سرتيون: نوڪري، گهر، وَر ۽ ٻين سرگرمين کي ڪيئن
ٿيون ٽائيم ڏيو؟
ريحانه: نوڪريءَ جو وقت صبح جو هوندو آهي، انڪري
اهو باقي شين تي اثر انداز ناهي ٿيندو، باقي گهر
هلائڻ ايڏو ڏکيو ڪم ناهي، منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن ان
کي پنهنجي مٿان حاوي نه ڪجي، آءٌ هروڀرو جو رک
رکاءُ ناهيان ڪندي، وقت کي صحيح طريقي سان ونڊجي
ورڇجي ته هر سرگرميءَ لاءِ وقت نڪري ٿو اچي!
ريحانه: سماج ۾ ڪيتري آزادي هجڻ گهرجي، اهو اوهان
۽ اسان طيءِ نه ٿا ڪري سگهون. مختلف سماجن ۾
آزاديءَ جا معيار مختلف آهن، آزاديءَ جا معيار
طيءِ ڪندا آهن، سماج ۾ موجود پيداواري ذريعا، ڪجهه
صديون اڳ انسان کي غلام ڪرڻ قانوني طور جائز هو پر
جيئن ڪَلون
(مشينون) ايجاد ٿيون ۽ ڪيترن ماڻهن جي ڪم بدران
مشينن تي صرف هڪ ماڻهو جي ضرورت رهي ته اهي غلام
سماج تي بار محسوس ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ انسان کي غلام
رکڻ تي پابندي پئجي ويئي. بهرحال سماج ۾ هر فرد کي
ايترو حق هجي ته هو ڪنهن ٻئي فرد کي نقصان پهچائڻ
کان سواءِ پنهنجي زندگي گذاري. ۽ ان جي آزاديءَ ۾
ڪنهن جو عمل دخل نه هجڻ گهرجي ۽ اها آزادي ان جو
پيدائشي ۽ بنيادي حق آهي.
سرتيون: ڪامياب زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ريحانه: اياز جو شعر آهي:
”هار ڪائي هار ناهي، جيت ناهي ڪائي جيت.“
سماج ۾ هر فرد جو پنهنجو ڪارج آهي، هڪڙا ماڻهو
جنهن زندگيءَ کي ڪامياب چوندا آهن ٻين جي نظر ۾
اها بيڪار هوندي آ.
وري به مان اهو چونديس ته زندگي ڪنهن به فرد جي
ناڪام ٿي ئي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن پوري سماج ۾
برابريءَ وارو سماج هجي ۽ ان سماج آڻڻ لاءِ هڪ
ڊگهي سياسي ۽ نظرياتي جدوجهد جي ضرورت آ.
سرتيون: پنهنجي ڄمار جي تجربي ۾ ماڻهن جا ڪجهه رنگ
ٻڌايو؟
ريحانه: نفسيات وارن جو چوڻ آ ته انسان جي بنيادي
سائيڪي ان جي شروعاتي ٽن کان پنجن سالن تائين ٺهي
ويندي آ. ان لحاظ کان ڏسجي ته اسان جي سماج جا
اڪثر ماڻهو نفسياتي مسئلن جو شڪار آهن، ڪن کي
احساس ڪمتري ته ڪن کي احساس برتري آ، منهنجي زندگي
۾ سڀ کان پهرين جيڪي رويا منهنجي سامهون آيا آهن
اهي پنهنجي گهر جي ۽ خاندان جي فردن جا هئا، اها
منهنجي سوچ هئي جو مان شين کي غير جانبدار ٿي
ڏسندي هئس، انڪري آءٌ پنهنجي ماءُ پيءُ کان وٺي
خاندان جي هر ان فرد کي تنقيد جو نشانو ٺاهيندي
هئس، جيڪو مون کي لڳندو هو ته غلط ٿو ڪري. ائين
گهر کان ٻاهر به کوڙ سارا ماڻهو مليا جن جي نفسيات
اها هئي ته عورت کي بيوقوف ٺاهڻ سولو آهي ته ڪن جو
خيال هو ته گليمر جو آسرو ڏيئي يا ڪنهن وڏي عهدي
جي لالچ ڏيئي عورت کي بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو يا
ماڻهو هروڀرو تعريف ڪري آسمان تي چاڙهيندا آهن.
بهرحال زندگيءَ جا اهي تجربا انسان کي ذهني طور
پختو ڪن ٿا، ماڻهن سان ملڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو
ته اهي رعبدار شخصيتون پنهنجي ذات ۾ ڪيتريون
پتڪڙيون آهن. خاص طور تي جيڪي ماڻهو قوم
پرستيءَ واري سوچ رکن ٿا يا ان جو ڪارڊ استعمال ڪن
ٿا انهن جي عورت ڏانهن سوچ ۽ رويو مثبت ناهي ۽ ان
جو سبب فيوڊل سوچ آهي.
سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ريحانه: هر دَور ۾ محبت جا معيار به مختلف رهيا
آهن ۽ هر فرد وٽ به محبت جو پنهنجو پئمانو آهي.
منهنجي خيال ۾ جنهن محبت جو بنياد ظاهري سونهن
هوندو يا ڪنهن سماجي گهٽ ٻُوسٽ
جو نتيجو هجي اهڙي محبت ۾ جٽاءُ نه هوندو آهي. اها
ايئن هوندي آ جيئن ڪو ڪپڙو ماڻهو کي بيحد وڻي يا
انڪري وٺي ته ان جو ڏاڍو رواج آ، يا صرف ڏيکاءَ
لاءِ مهانگو ڪپڙو خريد ڪري، پر ان جو آخر نتيجو
اهو نڪرندو ته اهو ڪپڙو يا ته پوچي ٻهاريءَ جي ڪم
ايندو يا وڃي رِلي جو لههُ ٿيندو. چوڻ جو مطلب آ،
محبت ڪنهن فرد سان هجي، نظريي سان هجي، قوم سان
هجي يا ڌرتيءَ سان هجي، اها کليل دل ۽ آزاد ذهن
سان ڪئي وڃي ته اهڙيون محبتون امر هونديون، جن کي
شاعر ڳائيندا ۽ تاريخدان انهن جو مثال ڏيندا آهن.
جيئن ايلسا قاضي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي، جيني،
مارڪس، ڀڳت سنگهه، چي گويرا.
سرتيون: سونهن اوهان جي نظر ۾؟
ريحانه: سونهن جي پرک هر اک جي پنهنجي هوندي آ، هر
شيءِ جا سچ آهي جنهن ۾ بقا آهي اها سهڻي آ.
سرتيون: شاديءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ اوهان وٽ
ڪهڙيون تجويزون آهن؟
سرتيون: جيستائين ٻن ساٿين ۾ ذهني هم آهنگي آهي،
اوستائين شادي ڪامياب رهندي ۽ جڏهن اها نه ٿي رهي
ته پوءِ سمجهوتو شروع ٿئي ٿو (جيڪو منهنجي نظر ۾
ناڪامي آ) جنهن ذريعي ماڻهو پنهنجي رشتن کي قائم
رکڻ چاهيندا آهن ۽ سمجهوتو هر ماڻهو پنهنجي طبيعت
۽ ماحول مطابق ڪندو آهي. ان لاءِ تجويز ڏيڻ جي
ضرورت ئي ڪانهي.
سرتيون: شادي اوهان جي پسند سان ٿي يا مائٽن جي؟
ريحانه: اها اسان سڀني ڀائر ڀينرن جي خوش
قسمتي رهي آ جو مائٽن ڪڏهن به پنهنجي مرضي يا پسند
اسان مٿان مڙهي ناهي، بلڪه اسان ٻارن جي پسند ۾ ئي
خوشي محسوس ڪندا آهن.
سرتيون: شادي ڪڏهن
ٿي؟
ريحانه: اهو واقعو 2006/02/25 تي ٿي گذريو.
سرتيون: خواب اوهان جي نظر ۾؟
ريحانه: خوابن کي اگر سائنسي پس منظر ۾ ڏسجي ته
اهي انسان جي روز مرهه ڪرت جو عڪس هوندا آهن، يا
ماڻهو جي لاشعور ۾ جيڪو ڪجهه آهي ان جو
Reflection
هوندا آهن، پر عام زندگيءَ ۾ اسان پنهنجي هر ان
خواهش کي هڪ خواب جو نالو ڏيندا آهيون جيڪا پوري
ٿيڻ ممڪن نه هجي. پر ان لاءِ ڪافي جاکوڙ جي ضرورت
هجي. مان ته اهو چونديس ته کليل اکين سان ڏٺل خواب
هڪ ڏينهن ضرور پورا ٿيندا آهن فقط ماڻهو همت نه
هاري ۽ مسلسل جدوجهد ڪندو رهي. اها ٻي ڳالهه آهي
ته دنيا ۾ ڪروڙين انسان اهڙا به آهن جن کي نه بند
اکين ۽ نه کليل اکين سان خواب ڏسڻ جو وقت آهي. اهي
ته بس جيئڻ لاءِ پيا جتن ڪن.
سرتيون: اين جي اوز عورتن جي معاملن کي رڳو
Highlight
ڪن ٿيون. ڇا انهن جو عملي ڪم
اهو ئي آهي؟
ريحانه: اين جي اوز (غير سرڪاري تنظيمون) چاهي
عورتن جون هجن چاهي گڏيل هجن، اهي ڪنهن به مسئلي
کي پنهنجي پراجيڪٽ جو موضوع ٺاهي ان جا پورا مقصد
۽ ان مسئلي جي ڳنڀيرتا ۽ ان مسئلي جي ڪري ماڻهو
ڪيترا پريشان آهن اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي پراجيڪٽ ۾
لکي موڪليندا آهن، ۽ ان سان گڏوگڏ ان عرصي ۾
ڪيترو خرچ ايندو يعني آفيس جي ڪرائي کان وٺي لفافي
جي ٽڪلي تائين سڄي بجيٽ ٺاهي موڪليندا آهن، گهڻو
ڪري اهي پراجيڪٽ سڀ جاڳرتا مهم جي نالي تي هوندا
آهن جيئن ته پئسا ڏيڻ وارا ادارا گهڻو ڪري مغربي
آهن.ظاهر آ، اهي ضرور ڪا پنهنجي به ايجنڊا رکندا
هوندا، اولهه جو خيال آهي ته هر مسئلو ڳالهه ٻولهه
سان حل ٿئي، بهرحال جن به اين جي اوز جو پراجيڪٽ
عملي سرگرمين تي هوندو آهي اهي به نالي ماتر
Activtion
ڪري ان جي وڏي رپورٽ ٺاهي.
ڊونر ڏي موڪليندا آهن انهن جو سرگرمين تي ڌيان
گهٽ. ۽ ميڊيا ڪوريج تي گهڻو هوندو آهي.
سرتيون: سنڌ جي عورت جي مظلوميت ڪڏهن ختم ٿيندي؟
ريحانه: اها ڪي قدر تڏهن ختم ٿيندي جڏهن سماج ۾ نه
جاگيرداري نظام رهي ۽ نه جاگيرداري باقيات واري
سوچ رهي.
سرتيون: سنڌ جي عورت جو ڇوٽڪارو ڪهڙين ڳالهين ۾
آهي؟
ريحانه: سنڌ جي بلڪ پوري دنيا جي سڀني عورتن کي
اصل آزادي يا ڇوٽڪارو برابريءَ واري سماج ۾ ملندو.
سرتيون: سنڌ ۾ عورت جو مستقبل اوهان کي ڪيئن ٿو
نظر اچي؟
ريحانه: ايڪويهين صديءَ کي عورتن جي حقن جي صدي
ڪري سڏيو ٿو وڃي. سڄي دنيا ۾ سجاڳي ۽ حقن حاصل ڪرڻ
جون تحريڪون هلي رهيون آهن، مختلف سماجن ۾ ڀڃ ڊاهه
جو عمل ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن صنعت ترقي پئي ڪري
تيئن تيئن عورت جي غلامي جا طوق آهستي آهستي ڪجهه
لهندا پيا وڃن، سنڌ جي عورت جو مستقبل به ان سڄي
عمل سان ڳنڍيل آ، مان سمجهان ٿي ته هتي به ڪافي
جاڳرتا تحريڪون هلن پيون ۽ ان سان گڏوگڏ عورتن جي
حقن لاءِ به آواز اٿن ٿا، پر وري به ڳالهه اها آهي
ته ڪوبه ڌڙو اڪيلو ٽڪر ۾ نه ٿو اچي سگهي ان لاءِ
سڀني کي گڏجي ٽڪر کائڻو پوندو، جيئن اياز چيو آ:
نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي
دوکي جي ديوار او يار،
سو اها ديوار نيٺ ته ڊهڻي آ.
سرتيون: اوهان اين جي اوز سان وابسته رهيون آهيو،
هينئر تائين ڪهڙين ڪهڙين تنظيمن ۾ڪم ڪيو اٿو؟
ريحانه: مان 2001 ۾ پنهنجي سهيلين سان گڏ
رضاڪارانه
ASR
(اثر) تنظيم ۾ تقريبن هڪ سال ڪم ڪيو. پر پوءِ
نظرياتي اختلافن سبب اسان سڀئي هنن سان گڏ هلي نه
سگهياسين. جيئن منهنجو واسطو اسٽريٽ ٿيٽر سان به
رهيو آهي. ڇو جو ان سان اوهان ماڻهن سان سڌوسنئون
ڊائلاگ ڪريو ٿا ۽ ان جو ماڻهن تي ڪافي اثر ٿئي ٿو،
”تحريڪ نسوان“ سان گڏ هڪ سال مون پوري سنڌ جي
تقريبن سٺ (60) ڳوٺن ۾ ”ڪارو ڪاري“ خلاف هڪ ٿيٽر
ڪيو، ان ۾ ڪجهه علائقا خاص طور تي جيڪب آباد ۽
شڪارپور جا ڏاڍا حساس علائقا هئا، جتي ڏاڍو خطرو
هو ته ماڻهو ان موضوع تي ٿيٽر ڪرڻ به ڏيندا يا نه.
ڳوٺن ۾ جڏهن اسان ڪنهن گهر ۾ رهندا هئاسين ته اتان
جون عورتون ڪاروڪاري جي ٿيندڙ واقعن جوذڪر ايئن
پيون ڪن ڄڻ ته اهو روز مرهه جو معاملو آهي. مردن
کان وڌيڪ عورتن ۾ ان خلاف غم، غصو،ڪاوڙ ۽ نفرت نظر
آئي، اتان جا ماڻهو سراپا احتجاج هئا انهن ڏاڍاين
خلاف. بس انهيءَ انتظار ۾ آهن ته ڪو سندن رهنمائي
ڪري.
ايئن اسان کي بهاولپور، ملتان ۽ بلوچستان ۾ به
موقعو مليو ٿيٽر ڪرڻ جو. مون کي هرهنڌ عورت ڏانهن
سماج جو رويو ساڳيو نظر آيو. پنجاب ۾ ڪاروڪاري سان
گڏ ”اجتماعي ...“ جهڙي ڪڌي رسم وڌيڪ آ، اتان جا
ماڻهو ان خلاف ڪجهه ڪرڻ آواز اٿارڻ لاءِ تيار آهن.
پر ڪير سندن رهنمائي ڪرڻ وارو ناهي. اتان جو عوام
به ائين بيگانو آهي. ملتان جي هڪ تنظيم جي ساٿي
ٻڌايو ته اهي پنجاب جي جنهن علائقي ۾ ڪم ڪن ٿا
اتان جي عورت کي چمپل پائڻ جي اجازت ناهي. ان جو
سبب اهو ٻڌايو ويو ته اتي عورتن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ
ڪافي پري وڃڻو ٿو پوي جيئن ته اهو پٿريلو علائقو
آهي، انڪري عورتون سڄو ڌيان هيٺ رستي تي رکنديون
ته جيئن ڪو پٿر يا ڪنڊو نه سندن پير ۾ لڳي ۽ هو
بچي بچي هلنديون ۽ مٿي نه نهارينديون. انڪري ڪنهن
سان به اک نه اٽڪائينديون، يا ائين چئون ڪنهن مرد
ڏي نه ڏسنديون.
گل! سنڌ هجي پنجاب، بلوچستان، سرحد هر هنڌ عوام
سان خاص طور عورت سان ساڳي ويڌن آهي.
جيستائين سماج مان طبقاتي فرق ختم نه ٿيندو،
تيستائين عورت کي پوري طرح حق نه ملندا.
سرتيون: پبلڪ جو اين جي اوز ڏانهن مثبت خيال ناهي
اوهان ڇا چونديون؟
ريحانه: گل، مون جيڪو مشاهدو ڪيو آ. ان مطابق
ماڻهن ۾ مختلف رويا آهن، جيڪڏهن اوهان ڳوٺن ۾
ويندؤ ته اتي
N.g.O's يا ڪميونٽي بيڊ تنظيمن (C.B.O's)
۾ ڪم ڪرڻ وارا فرد به ڪافي اتساهه سان پنهنجي
علائقي ۾ ڪم ڪن ٿا، ننڍين وڏين زيادتين تي آواز
اٿارين ٿا. هڪ سٺي ڳالهه اها به آهي ته هو تبديلي
۾ پنهنجي گهر کي به شامل ڪن ٿا، پنهنجي زالن،
ڀينرن، مائرن کي سڀ رول ماڊل ڪري اڳيان آڻين ٿا.
هو پنهنجي ان ڪم کي هڪ انقلابي قدم سمجهن ٿا. مون
کي حيرت ٿي ته اهڙن پوئتي پيل علائقن ۾ جتي ڪا
سياسي ڌر نه پهچي سگهي آ. اتي
C.B.O's ڪم ڪن ٿيون ۽ سٺو ڪم ڪن ٿيون. ٻيا آهن اسان جا شهري
ماڻهو جن جي به تنقيد ٻن حوالن سان هوندي آهي، هڪ
ته
N.g.O's
ڪرپشن ڪن ٿيون ۽ ٻيو ته اهي
سياسي طور عملي ڪم نه ٿيون ڪن. مون کي اين جي اوز
کي ويجهي کان پرکڻ جو موقعو مليو آ، مون ڏٺو آ، ته
سڀئي
N.g.O's ڊونرز کان پئسا وٺي ڪم ڪنديون آهن ۽ جڏهن
پئسا صرف چند ماڻهن جي هٿن ۾ هجن ته هاڻ اهو انهن
جي مرضيءَ تي آهي ته ڪيئن ٿا ووچرَ ٺاهين ان ۾
ايمانداري به ٿي سگهي ۽ ...!
هونئن به هن پوري سماج ۾ صرف هڪ
N.g.O's تي ڏوهن جو الزام انصاف ناهي. هاڻ اچون ٿا
ٻئي تنقيدي بحث تي ته
N.g.O's
سياسي طور عمل ۾ ناهن، اڄ تائين ڪنهن به
N.g.O's
سياسي جدوجهد جو نعرو ناهي هنيو اهي صرف جاڳرتا جي
ڳالهه ڪن ٿيون، مسئلن متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪن
ٿيون. مان اوهان کي هڪ مثال ٻڌايان ته هڪ برطانيه
جي ڊونر اداري جو سائوٿ ايشيا ۾ نون کان يارنهن
سالن جو رڳو جاڳرتا مهم پروگرام آهي ته ماڻهن جا
رويا تبديل ڪريو ته هو عورت تي تشدد نه ڪن
ڪاروڪاري نه ڪن. عورت جو ملڪ کان ٻاهر وڪرو نه ڪن
جيئن بنگلاديش ۾ ٿئي ٿو. ۽ باهه ڏيئي نه ساڙين.
يعني اسان شينهن کي ان ڳالهه تي راضي ڪريون ته
ٻيلي! هرڻ ڏاڍو خوبصورت جانور آهي ان جون اکيون
ڏاڍيون سهڻيون آهن ان جو تون شڪار نه ڪر پر هاڻي
تون گاهه کاءُ. گل! اها اسان جي ماڻهن جي ڪم عقلي
آهي جو هو
N.g.O's
مان سياسي تبديلي جي اميد رکن ٿا يا ان حوالي سان
تنقيد ڪن ٿا. ها هڪ سوال اڀري ٿو ته، ڊونر ادارن
جا هن خطي ۾ ڪهڙا مفاد آهن يا اگر هتان جا ساڃاهه
وند ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته
N.g.O's
ماڻهن کي سياسي طور گمراهه ٿيون ڪن، ته اها انهن
مٿان ذميداري ٿي ٿئي ته هو شين کي ان تناظر ۾ پرکن
۽ عوام کي ان کان آگاهه ڪن.
سرتيون: تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ ٻڌايو ته اڄڪلهه
تعليم جو معيار بهتر ڇو نه آهي ۽ ان کي بهتر بنائڻ
لاءِ اوهان وٽ ڪهڙيون تجويزن آهن؟
ريحانه: اسان جا سرڪاري تعليمي ادارا ايئن آهن
جيئن ڪنهن دَور ۾ چرچ (ڪليسا) اسڪول هلائيندي هئي
جتي صرف غريب ترين ٻار داخلا وٺندا هئا، اسان جي
به سرڪاري اسڪولن جو معيار اهو وڃي رهيو آهي، جو
اتي پڙهائيندڙ استاد به پنهنجا ٻار پرائيويٽ
اسڪولن ۾ ٿا موڪلين، اهو ائين ڇو آهي، اهو هڪ وڏو
بحث آ، هڪ ته اسان کي تعليمي پاليسي تي غور ڪرڻو
پوندو، اسان وٽ تعليم جا ٻٽا معيار آهن هڪڙا آهن
انگلش ميڊيم خانگي اسڪول جتي مڇي ماني وارا ماڻهو
پنهنجا ٻار موڪلين ٿا. انهن ادارن جو ڪورس بلڪل
مختلف آهي سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾. خانگي اسڪولن ۾
شروع کان ئي سائنس تي گهڻو زور ڏنو ٿو وڃي. عربي
سبجيڪٽ جو نالو نشان ئي ڪونهي، نه ايگريڪلچر آ ۽
نه هوم اڪنامڪس جهڙو وقت وڃائيندڙ سبجيڪٽ آهي. اتي
ٻارن کي ڪائنات ڇا آهي، ڪمپيوٽر ڇا آهي روبوٽ ڇا
آهي، اهي سڀ شيون ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻئي پاسي
سرڪاري اسڪولن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪورس مدي خارج آ.
چوڻ جو مطلب آهي ته ڇا خانگي انگريزي ميڊيم اسڪول
هن ملڪ ۾ نه ٿا اچن. انهن تي اهي پاليسيون لاڳو نه
ٿيون ٿين. سڄي ملڪ ۾ يونيفارم قسم جو سليبس هجي
ڪوبه ٻٽو معيار نه هجي، سڀ مدي خارج موضوع سليبس
مان ڪڍي، نئون ۽ هن صديءَ سان ٺهڪندڙ سليبس هجڻ
گهرجي. تڏهن ئي ڪجهه تعليمي سڌارا اچي سگهن ٿا. ان
سان گڏوگڏ انتظامي پاليسين کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت
آهي. سڀني اسڪولن ڪاليجن کي هڪ جهڙيون ۽ سڀئي
سهولتون مثلاً اسٽاف پورو هجي، تجربي گاهن ۾ سامان
پورو هجي، خاص طور تي پرائمري اسڪولن ۾ بنيادي
سهولتون اڻ لڀ آهن. مثلاً پيئڻ جو پاڻي، فرنيچر ۽
بجلي وغيره انهن جو پورائو ڪيو وڃي، تعليمي معيار
ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب آهي استادن جي کوٽ ۽ ٻيو شهري ۽
ڳوٺاڻن علائقن ۾ انهن جي پگهارن ۾ فرق، انڪري ڪوبه
ماڻهو نقصان کڻي ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ راضي نه آهي.
انڪري پگهارن کي هڪ جيترو ڪيو وڃي، منهنجي هڪ
تجويز آهي ته يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪندڙ سڀني
شاگردن لاءِ هڪ سال جي ٽيچنگ لازمي قرار ڏيئي کين
مختلف ڳوٺن ۾ موڪليو وڃي ۽ جيئن ميڊيڪل جي شاگردن
لاءِ سال جو ڪورس ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ انهن جي
لاءِ هاسٽلون ٺاهيون وڃن ۽ ٽرانسپورٽ جو بندوبست
ڪيو وڃي. (انهن شاگردن لاءِ پگهار به رکيو وڃي)
جيڪڏهن اهي سڀ قدم کنيا وڃن ته مان سمجهان ٿي ته
ڪجهه تبديلي ضرور ايندي. |