”پاڪستاني برياني، پلاءُ، پلي مڇي، پڪوڙي ڪواب کي
کاڌي سال ٿي ويا هئا. سو سئيڊ ميزبانن جي ست رڇي
ڇڏي، سخت سيءَ ۽ برفاني هوا ۾ ميل کن پنڌ ڪري
هاسٽل ۾ وسطڙو جي ڪمري تي اچي ڏسان ته واقعي دال
ماني رڌي آيو هو. چيومانس ”يار هي ڇا آهي؟ رڳو دال
ٻيو ڪجهه به ناهي.“ ته ماڳهين مون تي جلهه ڪري چوڻ
لڳو: ”ڇا وري ڇا؟ مون ته اچڻ کان اڳ ئي ٻڌايو هو
مانءِ ته دال ماني هلي کاءُ. سؤ رپئي ڪلو آهي هتي
دال. سا به سئيڊن ۾ ملي ڪانه ٿي. چيٽيءَ چنڊ، ڪوپن
هيگن (ڊئنمارڪ) ڪير ويندو آهي ته اتان گهرائيندو
آهيان.“ چپڙي ڪري ويهي کاڌم. سو اهڙا ماڻهو مون
ڪٿي به نه ڏٺا جيڪي نه رڳو ”دال مانيءَ“ جي دعوت
ڏين پر کارائين به دال ماني ئي. ۽ اهو ٻڌائڻ ته
وسري ويم ته دال به رڌي ٺاهي نه آيو هو. اڌ گابري
رڌي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ هليو آيو هو. سو جيئن ڪمري تي
پهتاسين ته ڏوئي هٿ ۾ ڏيئي چيائين ”پارٽرنر! دل ۾
نه ڪرين ته پوءَ گهماءِ ته آءٌ اٽو ڳوهي ماني
پچايان.“
ڪئپٽن چوڌريءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو نمونو اهڙو آهي جو
اداس ماحول ۾ خوشيءَ جو وسڪارو ٿيو وڃي. ڏکويل ۽
غمگين ماحول ۾ ٽهڪڙا اچيو وڃن. شاگردپائيءَ جي
زماني کان وٺي دل ۾ درد هوندي به ٻين کي خوشيون ۽
کلڪا ڏيندو اچي. پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ظاهري کل ۽
چرچي جي ڳالهه مان اندر جو ڏک ۽ غم پڻ ليئو پائي
وٺندو آهي. ۽ ڳالهه ٻڌائيندي هڪدم پاڻ به سنجيده
ٿي ويندو آهي. ان رات به ائين ٿيو.
ڳالهيون ڪندي ائيرپورٽ تي ڪسٽم وارن جي چڪاس جي
ڳالهه نڪتي. مون چيو ته هتي ملائيشيا ۾ ڪسٽم وارا
ڌارين کي ايترو تنگ نٿا ڪن.
عارف حسين چيو: ”منهنجي ته بئگ کولرايائون.“
تنهن تي ڪئپٽن چوڌريءَ چيو: ”ڪن جي چڪاس ڪن ٿا ڪن
جي نه. منهنجي اڳيان ٽي چار گورا هئا تن جي سامان
کي هٿ به نه لاتائون. انهن بعد جڏهن آءٌ ڪسٽم
ڪائونٽر تي پهتس ته ڪسٽم واري مون کان پڇيو ”ڪهڙي
ملڪ جا آهيو؟، وراڻيو مانس ته بنگلاديش جو آهيان.
يڪدم چيائين: ”بئگ کولڻي پوندي.“ بئگ کولي سندس
اڳيان ريڙهي چيم: ”بلڪل سائين ڪيئن نه کوليندس.“ ۽
پوءِ آهستي ڀڻڪيس:
"Not Born in U.S.A"
(بس آمريڪا ۾ جو نه ڄائو آهيان.) ڪسٽم وارو ڪو
سمجهو هو جو اهو ٻڌڻ سان منهنجا هٿ جهلي بئگ جو
سامان ٻاهر ڪڍڻ کان روڪي، اتي جو اتي بند ڪري چاڪ
جو نشان هنيو. ”آءِ ايم ساري. توکي بئگ کولڻ جي
تڪليف ڏنم.“
”نقلي مرڪ چپن تي آڻي، واڇن کي ٽيڙي، ڏند ڪڍي زبان
سان ”ٿئنڪ يو“ چيومانس. دل ۾ سوچيم ته تو هڪ ته
کڻي منهنجو سامان نه ڦولهيو پر دنيا ۾ اهڙا ماڻهو
ڪيترا آهن جي اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن سان سٺو
برتاءُ ڪن ٿا.“ ڪئپٽن چوڌري ٿڌو ساهه کڻي، خلائن ۾
گهوريندي چيو: ”بس يار هڪ غريب ملڪ جو باشندو ٿيڻ
به ڪيترو ذهني عذاب آهي. توهان کڻي ڪيڏا به اهم
آفيسر هجو، ايماندار هجو، نيڪ ۽ متقي هجو، سچار ۽
صحيح هجو، پر جيئن ته بنگلاديس
جهري
هڪ غريب ملڪ ۾ پيدا ٿيا آهيو، اتي ڄاوا نپنا آهيو
۽ توهان تي ان ملڪ جو ٺپو لڳل آهي انڪري توهان جو
چور هجڻ ممڪن آهي ۽ جيڪو تيڪو توهان جو پٽڪو لاهي
سگهي ٿو ۽ هوڏانهن ڪنهن امير ملڪ جو ڪيڏو به چور ۽
ٺڳ هجي ته به عزت لائق آهي. خاص ڪري اسان جو
ايشيائي ڪسٽم آفيسر ساڻس جهڪي جهڪي پيو
ڳالهائيندو. متان سندس حڪومت يا سفارتخانو ناراض
نه ٿي پوي.“
ڪئپٽن چوڌريءَ جي ان ڳالهه بعد اسين سڀ چپ ٿي
وياسين. شايد سڀني کي پنهنجا پراڻا سور ياد اچي
ويا. نوڪريءَ دوران ڪيترن ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن
يا بندرگاهن تي اسان سڀني کي اهو تجربو ٿيو هوندو.
پوليس، ڪسٽم، اميگريشن وارن واٽ ويندي سڏي شڪ جي
نگاهه سان ڏٺو هوندو. فقط انڪري جو اسان جو واسطو
پاڪستان، هندستان، بنگلاديش يا برما جهڙي غريب
ايشيائي يا آفريڪي ملڪن سان آهي. جن وٽ نه پيٽرول
آهي نه پوليٽيڪل پاور ۽ جن کي تڪليف ڏيڻ سان ڪا
گلوبل تبديلي نه اچي سگهندي!
تاج جويو
لتا ٽهلياڻي
اسان وٽ سنڌ ۾ عام طور اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته
ورهاڱي وقت سنڌ مان اديبن/ساهتڪارن جون لڏي ويل ٻه
پيڙهيون - هڪ اُها جيڪا سنڌ ۾ ئي ادب/شاعري تخليق
ڪندي هئي، ۽ ٻي اُها جنهن هند ۾ وڃي ادب تخليق ڪيو
- يا ته ختم ٿي چڪيون آهن، يا منجهائن ڪي آڱرين تي
ڳڻڻ جيترا ليکڪ وڃي رهيا آهن، جن جي جيون ۽
تخليقي ڏيئن جي وٽِ ”چراغِ سحريءَ“ وانگر ٽمڪي رهي
آهي ۽ ڪنهن به وقت ڀڙڪو کائي گل ٿي ويندي، باقي
هند ۾ پيدا ٿيل ٽي پيڙهيون وشال ڀارت ۾ هندي تهذيب
۽ ٻوليءَ جي دٻاءَ ۾ اچي يا ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
سان بلڪل ڪاٽا ٿي چڪيون آهن يا سنڌي ٻولي وساري،
پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪيون آهن.
پر ائين به نه آهي. سنڌ ۾ جوانُ ٿيل پهرين پيڙهيءَ
مان ته واقعي ڪي ٿورا جهونا اديب ۽ شاعر زنده آهن،
جن جي نينهن جو ناتو سنڌ سان زندگيءَ جي پوئين
پساهه تائين ٽٽڻو ئي نه آهي ۽ سندن
قلم
جي مسُ به اڃا سندن زندگيءَ وانگر سُڪي نه آهي، ٻي پيڙهي وڏي جوش ۽ خروش سان نه رڳو سنڌي ادب جي
آبياري ڪري رهي آهي، پر سندن ڪري ئي اڄ ڀارت ۾
سنڌي ٻولي، سنڌي تعليم ۽ سنڌي تهذيب جيئري آهي.
ٽين پيڙهيءَ به سنڌي ادب کي هڪ وڏي هٿي ڏني آهي،
پر اُن جي ٻوليءَ تي هندي ۽ مقامي پرانتن/رياستن
جي ٻولين جو ڪجهه اثر وڌيڪ پيو آهي. پوءِ به اها
حقيقت آهي ته انهن ٽن پيڙهين جي محنت، جفاڪشيءَ،
پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ چاهه ۽ اُتساههَ، اڄ
ڀارت ۾ ”سنڌي ٻوليءَ“ ادب ۽ تهذيب“ کي بنان زمين
جي به زندهه رکيو آهي، اِها سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي
سگهه، وشالتا ۽ عالمگيريت ئي آهي، جيڪا موهن جي
دڙي واري دور کان وٺي، ڌارين جي لڳاتار ڪاهُن ۽ پَرلئن
کي سهندي، برداشت ڪندي ۽ پاڻ بچائيندي آئي آهي،
موهن ڪلپنا چيو آهي: ”جو مارڻ سان نه ٿو مري، سو
سنڌي آهي!!“
اهڙيءَ ريت اِها به انتهائي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي
ته هند ۾ پيدا ٿيل چوٿين پيڙهيءَ - جنهن 1960ع کان
1970ع جي ڏهاڪي دوران جنم ورتو آهي، انهيءَ به
ادبي حوالي سان اِن ڊپَ ۽ امڪان کي ڪنهن حد تائين
ختم ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽
سنڌي تهذيب ختم ٿي ويندي. ان چوٿين ادبي پيڙهيءَ ۾
نثر کي ڇڏي رڳو شاعريءَ جي کيتر ۾ ڏسنداسون ته
اسان کي درجن کان به وڌيڪ اهڙا اهم نالا ملندا، جن
سنڌي شاعريءَ ۾ پاڻ موکيو آهي. اهڙن شاعرن ۾
شريڪانت صدف (جنم: 1969ع)، رشمي راماڻي (جنم: 1960ع)،
موهن همٿاڻي، هريش ڪرمچنداڻي، اَرُون ٻاٻاڻي،
جئرام چمناڻي ”ديپ“، گهنشيام ”ساگر“، وينا
ڪرمچنداڻي، روي ٽيڪچنداڻي، لتا ٽهلياڻي (جنم:
1962ع)، وِمي سدا رنگاڻي (جنم:1971ع) ۽ ٻيا ڪيترا
شامل آهن.
اڄ جڏهن پاڪ - ڀارت سرحدن جي ڇڪتاڻ ڪجهه گَهٽي
آهي، ۽ ”پورب پار“ کان ٿڌي هوا جو جُهوٽو
گهليو آهي ته ٻنهي طرفين سنڌي اديبن/شاعرن جي اچ
وڃ ۾ به ڪجهه آساني ٿي آهي. منهنجيءَ ڄاڻ موجب
نئين ٽهيءَ جي شاعرن مان هن وقت تائين ٽي شاعر
شريڪانت صدف، رشمي راماڻِي ۽ ومي سدارنگاڻي، سنڌ ۾
پنهنجي لب لهجي ۽
Thought oriented (فڪري پختگيءَ واري) شاعريءَ جو اثر ۽ هاڪ ڇڏي ويا آهن، ۽ تازو
مختصر عرصي لاءِ اسان جي چوٿين نوجوان شاعره لتا
ٽهلياڻي سنڌ پهتي هئي. هن جي سکر، ڪراچيءَ ۽
حيدرآباد جي بنهه ڳاڻ ڳڻين اديبن ۽ شاعرن سان
ملاقات ٿي هئي ۽ هوءَ پنهنجيءَ شاعريءَ جي اثر ۽
رنگ سان هتي جي هوائن کي چڱيءَ ريت واسڻ کان اڳ ئي
واپس الهاس نگر وڃي چڪي آهي. ساڻس هڪ ٻن ڏينهن جي
مختصر ملاقات ۽ ڪچهريءَ ۾ سندس سڀاءَ، گفتگوءَ،
ٻوليءَ، لهجي، تخيلقي ائپروچ، (Crative
approach)
کي ڪي قدر پرکي سگهيو آهيان.
لتا ٽهلياڻي، ”لئيءَ مان لٺ ڀڃي“ شاعر نه ٿي آهي،
پر هن کي ارجن سڪايل جهڙي اعليٰ پد ۽ مان مرتبي
واري شاعر جي عَزازت
۽ قُربت
جو وَجهه مليو آهي، کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت
پرچار سڀا، جهڙي ادبي سنسٿا جو ساٿ به حاصل رهيو
آهي، جتي سائين ٽيڪچند ”مست“ جهڙا جهونا ڪاپڙي ۽
سنڌيت جا شيدائي موجود آهن.
مون لتا ٽهلياڻيءَ جي مختصر شعري اڀياس مان اندازو
لڳايو آهي ته هوءَ پختي ۽ فڪري سگهه واري شاعر
آهي، جنهن وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به، جنهن وٽ
ٻوليءَ جي سگهه به آهي ته سُونهن
به، جنهن وٽ عروضي وزن ۽ ڇند جي ڄاڻ به آهي ته
خيالن جي پختگي به، جنهن وٽ نئون سماجي شعور به
آهي ته نئين نظر به، جنهن وقت ۽ حالتن کي پرکيو به
آهي ته ماضيءَ جو مطالعو به ڪيو آهي. هن جنم ته
سنڌ ۾ نه ورتو آهي، پر هن جي ماتا ۽ پتا جي جنم
ڀومي سنڌ آهي ۽ اُن سنڌ جي پويتر جَل
۽ اُن مان سرجيل ممتا جي وجود مان هن امرت روپ ٿڃ
پيتي آهي، جنهن وسيلي هن جي من ۽ ذهن جون جڙون،
ابن ڏاڏن جي جنم ڀوميءَ سان جڙجي ويون آهن، ۽ هوءَ
هند - ڄائي هوندي به پاڻ کي سنڌ جي ”سنڌڻ“ سڏائڻ
تي فخر ڪري ٿي، جو هن جي جاتيءَ سنڌ کي ته گهڻو
ڪجهه ڏنو هو، پر هند کي به گهڻو ڪجهه ڏنو آهي،
ليڪن ورتو ڪجهه به نه آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي جاتي رڳو
ڏيڻ ڄاڻي، هوءَ خيرات تي پليل قوم نه آهي. هُن
ٻانهن جي ٻل ۽ ذهن جي سگهه سان دنيا ۾ مقام پاتو
آهي.
هن هند ڄائي ”سنڌڻ“ لتا ٽهلياڻيءَ جو سنڌ سان محبت
جو سنٻنڌ ۽ سنيهه جو اندازو سندس هيٺين مُڪت
- ڪوتا (نثري نظم) مان لڳائي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ
اُن ۾ جو ڪجهه بيان ٿيل آهي، سندس سنڌ ۾ اچڻ کان
پوءِ اُهو سڀڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، پر سندس جذبي
کي محسوس ڪرڻ ۽ کيس سلام پيش ڪرڻ تي دل مجبور آهي:
ها، مان سِنڌڻ
آهيان،
مون کي فخر آهي ته مان سنڌڻ آهيان!
سچ آهي ته سنڌ کي مون ڏٺو به نه آهي،
شاهه، سچل، ساميءَ،
ساڌن سنتن، صوفين جي ڀَوميءَ
۾،
مُون
ساهه نه کنيو آهي،
چندن جهڙي مٽي،
پنهنجي لڱن تي نه رکي آهي!
سرسبز کيتن ۾ پيدا ٿيل
فصل جو هڪ داڻو به
منهنجي پيٽ ۾ پيل نه آهي،
سنڌو درياهه جو اَمرت ڀي
مُون
نه پيتو آهي.
هيءَ به حقيقت آهي ته
مان ڄائي هند ۾ آهيان،
پوءِ به مان ”سنڌ جي سِنڌڻ“
آهيان،
ڇاڪاڻ ته منهنجي مٺڙي جيجل،
جيڪا سنڌ ۾ ڄائي هئي،
سنڌ جي هوا ۾ ساهه کڻي نپني،
بانبڙا پائيندي وڏي ٿي،
اُن سنڌيءَ امڙ جي مُون ٿڃ پيتي آهي،
اُن مون کي سنڌ جي سانڀر سان سنواريو
آهي،
سنڌي سيکاري آهي!
ها، مان سنڌي ماءُ جي ٿڃُ پي،
سنڌ جي سسئي آهيان، نوري آهيان،
مارئي آهيان!
ها، مان سنڌڻ آهيان،
مون کي فخر آهي ته مان سنڌِڻ
آهيان!
اڄ لتا جي هيءَ ڪوتا، سندس 43 ساله جيون - ماضيءَ
جو پڙاڏو بڻجي چڪي آهي، ڇو ته هوءَ ابن ڏاڏن جي
جنم ڀومي سنڌ ڏسي ۽ اُن جي مٽي ماٿي لائي چُڪي آهي. شاهه، سچل، ساميءَ، ساڌن سنتن، صوفين جي ڀوميءَ ۾ اچي
ساهه کڻي چڪي آهي، بلڪ شاهه ۽ سچل جي مزارن آڏو
مستڪ به ٽيڪي آئي آهي، سندس لال لال لڱن کي سنڌ جي
چندن روپ مٽيءَ ڇهيو آهي، سنڌ جي سرسبز کيتن جو
اناجُ روٽيءَ جي روپ ۾ سندس پيٽ ۾ پئجي چڪو آهي،
سنڌو دَرياهه جو امرت جل اندر ۾ اوتي چڪي آهي،
جنهن کي روڪڻ لاءِ اڄ بند ٻڌا پيا وڃن.
ها، اڄ هوءَ سنڌڻ آهي، مڪمل سنڌڻ آهي، پنهنجيءَ
ماتا جيان سمپورڻ سنڌي آهي، جنهن جي هُن
ٿڃ پيتي آهي. لتا ٽهلياڻي، اڳوڻي نوابشاهه ۽
هاڻوڪي نوشهري فيروز ضلعي (ساهتي پرڳڻي) جي
ڳوٺ/شهر ”ٺٽ هوتچند“ جي رهواسي، ڪشنچند ٽهلياڻيءَ
جي ڌيءُ ۽ نٿرمل ٽهلياڻيءَ جي پوٽي آهي، جيڪو ڪنهن
وقت پوليس آفيسر هو جنهن جو پٽ تيجومل، ٺٽ هوتچند
جو مُکي
هوندو هو.
هوءَ ڪهاڻيڪار آهي، شاعر آهي، نيچروپيٿيءَ ۾ ڊاڪٽر
آهي ۽ الهاس نگر/سنڌين جي سنڌو نگر ۾ رهي ٿي، جنهن
لاءِ سنڌ جي شاعر عبدالحڪيم ارشد ڪنهن وقت لکيو هو
ته:
جُدا
سنڌ کان ناهه سنڌو نگر،
وجود آ وڍيل ته به،
بچي ويو
صمير!
لتا ٽهلياڻيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”زندگيءَ جو
آئينو“ 1984ع ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ سندس شاعريءَ جا هن
وقت تائين ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن:
(1) اُلجهنون پيار جون 1989ع
(2) بن بادل برسات 2001ع
لتا ٽهلياڻي، پنهنجي ٽهيءَ جي هڪ خوبصورت شاعر
آهي، جنهن نه رڳو مُڪت - ڪوتائون ۽ آزاد نظم لکيا آهن، پر عروضي وزن ۽ چند آڌارڪ
پابند غزل ۽ قطعا به چيا آهن.
ڪنهن سبب ڪنهن خاص ماڻهوءَ اڄ جڏهن ديريون ڪيون،
وقت کي تڏهين ڏسان ٿي، ڄڻ ته ڪي ٻيڙيون پيون.
هيءَ ٻوليءَ جي پختگي، هي خيال ۽ ڊڪشن جي حُسناڪي،
هيءَ لفظي پوڄ ۽ معنيٰ جي سونهن ڪمال جي آهي.
”ٻيڙيون پوڻ“ محاورو ۽ لفظي ترڪيب نج سنڌي آهي.
انساني ناتا رشتا ڪيئن جُڙن
ٿا، لمحن جون ملاقاتون ۽ ٻه چار ڳالهيون، ناتن جي
دائميت کي ڪيئن جنم ڏين ٿيون، اچو ته ڏسون لتا
ڪهڙي نه سهڻي ادائگيءَ ۽ منفرد پيشڪش سان اها
ڳالهه چئي آهي: |