اهي ٻئي وجود هاڻي ڪمزور بڻجي چڪا هئا، ڇاڪاڻ جو
همسفر جو ساٿ ۽ پيءُ ماءُ جي شفقت ۽ پيار انسان کي
مضبوط ڪندا آهن. هن شخص ته (جنهن کي ڳوٺ ۾ سڀ رئيس
ڪوٺي پيرين پئي ملن ٿا) پنهنجي لاءِ نئين دنيا
ٺاهي ورتي ۽ ان دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو، پر
اها عورت جيڪا هن جي پهرين زال آهي، زندگيءَ جي ان
موڙ تي اڪيلي بيٺل آهي جتان ان جو همسفر ان کان هٿ
ڇڏائي اڳتي نڪري ويو آهي، هوءَ سوچي ٿي ته هاڻي
مان ڪهڙو رستو وٺان، ڇا مان به هاڻي ڪنهن نئين
همسفر جي ڳولا ڪرڻ لڳان؟ ڇا مان به هاڻي نوان خواب
ڏسڻ شروع ڪريان؟ ڇا، منهنجي لاءِ به زندگي جا سڀ
رستا کليل آهن، انهن مان جنهن تي منهنجي دل چوي ان
تي هلان، پر هوءَ گهڻي دير پنهنجين انهن سوچن کي
برقرار رکي نه سگهي ڇو ته ان هڪدم پنهنجي ڇوڌاري
مختلف سخت ۽ رعبدار آواز ايندي ٻڌا جيڪي چئي رهيا
هئا ته خبردار! جو تو پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اهڙا
خيال اچڻ ڏنا آهن. تون هڪ عورت آهين، تنهنجي لاءِ
لازمي آهي ته تون ان شخص جي پٺيان ئي هلين جنهن
سان تنهنجو هڪ دفعو ڪو رشتو چوڙيو ويو آهي، پوءِ
ڀلي اهو شخص توسان گڏ هجي يا اڳتي نڪري چڪو هجي.
وڏي ڳالهه ته تون هڪ ماءُ آهين توتي فرض آهي ته
تون صرف ۽ صرف پنهنجن ٻارن جي پرورش جو خيال ذهن ۾
رک. توکي ڪو حق ناهي ته تون به هن شخص وانگر خواب
ڏسڻ شروع ڪرين!
هُنَ
انهن آوازن سان گڏ پنهنجا اڳتي ويندڙ سڀ رستا بند
ٿيندي ڏٺا، سواءِ هڪ رستي جي، جنهن تان هن جو
همسفر هن کي اڪيلو ڇڏي اڳتي نڪري ويو هو. پوءِ
هوءَ خاموش قدمن سان ان شخص جي پٺيان ان رستي تي
هلڻ لڳي. ائين ئي هلندي هلندي آخر ان عورت جي وارن
۾ چانديءَ جون تارون اچي ويون جنهن جو شايد ان کي
احساس ئي نه رهيو.
ان گهر ۾ هڪ ٻيو به ننڍڙو وجود هو جيڪو پنهنجي
آسپاس ٿيندڙ تبديلين کي ڏاڍي گهرائيءَ سان محسوس
ڪري رهيو هو، اهو وجود ان شخص جي ڌيءُ جو هو. هوءَ
پيءُ جي بيرخيءَ، بي ڌيانيءَ ۽ ماءُ جي بيزاريءَ
کي دل تي وٺندي رهي. جيئن جيئن هوءَ وڏي ٿيندي پئي
وئي تيئن تيئن وڌيڪ حساس بڻجندي پئي ويئي.
هوءَ پنهنجون ننڍيون ننڍيون ڪاميابيون، پنهنجا ڏک
۽ پنهنجون خوشيون گهر جي ڀاتين سان ونڊڻ چاهيندي
هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته ڪير هجي جيڪو هن جي
ڪاميابيءَ تي خوش ٿئي ۽ سندس ڏک ۾ سگهارو سهارو
بڻجي. پر اتي ان گهر ۾ ته هر شخص پنهنجي هڪ الڳ
دنيا ٺاهي ڇڏي هئي، هڪٻئي لاءِ ٽائيم ته پري، پر
هڪٻئي جو ڌيان به ڪنهن وٽ نه هو. ڪير ڪاڏي وڃي ٿو،
ڪٿان ۽ ڪيڏيءَ مهل اچي ٿو ڪنهن کي ڪنهن جي خبر ئي
نه هئي.
ڏٺو وڃي ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي جيڪڏهن ڪوئي صرف
ايترو پڇي ٿو ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ڪيڏيءَ مهل گهر
ايندؤ؟ ته به هڪ خوشيءَ جو احساس ٿيندو آهي ۽
لڳندو آهي ته ها، واقعي اسان جو وجود ڪنهن لاءِ ڪا
معنيٰ رکي ٿو. پر ان گهر ۾ ته ڪنهن کي ڪنهن جي
پرواهه ئي نه هئي.
هوءَ حساس ڇوڪري ايئن ئي تنها ۽ گهٻرايل قدمن سان
آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳي ۽ جڏهن هن کي محسوس ٿيڻ
لڳو ته هن لاءِ گهر ۾ نه محبت آهي نه اهميت آهي ته
هوءَ اهي سڀ شيون ٻاهر جي دنيا ۾ ڳولڻ لڳي ٿي.
ٻاهر جي دنيا جتي اڳ ۾ ئي قدم قدم تي انسان جي شڪل
۾ بگهڙ وات ڦاڙي ويٺا هئا! جيڪي صرف ۽ صرف پنهنجو
شڪار حاصل ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا ڍونگ ڪندا آهن،
ڪڏهن دوستيءَ جو، ڪڏهن محبت جو ۽ ڪڏهن ته وري
انتهائي انڪساريءَ جو ۽ انهن جي ان ڍونگ ۾ واقعي
به ايترو اثر هوندو آهي جو اڪثر ماڻهو انهن جي ڄار
۾ ڦاسي پوندا آهن.
هوءَ به هڪ شخص جي محبت جي ڪيل دعويٰ تي اعتبار
ڪري ويٺي ۽ آهستي آهستي پنهنجي اڻپوري وجود کي
مڪمل سمجهڻ لڳي هئي. هوءَ ان شخص ۾ اهي سڀ محبتون
ڳولڻ لڳي هئي جيڪي هوءَ پنهنجي گهر مان ڪڏهن به
ماڻي نه سگهي هئي، پر اهو شخص به هڪ خواب وانگر
آيو ڪجهه دير هن جي اکين ۾ رهيو ۽ هليو ويو.
ائين ئي زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ دفعو وري هوءَ اڪيلي
رهجي ويئي، فرق صرف ايترو هو جو هاڻي هن جو چهرو
ايترو معصوم نه رهيو هو، ڇاڪاڻ جو هاڻي هن زندگيءَ
جو اصلي چهرو ڏسي ورتو هو، جنهن سان هن جي چهري تي
به هڪ تلخي اچي وئي هئي.
هاڻي ته هر وجود، هر چهرو هن کي باز وانگر پنهنجي
مٿان لامارا ڏيندي ۽ بگهڙن وانگر حملو ڪري زخمي
ڪندي محسوس ٿيڻ لڳو هو.
هوءَ جيڪا اعليٰ تعليم حاصل ڪيل ۽ پروفيشنل ڊگري
رکندڙ ڇوڪري آهي، سا دارالامان مان ٿيندي اڄ
سائيڪيٽڪ وارڊ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل آهي. ڪير ٻڌائيندو
ته هن کي اتي پهچائڻ جو ذميوار ڪير آهي؟
نسرين هاشمي
”سس ننهن“:
تجزيو ۽ تبصرو
اسان جي سماج ۾ ڪي رشتا اهڙا آهن جن جو ازل کان
ابد تائين ناتو ٽٽڻ جو نه آهي، پوءِ به الائي ڇو
انهن رشتن ۾ ڏارون ۽ ويڇا پئجيو وڃن ۽ جڏهن عورت
جو وجود هن دنيا ۾ ٿيو آهي ته اهي رشتا به وجود ۾
آيا آهن. ۽ عورت ئي انهن رشتن کي جنم ڏنو آهي ۽
اهي رشتا هڪٻئي لاءِ
لازم و ملزوم آهن. خدا جڏهن کان ڪائنات جوڙي آهي
اهي رشتا به جوڙي ڇڏيا آهن. هاڻ ڏسڻ گهرجي ته انهن
رشتن جي ٽٽڻ جا سبب ڪهڙا آهن.
جيڪڏهن عورت هن ڪائنات جي وجود جو سبب آهي ته ان
جي سونهن برقرار رکڻ جو سبب به عورت ئي آهي. عورت
جڏهن ماءُ بڻجي ٿي ته رشتا به وڌن ٿا. ۽ ان پٽ جي
ڪري هوءَ سسُ ۽ پوءِ ڏاڏي بڻجي ٿي، پوءِ ڇو انهن
رشتن ۾ تلخيون پيدا ٿين ٿيون!
جڏهن هڪ عورت ماءُ بنجي
ٿي ته هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ کيس
پنهنجن، پراون، پاڙي اوڙي ۽ ننڍن وڏن وٽان مبارڪون
ملن ٿيون ۽ جڏهن کان پُٽ جي ماءُ بڻجي ٿي تڏهن کان هن جي دل ۾ پنهنجي پُٽ
کي موڙن ٻڌڻ جي خواهش جاڳي ٿي. اها خواهش وقت گذرڻ
سان گڏ وڌندي رهي ٿي ۽ هو هر خوبصورت ۽ خوب سيرت
ڇوڪريءَ کي پنهنجي پُٽ جي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسڻ لڳي ٿي. آخر اهو ڏينهن به اچي ٿو جڏهن
سندس پُٽ موڙن ٻڌڻ جي لائق ٿئي ٿو. پوءِ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري نالي ٿيل آهي
ته ٺيڪ نه ته نئين سر ڇوڪري ڳولڻ جو سلسلو جاري ٿي
وڃي ٿو. روزانو ڪا نه ڪا ڇوڪري ڏٺي وڃي ٿي. ان ۾
ڀينرون، ماسيون، ماميون به اڳريون هونديون آهن ۽
سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو آهي جڏهن ڪا ڇوڪري
پسند اچي وڃي. ان کان پوءِ هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ جو
سلسلو هلندو آهي. انهيءَ ۾ گهوٽيتا چاهيندا آهن ته
اسان وٽان ڪا گهٽتائي نه رهجي وڃي جو متان نُنهن
ڪا شڪايت ڪري. آخر اهو ڏينهن به ايندو جو لاڏو
لانئون لهندو آهي. ان ڏينهن به مختلف رسمن رواجن
جي ڪا ڪمي نه رهڻ ڏني ويندي آهي. ۽ ان ڏينهن گهوٽ
ماءُ جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
هوءَ اهو چاهيندي آهي ته دنيا جي هر خوشي پنهنجي پُٽ تان نڇاور ڪريان. هاڻي اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن کان ڳجهيون ته نه
آهن، ڇو ته جيڪا عورت ماءُ جي دل رکي ٿي، اُها ئي
ماءُ جي دل کان واقف هوندي. هاڻي اهو ڏسجي ته جيڪا
عورت اهو سڀ ڪري پنهنجي پُٽ
جي زندگيءَ ۾ هڪ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ هڪ
نئين رشتي کي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌي
ٿي ته پوءِ ان رشتي ۾ تلخيون ڇو پيدا ٿي وينديون
آهن؟ ڇا اها ماءُ، ماءُ جو رشتو قائم نه ٿي رکي
سگهي؟ يا پهرين ماءُ آهي پُٽ
جي ۽ پوءِ سسُ جو روپ وٺي ٿي؟ اها عورت جيڪا پُٽ
جي ماءُ آهي، نُنهن
جي ماءُ نٿي ٿي سگهي!؟ |