سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :11

بي بي ماءُ وٽ وڃڻ لاءِ ضد ڪريرهي هئي. مون کي گڏ هلڻ لاءِ چيائين، پر مون وٽ ايترو ناڻو نه هو. ماڌو پنهنجي ڌيءَ لاءِ اوڌار تي مال وٺي آيو. تنهن وقت مال گهڻو ڪري اوڌار تي ملندو هو ۽ خاص دڪان هئا، جن وٽ مال جي فهرست تيار هوندي هئي ۽ ڪنهن کي وڪڻڻو آهي، اُهي ائڊريسون به. مون به فيصلو ڪيو وڃڻ جو. بي بيءَ جي وڃڻ کان پوءِ مهيني کن ۾ تيارِي ڪئي ساڳئي جهاز دوارڪا ۾. مال مون ٿورو ئي ورتو، جو مان ڊڄي رهي هئس ته ڪسٽم هيڏو مال ڪيئن ڇڏيندي؟ جي ڊيوٽي پيئي ته مان ڇا ڪنديس؟ خوشحالداس جي دڪان تان مال ورتم. هن همٿ ڏياري چيو، ”ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. اسان جا ماڻهو جهاز ۾ آهن، توکي مدد ڪندا.“

پوءِ به مون گهٽ مال ورتو. جهاز ۾ ته سڀ ساڳيا ماڻهو هئا، ڄاتل سڃاتل. هنن به مون کي همٿ ڏياري ته تو وٽ آهي ئي ڇا؟ اسان وٽ توکان ٽيڻو مال آهي. اسان جو انور ڪولي ويٺو آهي، پاڻيهي بندوبست ڪندو. جيئن جيئن جهاز بمبئيءَ جي نزديڪ پئي ويو، منهنجي دل گهٻرائجي رهي هئي. دماغ ۾ جنگ جاري ٿي ويئي، هيڏو مال کڻي وينديس ڪيڏانهن؟ موهن چيو ته مان ته هڪ ڏينهن ۾ مال وڪڻي پونا ويندس. گدوري ۽ ڪشن چيو اسان اجمير، پر تون؟ بمبئيءَ ۽ پوءِ ناسڪ. ته ٺيڪ آهي. اسان هميشه هتي پريل هندماتا جي پٺيان ڌرمشالا ۾ رهندا آهيون جتي اسان جا روم سدائين بڪ رهندا آهن. هل توکي به اُتي روم وٺي ڏينداسين ۽ مال وڪڻڻ ۾ مدد به ڪنداسين.

”نه خوشحالداس جو ماڻهو سندر مال کڻڻ ايندو ۽ ٻيو مال دبئي دڪان لاءِ به وٺي ڏيندو.“

”اوهه! پوءِ ته تو ڪمايو! مال کائي ويندا کڳا، ليکو ڏيندا ڍڳا.“ ٺيڪ آ، ٻئي دفعي اسان کي فون ڪج ته توکي مال وٺي ۽ وڪڻي ڏينداسين ته ٻيڻو فائدو پوندءِ. باقي محنت ڪرڻ مان فائدو؟ هو ڏيندو توکي ٻيڻو اگهه. ٻن هزارن جي مال جا چار هزار. ٽڪيٽ ويئي ٽي سو رپيا. ڪولي وٺندءِ هزار رپيا. ڪٽي سٽي توکي هزار مس بچندو، ٻن هزارن تي. گهڻي جو مال آندو اٿيئي؟“

”ٽن هزارن جو.“

”ٺيڪ آ، ٻه هزار بچندءِ. پنج هزار گهٽ ۾ گهٽ بچڻ کپن.“

سوچيم ٻه هزار به بچندا نه، ٻيو ٻارن لاءِ ڪپڙو لٽو ۽ ٽوال آندو اٿم، اُهو الڳ. هزار رپيا ۽ ساڙِهي ڏاسواڻيءَ کي ڏينديس. پنج سو بابا کي. پر سوال آهي وڃان ڪيڏانهن؟ جهاز بمبئيءَ پهتو ته ڪشن اندر ڪوليءَ کي سڏي آيو. چي، ”ابا، هيءَ ڇوڪري آئي آهي پهريون دفعو. تون هن جو ڌيان رکج. سندر جو ماڻهو اٿيئي انور - سندر ته ٻاهر بيٺو آهي ڪنهن ٻئي لاءِ. ڪشن چيو، ”هو آيو هوندو پنهنجا مورا ڇڏائڻ. هن مان ڇا بچندو هن کي؟“

انور چيو ”مال ڪٿي آهي؟“ مال ڏسي چيائين، ”بس، هڪ بئگ ۽ بسترو آهي.“

مون ها ڪئي. هن مون کان پاسپورٽ ورتو ۽ ٻن ڪولين کي سڏي چيو، ”هي مال کڻي هيٺ اچو فلاڻي آفيسر وٽ. لوهه جون وڏيون پيٽيون کڻندا هئا، اُن وقت، جنهن ۾ ٻه ماڻهو سمهي رهن. مان ڊڄندي ڊڄندي انور جي پٺيان هلندي ويس. هو آفيسر سان هٿ ملائي سڌو ٻاهر وٺي آيو جتي منهنجو سامان جهلي ڪولي بيٺا هئا. انور پڇيو، ”توکي وٺڻ لاءِ ڪوئي آيو آهي؟“

مون نه ڪئي.

”ڪٿي وڃڻو اَٿيئي؟“

”هند ماتا ڌرمشالا ۾.“

”مان شام جو تو وٽ پئسا وٺڻ ايندس.“ گڏا، گڏا، ڪري هڪ سردار کي سڏي چيائين، ”هن کي وٺي وڃ. مال مٿي پهچائي اچج. ها سگريٽ آندو اٿيئي ته هن کي ڏج. مزدوري پاڻ ئي ڏيندومانس.“

ڪولين مال ٽئڪسيءَ جي مٿان رکيو ۽ ٻه ٿيلها هئا اندر. گڏو هو خود ته نه هليو پر ٻئي کي سڏي چيائين، ”وڃ هن کي ڇڏي جلدي موٽ.“

رستي تي مون کان ڊرائيور پڇيو، ”ڪٿي هلندا؟“

سوچيم منهنجي لاءِ ڪٿي به سلامتي نه رهندي. ٻه ڏينهن رهڻو آهي. ڌرمشالا جي هيٺان پهچندي منهنجو من بي ايمان ٿي پيو. نه نه، مان گهر وينديس، پهريائين ٻارن سان ملنديس. ٽئڪسي ڦيرائي، سڌو اچي پنهنجي گهر دادر پهتيس. ”رتنا آئي، رتنا آئي“ سڄو پاڙو ٻاهر نڪري آيو. بابا به تڪڙ ۾ هيٺ اچي ڀاڪر پائي گڏيو. ٽئڪسيءَ واري ٻاهران مزدور پڪڙي مال مٿي رکايو. سڄو روم ته مال سان ڀرجي ويو. ڪان گهر ۾ نه هو. بابا کي پيرين پئي چيومانس، ”ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آئي آهيان. ساڳئي جهاز ۾ واپس ويندسي.“

نيلم هڪ هڪ پير کڻي هلڻ سکي هئي. هن کي کڻي ڇاتيءَ سان لڳايم ته سڄو جهاز جو ٿڪ لهي ويو. پر هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي ۽ بابا وٽ وڃڻ لاءِ ”بابا، بابا“ چئي، هٿ ڦهلايائين. بابا هن کي هنج کڻي چيو، ”ممي! ممي! هن وٽ وڃ.“ پر هن ڪنڌ کي کڻي ٻئي پاسي ڪيو. منهنجي اندر روئي ڏنو. هوءَ ڇو مون وٽ ايندي؟ ايتري ۾ شوڀا ۽ شڪو ڊُڪنديون آيو. ”ممي، ممي“ چئي ڳلي لڳيون. ڪماريءَ ڀاڪر پائي چيو، ”مُئي، اچڻ جو احوال به نه ڏنئه. هِي توکي وٺڻ اچي ها.“

”مون کي خود کي خبر نه هئي ته هتي اينديس.“

ٻارن جي نظر پيتيءَ تي هئي. اُهو سڀاءُ ٻارن ۾ ٿيندو آهي. مون ٿيلهو کولي پهريائين بابا کي وسڪيءَ جي بوتل، گني، سوٽ جو ڪپڙو ڏنو. بابا ڪپڙي لٽي پائڻ جو تمام شوقين هو. سڀني آڱرين ۾ ٿلهيون منڊيون پائيندو هو. قميض ۾ سونا بٽڻ ۽ صدريءَ ۾ سوني چين سان واچ پئي هوندي هئس.پهرين هو رنگون ۾ مامن وٽ مئنيجر هئڻ ڪارڻ خود کي سنواري رکندو هو. پوءِ ٻارن کي سڀ سامان ڏيئي چيو، ”هي سڀ توهان لاءِ آهي ۽ پيتيءَ ۾ ٻئي جو مال آهي. رات جو يا صبح جو کڻي ويندو.“

ٻارن چيو، ”ممي، هلو ٻاهر گهمڻ هلون.“

مان ٻارن کي وٺي هوٽل ۾ وڃي ويٺيس.

هنن شڪايتن جو بنڊل کڻي کوليو. ”دادا خرچي نه ٿو ڏي.“

”ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙ ٿو ڪري.“ ”ماني به اسان ٺاهيندا آهيون.“

”او.ڪي. پٽ، تون ئي ته گهر جي وڏي آهين. بس ٿورو وقت ٻيو صبر ڪريو. ستيءَ ماءُ جو قرض لهي ته واپس اچي هتي ڪم ڪنديس.“ مون شوڀا کي چيو.

دير سان رات جو گهر آياسين. وجيه منهنجي پٽ ماني ٺاهي رکي هئي. ٺيڪ اُن وقت ستيءَ ماءُ به آئي، ته ڪان به. هن کي هيٺان ئي خبر پئجي ويئي هئي. ستيءَ ماءُ حال احوال پڇندي رهي. مون کيس چيو، ”تون دل جاءِ ڪر. مان ٿورا ٿورا ڪري تنهنجو سڄو قرض وياج سوڌو لاهينديس.“

”اُها مون کي خبر آهي. منهنجي گهُر ڪرڻ ڪري ئي ته توکي گهر ڇڏڻو پيو آهي.“

مون هن کي ساڙهي ۽ چيز جو دٻو ڏيندي چيو، ”سڀاڻي ڪجهه رپيا به ڏينديس توکي. تون تاريخ سان لکندي وڃ.“

باقي نه مون ڪان سان ڳالهايو نه هن مون سان. اڌ رات جو هو منهنجي پلنگ تي اچي ليٽيو ته مون کي شاڪ اچي ويو ڄڻ ته ڪو اڻ سڃاتل ماڻهو اچي منهنجي ڀر ۾ ليٽيو آهي، مان ٽپ ڏيئي اُٿي ويٺيس ۽ وڃي ٻارن جي وچ ۾ ڀاڪي پائي سمهيس.

ڪزبانو سنڌو          قسط – 5 (ناوليٽ)

چاهت جن جي من ۾

”مون کي ته ٽينشن ٿي پيو آهي.“ تانيا جي ڪلاس ميٽ حنا چيو.

”منهنجو ڏاڏا سائين گذاري ويو آهي، جيڪو ڳوٺ ۾ هو، سو اوچتو اوڏانهن وڃڻ ٿيو.“ ٻئي اچي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺيون.

”اوهه! توهان جو ڏاڏا! آءِ ايم ساري.“ حنا ڏک جو اظهار ڪيو ”پر توهان ته ڪڏهن ڳوٺ جو ذڪر ئي نه ڪيو هو!“ حنا حيرت مان چيو.

”مون کي به تڏهن خبر پئي، جڏهن ڏاڏا سائين گذاري ويو، ته اسان جو به ڪو ڳوٺ آهي!“ هن ٿڌو ساهه ڀريو. ”خبر نه آهي ته ڇو پاپا ڪڏهن ڳوٺ جو ذڪر نه ڪيو! خير، هڪ گڊ نيوز ٻڌندينءَ؟“ تانيه خوشيءَ مان چيو.

”ٻڌاءِ.“

”سڪندر سان ملي آهيان.“

”واٽ؟ ريئلي! ڪٿي مليو سڪندر.“

”اُتي ڳوٺ ۾. هو ته منهنجو ڪزن آهي!“

”واهه! عجيب اسٽوري آهي. توهان کي سڃاتائين؟“

هن ته مون کي ڪڏهن وساريو ئي نه هو. تانيه فخر مان چيو.

”هو ڪيئن هو؟ توسان ملڻ کان پوءِ سندس تاثر ڇا هو؟ ڪيفيت ڪهڙي هئي؟ ڪيئن پيش آيو؟ ۽....“

”ترس، ترس، تون ته فل اسپيڊ ۾ الاءِ ڪيترا سوال ڪري وئينءَ!“ تانيه حنا کي روڪيندي چيو ” اسين هڪ اهڙي موقعي تي ملياسين، جڏهن سڀني جي دلين ۾ ڏک هو. پر اسين ٻيئي، مان ۽ هو، هڪٻئي کي ڏسي حيران ضرور ٿياسين!“ تانيه جي آواز ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ”ڏاڏا سائينءَ جي وفات جو سڪندر کي ڏاڍو ڏک هو. هو ڏاڏا سائينءَ کي وڌيڪ ويجهو به هو ۽ بيماريءَ ۾ هن جو گهڻو خيال رکندو هو.“

۽ توهان جو؟“ حِنا تانيه کي غم جي گهيري مان ڪڍڻ لاءِ ڳالهه بدلائي.

”اسان جو تمام گهڻو خيال رکيائين.“

۽ توهان؟“

”ها، اسان به هن سان سٺو هلياسين.“

”نه، توهان سان منهنجو مطلب صرف تانيا هو.“ حنا جي اکين ۾ گهري گهور هئي.

”ظاهر آهي، منهنجي دل ۾ ته هن لاءِ اڳيئي عزت هئي. هن منهنجي جان بچائي هئي. اڄ مان توهان جي سامهون آهيان، ڳالهائي رهي آهيان. زندهه آهيان. - سو به ان جي ڪري ته الله سڪندر کي رحمت جو فرشتو ڪري موڪليو، جنهن مون کي ڪينجهر ۾ ٻڏڻ کان بچائي ورتو.“

”پر ڇا توهان کي هن لاءِ صرف عزت آهي؟“

حنا جي جملي تي تانيه جي مک تي لالي لڳي وئي ۽ چپن تي مرڪ ٽڙي پيس.

”پوءِ هن ويچاري جو ڇا ٿيندو؟ جيڪو ڪافي ڏينهن کان توهان جي ڪڍ آهي!“ حنا عامر ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪو هنن ڏانهن اچي رهيو هو.

”مون ته ڪڏهن ان ٽيٽمڪڙي کي لفٽ نه ڪرائي آهي ڀلي پيو وقت ضايع ڪري، اٿ ته هتان هلون.“ تانيا اٿندي چيو.

ٻئي وڃڻ لڳيون.

”تانيا ڇا پئي سوچين، مان محسوس ڪيو آهي جڏهن کان ڳوٺان آئي آهين، تڏهن کان خيالن ۾ گم آهين! ڪٿي...“ ثانيه جملو اڌ ۾ ڇڏيو.

”ڇا مطلب؟ ڳالهه ڪٽي ڇو ڇڏيئه!“ تانيه چيو.

”ڇڏ مطلب کي. اهو ٻڌايو ته توهان کي سڪندر ڪيئن ٿو لڳي؟“ ثانيه مخصوص انداز سان پڇيو.

”توهان جو ڪهڙو مسئلو منجهيو آهي. سڪندر ڏاڍو گهڻو ٿو ياد اچئي.“ تانيا به ساڳئي انداز سان چيو.

”منهنجي زبان تي ته سڪندر آهي، مگر توهان جي ته ... خير ڇڏ!“

دراصل مان سوچيو پئي، پاپا ڪڏهن پنهنجي گهر وارن جي باري ۾ نه ٻڌايو! اهڙو ڪهڙو مسئلو آهي؟“ تانيا سوچيندي چيو.

”ها، اهو ته مان به سوچيو پئي. هينئر به ممي ۽ پاپا ڳوٺ جي مسئلي تي پيا ڳالهائين.“

”اڇا، ڇو نه پاپا کان هلي پڇون. اسان کان ڇو لڪايئين؟“ تانيا اٿندي چيو.

ٻئي ناڪ ڪري شهاب جي بيڊ روم ۾ آيون.

”خير ته آهي پُٽ!“ شهاب گهڙيال ڏانهن ڏٺو ساڍا ڏهه ٿي رهيا هئا.

”سڀ خير آهي.“

”ويهو ڇا مسئلو آهي؟“ پريشانيءَ مان چيو.

ٻئي صوفن تي ويٺيون.

”تانيا خاموش ڇو آهين؟ ڇا ڳالهه آهي!“ شهاب بيڊ تان اٿي صوفي تي تانيا جي قريب اچي ويٺو.

”پاپا، دراصل توهان سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ دل چيو. تڏهن آيونسين، ڏينهن جو توهان هوندا نه آهيو!“

”اڇا! توهان جي پڙهائي ڪيئن پئي هلي؟“ شهاب مرڪندي چيو.

”پاپا، پڙهائيءَ جو ڪو مسئلو نه آهي. صحيح آهي. تانيه جو مطلب آهي توهان ڪڏهن ڳوٺ جي باري ۾.... ڏاڏا، ڏاڏيءَ جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌايو، ڇو؟ اسان ٻڌڻ ٿيون چاهيون!“ ثانيه، تانيه کي خاموش ڏسي چيو.

”اڇا ته اهو مسئلو آهي!“ شهاب ٿڌو ساهه ڀريو. مون توهان کان ڳوٺ، بابا ۽ امان جي ڳالهه ڇو لڪائي. مان پاڻ انهيءَ مسئلي کي وساري چڪو هوس. ڪڏهن ڪڏهن امان ياد ايندي هئي پر انهيءَ ياد کي دل جي خاني ۾ بند ڪري ڇڏيندو هوس. جڏهن ته منهنجي وس ۾ ڪجهه نه هو. منهنجون نياڻيون، منهنجي جيون جو مقصد بنجي ويون.“ شهاب وڏو ساهه کڻندي چيو.

”پاپا، اسان اها ڪهاڻي ٻڌڻ ٿيون چاهيون، جنهن جي تڪليف توهان کي برداشت ڪرڻي پئي، پليز پاپا!“ تانيا افسوس مان چيو.

”اوڪي پٽ، توهين هاڻي وڏيون ٿي ويون آهيو، پنهنجي پاپا جو ماضي ٻڌڻ ٿيون چاهيو ته ٻڌو...“ ۽ هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ”بابا حشمت خان تمام وڏو زميندار هو، پنجاهه پنجاهه ايڪڙن تي باغ هئس، بلڪه اڄ به آهن. ايتري دولت، ظاهر آهي انسان کي مغرور بنايو ڇڏي. بابا سائين به خود غرض، مغرور، انا پرست هو. هارين کي انهن جو حق ته ڏيندو هو پر مشڪلاتن وقت انهن جي مدد نه ڪندو هو. انهن جي ووٽن سان ڪامياب ته ٿيندو هو پر انهن غريبن جا ڪم نه ڪندو هو. وڏن ماڻهن جون پارٽيون ڪرڻ روز جو معمول هو. اهو سڀ مون کي پسند نه هو.“ شهاب پل لاءِ ترسيو. ”بابا سائينءَ کي مون کان شڪايت هئي ته مان هن جي مهمانن کي ڪمپني نه ٿو ڏيان. اڪثر گهڻو وقت مان غريبن مظلومن جي مدد ۾ گذاريندو هوس. منهنجي اها عادت به بابا سائينءَ کي پسند نه هئي. جيتوڻيڪ مون کي اهو نه چيائين ته مان هنن جي مدد نه ڪريان. پر بابا سائينءَ جو مطلب هو ته مان انهن کي پاڻ سان گڏ ڪرسيءَ تي نه ويهاريان. بلڪه کين هر وقت احساس ڏياريان ته سندن جاءِ اسان جي قدمن ۾ آهي. مان اهو سڀ نه ڪيو، پر محمود ائين ئي ڪيو، جيئن بابا سائينءَ چاهيو.“ شهاب اکيون بند ڪري کوليون ”مان گهر جي ماحول کان بيزار ٿي، ڪراچيءَ پڙهڻ جي ارادي سان آيس يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ورتم. هاسٽل ۾ رهڻ لڳس. بابا سائينءَ کي منهنجي پڙهائيءَ تي به اعتراض هو، پر خاموش رهيو. محمود کي ميٽرڪ کان وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنائين. محمود اهو ئي ڪيو جو بابا سائين چاهيو.“ شهاب چپ ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ لفظ ڳوليندو هجي، جيڪي شايد مليس.

تانيا ۽ ثانيا کي جهٽڪو لڳي ٿو.

”وزيران، اسان جي پڦيءَ بشيران جي ڌيءُ. بابا سائينءَ سان ملڪيت ۾ ٽيون حصو پڦي بشيران جي نالي هو. پڦيءَ جو گهر وارو سهراب فوج ۾ هو. دشمنن جي حملي ۾ وطن تان سر گهوري هو شهيد ٿي ويو. انهيءَ وقت وزيران ڏهن سالن جي هئي. سهراب جي موت جو ٻڌي پڦيءَ کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هوءَ به هيءَ دنيا ڇڏي وئي. هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻنهي جو موت وڏو حادثو هو‍“ شهاب کن لاءِ چپ ٿي ويو. ”وزيران اسان وٽ رهڻ لڳي. هن کي خبر هئي ته مان هن جو مڱيندو آهيان. وزيران منهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ لڳي. جيتوڻيڪ مون کي ان تي ڪو به اعتراض نه هو. جڏهن مان ڪراچيءَ پڙهڻ لاءِ آيس. مون سان گڏ توهان جي ممي پڙهندي هئي. اسين هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين.“ شهاب ڄڻ انهن ڏينهن کي ياد ڪرڻ لڳو. ”مان هر هفتي ڳوٺ ويندو هوس. وزيران منهنجي انتظار ۾ هوندي هئي. مون کي سٺو نه لڳندو هو. مان کيس منع ڪندو هوس ته روئي پوندي هئي. امان کي چيم ته مان وزيران سان شادي نه ڪندس. امان مون کي منٿون ڪيون ۽ چيو ته ”اهڙي غلطي متان ڪرين!“ بابا سائين برداشت نه ڪندو. آخر هڪ ڏينهن اها خبر بابا ٻڌي ورتي پوءِ ته جهيڙو شروع ٿي ويو. بابا سائينءَ چيو ”پڙهائي ڇڏ، شادي ڪر!“ مون انڪار ڪيو ته مان پڙهندس. پر بابا سائين پنهنجي ضد تي قائم هو ته ”پڙهائي ڇڏ، اگر ائين نٿو ڪرين ته پهرين شادي ڪر، پوءِ ڀلي پڙهه!“ پر مان ته وزيران سان شادي ڪرڻ نٿي چاهي. وزيران کي سڀ خبر پئجي چڪي هئي. ڪافي رنائين، مان به ٽينشن ۾ هوس ته ڇا ڪريان؟ هڪ پاسي جيون هو ته ٻئي پاسي رڃ هئي! تنهائي هئي! انهيءَ رڃ ۽ تنهائيءَ ۾ امان مون کي بيٺل نظر آئي. مون کي روڪيائين، پر مان نه رڪيس ۽ پنهنجي جيون لاءِ هليو ويس!“ شهاب ارم ۾ نهاري چيو.

”پاپا، ڏاڏا توهان کي نه روڪيو؟“ ثانيه پريشانيءَ جي ڪيفيت ۾ چيو.

”نه.“ اهو هڪڙو لفظ ئي ان سوال جو جواب هو شايد! پر ڳالهه ان تي ختم نه پئي ٿي ”بابا سائينءَ مون کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن مان وزيران سان شادي ڪندس ته پوءِ ئي مان بابا سائينءَ جو پُٽ به آهيان، ته ملڪيت جو وارث به آهيان. جيڪڏهن نه ته پوءِ مان هنن لاءِ غير آهيان. منهنجو گهر ۽ گهر جي ڪنهن به فرد سان ڪو به واسطو نه آهي. بس ڪنهن روڪيو به ڪونه! سواءِ امان جي. اتان ڪجهه به نه کنيم. بس هليو آيس خالي هٿين. امان جا سڏڪا گونجندا رهيا. بابا سائينءَ کي منٿون ڪيائين ته روڪ شهاب کي. پر ڄڻ بابا سائين پٿر بنجي ويو هو!“ شهاب پاڻ کي جوڙڻ لڳو ۽ شايد لفظن کي به  ”مان ته ڄڻ ٽٽي پيو هوس. ذرا ذرا ٿي ويو هوس. جيڪڏهن ارم ساٿ نه ڏئي ها ته شايد مان مريض بنجي وڃان ها! ارم منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو. في الحال اسان شاديءَ جو ارادو ترڪ ڪيو. مان ڪجهه بنجڻ ٿي چاهيو. هڪ دوست جي معرفت پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ جاب ملي ويم. رات جي ڊيوٽي هئي، پڙهائي به جاري رکيم.

ڪڏهن ڪڏهن محمود ملڻ ايندو هو، شايد امان موڪليندي هيس. هڪ دفعي مون کي سندس شاديءَ جو ڪارڊ ڏنائين. پڇيومانس ”ڪنهن سان شادي اٿئي؟“ ته وزيران جو نالو ورتائين. مان حيران ٿي ويس. محمود اهو ئي ڪيو، جو بابا سائينءَ چاهيو. مان محمود جي شادي تي نه ويو هوس.“ شهاب ٿڌو ساهه ڀريو. ”مان پڙهائي پوري ڪري ٻي ڪمپنيءَ ۾ جاب ڪئي. پگهار تمام سٺو هو. ڪمپنيءَ طرفان گاڏي، رهڻ لاءِ فليٽ مليو. بس مون کي ٻيو ڇا گهرجي. پوءِ اسان شادي ڪئي. توهان جي ناني اسان جي ڪافي مدد ڪئي. پگهار مان ڪجهه بچت. ڪجهه قرض کنيم هلڪو سلڪو بزنس ڪيم. الله مهربان ٿيو، ڪافي فائدو ٿيو. توهان جي قسمت، ارم جو سهڪار. اڄ مان فائيو اسٽار هوٽل جو مالڪ آهيان. سڀڪجهه هو مون وٽ. دولت، شهرت، عزت. ها اگر نه هئي ته هڪ ماءُ! جنهن کي مان ڪڏهن به نه وساريو. بس توهان کي ڏسي جيئندو رهيس. اها آهي منهنجي گذريل زندگي! اڄ سڪندر منهنجي نقشِ قدم تي هلي رهيو آهي. غريبن جي مدد ڪرڻ، مظلومن کي انصاف ڏيارڻ، هارين کي حق ڏيارڻ. بابا سائينءَ کي ڪو به اعتراض نه هو. سڪندر کي وڪالت پڙهڻ ڏنائين. محمود چيو ته بابا سائين سڪندر کي تمام گهڻو چاهيندو هو ۽ چوندو هوس ته تون شهاب جو ٻيو روپ آهين. بابا سائينءَ کي پڇتاءُ هو، سڪ به هئي، پر ڪڏهن به ملڻ جي خواهش ظاهر نه ڪيائين. پاڻ کي مريض ڪري ڇڏيائين. پر ضد تان نه لٿو. بيهوشيءَ جي حالت ۾ منهنجو نالو پڪاريندو هو. نيٺ سڪندر محمود کي موڪليو مون ڏانهن. بابا سائينءَ کي خبر پئي ته شهاب کي محمود وٺڻ ويو آهي، تمام گهڻو خوش ٿيو هر هر منهنجو پڇيائين، مان ويس، ۽ منهنجي ڀاڪرن ۾ بابا سائينءَ دم ڏنو!“ شهاب لڙڪن کي اندر ۾ اوتيندي چيو.

”پاپا توهان ته ڪڏهن اسان کي بڌايو ئي ڪونه! ويهه سال پنهنجي ماءُ کان دُور رهيا، پر ڏاڏي ته توهان سان ملي سگهي ٿي!“ تانيه چيو.

”امان ڳوٺ جي سادي عورت آهي. بابا سائينءَ کان ڊڄندي هئي. جنهن مسئلي کي مان حل ڪري نه سگهيس. انهيءَ جي باري ۾ توهان کي ڇا ٻڌايان. هروڀرو توهين ڊسٽرب ٿيو ها!“ شهاب تانيه کي پيار مان چيو.

”هاڻي ته خوش آهيو پاپا!“ ثانيا شهاب کي ڀاڪر پاتو.

”ها پٽ، خوش آهيان، پر بابا سائين هميشه لاءِ هليو ويو! ڪاش مون کي اڳ گهرائي ها. مان بابا سائينءَ سان شڪايت ڪريان ها. بابا سائين مون سان شڪايت ڪري ها! لڙڪن جي سيلاب ۾ دلين تان دز ڌوپجي وڃي ها! دليون صاف ٿي وڃن ها. محبت جو رنگ نکري پوي ها، پر ائين نه ٿيو!“ شهاب اداسيءَ مان چيو.

”شهاب، توهان جي پيءُ توهان کي ڏٺو، سيني سان لڳايو، غلطيءَ جو احساس هوس. ڇا اهو گهٽ آهي! هروڀرو پريشان نه ٿي.“

ارم شهاب کي حوصلو ڏيندي چيو.

”خير پٽ، توهين هاڻي هلي سمهو!“ شهاب تانيا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو.

”جي پاپا!“ ٻيئي پنهنجي بيدروم ۾ آيون.

”تانيا، توهان کي محسوس نه ٿيو هو ته چاچي وزيران جو موڊ صحيح نه هو! مان سمجهيو مغرور آهي، پر هاڻي سمجهيم پنهنجو رهڻ کيس پسند نه هو! ثانيه بيڊ تي ليٽندي چيو.

”الاءِ، مون کي ته محسوس نه ٿيو.“ تانيا ڪوڙ ڳالهائيندي چيو. جڏهن ته تانيا وزيران جي رويي کي محسوس ڪيو هو.

تانيا بيڊ تي اچي ليٽي ۽ سوچن جي ساگر ۾ ٻُڏڻ اُپڙڻ لڳي. سڪندر تون منهنجي ذهن تي ڇانئجي ويو آهين؟ تنهنجون خوبيون ٻڌي خوشي محسوس ڪريان ٿي. مان توکي چاهڻ لڳي آهيان. اهو سڀ چاچي وزيران برداشت ڪندي! توکان بغير جي نه سگهنديس سڪندر! ڇا ڪريان؟ توهان کي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي خيالن ۾ توهان ئي آهيو! منهنجي خوابن ۾ تون آهين! جاڳ ۾ تون آهين! منهنجي جيون ۾ تون آهين. تنهنجي نظرن مون کي محبت جو پيغام ڏنو آهي. مان تمام گهڻو خوش آهيان. منهنجون خوشيون ساڀيان ماڻينديون؟ تانيا سوچيندي رات گذاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com