سرتيون: اوهين پنهنجي ننڍپڻ بابت ڪجهه ٻڌايو،
اوهين شرارتي ٻار هيون، ڏاهي يا وچٿري؟
ريحانه: مون کي پنهنجو ننڍپڻ ٻن حوالن سان گهڻو
ياد آ. هڪ ته اهي لمحا جن ۾ اسان شرارتون ڪيون،
انهن ڏينهن کي ياد ڪري اڄ به چپن تي مرڪ اچي ويندي
آ ته ڪيئن پيهي تي چڙهي جهار هڪلڻ جي ڪوشش ۾ هڪ
ٻئي جا مٿا ڦاڙيندا هئاسين، پراون باغن مان انب
چوري پٽيندا هئاسين، گيدوڙا کائي کوکڙيون هڪ ٻئي
جي مٿي ۾ وجهي ڇڏيندا هئاسين، يا وري ٻڪرين جي واڙ
مان ٻڪرين جو کير ڏهي چانهه ٺاهيندا هئاسين، وڻن
تان ماکي لاهڻ، ککر ۾ کڙو هڻي ڀڄي وڃڻ، انهن
شرارتن ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. پر اهي سڀ ڳوٺ تائين
محدود هيون. ۽ هڪ ٻيو حوالو آ، جنهن هر لمحي
منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اڀاريو. ڇو، ڇالاءِ،
ڪيئن؟؟ مون کي ياد آ، ننڍي هوندي ماسي مون کي
چوندي هئي ته (مذاق ۾) ريحو هي ته تنهنجا هٿ آهن،
هي پير آهن، هي اکيون، هي نڪ، پوءِ تون ڪٿي آهين ۽
پوءِ مان واقعي، پريشان ٿي ويندي هئس ته مان ڪٿي
آهيان؟ ۽ اڄ به مان سوچيان ٿي منهنجي وجود کي ڪا
معنيٰ آهي، منهنجو ڪارج ڪهڙو آ؟
آءٌ جڏهن ڄائس مائٽن چيو اڱر ڀتر ڄاوا آهن (يعني
ڇوڪري ڄائي آهي). ان کان پوءِ امان جڏهن منهنجي
تعريف ڪندي هئي، ته هيءَ ڌيءَ منهنجي ڀاڳن واري
آهي، هن چار ڀائر آندا آهن. امان جي ان ڳالهه تي
ذهن ۾ سوال اڀريو ڇوڪريون پاڻ ڀاڳ واريون ناهن
ٿينديون؟؟ ائين مان اڪثر امان سان گڏ رهندي هئس ۽
اڪثر عورتن واتان فلاڻيءَ کي پنج نياڻيون آهن، شل
هن دفعي رب مٺي ڀاڄي ڏئيس، انهن سڀني ڳالهين ننڍي
هوندي ئي مون کي صنفي فرق جو شعور ڏنو.
ان کان پوءِ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي
هئي، جڏهن اسان ڳوٺ بس ۾ ويندا هئاسين ته ساڳئي
روڊ سان هلندي هڪڙا بلڪل ڪچا گهر ۽ ڳوٺ آهن ته وري
ٻيا پڪا گهر، بازارون ۽ شهر به آهن. ٿوري فاصلي
کان پوءِ،
هڪڙا شهر آهن، هڪڙا ڳوٺ آهن، اها ڳالهه مون کي
ڏاڍو منجهائيندي
هئي، منجهائيندي ته مون کي اها به ڳالهه هئي ته
ڳوٺن جي هڪڙن ماڻهن وٽ ايتري گهڻي ٻني ڪٿان ۽ ڪيئن
آئي ۽ ٻين وٽ ڪجهه به نه! اسان جي گهر جو ماحول
ٿورو ادبي ۽ ٿورو سياسي رهيو آ، انڪري مون کي بس
اها خبر پئي ته هي طبقاتي فرق آ.
سرتيون: اوهان هينئر ڪهڙي عهدي تي فائز آهيو؟
ريحانه: مان هن وقت گورنمينٽ گرلز هائيرسيڪنڊري
اسڪول ٽنڊو ڄام ۾ بحيثيت سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
(Maths)
ڪم ڪري رهي آهيان يعني رياضيءَ
جي استاد.
سرتيون: استاد کي اڳ وارو رتبو نٿو ڏنو وڃي، ڇو؟؟
ريحانه: استاد رڳو اهو ناهي جيڪو اسڪول ۾ ٿو
پڙهائي، توهان، اسان، بلڪه سڀني کي خبر آهي ته بس
ڊرائيور کي به استاد چوندا آهيون، ورڪشاپ ۾ ڪم
سيکاريندڙ کي به استاد چئبو آهي، درزيءَ کي به
استاد چئبو آهي ۽ پڪي راڳ جا ماهر ته سڏبا ئي
استاد جي نالي سان آهن جيئن استاد محمد جمن، استاد
بڙي غلام علي وغيره ۽ هڪڙا ٻيا استاد هوندا آهن،
جيڪي ماڻهن جا کيسا ڪٽيندا آهن، ائين سنڌيءَ ۾ هڪ
چوڻي آ ته ”اَنُ ڏيئي پڙهيو آهين ڇا؟“ چوڻ جو مطلب
ته اهي سڀئي فرد جيڪي پوريءَ ايمانداريءَ سان
پنهنجي ڄاڻ، علم، فن ۽ هنر شاگردن ۾ منتقل ڪن ٿا،
اهي استاد ڪوٺائڻ جي لائق آهن ۽ اڄ به انهن جي عزت
ڪئي ٿي وڃي، ۽ خاص طور تي انهن شاگردن وٽ جيڪي
ڪجهه سکڻ ٿا چاهين ۽ سماج ۾ به انهن جو مقام آهي.
ائين هڪڙا
نوجوان ڪجهه سکڻ ايندا آهن ۽ ڪجهه صرف اَنُ (پئسن)
جي زور تي ڊگري حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن، انڪري استاد
جي عزت انهن جي ڊڪشنريءَ ۾ نه هوندي آهي. ۽ اڄ
جيڪڏهن ائين محسوس ٿئي ٿو ته استاد جي عزت نه ٿي
ٿئي ته، ان جو مطلب ته قابل استاد گهٽجي رهيا آهن،
صرف اَنَ تي ڊگري وٺڻ وارا وڌي رهيا آهن ڇو ته اڄ
تائين ڪنهن مستري، رازي، ڊرائيور ڪڏهن اها شڪايت
ناهي ڪئي ته شاگرد ان جي عزت نه ٿا ڪن.
سرتيون: تعليمي شعبي ۾ اچڻ اوهان جو پنهنجو شوق هو
يا مائٽن جي مرضي؟
ريحانه: استاد ٿيڻ منهنجي خواهش هئي، مون اٺين
ڪلاس ۾ اهو طئه ڪيو هو ته مون کي
M.Sc.
رياضيءَ ۾ ڪرڻي آ، ۽ ان کان
پوءِ رياضيءَ جو استاد ٿيڻو آ. ان جا به ڪي سبب
هئا هڪ ته انهن ڏينهن ۾ پي ايم سي جو وڏو نالو هو،
اڪثر ماڻهن واتان ٻڌندي هئس ته ڇوڪرين، نياڻين کي
ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا وٺرائجي، ڇو جو
P.M.C
رڳو ڇوڪرين لاءِ آهي، ان چڙ ۾
مون طئه ڪيو ته بائلاجي گروپ ناهي کڻڻو، مئٿس کڻڻي
آ ۽ ڪو - ايجوڪيشن ۾ پڙهڻو آ، مون کي صنفي تفاوت
کان ننڍي هوندي کان چڙ هوندي هئي. ٻيو سبب اهو ته
اسان کي شڪايت هوندي هئي ته استاد سٺو نه ٿا
پڙهائين، انڪري مون اهو فيصلو ڪيو ته پاڻ به استاد
ٿجي، ۽ اڄ مان ڪافي مطمئن آهيان.
سرتيون: هڪ نوڪريءَ ڪندڙ عورت جي حيثيت ۾ اوهان کي
ڪهڙا مسئلا پيش آيا؟
ريحانه: مون هميشه
هڪ فرد جي حيثيت ۾ هر جاءِ تي برابريءَ جي ويڙهه
وڙهي آ، بلڪه آءٌ ته اهو چونديس اها ويڙهه هر هنڌ
هر جاءِ جتي اوهان سمجهو ته جنس جي بنياد تي اوهان
سان تفاوت ڪيو ٿو وڃي اتي وڙهو، آواز اٿاريو، بحث
ڪريو ۽ غلط کي غلط چئو، پوءِ چاهي اهو اوهان جو
گهر هجي، اوهان جا پنهنجا ماءُ پيءُ هجن يا ٻاهر
جو ماحول هجي. اسين اها اميد ڪريون ته اسان جي عزت
ڪئي وڃي، ان بنياد تي ته اسين عورتون آهيون، اهو
صحيح ناهي. عورت به انسان آ، مرد به انسان آ ۽ اهي
ٻئي عزت لائق آهن، ڪنهن به فرد جي عزت يا تذليل
هن جي جنس جي بنياد تي نه ڪئي وڃي. انڪري نوڪريءَ
۾ ڪڏهن به مون کي عورت هجڻ ڪري ڪو مسئلو پيش نه
آيو، يا ائين کڻي چئجي ته مسئلن کي مون جنرل ٽرم ۾
کنيو آ، جيئن ٽنڊو ڄام کان حيدرآباد تائين تقريباً
سوا ڪلاڪ بس وٺندي آ، ڪڏهن ڪڏهن ليڊيز سيٽ خالي
ناهي هوندي ته ان صورت ۾ اسان کي اهو سڄو سفر بيهي
ڪرڻو پوندو آهي. ان وقت اسان اها اميد ڪريون ته
اسان لاءِ ڪو سيٽ خالي ڪري ڇو ته اسان عورتون
آهيون، بس ۾ اسان کي بيهڻ نه گهرجي ته اها صحيح
سوچ ناهي، صرف هڪ لمحي لاءِ سوچيو عورت ڪلاڪن جا
ڪلاڪ رڌڻي ۾ بيهي ڪم ڪندي آهي، ڪير ان کي چوندو آ
ته ايترو نه بيهه ٿڪجي پوندينءَ! بلڪه ڪير ان جو
نوٽيس ئي نه وٺندو آ، انڪري انهن
Taboos
کي ٽوڙي صنف نازڪ واري چوڻيءَ
کي غلط ثابت ڪرڻو پوندو.
سرتيون: سماج کي مثبت رخ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اوهان
وٽ ڪهڙيون تجويزون آهن؟
ريحانه: سماج کي مثبت رخ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تجويزن
جي نه پر صحيح نظريي جي ضرورت آهي، جنهن تحت امير
۽ غريب طبقا مٽجن ۽ هڪ ڪَرو
سماج جڙي، تڏهن ئي سماج مثبت رخ ۾ سفر ڪندو.
سرتيون: توهان کي ڪهڙا ماڻهو وڻندا آهن ۽ ڪهڙا نه
وڻندا آهن؟
ريحانه: مون کي اهي سڀ ماڻهو وڻندا آهن جيڪي ڏاڍ،
ظلم، جبر هوندي به سچ کي سچ چوڻ ۽ جابر خلاف وڙهڻ
کان ڪين ڪيٻائيندا آهن، جيڪي رنگ، نسل، قوم، ٻولي،
مذهب ۽ سرحدن جي فرقن کان بالاتر ٿي صرف مظلومن
سان گڏجي انهن جي حقن لاءِ آواز اُٿاريندا آهن ۽
انسان جي حقن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي جان جي به
پرواهه ناهن ڪندا ۽ انهن سڀني ماڻهن کان نفرت آ،
جيڪي ڄورن وانگر مظلومن پورهيتن جو رت چوسين ٿا ۽
انهن کي رنگ، نسل، قوم ۽ مذهب جي نالي ويڙهائي
انهن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪن ٿا.
سرتيون: سماج مان سهپ جو مادو بلڪل گهٽجي ويو آهي،
ان بابت اوهان ڇا چوندؤ؟
ريحانه: گلبدن، مان اوهان جي ان ڳالهه سان سهمت
ناهيان ته ماڻهن مان سهپ جو مادو گهٽجي ويو آ،
بلڪه مان ته اهو چونديس ته ماڻهن ۾ حد کان وڌيڪ
سهپ جو مادو آ، هن سماج ۾ جتي هر لمحي انسان جو
عزت نفس مجروح ٿيندو هجي، جتي سالن کان روزگار جا
رستا بند هجن، جنهن سماج جي ڪروڙين ماڻهن کي هڪ
ويلي جي ماني مشڪل سان نصيب ٿيندي هجي ان سماج ۾
ته وڏي ڀڃ ڊاهه جو خدشو هوندو آ، جيڪڏهن اتي چند
ماڻهو ٿوري چڙ، ٿوري ڪاوڙ ڪن ٿا يا پنهنجي بغاوت
جو اظهار ڪن ٿا ته ان مان اهو اندازو نه لڳائجي ته
پوري سماج مان سهپ ختم ٿي وئي آهي. بلڪ منهنجو
خيال آهي ته هاڻي ماڻهن کي وڌيڪ سهڻ نه گهرجي.
انهن لاءِ ڪو گس، ڪو رستو نڪرڻ گهرجي.
سرتيون: سماجي ويڳاڻپ جو حل ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي؟
ريحانه: سماجي ويڳاڻپ جو حل صحيح معنيٰ ۾ تڏهن ئي
ڳولي سگهون ٿا جڏهن اسان کي سماج جي ويڳاڻپ جي اصل
سببن جي ڄاڻ هجي. ڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ سماج اندر
ٿيندڙ انهن ڏاڍاين تي پنهنجو مؤقف رکيو هجي، جنهن
سان ماڻهن ۾ اتساهه جي ڪا لهر پيدا ٿئي ته پوءِ
ظاهر آ سماج نيٺ هڪ مرحلي تي ائين ويڳاڻپ جو شڪار
ٿي ويندو.
ان ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن وقت سماج کي هڪ اهڙي
سياسي پارٽيءَ جي ضرورت آهي جيڪا ماڻهن جي شعور کي
اجاگر ڪري ماڻهن کي اهو گس ڏيکاري جنهن سان انهن
جي ”اٽي، لٽي، اجهيءِ
جو مسئلو حل ٿئي.“ هن وقت سماج ۾ هڪ سياسي خال آهي
جنهن کي ڀرڻ انتهائي ضروري آ. ان خال جي پورائي
سان جهر جهنگ ۽ واهڻ وستين ۾ شعور بيدار ٿيندو ۽
ماڻهو پنهنجي لڪل دشمن کي سڃاڻڻ لڳندا ۽ سمجهڻ
شروع ڪندا. جنهن ڏينهن مزدور هاري ۽ هر مظلوم اها
ڳالهه سمجهڻ شروع ڪندو ته پوري دنيا کي هنن جي ئي
طاقت هلائي ٿي. هنن جي محنت تي دنيا جو ڪارو
وهنوار هلي ٿو، هو نٻل، ڪمزور نه بلڪه بهادر ۽
سگهارا آهن، جي سڀ پاڻ ۾ ملي پون ته هن اڏوهي کاڌل
سماج کي ڊاهي سگهن ٿا ۽ ان نئين سماج ۾ هوندي
اميد، جوش، جذبو ۽ جدوجهد! |