سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :4

سرتيون: اهڙي خواهش جا اڃا پوري نه ٿي هجي؟

ريحانه: مون زندگيءَ ۾ جيڪو ۽ جيئن چاهيو آ اهو ٿوري گهڻي دير  ۽ ڦيرڦار سان مون کي مليو آ، ها پر ڪجهه خواهشون اهڙيون هونديون آهن جيڪي رڳو خواهش ڪرڻ سان ناهن ملنديون ۽ اهي رڳو اوهان اڪيلي جي محنت سان واڳيل نه هونديون آهن فيض جو شعر:

هم محنت کش جگ والون سي
جب اپنا حصه مانگي گي
ايک کهيت نهين ايک ديس
نهين هم ساري دنيا مانگي گي

بس اهائي هڪ خواهش آ، جنهن لاءِ آءُ چونديس.

تو ميرا خواب هي،
آ ميري حقيقت بن جا.

اوهان جي پسنديده شخصيت.

آءٌ جنهن شخصيت کان سڀ کان پهرين متاثر ٿيس اهو هو منهنجو ڏاڏو. مان ان کي اڄ به آئيڊلائيز ڪندي آهيان. ڏاڏا هندستان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳوٺ جي وڏيرن سان مهاڏو اٽڪايو. ڏاڏا عورت جي تعليم ۽ سندس آزاديءَ جو قائل هو. ڏاڏا هڪ دور انديش ۽ حالتن کي سمجهڻ وارو فرد هو. هن ڄاتو ٿي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندو لڏپلاڻ ڪندا ۽ هتي خاص طور تي ماسترن جي کوٽ ٿيندي، انڪري پاڻ خاص ڪري ڳوٺ جي ڪافي شاگردن کي ذاتي ڪوششون وٺي فائنل ڪرائي ته جيئن اهو خال ڀري سگهجي. اهو ان سبب آ جو اڄ اسان جي ڳوٺ ۾ تقريباُ 80 سيڪڙو  تعليم آ، ۽ استاد سڀ ڳوٺ جا آهن. هاءِ اسڪول ۾ ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ آ.

ڏاڏا جي شخصيت عوامي قسم جي هئي. هو عالمِ دين به هو ته ننڍو وڏو واپار به ڪندو هو، ته موسيقي جو به شوقين هو، ڏاڏا دِلو ڏاڍو سٺو وڄائيندو هو، مون کي سٺو لڳندو آجڏهن ماڻهو اسان کي ڏاڏي جو تسلسل سڏيندا آهن ۽ خوشي ٿيندي آ ته اسان شعور جي چڻنگ کي وسائڻ ناهي ڏنو. ان کان پوءِ منهنجا آئيڊيل آهن، ميڪسم گورڪي، چي گويرا ۽ فيڊرڪ اينجلس.

سرتيون: انسان اوهان جي نظر ۾؟

ريحانه: هن پوري ڪائنات ۾ انسان ئي اهو (ذهني) سگهارو جانور آهي، جنهن وٽ فطرت کي فتح ڪرڻ جو عقل ۽ فهم آهي. جنهن فطرت سان بقا جي جنگ وڙهندي وڙهندي اڄ فطرت جي کوڙ سارين شين کي پنهنجي ڪنٽرول اندر ڪيو آهي، جنهن سمنڊ جي تهن کان وٺي چنڊ تائين پنهنجي فتح جا قدم رکيا آهن.

سرتيون: شاعريءَ ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو؟

ريحانه: ادب سان شناسائي کان پوءِ اهو ته ذهن ۾ هو ته ڪجهه نه ڪجهه لکجي ۽ منهنجو رجحان ڪالم ۽ مضمون لکڻ ڏانهن هو، ۽ اڃا به آهي. شاعريءَ لاءِ قطعي نه سوچيو هو، پر اسان تاريخ ۾ ڏسون سڀني ماڻهن شروعات شاعريءَ کان ڪئي آهي (طبع آزمائي طور). مارڪس کان وٺي نيوٽن تائين ۽ پوءِ وڃي پنهنجي اصل صنف سڃاتي. شايد انڪري ئي جيستائين مان پنهنجي اول صنف ڏانهن اچان، سماجي اڻبرابريءَ خلاف ٿيندڙ ذهن ۾ ولوڙ، آزاد نظم جي روپ ۾ اظهارجيو وڃي. اهي پنهنجو گهاڙيٽو پاڻ کنيو اچن. مون ڪڏهن به شعوري ڪوشش ناهي ڪئي شعر لکڻ جي .

سرتيون: اوهان پهريون شعر ڪڏهن ۽ ڪهڙو لکيو.

ريحانه: مون پهريون شعر 16 فيبروري 2001 تي  رات جو پوئين پهر لکيو. اهو مون تي پاڻ تي به انڪشاف هو ته مان ان صنف ۾ طبع آزمائي ڪري سگهان ٿي. منهنجي ان نظم جو نالو به ”16 فيبروري“ آ ۽ اهو عبرت مئگزين ۾ ڇپيو آ.

سرتيون: اوهان نثر لکيو آهي.

ريحانه: منهنجي اڃا تائين اها ڪوشش آ ته نثر لکان. مون هڪ آرٽيڪل لکيو هو جيڪو شام اخبار ۾ ڇپيو هو ۽ ٻيو اديب رسالي ۾ رخسانه جي شخصيت تي هڪ تاثر لکيو آ.

سرتيون: توهان ڪهڙين ڪهڙين اديبن / شاعرن کي پڙهيو آ؟

ريحانه: سنڌي ۾ جيڪو به ادب ڇپيو آهي تقريباً نظر مان نڪتل آهي. ان کان علاوه، مون ڪرشن چندر، سعادت حسين، عصمت چغتائي، قرهِ العين حيدر، سارا شگفته، ڪشور ناهيد، فيض احمد فيض، ساحر، البرٽ ڪاموُ، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، ميڪسم گورڪي، ٽئگور، پشڪن، ڊاڪٽر مبارڪ علي، سبط حسن، امرتا پريتم، پائلو فراري وغيره پڙهيا آهن.

سرتيون: پسند جا ليکڪ ڪهڙا آهن؟

ريحانه: پائلو فراري، ميڪسم گورڪي، امرتا پريتم، شيخ اياز، امر جليل، فيض احمد فيض، قرهِ العين حيدر مون کي پسند آهن.

سرتيون: پسند جا ڪتاب ڪهڙا آهن؟

ريحانه: مون کي تاريخ ۽ سياسي موضوع تي لکيل ڪتاب پسند آهن، مثلاً، سبط حسن جو ”نويد فکر“ حمزه علوي جو ”پاڪستان ۾ رياست جا بحران“ گورڪي جو ”ماءُ“ ناول، فيض احمد فيض جو”نسخه وفا“ سٺا ڪتاب آهن.

سرتيون: توهان جي پسند جو گل؟

ريحانه: باغ ۾ سڀ گل سهڻا هوندا آهن، پر مون کي موتيو ۽ گلاب وڻندو آهي.

سرتيون: لباس ڪهڙو پسند اٿو؟

ريحانه: مون کي پينٽ شرٽ پسند آهي  ۽ ساڙهي پائڻ سٺو لڳندو آ.

سرتيون: اوهان جي پسند جا فنڪار ۽ اداڪار؟

ريحانه: مون کي کوڙ سارا فنڪار ۽ اداڪار پسند آهن، باقي جن جا نالا هن وقت ذهن تي اچن ٿا جيئن شبانه اعظمي، نصيرالدين شاهه، نانا پاٽيڪر، سميتا پاٽيل، خالده رياض، طلعت حسين، هما نواب، عظميٰ گيلاني، ڪشور ڪمار، فريده خانم نيره نور، اقبال بانو، رآحت ڪاظمي، سڪينه سمون، شفيع محمد شاهه، عاشق نظاماڻي، رونا ليليٰ، لتا ، محمد رفيق، انوپ جلوٽا.

سرتيون: اوهان جي پسند جو کاڌو؟

ريحانه: مون کي گوار، ڀينڊيون، پٽاٽا تريل، پاروٿو ڀت کنڊ سان ۽ بيضو جيڪو ٽماٽا بصر وجهي فراءِ ڪري ٺاهبو آهي.

سرتيون: اوهان جي پسند جون فلمون؟

ريحانه: بازار، سلسله، آندهي، مرزا غالب، عمرو مختار، Lion of Desert، ۽ Blood of Hussain .

سرتيون: اوهان جي پسند جو رنگ؟

ريحانه: مون کي ناسي ڳاڙهو، اڇو، هلڪو آسماني ۽ ڪارو رنگ پسند آهن.

سرتيون: سرتيون پرهندڙ ساٿين لاءِ ڪو پيغام؟

ريحانه: منهنجو پنهنجي سرتين ڏانهن اهو پيغام آهي ته هو زندگيءَ ۾ آيل پريشانين کي لکئي جو ليک يا قسمت يا نصيب جو لکيو نه سمجهن. اسان وٽ کوڙ ساريون مدي خارج رسمون آهن جن کي قسمت جي نالي تي اسان مٿان مڙهيو ويو آهي، انهن زيادتين تي جيترو ٿي سگهي سوال اٿارين جڏهن هر طرف کان سوال ايندا، تڏهن سماج مجبور ٿيندو تبديل ٿيڻ لاءِ!

ريحانه چنڙ

شاعري

ٽي پُٽ تري آيا

ڌيءَ لُڙهي وئي

ڇو ته

نياڻي ذات

تارو ناهي ٿيندي!

داڻي داني تي اگر

کائڻ واري جو

نالو لکيل آ

ته پوءِ،

تنهنجي ۽ منهنجي حصي جا داڻا

ڪاڏي ويا؟

بابا جُوڻ مٽائي ويو

رت جون اُلٽيون بند ٿي ويون

امان عدت ۾ ويٺي

اسان جون روٽيون بند ٿي ويون!

ڪتي کي هڏي ملي

ڀيڻ ڪاريءَ عيوض

هُن کي ڪجهه ايڪڙ ٻني ملي.

F.I.R (ايف آءِ آر) نظم

ڊاڪٽر پريشان آهن

ته وارڊ نمبر 6 ۾ داخل

نينگري!

هاءِ پاور ننڊ جون گوريون

کائڻ کان پوءِ به

اکيون ڇو نٿي ٻُوٽي

هنن کي ڪهڙي خبر

ته هُن نينگريءَ جا خواب

چورائجي ويا آهن

۽ چوري ٿيل خوابن جي

ڪا به

F.I.R

داخل ناهي ٿيندي!

نظم

سپنا ڪيڏا به سندر سهي!

پر

سپني مان

جاڳڻ ضروري!

منهنجي سڄي جا

سڄي سونهن تنهنجي

شاعريءَ ۾ آهي

ناهي ته بس

منهنجي زندگيءَ

۾ ناهي!

جا ميهار سان

ملي سا ته سُهڻي هئي

جا ڪنهن سان نه ملي

سا ته ڪاري هئي!

چوسٽا

سائو انقلاب سُٺي ڳالهه آ،
سائنس انقلاب سٺي ڳالهه آ،
جو ڏئي سگهه هاري ۽ مزدور کي،
سوئي انقلاب وڏي ڳالهه آ.

منهنجي پوتي جهنڊو ٿيندي،
تنهنجي پڳ به جهنڊو ٿيندي،
پنهنجي جنگ تڏهن ئي ساٿي،
ظالم اک جو ڪنڊو ٿيندي.

الطاف شيخ

not born in u.s.a

دنيا جي سمنڊن کي گند ڪچري کان صاف رکڻ، جهازن کي حادثن کان محفوظ رکڻ ۽ جهازين جي تعليم ۽ امتحان جو معيار بلند کان بلند تر ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن (United Nations) طرفان آءِ. ايم او (International Martitime Organization) نالي هڪ کاتو آهي. ان کاتي طرفان ايشيا جي مڙني ملڪن ۽ پئسفڪ سمنڊ جي سڀني ٻيٽن جي نمائندن جي گڏجاڻي ملاڪا (ملائيشيا) ۾ ٿي. ٻن هفتن لاءِ ايشيا جي ملڪن: ايران، پاڪستان، سريلنڪا ۽ برما کان چين ٿائلنڊ ۽ ويٽنام ڪوريا تائين، ۽ پئسفڪ سمنڊ جي انيڪ ننڍن وڏن ويجهن، ڏورانهن، ٻڌل اڻ ٻڌل ٻيٽن: پاپاءِ نيو گني، فجي، سولومن، آئلئنڊ کان ٽونگا، تووالو، وانوئاتو ۽ مارشل آئلئنڊس جي جهاز راني ۽ جهاز سازيءَ جي کاتن جا همراهه هتي اچي گڏ ٿيا هئا. سندن اچڻ کان اڳ اسان ڌارين مان هر هڪ کي پنهنجي ملڪ جي نمائندي معلوم ڪرڻ جو انتظار هو ته ڪير ٿو اچي جنهن کان پنهنجي ملڪ جي خبر چار پڻ وٺجي. آخر I.M.O جي لندن آفيس مهمانن جي سڄي لسٽ ٽيليڪس ذريعي ملاڪا موڪلي ته هي همراهه سيمينار ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

پاڪستان کان ايندڙ چيف انجنيئر عارف حسين نه فقط سڃاڻو هو، پر سندس واسطو ساڳي جهاز ران ڪمپني PNSC سان آهي، جنهن طرفان ٽن سالن جي Lien تي آءٌ هتي ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ آيو آهيان. بنگلاديش واري خاني ۾ ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌريءَ جو ۽ مالديپ ٻيٽ واري ۾ مسٽر احمد شريف جو نالو هو، جيڪي ٻيئي پڻ پراڻا واقفڪار آهن. بنگلاديشي ڪئپٽن چوڌري 1963 ۾ مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو، جتي آءٌ ان وقت انجنيئرنگ ڪئڊٽ هوس. ان بعد هو پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپنيءَ جي جهازن: سفينئه جمهوريت، سفينئه عرب ۽ سفينئه اسماعيل تي ڪيترائي سال رهيو. پوءِ بنگلاديش جي جهازن: بنگلار آشا، بنگلار مامتا، بنگلار غوراب، بنگلار مان وغيره تي ڪئپٽن ٿي رهيو. ان بعد سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ بنگلاديش جي وزارت جهاز راني ۽ آمد رفت ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو جتي اڃا تائين آهي ۽ ڍاڪا ۾ رهي ٿو.

مسٽر احمد شريف جو واسطو پڻ جهازن سان آهي. پاڻ شروعاتي تعليم هندستان جي مئرين اڪيڊمي ڊفرن مان ورتائين (جيڪا هاڻ راجيندار سڏجي ٿي)، ان بعد پنهنجي ملڪ جي مختلف جهازن تي نوڪري ڪري هاڻ ڪجهه سالن کان مالديپ ٻيٽن جي وزارت جهاز راني ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي آهي ۽ اڪثر هن قسم جي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ميٽنگن ۾ ملندو رهي ٿو. مالديپ ملڪ دراصل انيڪ ننڍن وڏن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيئن فلپين يا فجي آهي. مالديپ ڪو امير ملڪ ناهي پر تنهن هوندي به کيس ڪنهن زماني ۾ ڪافي جهاز هوندا هئا. گذريل چند سالن کان سامونڊي آمد رفت کي اهڙي نظر لڳي آهي جو ڏينهون ڏينهن پٺتي ٿيندي وڃي. بقول اسان جي هڪ سيڪنڊ انجنيئر وقار حسين جي ڪو زمانو هو جو مرچنٽ نيوي جا آفيسر پنهنجي شاهي ”شان - مان“ مان سڃاتا ويندا هئا، پر هاڻ هو مفلسي ۽ مسڪينيءَ مان سڃاتا وڃن ٿا. جهاز رانيءَ جي ڪرندڙ حالتن جو اثر دنيا ۾ جتي ڪٿي ٿيو آهي. ۽ جتي يورپ، جپان ۽ آمريڪا جون P&O ۽ سنڪو شپنگ لائين جهڙيون ڪمپنيون ئي ترپت ٿي ويون آهن اتي غريب ملڪن جو ڇا حال چئي سگهجي ٿو. نه ته 1970ع تائين عربي سمنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي ۽ ڪولمبو کان بمبئي ۽ بصري تائين، مالديپ جي جهنڊي وارا جهاز چڱي انگ ۾ نظر ايندا هئا. هاڻ بقول احمد شريف ته جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ جهاز وڃي بچيو آهي اهو هن ڏکئي وقت ۾ فقط تيل جا پئسا پورا ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيو آهي ته من ڪو ايترو ڪارگو (سامان) ملي وڃي جنهن مان جهاز جي هلڻ جو تيل ۽ اُن کي زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ رنگ روغن جو خرچ پورو ٿي سگهي. وري به مالديپ جي اها خوش نصيبي آهي جو سندس جهازي عملو بيروزگار نه ٿيو آهي. بنگلاديش ۽ مالديپ ٻيٽن جا جهازي (خلاصي) بيحد چئيوان، غريب سڀاءُ، جسماني طرح ڪمزور هجڻ جي باوجود اڻ ورچ ۽ پورهيت، ٿوري ۾ خوش رهڻ وارا آهن. انڪري دنيا جي سوين غريب توڙي امير جهاز ران ڪمپنين ۾ توهان کي بنگالي مالديپي منلدا.

ٻئي يا ٽئين ڏينهن شام جو ڪٿي ٻاهر هوٽل ۾ هلي ماني کائڻ لاءِ عارف حسين چيو. رستي تان بنگلاديش جي ڪئپٽن چوڌري ۽ مالديپ جي احمد شريف کي پڻ کنيوسين. چوڌري ننڍپڻ کان چرچائي آهي. هر وقت خوش رهڻ ڪري وڃيس ٿو ڏينهون ڏينهن ماس چڙهندو. پاڻ پراڻن ڏينهن ۽ ننڍپڻ جي ساٿين جا چرچا ٻڌائيندو رهيو.

”يار ٻڌو اٿئون ته فلاڻو همراهه جيڪو پاڻ کان سال کن جونيئر هو اڄ ڪلهه پاپاءِ نيو گني ملڪ جي ڪنهن نيول ڪاليج جو پرنسپال آهي؟“ اسان پڇيس.

”ادا اهو هاڻ ڪٿي نه رهي سگهندو.“ چوڌري وڏو ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو.

”ڇو ڀلا-؟“ اسان وائڙو ٿي پڇيس.

”ابا هو جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد چٽگانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پرنسپال جي پوسٽ تي سکيو ستابو ويٺو هو. کڻينس ٿي کٽي جو هيڪاندي وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ هليو ويو. اتان ايڪسٽرا چيف انجنيئر جي (Qualification) حاصل ڪري آيو. ان بعد پاڻ کي هيڪاندو وڏو سمجهڻ لڳو. ۽ ايڏو وڏو سمجهڻ لڳو جو پنهنجي ملڪ جي هر ڪا ڪرسي کيس ننڍي محسوس ٿيڻ لڳي. اڄڪلهه حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو جن ڪپتانن ۽ چيف انجنيئرن بين الاقوامي سمنڊن ۾ وڏا وڏا جهاز هلايا ٿي هينئر روزگار خاطر پنهنجي ملڪ جي بندرگاهن ۾ ڊريزر ۽ ٽگ (ننڍا ٻيڙا) هلائڻ لاءِ به واجهائين پيا. اتي هن کي اهو ڪُڏ ته ”آئون ايڪسٽرا چيف انجنيئر جو ٿي آيو آهيان سو مون کي اڃا به وڏي نوڪري ۽ وڏو پگهار ملڻ کپي.“ آخر پنهنجو ملڪ بنگلاديش ڇڏي جپان جي هڪ وڏي جهاز ران ڪمپنيءَ جي جهاز تي وڃي چڙهيو. اتي به ساڳي کِٽ کِٽ ته آءٌ ايڪسٽرا چيف انجنيئر آهيان. مون کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ ملڻ کپي. هڪ ڏينهن ان جهاز ران ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سمجهائيندي چيس ته ”جهازن مان اڄ ڪلهه ڪمائي ٿئي ڪانه ٿي. روز روز نقصان جو ٻڌي مالڪن جو پيو هينئون ٻُڏي ۽ هو ته چاهين ٿا ته وس پڄي ته جهاز جي آفيسرن کي مانيءَ جو ويلو به گهٽ ڏجي. تون پيو ڳالهيون ڪرين 1975ع کان اڳ جون جڏهن جهاز جي عملي کي واقعي سونن چمچن سان کارايو ويندو هو.“

”ابا هن جو ائين چوڻ ۽ اسان جو يار ان کي عزت جو سوال سمجهي، پاڻيءَ جو جهاز اتي ئي ڇڏي هڪ هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز جي ايڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي پئسينجر جي حيثيت سان ڍاڪا کان اچي نڪتو. ان بعد پاپاءِ نيو گني ويو. برابر پر اتي به جهيڙا جهٽا ڪري موٽي آيو. نه ته اهو ملڪ تازو هاڻ آزاد ٿيو آهي. ڄمي پوي ها ته ٻين لاءِ به نوڪريون حاصل ڪري سگهي ها. هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي.

”امي جاڻي نه. (مون کي ڪا خبر ناهي).“ ڪئپٽن چوڌريءَ آخري جملو بنگاليءَ ۾ چيو.

”يار تون چيف انجنيئر افتخار کي سڃاڻين - ؟“ ڪئپٽن چوڌريءَ کان مون هڪ بنگالي دوست جو پڇيو، ”ساڻس ڪجهه فئملي پرابلم هو.“

”ها.ها. سمجهيم. سلهٽ وارو“، چوڌريءَ چيو. ”هاڻ اهو ٻي زال سان خوش آهي، باقي توهان وارو ڪلاس ميٽ - فلاڻو ڪئپٽن جيئرو دفن ڪرڻ جهڙو آهي، ٻن زالن کي طلاقون ڏيئي چڪو آهي ۽ هاڻ - “

۽ هاڻ ٽئينءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو.“ عارف حسين سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي لقمو ڏنو.

”نه بابا نه. هاڻ چوي ٿو ته ٻيءَ کي ساڙڻ لاءِ وري پهرينءَ سان شادي ڪندس. رڳو سندس ٻيو مڙس کيس طلاق ڏيڻ لاءِ ڪنهن طرح راضي ٿئي.“

پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي اسان کان پڇيائين: ”يار توهان جي فلاڻي ريڊيو آفيسر ٻڌو اٿم ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڇوڪريءَ سان ٻي شادي ڪئي آهي. مولويءَ جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ته پهرين زال کي ستن پڙدن ۾ وهاري هاڻ پيريءَ ۾ هڪ ماڊرن ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو خيال آيو اٿس.“

”نه يار. اهو هن تي اجايو بهتان آهي.“ عارف حسين ڳالهه سمجهائي ”هن پاڻ نيڪيءَ جو ڪم ڪيو آهي. هڪ غريب بيواه تي آفيس ۾ هرڪو الزام گهڙيندو وتندو هو. ان کي پناهه ڏيڻ لاءِ هن شادي ڪئي.“

ڪپئٽن چوڌريءَ روايتي قسطن وارو ٽهڪ ڏنو. جڏهن هن کي زبان سان ”ڏاڍي ٻڌائي.“ نه چوڻو هوندو آهي ته ان وقت ان قسم جو ٽهڪ ڏيندو آهي. پوءِ رومال سان نرڙ تان پگهر اگهي چيو: ”ٺهيو. چئبو ته هاڻ ڏاڙهين تي به اعتبار نه رهيو.“

”ڀلا توهان واري ڪئپٽن وسطڙو جو ڪهڙو حال آهي-“ چوڌريءَ چيو.

”صحيح آهي. مالمو يونيورسٽي (سئيڊن) مان فليٽ مئنيجمينٽ (Fleet-Management) ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. مون ٻڌايومانس.

”گذريل سال آءٌ هفتي لاءِ سئيڊن ۾ هوس. سندس يونيورسٽيءَ وارن سيمينار ڪيو هو ۽ اسان مهمان طور ويا هئاسين. بشير وسطڙو سان اتي روز ملاقات ٿيندي هئي. آهي وڏو لاهه. هڪ ڏينهن چيائين: ”يونيورسٽيءَ وارن جي روز دعوت ٿو کائين اڄ مون غريب وٽ هلي دال ماني کاءُ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com