٻه صديون پئي محسوس
ٿيون. هڪ دفعي مون کي چيائين:
”صوفي - هي ٻه مهينا ته ڏاڍا ڏکيا گذرندا.“
”مون کلي چيو ”هون!! ته اسين هاڻي پرايا ٿي
وياسين، نئون اجنبي ماڻهو آيو ته اسين پراڻا دوست،
مٽ مائٽ سڀ وسري وياسين، ۽ ها - هاڻي ڀلا محترمه
کي اسان سان مزو ڪٿي ايندو، محبوب جو ملي ويو!!
هن ڪاوڙ مان چيو ”صوفي! توهان سڀني جي رضامنديءَ ۽
صلاح مصلحت سان ته شادي ڪيم، هاڻ اڳيان زندگي ته
انهيءَ سان ئي گذارڻي آهي نه. پندرهن ڏينهن ۾ مان
هن جي صحبت ۽ ساٿ جي عادي ٿي ويس. وري مون کي يا
ته ملازمت ۾ يا وري اڪيلي زندگي گذارڻي پوندي.“
”زيني ٻه مهينا ته هوا وانگر گذري ويندا. البته
اسان کي جدائي ڏيئي پاڻ وڃي سائينءَ جي سنگت ۽ ساٿ
۾ رهندينءَ، ٺيڪ آهي نه؟ اسان جون ته آهن
تولاءِ دعائون!!“
شاهد روانو ٿي ويو. زيني مائٽن ۾ ئي رهڻ لڳي، زيني
جي ويزا جو سلسلو شروع ٿي ويو. آسٽريليا جي ويزا،
ڪجهه مشڪل ڪم به هو. ٻن کان ڇهه مهينا گذري ويا.
پوءِ خبر پئي ته
شاهد
جو اسپانسرشپ جو خط پهتو ئي ناهي. هڪ ڏينهن شاهد
جو خط آيو ته ”مان ٽريننگ جي سلسلي ۾ ڇهن مهينن
لاءِ ميلبورن کان پري هڪ ننڍي شهر ۾ ٿو وڃان،
انڪري زيني آرام سان مائٽن وٽ رهي پيئي هجي، جو
هتي اڪيلي ڏکي ٿيندي ۽ نئين ماحول ۽ نئين شهر ۾
اڪيلي عورت جو رهڻ مشڪل آهي. ٽريننگ ختم ٿيڻ کان
پوءِ مان پاڻ پاڪستان اچي زينيءَ کي وٺي ويندس.“
زينيءَ جي زندگيءَ جي ٻيڙي ڄڻ طوفان ۽ آنڌيءَ جي
تيز تند لهرن ۾ گهيرجي ويئي. هن کي ائين محسوس ٿيو
ته اڃان بهارن قدم ئي نه رکيو ته خوفناڪ خزائن هن
جي زندگيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو. هن کي محسوس ٿيڻ
لڳو ته واقعي هن جا خواب سچا هئا. هوءَ جهنگل جي
رڻ ۽ راهن ۾ ۽ پرپيچ پنڌن ۾ ڀٽڪي رهي آهي. هوءَ
عجيب شڪن شُبهن جي زنجيرن ۾ ويڙهجي ويئي. هر وقت هن جي دماغ تي خوفناڪ خدشن
قبضو ڪري ڇڏيو. زيني تمام باذوق، ذهين فهم ۽ عقل
واري هئي. هن جو من ايترو ماندو ۽ منجهيل ڇو هو؟
هوءَ مايوسيءَ ۽ ڏک ۾ ڇو گهريل هئي، ها، شايد
انڪري به جو سندس گهر جو سڄو ماحول اداس ٿي ويو
هو. سندس پيرسن والدين گهٻرائجي ويا هئا ته شاهد،
زينيءَ سان اِهو ڇا پيو ڪري، جڏهن ته ٻاهرين دنيا
اِلاهي
اڳتي وڌيل آهي، اتي جا ننڍا شهر به ڪَشادا، وسيع ۽ ترقيءَ ڪيل آهن، اتي جون عورتون به پاڻ ڀريون ۽
خودمختيار آهن ۽ زيني ته ٻاهرين دنيا جي هر رمز
کان واقف آهي. انگريزيءَ ڳالهائڻ ۾ اتي جي رهڻيءَ
ڪهڻيءَ کان پوري طرح ڄاڻو آهي، وقت گذرندو ويو.
سال ٿي ويو ڪڏهن ڪڏهن شاهد جي مجبورين جا خط ايندا
هئا ۽ هر دفعي هن وٽ ڪونه ڪو جواز هوندو هو، ان وچ
۾ زينيءَ جي صحت ڪرندي ويئي، هن جي خوبصورت چهري
جو رنگ روپ، رونق ۽ تازگي ختم ٿيندي ويئي. سندس
ساهرن ۾ به اُهو پيار نه رهيو هو ۽ نه ڪا همدردي
رهي. آخر زينيءَ جي والد پنهنجي هڪڙي واقفڪار کي
ميلبورن ۾ خط لکيو ته ”مان پنهنجي ڌيءَ کي ميلبورن
موڪليان ٿو، تون هن کي
Sponsor
ڪر ۽ جڏهن زيني اتي پهچي، ته
پنهنجي پراڻيءَ دوستي جي واسطي خاطر فلاڻي ائڊريس
تي خط لکي هن ماڻهو يعني شاهد کي گهرائي زيني ۽
توهان سڀ گڏجي هن کان سبب پڇيو ۽ مهرباني ڪري
منهنجي نياڻيءَ جو گهر ٺاهيو، نه ته هوءَ برباد ۽
بي گهر ٿي ويندي ۽ هن جي معصوم دل ٽٽي پوندي.“
زينيءَ جي بابا جو دوست نيڪ ماڻهو هو، ان اُهو سڀ
ڪجهه ڪيو جيڪو هن کي چيو ويو، جڏهن زيني آسٽريليا
پهتي ته هن پنهنجي گهر رهايس، شاهد جي ائڊريس تي
هن کي آگاهه ڪيو ويو ته اچي محمد يوسف (زينيءَ جي
بابا جي دوست) سان ملي.
زيني عجب اُداسيءَ جي عالم ۾ محَو
هئي. هوءَ خاموش ٿي ويئي هئي، يوسف صاحب، هن کي
پنهنجي ڌيءَ سمجهي هر طرح دلاسو ۽ تسلي ڏني ۽ هن
کي موڊ ۽ مزي ۾ آڻڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي. ميلبورن جو
شهر ۽ هر خوبصورت منظر ۽ مقام ڏيکاريا. پر زينيءَ
جي نظر ۽ نگاهه، هر منظر ۾ شاهد کي پئي ڳوليو. اتي
جا سهڻا ۽ دلڪش منظر ۽ هن کي جهنگل ۽ بيابان پئي
لڳا. هن کي اِهو ئي فڪر هو ته آخر سبب ڪهڙو آهي،
جنهنڪري شاهد اِهو طريقئه ڪار، اِهو وهنوار ۽ اِهو
انداز اختَيار
ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه هن کي نه وڻي آهي ته
اُها سوچ ۽ فڪر اسان تي ظاهر ڪري ها. جڏهن ڪا به
ڳالهه سمجهه م نه ايندي هيس ته خيالن کي دماغ مان
جهٽڪڻ
جي ناڪام ڪوشش ڪندي هئي.
شاهد باوجود ڄاڻڻ جي ته زيني آسٽريليا ۾ پهچي ويئي
آهي، هن سان ملڻ جي ڪا به ڪوشش ڪانه ڪئي. آخرڪار
محمد يوسف هن جي ائڊريس تي گهر هٿ ڪري هن کي
پنهنجي گهر وٺي آيو. زيني، شاهد جي چهري ڏي نهاريو
هن کي شاهد جي چهري تي ڪو به محبت ۽ اُنسيت جو
تاثر نظر نه آيو. هو هڪ بيجان تصوير وانگر بنان
احساس جي زينيءَ جي سامهون بيٺو هو. شايد ماڻهو
پنهنجي ملڪ مان نڪري ٻين ملڪن ۾ وڃي جذبن کان عاري
پٿردل ٿيو وڃن. زينيءَ جي دل ٽٽي پيئي! هن کي شاهد
جي چهري مان هر سوال جو جواب ملي ويو هو، اِها
صورتحال هوءَ ڪيئن برداشت ڪري ها، هوءَ عذاب ۽
اذيت ۾ اچي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، جيڪي گهر ڀاتي اتي
موجود هئا، اُهي به ڏکوئجي ويا. سڀني جي اکين ۾ آب
هو. پر شاهد ته پٿر جيان بي حِس
ٿيو بيٺو رهيو.
زيني بدحواس هئي ۽ انهيءَ عالم ۾ ڊوڙي وڃي ٻئي
ڪمري ۾ دروازو بند ڪري ڇڏيائين.
محمد يوسف جي ڪٽنب جا ڀاتي شاهد سان گڏ موجود
رهيا. محمد يوسف، شاهد کي مخاطب ٿي چيو.
شاهد جواب ڏنو ”سائين تقريباً ڇهه سال ٿيا آهن.“
محمد يوسف صاحب ڏک وارن احساسن سان ڀريو پيو هو. هُو، تجربي ڪار ماڻهو هو، هُو
معاملي جي تهه تائين پهچي چڪو هو، هو ڪافي سالن
کان آسٽريليا جي ميلبورن شهر ۾ رهندڙ هو ۽ هن کي
ٻين ملڪن جي ڇوڪرن جيڪي پڙهڻ اچن ٿا ۽ مختلف حالتن
مان گذرن ٿا، ڪي ته پاڻ کي سنڀاليو وٺن ۽ ڪامياب
زندگيءَ گذارڻ جا اهل ٿين ٿا، پر ڪن جي نفسيات
عجيب اُلجهاؤ ۾ اچيو انهن کي گمراهي ڏانهن گامزن
ڪيو ڇڏي، هُن سمجهيو ته شاهد به اهڙن انسانن ۾ شامل آهي جيڪي تڪليفون سهي ۽
مائٽن کان دوري برداشت ڪري، هاڻ ٻين کي تڪليفون ٿو
ڏئي ۽ جذبن ۽ احساسن کان خالي ٿي چڪو آهي. هن لاءِ
اِهو امر ڪا معنيٰ نه ٿو رکي ته ٿوري عيش خاطر هن
ڪنهن معصوم زندگيءَ کي نيست نابود ڪري ڇڏيو، هن کي
پاڻ سان رکڻ يا هن کي خوشيءَ ڏيڻ جي ڪا گنجائش
ڪانه رکي آهي.
محمد يوسف ٻيو سوال ڪيو ”شاهد تو پي.ايڇ.ڊي
Ph.D
ڪئي آهي. ڪهڙي مضمون تي ڪمَ ۽
تحقيق ڪيوَ؟“
شاهد چيو: ”سائين فزڪس منهنجو پسند جو مضمون آهي،
ان تي ئي ٿيسز لکي آهي، هاڻي نوڪري به ملي آهي.
--- هلندڙ
آتم ڪٿا قسط ”7“
رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
مون هن جي معصوم چهري ڏانهن نهاريو ۽ ڪجهه سوچي رهِي هئس ته خانم جي مڙس اچي هن کي چيو، ”مان هتي سهڪي رهيو آهيان،
سو وڃين ٿو دوست سان مٿي ڪئبن ۾ رات گذاريان.“
بنان جواب ٻڌڻ جي هو هليو ويو. ٻُڌي
به ڇو؟ هيڏو ناڻو ڏيئي غريب ملڪ مان غلام خريد ڪري
آيو آهي. غلامن کي حڪم ڏنو ويندو آهي، ٻُڌو
نه ويندو آهي.“ خانم اُڀو ساهه کڻي چيو، ”مان
منٿون ڪندي آهيانس ته مون سان هتي اِچي
ويهه. نه هو پاڻ ٿو اچي ويهي نه مون کي ٿو اُتي
گهڻو وقت ويهڻ ڏئي چوندو، ”وڃ، ٻئي هنڌ وڃي ويهه
يا برقعو پائي ويهه، منهنجا دوست پيا اچن وڃن.“
مان سمجهان ٿي ته مون مان ڏهن ڏينهن ۾ ئي من ڀرجي
ويو اٿس. مون خدا جو حڪم سمجهي، تن من هن جي حوالي
ڪري ڇڏيو آهي. مان چاهيندي آهيان ته هن جي نزديڪ
ويٺي هجان، هن جي شيوا ڪريان.“
مون چيو، ”شايد هن کي شرم ايندو هجي، تون هن جي
پوٽي نه پر پڙپوٽي ٿي لڳين، جنهن لاءِ شايد توکان
نظرون بچائيندو ٿو رهي.“
”ائين هجي ها ته منهِنجي
وڏيءَ ڀيڻ سان شادي ڪري ها، اُها به چوويهن سالن
جي مس آهي. شرم ته هن کي ڏسي، مون کي اچڻ کپي. مون
کي پهيرائين
ته ڪراهت اچِي
ويئِي
هِئي
پر نڪاح کان پوءِ مون کي ڪوئي شرم نه آهي. هُو منهنجو خاوند آهي. اٺ ڏينهن اسان هڪٻئي سان ڀرپور جيون
گذارِيو. مون کي هن جي ٻڍاپي تي ڪوئِي
شرم نه آيو، پر مان هُن
سان اڳي جيئن هر هر ڳالهيون ڪندي هئس. پر هاڻ هو
خفي خفي پيو ٿيندو آهي. وري به شڪر الله جو، جو
توهان مون کي ملي ويا. ڏينهن ته سٺو گذري ويو ۽
هاڻ رات به توهان سان گذارينديس. جتي وڃِي
رهِي
آهيان، اُتي ڪير به پنهنجو نه آهي. نه هيءُ ماڻهو
پنهنجائپ ڏيکاريندو. هاڻ آسرو الله جو!“ سندس
اکيون ڀرجي آيون. |