سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :6

مون ٻه ٽي ڳالهيون چيون ۽ تو ٻه ٽي ڳالهيون چيون،
بس اهي ننڍڙيون ملاقاتون، بڻي ناتو پيون!
ڪجهه ڏينهن اڳ لتا ٽهلياڻي ۽ ٽيڪچند مست سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي، ولي رام ولڀ سان چند گهڙيون ملياسون، سائين علي قطب شاهه جهانيان جي گادي نشين سائين نورالله شاهه جهانيان وٽ ڪجهه لمحا ترسي، آسيسون وٺي، ڀٽ شاهه ۾ لطيف سائينءَ جي درگاهه جي ديدارَ ۽ شيخ اياز جي آرامگاهه تي حاضري ڀريسون، سنڌ ميوزم ۽ موري ۾ ڪجهه گهڙيون گڏ رهياسون ۽ اسان جا ڳنڍجي ويا دلين جا سلسلا!

2006/4/7 تي پني عاقل مان دوستن سرور سيف ۽ ايس جي ڀاڳيا جو فون آيو، گڏوگڏ لتا ٽهلياڻي ۽ ٽيڪچند ”مست“ فون تي ڳالهايو ۽ حُجت ڪئي ته سڀاڻي (2006/4/8) تي سنڌي ادبي سنگت پني عاقل وارا کين آجياڻو ڏئي رهيا آهن، جتي، منهنجو اچڻ تمام ضروري آهي“ آءٌ لنوائي نه سگهيس، ۽ آجياڻي ۾ وڃي شرڪت ڪيم. نه اچان ها ته لتا ميارون ڏئي ها، هونئن به لتا جي شاعريءَ ۾ ميارَ وارو رنگ اڳ ئي گهڻو موجود آهي. سندس غزلن جا بند آهن:

اوهان کي ٻيا ملي پوندا، گهڙيون تن کي ڏئي ڇڏجو،
اسان جي ڳالهه ٻي آهي، اوهان جا ٿي گذاريون ٿا.
                       
***

مون هُن کي سڏي آهه دل ۾ ويهاريو،
نه هُن سڏ ٻُڌو ۽ نه ئي ڪو نهاريو!

هي ميارَ جو اندازُ، هي دل - بستگيءَ جو اظهارُ، هر نئين شاعر وٽ ملي نه ٿو سگهي.

لتا جي شعري مجموعي ”بن بادل برسات“ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هُن عروض جا محدود ۽ ٿورا وزن ڪم آندا آهن، پر اُنهن تي گرفت مضبوط رکي ٿي، ۽ خيال جي ادائگي به وڻندڙ اٿس:

اکين سان نهاري ڪيئه ٿي اشارا
ک
ِڙي ٿي پِيا، چنڊ سان گڏ ستارا.

***

ڪڏهن بيٺل ڏسي ڀرسان، رُئاريندو آ آئينو،
اسان توکي تصور ۾، وري ڀر ۾ وِهاريو آ.

لتا، شاعريءَ ۾ ”لتا“ نالي سان گڏ تخلص ”حجاب“ به ڪم آڻيندي آهي. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته نوان شاعر تخلص شوقيه ڪم آڻيندا آهن، پر اُن سان نڀاءُ نه ڪري سگهندا آهن، پر لتا نالو توڙي تخلص ڀرپور انداز ۾ ڪتب آڻي، شعر/غزل جو حُسن قائم رکي سگهي آهي.

عشق کي شوخي، ”حجاب“ آ حُسن کي،
پر ٻنهي ۾ آ عجب جي دلڪشي.

***

مان شاعر، مان شاعر، مان شاعر، مان شاعر،
”لتا“ خود کي خود ئي پڏائڻ ڇڏي ڏي!

 

لتا، اظهار ۾ تمام بيباڪ اهي ۽ هوءَ محبت ۾
لڪ لڪاءَ جي قائل نه آهي.

نگاهون، نگاهون، نگاهون، نگاهون،
ب
َهڪائي وري تون جهڪائڻ ڇڏي ڏي.
محبت، محبت، محبت، محبت،
ڪري ڪنهن سان، جڳ کان لڪائڻ ڇڏي ڏي!

هوءَ خوشبوءِ وانگر پيارُ ورهائڻ جي قائل آهي، هيٺئين غزل جي بند ۾ ڪهڙو نه خوبصورت اظهار ڪيو اٿس:

وڻن ۾ ٿي خوشبو، ٿيو ٻور پيدا،
”حجاب“ اِئن محبت ۾ تون ڀي ڇڻين ها!

هوءَ حساس به ڏاڍي آهي ۽ هوءَ جتي بيباڪ آهي، اُتي تخلص ”حجاب“ جو اثر پڻ قبولي وٺي ٿي، غزل جي هيٺئين بند مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي:

جڏهن حال دل جو ٻُڌائڻ نه آيو،
لڙيا لڙ
ُڪ، تن کي لڪائڻ نه آيو.

ڏُک ۽ سُک، جيون جا ٻه لازمي پهلو آهن، ٻنهي ڪيفيتن کي لتا ڪيڏو نه حُسناڪيءَ سان بيان ڪيو آهي:

سُکن جي گُلن سان مُون گلشن سجايو،
ڏکن جي ڪنڊن ۾ مون جيون گذاريو.

مون کي پڪ آهي ته هيءَ هند ڄائي سِنڌڻ، چوٿين ادبي پيڙهيءَ جي خوبصورت شاعر، پنهنجي مشق سخن وسيلي سنڌي شَاعريءَ جي کيتر ۾ جلد پنهنجو مقام ماڻي وٺندي.

سيما قريشي - سکر

عجيب غريب واقعو

اسان جي زندگيءَ ۾ عجيب غريب واقعا پيش ايندا آهن. اُهي اڻوڻندڙ، پيڙندڙ، ڏکوئيندڙ به هوندا آهن، ته ڪڏهن وڻندڙ، خوشگوار، کلائيندڙ به هوندا آهن، ته ڪڏهن وري حيران ڪندڙ به هوندا آهن. هتي اسين سيما قريشيءَ جو هڪ اهڙو ئي واقعو ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ صرف هڪ لفظ جي مَٽ سَٽ هڪ ڪرشمو ڪري ڏيکاريو. توهان جي زندگيءَ ۾ به اهڙو ڪو واقعو پيش آيو هجي ته ”سرتيون“ لاءِ لکي موڪليو- ادارو).

ٿيو هيئن جو اسان جو هڪ استاد بيمار ٿي پيو. ڦڪيءَ فرق نٿي ڪيس. حاذق حڪيم، ويڄ طبيب، ڊاڪٽر زور لائي بيٺا، پر مريض ويو پَوڻو پوندو. چون پيا ته ”بس ويچارو هل هلان ۾ آهي.“ استادن ۽ اسان شاگردن به سندس عيادت ڪرڻ جو سوچيو، اسان کي چيو ويو ته ”بابا، اُتي کل مسخري بنهه نه ڪبي. ٿوري دير ويهبو ۽ طبيعت پڇي واپس ٿبو.“

در وٽ پهتاسين ته سڀني جي صلاح ٿي ته سيما ئي عيادت جو چوندي. اهو طيءِ ڪري اسين اندر وياسين. استاد واقعي صفا هڏا وڃي بچيو هو. اکيون ڏرا ڏنل، وار وکريل شيوَ وڌيل.

اسان کي ڏسندي ئي اٿڻ جي ڪيائين ته هڪ استاد اڳتي وڌي کيس سهارو ڏنو ۽ ٻئي سندس پٺيان وِهاڻا ٺاهي رکيا.

انهيءَ سڄيءَ هَڻ پَٽ ۾، مون تڙ تڪڙ ۾ چيو:

”سر، اسين توهان جي مغفرت لاءِ آيا آهيون!“ منهنجي انهن لفظن تي پل لاءِ سڀ سُن ٿي ويا! پوءِ هڪ ٽهڪ ٻُريو - ۽ اهو ٽهڪ اُنهيءَ بيمار استاد جو هو. هن کلندي چيو:

”آءٌ شايد دنيا ۾ پهريون شخص آهيان، جنهن زندگيءَ ۾ پنهنجي مغفرت وصول ڪئي آهي!“

ڪجهه ئي دير ۾ هو اسان سان ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري اچي ويٺو. اسان کي ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيائين. پاڻ به سوپ ۽ ڊبل روٽي واپريائين. پوءِ هو نوبنو ٿي ويو ۽ گهمڻ ڦرڻ لڳو ۽ اسان کي پڙهائڻ شروع ڪيائين.


 

ريحانه نظير

پرديس

مومل جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿي ته هن ڏٺو ته هن جي ٻنهي ڀاڄائين جو منهن خراب ٿي ويو ۽ ٻنهي هڪٻئي سان ڳالهايو. ”نجمه اُٿي ڏسين نه ٿي ته نوابزادي گهر پهچي وئي آهي، جلدي پاڻي ڏينس.“

”ها ادي، ڇو نه آخرڪار ڪاميٽي پاس ڪري آئي آهي ٿڪجي ته ضرور پئي هوندي!“

اِهي ڳالهيون ٻڌي مومل کي ذري به چڙ نه لڳي ڇاڪاڻ جو گذريل ستن سالن کان هوءَ اِهي ڊونگل ٻڌندي پئي اچي. هن جون ٻئي ڀاڄايون پاڻ ۾ ڀينرون هيون ۽ مومل هنن جي ڀاءُ حسن کي بدي ۾ ڏنل هئي. جيئن ته مومل اڃا ننڍي هئي، انڪري ان جي شادي ان وقت ڪانه ٿي سگهي، فقط هن جي ٻنهي ڀائرن جون شاديون ٿيون هيون، ۽ هاڻي مومل انٽر پاس ڪئي هئي. ۽ سندس ساهرا روز روز شاديءَ جي تاريخ وٺڻ لاءِ ايندا هئا. پر مومل جو پيءُ چوندو هو ته حسن کي ڪا نوڪري ملي ته پوءِ شادي ٿئي. ان تي هن جون ٻيئي ڀاڄايون سڀ ڪسرون مومل مان پيون ڪڍنديون هيون. مومل جيئن ته ماءُ پيءَ جي اڪيلي ڌيءَ هئي، انڪري ماڻس ۽ پڻهنس هن جا سڀئي ناز نخرا کڻندا هئا.

پهرين ته ڀائر به هن سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا، پر پوءِ زالن جي ”چُرت“ تي انهن مومل کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو. انهن سڀني مسئلن کي ڏسي مومل جي ماءُ هڪ ڏينهن هن جي پيءُ کي سمجهايو ته ”نياڻيون ته اڳي پوءِ پرائو ڌن هونديون آهن، اسان ڀلا ڪيترا ڏينهن هن کي گهر ۾ ويهارينداسين، روز روز جي ڪِر ڪِر کان سٺو آهي ته کِل خوشيءَ ۾ نياڻي پرڻائي ڏيو.“

مومل جو پيءُ ڪجهه پل خاموش رهيو، ۽ پوءِ چيائين، ”ڳالهه ته تنهنجي به صحيح آهي، پر اِهو به ته سوچ ته ڇوڪري کي ڪا نوڪري به ته هجي. اڃا ميڊيڪل جي ٻئي سال ۾ آهي، ڊاڪٽري پاس ڪرڻ ۾ ته چار سال ٻيا به لڳندس. تيسين هن جو گذارو ڪيئن ٿيندو.“

”الله مالڪ آهي، روزي اهو پيو ميسر ڪندو.“

هن جي ماءُ چيو، ”جيڪي نصيب ۾ هوندس اهو ئي ملندس.“ اهي ڳالهيون ٻڌي هن جي وڏي ڀاڄائي هنن کي هڪدم طعنو هنيو.

”ڏس نجمه، پنهنجي ڌيءَ جي ته ڪيڏي ٿي خبر پوين، باقي اسين جهڙو ڇيڻي مان ڦُٽيون آهيون. ماءُ پيءَ ته ڄڻ اسان کي ڄڻيو ئي ڪونه هو.“ اُن تي نجمه به نڪ کي موڙو ڏئي منهن هوڏانهن ڪري ماني پچائڻ لڳي.

آخرڪار هنن جي جهيڙي کان تنگ ٿي مومل جي پيءُ کيس پرائمري ماستري وٺي ڏني ۽ نوڪري ملڻ شرط هن جي شادي حسن سان ٿي ويئي.

شاديءَ جي پهرين رات حسن هن کي ٻڌايو ته هُن پڙهڻ ٿي چاهيو، پر پيءُ ماءُ زوريءَ هن جي شادي ڪرائي آهي. هاڻي هو الائي پڙهي به سگهندو يا نه!

مومل هن کي خاطري ڏياري ته تون پڙهڻ ۾ ڌيان ڏي مان نوڪري ڪري پاڻهين گهر کي منهن ڏينديس. انهن ڏينهن ۾ مومل جي بدلي اسان جي اسڪول ۾ ٿي هئي. هوءَ تمام خوبصورت ڇوڪري هئي. سندس رنگ اڇو، وار وڏا، نڪ سنهو، چپ گولائيءَ وارا مطلب ته شاهه سائينءَ جي هن شعر جي ترجماني ڪيائين ٿي:

”جهرا گلُ گلاب جا، تهڙا مَٿن ويس.“

سندس ڳالهائڻ جو لهجو به مخصوص هوندو هو. هر ڪنهن کي هن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. پر هن کي صرف هڪ ئي ڳڻتي هئي ته حسن ڊاڪٽر بڻجي وڃي. هوءَ پاڻ تي ڪو به خرچ نه ڪندي هئي. شاديءَ ۾ جيڪي ڪپڙا هن کي ڏاج ۾ مليا هئا، سي ئي پائيندي هئي ۽ ڪا به شيءِ نه وٺندي هئي ته متان خرچ وڌي نه وڃي. ۽ ان ڳالهه جو هن کي ڪو به افسوس نه هو ته هوءَ تنگيءَ جي زندگي گذاري رهي هئي. پر تڏهن به هوءَ خوش هئي. ته مان ايتري بچت ڪري سگهان ٿي جو حسن کي پئسا ڏيڻ کان پوءِ به گهر چڱيءَ طرح هلي رهيو آهي. هميشه ائين چوندي هئي ته الله مان اميد ٿورئي لاٿي اٿم. ٻن ٽن سالن جي ڳالهه آهي جنهن اِها آزمائش ڏني آهي اُهو ئي خوشيون نصيب ڪندو. هر وقت هن جي زبان تي حسن هوندو هو. اسين سڀ چونديون هيونسين ته توهان جي جوڙي ته مومل راڻي وانگر آهي. متان مومل، تنهنجي حسن کي ڪا سومل رُسائي نه ڇڏي.

ان تي مومل مرڪندي چوندي هئي ته ”الله جو شڪر آهي جو مون کي مومل جيان ڪا ڀيڻ نه آهي جو مون کي راڻي جي رسڻ جو ڊپ ٿئي.“

آخر حسن ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو. هاڻي ته مومل جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. هن کي هڪ پٽ به ڄائو هو جيڪو ٻن سالن جو هو. مومل سڄو ڏينهن ان سان پئي ڳالهائيندي هئي ته ”هاڻي بابا کي نوڪري ملندي پوءِ سارنگ کي شهر جي وڏي اسڪول ۾ داخل ڪرائينديس، ها نه.“

هُو ننڍڙو معصوم ماءُ کي خوش ڏسي پيو خوش ٿيندو هو. هن جي مڙس نوڪريءَ جي ڪوشش ڪئي. سعودي عرب ۾ به هڪ نوڪريءَ جو اشتهار پڙي اُتي درخواست ڏنائين. جيستائين پڪي نوڪري ملي تيستائين هڪ ڪلينڪ تي ڪم ڪندو هو. هڪ ڏينهن مومل ٻڌايو ته پنهنجا زيور وڪڻان. حسن جو سعودي عرب مان آرڊر آيو پگهار به 40000 هزار پاڪستاني رپيا آهن. پر اوستائين وڃڻ ۽ خرچ پکي لاءِ به ته پئسا هجن نه، سو تڏهن ئي ٿي زيور وڪڻان. آخر هن حسن کي سعودي عرب موڪليو. حسن جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ اداس رهڻ لڳي. هن جي اندر ۾ اها ڳالهه ڇپر وجهي ويهي رهي ته ڪٿي اهو سچ ته نه آهي ته حسن ڪنهن ٻي عورت.... هوءَ وڌيڪ سوچي نه سگهي. هر وقت ان اوسيئڙي ۾ ته اڃا خط ڪونه آيو، فون تي به هڪ هفتو ٿي ويو. ڪٿي پئسا ته نه کپي ويا اٿس. الائي وقت ڪيئن گذرندو هوندس. مطلب ته هر وقت هن جي دل ۽ دماغ تي اها ڳالهه هوندي هئس. حسن کي دبئي ۾ ٻه مهنيا گذري ويا. هڪ ڏينهن ٽپالي ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ کڻي آيو. ان ۾ هڪ ڪارڊ حسن جو هڪ مومل جو ۽ هڪ حور نالي عورت جو هو. پهريان ته مومل ائين ئي ڪارڊ پڙهيو. پر جڏهن مڙس جي نالي ۾ حسن جو نالو ڏٺائين ته هن جو سڄو بدن ڏڪڻ لڳو ۽ هوءَ اُتي ئي دروازي تي ويهي رهي. ڪافي دير ائين ئي ويٺي رهي.

هن پئسا کنيا ۽ همت ڪري P.C.O تان ڳالهائڻ ويئي. هن حسن جي آفيس ۾ فون ڪيو. حسن جڏهن فون Attend ڪرڻ آيو ته هوءَ ڏڪي رهي هئي. هن مايوسيءَ واري آواز مان حسن کان پڇيو ته ”اڄ جيڪي ڪارڊ پهتا انهن ۾ حور نالي عورت جو ڪارڊ ڪنهن جو آهي. پهريان ته فون تان ڪو به آواز نه آيو پر ٿوري دير کان پوءِ هن صرف ايترو ٻڌو ته مومل پريشان ڇو ٿي ويئي آهين. مرد ته چار شاديون ڪندا آهن جي مون ٻي شادي ڪئي ته ڇا ٿي پيو؟ سا به مون کي مجبوريءَ ۾ ڪرڻي پئي. توکي ضرور ٻڌايان ها پر تون اجايو پريشان ٿئين ها ان ڪري مون ڪونه ٻڌايو. پر چري ان سان تنهنجي پيار ۾ ڪمي ٿوري ايندي. مان ته تنهنجو آهيان ۽ تنهنجو ئي رهندس. تون ته منهنجي ”پٽ راڻي“ آهين. توکي ٿورئي ڇڏيندس. پر مومل هن جي ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌي ۽ هوءَ سن ٿي ويئي. رسيور هن جي هٿ مان ڪري پيو ۽ هوءَ گهر ڏانهن وڃڻ لڳي، جيڪا مومل هوا ۾ اُڏامندي هلندي هئي تنهن کي هينئر پنهنجا پير مڻ جا محسوس ٿيڻ لڳا ۽ ان کي اسڪول وارن ساهيڙين جا اهي لفظ ياد اچڻ لڳا ته:

”ڏس متان تنهنجو راڻو توکان رسي وڃي!!“

انجنيئر غزالا چنڙ

زندگيءَ جي سفر ۾ اڪيلا رهجي ويندڙ وجود

هُو جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو چڱو خاصو زميندار آهي. هو پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي هر ضرورت پوري ڪري ٿو. هو هر اها مادي شيءِ آڻي پنهنجي ٻارن جي سامهون رکي ٿو، جنهن جي هو فرمائش ڪن ٿا. شهر ۾ هن جو هڪ حويلي نما بنگلو پڻ ٺهيل آهي، جتي هر ڀاتيءَ لاءِ الڳ ڪمرو ۽ هر ڪمري ۾ سُک ۽ تفريح جي هر شيءِ موجود آهي، پر ڪمي صرف ايتري آهي جو ان بنگلي ۾ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي ڀاتيءَ جي موجود هجڻ يا نه هجڻ جي ڪا خبر ئي نه ٿي پوي. پر اها ڪمي شايد ايتري ته معمولي آهي جو ڪنهن کي محسوس ئي نه ٿي ٿئي. هن جا ٻار شهر جي وڏن اسڪول ۾ پڙهڻ وڃن ٿا.

ائين ئي زندگيءَ جي سفر ۾ اڳتي وڌندي اوچتو ان شخص جي ذهن ۾ خيال اچي ٿو ته هن جي جيون ساٿياڻي سندس قابل ناهي رهي جو هن دَور جي تيز رفتار ڊوڙ ۾ هن سان گڏ هلي سگهي. هو هاڻي اڪثر شهر مان گذرندي پنهنجي گاڏيءَ جي دريءَ مان ٻاهر رستي تان گذرندڙ پرهيل ڳڙهيل ڇوڪرين ۽ عورتن ڏانهن حسرت واريءَ نگاهه سان ڏسندو رهي ٿو، چاهي اهي ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون هجن يا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتون، هو بس انهن کي تڪيندو رهي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ڪاش! منهنجي زندگيءَ ۾ به هڪ اهڙي عورت هجي جيڪا گاڏيءَ ۾ مون سان گڏ منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويهڻ جي قابل هجي!

هو اهو سوچي سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو هو مرد جو نفس کڻي پيدا ٿيو آهي ۽ سماج مرد کي کُلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. تڏهن ته هو پنهنجي باز جهڙين شڪاري اکين سان هر طرف تڪيندو رهي ٿو ته من ڪٿي ڪو شڪار نظر اچي، ۽ هو ان کي چيري ڦاڙي پنهنجي بک مٽائي.

هتي هڪ مرد لاءِ اهو به ضروري ته ناهي ته هو جنهن عورت کي پنهنجي زندگيءَ جو همسفر چونڊي پوري زندگيءَ جو سفر ان سان ئي طئه ڪري. هو هڪ کان پوءِ ٻيو، ٻئي کان پوءِ ٽيون ۽ ٽئين کان پوءِ چوٿون همسفر مٽائيندو رهي ٿو ۽ پوءِ به هو پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن نه ٿو ٿئي. ڇو ته سماج هُن کي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي آزادي ڏئي ٿو. تڏهن ته هو انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي خواهشن پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو.

هن جي ٻي شادي ڪرڻ سان ڪنهن تي ڪو به فرق نه پيو، هرڪو پنهنجي دنيا ۾ گم لڳو پيو هو سواءِ ٻن وجودن جي، جن لاءِ شايد اهو مادي عيش ۽ آرام ڪا معنيٰ نه پيو رکي. انهن لاءِ ته صرف ان شخص جو هڪ همسفر جي حيثيت ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿ ۽ هڪ پيار ڀري نگاهه ۽ هڪ پيءَ جي حيثيت سان شفقت سان مٿي تي رکيل هٿ ئي پوري دولت هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com