سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :9

 

محمود مغل ۽ ڪهاڻي

 

سميع ڪنڌر

اڄ سنڌ جي افسانوي ادب جي آسمان تي محمود مغل جو نانءُ، هڪ روشن ستاري جيان چمڪي رهيو آهي. هن تقريبن پندرهن سالن جي عمر کان لکڻ شروع ڪيو ۽ مسلسل لکندو پيو اچي.

محمود مغل جو جنم 27 نومبر 1961ع ڌاري سيوهڻ شريف ۾ ٿيو ۽ هن لکڻ جي شروعات 1975ع ڌاري ٻارن لاءِ هڪ جاپاني ڪهاڻي جي ترجمي سان ڪئي. جيڪا رسالي ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي. محمود مغل ان وقت پنهنجي پوري نالي محمود الحسن سان لکندو هو، پر پوءِ محمود مغل سان لکڻ لڳو.

محمود مغل هيل تائين 70 کان وڌيڪ ڪهاڻيون، شاعري، ڪيترائي ڊراما، ڪالم ۽ ٻه ناول لکي چڪو آهي، ان کانسواءِ ڪجهه عرصو سنڌ رنگ ڊائجيسٽ ۽ هزار داستان ۾ صحافتي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي چڪو آهي. هو ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽيليويزن جو هڪ ڪامياب ڪمپيئر پڻ آهي ۽ ڪافي عرصي کان ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو آهي.

ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن وقت هو سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي شعبي ۾ ليڪچرار آهي. سندس چار مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون (ڪهاڻيون)، تو سنگ تو بن ڏينهڙا (ڪهاڻيون). هٿ رکائن کان خالي (ناول) اسين جيئرا آهيون (ترجمو ڪيل ناول).

ان کان علاوه هڪ ناول ”سره“ ۽ هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ڇپائي هيٺ آهي.

محمود مغل جون ڪهاڻيون معاشرتي مسئلن تي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان لڪيل آهن. سندس ڪهاڻين جي هڪ خوبي اها به آهي ته اهي اسانجي پنهنجي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن جون ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جو حسين سنگم آهن.

سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون“ جي مهاڳ ۾ انور هالائي صاحب لکي ٿو ته، ”ڪهاڻي، ڪهاڻيڪار جي احساسات جي اظهار جو هڪ بهترين ذريعو آهي، جنهن سان هو نه رڳو سماج جي سڀني پاسن تي روشني وجهي ٿو، بلڪه پاڻ جيڪي ڏسي ٻڌي ٿو، انهيءَ کي لفظن جي روپ ۾ ائين پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ هو ان ڪهاڻي جو ڪو ڪردار آهي يا حصيدار آهي، محمود مغل جون هي ڪهاڻيون، اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي معاشري جي صحيح عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون ٻهراڙيءَ جي ڪکائن گهرن کان وٺي ماڊرن سوسائٽي جي ذري ذري جون ترجمان آهن.

سندس پڙهندڙن جو خيال آهي ته محمود مغل رومانٽڪ آهي ۽ سندس ڪهاڻين ۾ رومانس وڌيڪ رومانٽڪ آهي ۽ سندس ڪهاڻين ۾ رومانس وڌيڪ اثرائتي ۽ خوبصورت نموني ڏيکاريل آهي. انجو اقرار محمود پاڻ به هن طرح ڪري ٿو.

”مان ننڍين ننڍين محبتن جو قائل ناهيان انسان ڪنهن سان محبت ڪري ته شدت سان _ اها شدت لمحي لمحي جي پڪار هجي، ها _ نفرتون ننڍيون ننڍيون ڪجن ڇو جو خدا ٻانهي کي پيدا ئي ابدي محبت لاءِ ڪيو آ.“

محمود مغل جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان ڪٿي به اهو احساس ڪونه ٿيندو آته اسان ڪنهن اجنبي دنيا ۾ جي ڳالهه نٿو ڪري، پر سندس ڪهاڻيون اسانجي آس پاس جي حالتن، مسئلن ۽ ڪردارن سان تعلق رکن ٿيون. هو جيڪو ڪجهه محسوس ڪري ٿو سوئي لکي ٿو، پنهنجي محسوسات ۽ مشاهدي کي جڏهن لفظن جو روپ ڏئي ڪاغذ تي اوتيندو وڃي ٿو ته سندس لفظ خودبخود ڪهاني ٿيندا وڃن ٿا.

پنهنجي لکڻ جي باري ۾ محمود چوي ٿو ته، ”مون ڪڏهن به شعور طور لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، جيڪو ڪجهه لکندو آهيان ان مهل ۾ ڄڻ لاشعور جي تهن ۾ هجان ائين ڄڻ چوطرف سرءُ جا ڇڻيل پن ۽ وڏا وڏا وڻ هجن، ڪو هلڪڙي آواز سان وهندڙ ماٺو پاني _ ڪو ڪرندڙ پن ان ۾ پسيل ۽ جيئن جيئن اه پن وندو وڃي تيئن تيئن مان لکندو وڃان ؛ تان جو وهڪرو  ڦري ڪو ڪنارو پن کي جهٽي وٺي. مان لکڻ بند ڪيان ڪنهن سڏ جي ڪناري تي، ها ڪو مون کي سڏي ۽ مان سڀ ڪجهه ڇڏي ان ڏانهن هليو وڃان پسيل پسيل، آلو آلو.“

موضوع ڪهاڻي جو اهم حصو هوندو آهي، جنهن ۾ مرڪزي خيال سمايل هوندو آهي. ڪامياب ڪهاڻي لاءِ جيترو ٻئي فن جي ضرورت هوندي آهي، موضوع به اوتري ئي اهميت رکي ٿو. اسان جي چوڌاري ڪيترائي مسئلا آهن، اهو ڪهاڻيڪار جي محسوسات تي دارومدار آهي ته هو معاشري جي ڪهڙن مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻيءَ جو موضوع پڻائي ٿو.

محمود مغل جي ڪهاڻين جا موضوع هن کي معاشري سان لاڳاپيل آهن_هن وڇوڙي ۽ بي وفائي جهڙن جيءُ جهوريندڙ موضوعن تي به لکيو آ ته پيار جي ڇانو ۾ گذرندڙ حياتين جون رنگينيون به بيان ڪيون آهن. اتي هن معاشرتي براين کي به ننديو آهي. سندس ڪهاڻي ”ٻارن جو عالمي سال“ طبقاتي معاشري جي ڳل تي هڪ زوردار چماٽ آهي. ڪهاڻي ”ٿڌي جنگ“ ۾ عورت جي نفسيات ۽ ان جي اندر جي احساسات کي ڪاميابيءَ سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ”شڪست“ ڪهاڻي ۾ وقت ۽ حالتن جي ڦيري کي انتهائي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي ۾ ٻڌايو ويو آهي. هن ڪهاڻي ۾ وقت ۽ حاتن جي ڦيري کي انتهائي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وقت ۽ حالتون سدائين هڪجهڙيون نٿيون رهن. اهي ڪڏهن به ڦيرو کائي سگهن ٿيون. جڏهن ته ”خواهشون. ”حقيقتون، آئيڊيل ۽ سپنا“، ”سوچون، بند مٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو“ ۽ ”ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون“ بهترين رومانوي ڪهاڻيون آهن.

محمود مغل جي ڪهاڻين جي ٻولي ڏاڍي چاهي ٿو، سا بهترين ٻولي سان چئي وڃي ٿو. اهائي سندس ڪهاڻين جي ڪاميابي آهي. سندس ٻولي ڪٿي به هٿرادو بناوٽ جو شڪار نه آهي. هن ٻوليءَ جو استعمال ڪردارن ۽ ماحول جي مناسبت سان ڪيو آهي، تنهن ڪري اها ڪٿي به اوپري نٿي لڳي، جيئن ڪهاڻي ”شڪست“ جي هڪ ڪردار رڪميءَ جي ٻولي ۽ لهجو جيڪو ٻڌايو ويو آهي سو ڪردار ۽ ماحول سان ٺهڪندڙ آهي ۽ حقيقت جي بلڪل ويجهو آهي.

”ڏس نندڙي، کوابن (خوابن) کي روچڻ ٿي گهرين ته گهر وڃي رلي پاءِ _ هت نه ماڪڙ مار هت اچين ته وڪرو ڪر وڪرو _ واندي نه ويهه.“

(شڪست)

محمود مغلي جي ڪھاڻين جا ڪردار ھن معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آھن. سندس ڪھاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي ڪردار نه آھي، تنھنڪري اھي ڪٿي به اجنبي نٿا لڳن.

”شڪست“ جي نندري، ”احساس“ جي حاجي خيري، ”جھونا مارڪيٽ ۾ ٻه جھونا ماڻھو“ جا مريد صاحب ۽ غلامون، ”سوچون، بند مٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو“ جونصرو، ”ٿڌي جنگ، جي ريشمان، ”ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل يادون“ جامومي ۽ شيري ۽ ”ٻارن جو عالمي سال“ جومنون ۽ سندس پيءُ سميت ھن سمورا ڪردار ھن معاشري مان کنيا آھن. جيڪي سندس ڳوڙڳي مشاھدي جا دليل آھن. ھو ڪردارن جا نقش اھڙي طرح چٽي ٿو جو انڳڻ جا عڪس پرھندڙ جي سامھون اچي وڃن ٿا مثال طور:

”سندس عمر پنجيٽيھن کان چاليھن جي وچ ۾ رنگ گورو ۽ بدن لچڪ ۽ موھه سان ڀرپور اٿس. عمر جي وچين حصي ۾ آ، جوڀن ايترو ڀرپور ڪونھيس پر غور سان ڏسبس ته اھا ڳالھه چٽي طرح محسوس ٿيندي ته ھوءَ ڪنھن زماني ۾ بلاشڪ حسن جي راڻي ھوندي.

ھن جون ٻئي ٻانھون اڇين ڪنگڻين سان ڀريل آھن. ڪي ڪنگڻيون آھن ڪي ڪڙا_ ھٿ جي پٺيءَ تي ڊيل جو نسان اڪريل اٿس. سائو سائو اھو نشان ھن جي ھٿ جي سونھن ۾ اڃا به اضافو ٿو ڪري.“ (شڪست)

اھا سندس ڪردار نگاري جي ڪاميابي آھي، جو ھو ڪردارن کي پنھنجي مرضي موجب نٿو ھلائي پر سندس ڪردار مڪمل طور آزاد آھن ۽ اھي پنھنجي سوچ ۽ سمجھ سان چرپر ڪن ٿا.

جبار ”تاثير“ سومرو

وائي

اکڙين جي آلاڻ اگهي ڇڏ، اکڙين جي آلاڻ،

خوش ٿي کلندي کلندي جيڏي، جوڀن پنهنجو ماڻ،

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ.

رئندي رئندي رات وهاڻي، تنهنجي ڪنهن جي ڪاڻ.

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ

روئڻ مان ڪجهه ورڻو ناهي، مُرڪ چپن تي آڻ

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ

هوش وڃائين ڇو ٿي پنهنجو، ٿيءُ نه چٽي اڻ ڄاڻ _

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ.

پنهنجي پيار جا هُل هُلي ويا، وڻ وڻ ٿي واکاڻ.

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ.

جاڏي تنهنجو سپرين آهي، تاڏي ويٺي تاڻ_

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ.

پردو رخ تان پاسي ڪر، ٿئي چوڌاري چانڊاڻ_

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ.

پَڪَ اٿم ”تاثر“ پرين سان، پرچي وڃبو هاڻ_

اگهي ڇڏ اکڙين جي آلاڻ.

 

 

وقت بچايو

(زندگي بهترين نموني گذارڻ جا انمول طريقا طريقا)

 

ساحره اعجاز

ڇا اوهان پنهنجي مقرر ڪيل ملاقات تي هميشه دير سان پهچندا آهيو يا اوهان هميشه وقت جي گهٽتائي جو سڪار ٿيندا آهيو. جيڪڏهن اوهان سان اڪثر ائين ٿيندو رهندو آهي ته پريشان نه ٿيو، اسان اوهان کي ڪجهه اهڙا طريقا ۽ اصول ٻڌايون ٿا، جن تي عمل ڪري اوهان پنهنجن گهڻن مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندا ۽ پنهنجي زندگي وڌيڪ بهتر طريقي سان گذاري سگهندا.

(1) اڳواٽ تياري ؛

يقيناً اوهان لاءِ اها ڏاڍي حيرت جوڳي ڳالهه هوندي ته اوهان پنهنجو قيمتي وقت ڪنهن به ڪم جي اڳواٽ تيار ڪري بچائي سگهو ٿا. تنهن ڪري ڪٿي به وڃڻ کان پهرين پنهنجو سامان ٺيڪ ان وقت تيار ڪرڻ بدران هڪ رات پهرين ئي تيار ڪري وٺو، اهو سوچي رکو ته اوهان کي ڪهڙي ڏينهن ڪهڙي شيءِ جي ضرورت پئجي سگهجي ٿي ۽ ڪهڙي موقعي ته ڪهڙو وڳو پهرڻو پوندو. بجاءِ ان جي ته تڪڙ ۾ جيئن تيئن ڪپڙا ٺاهيو يا استري وغيره ڪيو. اوهان کي گهرجي ته موڪل واري ڏينهن پنهنجا تمام ڪپڙا درست ڪري رکو. ان کان علاوه هڪ وڳو اهڙي ريت تيار رکو، جيڪو مختلف موقعن تي استعمال ڪيو وڃي.

(2) ڪجهه منٽ پهرين ؛

جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن سفر تي وڃڻو هجي يا پنهنجي روزاني معمول مطابق آفيس، اسڪول يا ڪنهن جاءِ تي وڃڻو هجي ته اندازو رکو ته ان سفر ۾ ڪيترو وقت لڳندو. اهڙي طرح پاڻ مرادو سفر کان مقرره وقت کان ڪجهه منٽ پهرين تياري شروع ڪيو ته جيئن سفر ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي اچڻ جي باوجود به اوهان وقت تي پنهنجي منزل تي پهچي سگهو.

(3) پنهنجي مٿان ڀروسو ؛

جيڪڏهن اوهان کي پنهنجون شيون رکي وسارڻ جي عادت آهي ته ان لاءِ ٻين تي ڀروسو ڪرڻ بجاءِ پاڻ ڪوشش ڪري اهي شيون ياد رکو. ڪجهه وقت کان پوءِ اوهان شيون ياد رکڻ جا عادي ٿي ويندا. تنهن هوندي به پريشاني ٿئي، ته پنهنجي روزاني استعمال ۾ ايندڙ جاءِ تي هڪ ڪاغذ رکو، جنهن ۾ پنهنجي شين جو تفصيل لکو يا وري ڪو ننڍو نوٽ بڪ هميشه پاڻ سان گڏ رکو ۽ ان ۾ تمام ضروري معلومات ۽ شين جا تفصيل لکو.

(4) ضروري ڪاغذن جي حفاظت ؛

اوهان محسوس ڪيو هوندو ته اڪثر ڪاغذ وقت تي نه ملندا آهن. ان لاءِ اوهان ڪابه فائيلم باڪس، يا لفافو استعمال ڪري سگهو ٿا، جنهن ۾ تمام ضروري ڪاغذ مثلاً بئنڪ ... اسپتال يا ٻيا ضروري ڪاغذ ان ۾ ترتيب سان رکو. توهان ڏسندا ته ائين ڪرڻ سان اوهان کي ڪو به ضروري ڪاغذ فوراً ملي ويندو. جنهن سان ڳولڻ جي تڪليف ۽ وقت جو زيان نه ٿيندو.

(5) ماهوار بجيٽ:

جيڪڏهن اوهان پنهنجن ذريعن کان وڌيڪ خرچ ڪيو ٿا ته اوهان پنهنجو ماهوار بجيٽ تيار ڪيو. جنهن ۾ عام گهرو استعمال جي شين جي خرچن سان گڏ مهمانن، سالگره، تفريح، ايمرجنسي جيئن اسپتال وغيره جا خرچ به شامل ڪيو. ان فهرست جي مدد سان اوهان پنهنجي خرچ جو اندازو ڪري سگهندا ته ڪٿي اسان گنجائش کان وڌيڪ خرچ ڪري رهيا آهيون. تنهن ڪري اوهان اهڙن شين تي گهٽ خرچ ڪندا، جن تي وڌيڪ يا اجايو خرچ ٿئي ٿو ۽ ان سان اوهان مالي بحران کان بچي سگهندا.

(6) حد کان وڌيڪ ڪم:

ڪڏهن به حد کان وڌيڪ ڪم نه ڪريو، بلڪه پاڻ کي صرف ضروري ڪمن تائين محدود ڪريو. اجايو ڪم ڪري ٿڪجڻ بدران ڪجهه ڪم پنهنجي گهر ڀاتين ۽ دوستن کي به ڏيو. گهڻو پاڻڀرو ٿيڻ جي ڪوشس نه ڪريو، ڇو ته گهڻي ڪم ۾ مصروف رهڻ سان جسماني تڪليف ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذهني تڪليف ٿي پوندي آهي ۽ بيماري جو پڻ خطرو وڌي وڃي ٿو.

(7) ڪم ورهائڻ ؛

پنهنجي ڪمن کي مختلف حصن ۾ ورهائجي يعني ڪهڙو ڪم اڄ، سڀاڻي يا اڳي ڏينهن تي ڪرڻو آهي ڪهڙو ڪم ڪنهن جي ذمي رکجي. ان جي باوجود ڪم گهڻو هجي ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. بلڪه جلدي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. پاڻ کي فضول مشغلن جيئن فون تي ڊگهي گفتگو ڪرڻ يا دوستن سان اجائي ڪچهري ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪريو. اهڙيءَ طرح اوهان پنهنجو ڪم ختم نه ڪري سگهندا. جيڪڏهن معمول مطابق ڪو به ڪم هلندو هجي ته ڪنهن ٻي پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. جيستائين هڪ ڪم مڪمل نه ٿئي، تيستائين ڪنهن ٻئي پاسي نه وڃجي.

(8) صاف سٿرو گهر:

پنهنجي گهر کي هميشه صاف سٿرو رکو. گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته مهمانن جي اچڻ تي تڪڙو تڪڙو گهر صاف ڪيو ويندو آهي. ان بجاءِ پنهنجون شيون هميشه صاف سٿريون رکو ۽ شين کي انهن جي مناسب جاءِ تي رکو. جيئن ٿانو وغيره استعمال کان فوراً بعد ڌوئي رکجن، ڪپڙن کي هيڏانهن هوڏانهن اڇلڻ بجاءِ هينگر ۾ لٽڪائجي. ڪتاب پڙهڻ بعد شيلف ۾ رکجن، جيڪڏهن ڪنهن وقت اوهان کي ڪيڏانهن ضروري وڃڻو هجي ان شام مهمان به اچڻا هجن ته توهان بي فڪر ٿي پنهنجي ڪم لاءِ وڃي سگهندا، ڇو ته گهر بابت فڪر نه هوندو ۽ مهمانن جي اچڻ وقت ڪنهن قسم جي پريشاني نه ٿيندي.

(9) شين جي مناسب جڳهه:

جيڪڏهن اوهان جي رڌڻي ۾ شيون هيڏانهن هوڏانهن رکيل هونديون ته اوهان جو گهڻو وقت شين جي ڳولا ۾ ئي ضايع ٿي ويندو. اوهان جون تمام ضروري شيون اوهان جي ويجهو هئڻ گهرجن ته جيئن ضرورت وقت انهن کي فوراً استعمال ڪري سگهجي. رڌ پچاءُ دوران ئي ٿانو ڌوئي ڇڏجن ڇو ته جيڪڏهن ٿانو گهڻي دير تائين پيا هوندا ته انهن کي ڌوئڻ ۾ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي.

(10) اڳواٽ ذخيره ؛

پنهنجي رڌڻي ۾ هميشه ضروري شين جو اڳواٽ ذخيرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ضرورت وقت اوهان کي بازار ڏانهن ڊُڪڻو نه پوي. هميشه بازار وڃڻ کان اڳ پنهنجي خريداري جي مڪمل فهرست تيار ڪيو ۽ سڀ شيون ان مطابق خريد ڪيو. هميشه فرج ۾ ڪجهه گوشت، ڀاجون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون ضرور رکو ته جيئن اچانڪ ايندڙ مهمان جي تواضع آرام ۽ بي فڪري سان ڪري سگهجي.

(11) پنهنجي لاءِ وقت ؛

ڪڏهن به دوستن جي دعوت ۾ وڃڻ کان انڪري نه لنوايو ته گهڻا مصروف آهيو. بلڪه ان جو آسان طريقو اهو آهي ته اوهان پاڻ دوستن کي اهو ڏينهن بڌايو. جنهن ڏينهن اوهان فارغ هجو ۽ دوستن ڏانهن وڃي سگهو. ٻئي پاسي اهو به ضروري آهي ته گهڻا ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي لاءِ به وقت ڪڍجي. پنهنجي خاندان ۽ مائٽن سان گهمڻ ڦرڻ ٻاهر وڃڻ گهرجي.

(12) سرسبز شاداب گهر ؛

پنهنجي گهر کي هميشه سرسبز شاداب رکو _ اها وندر بيچيني ختم ڪرڻ جو بهترين حل آهي. اهڙا ٻوٽا لڳايو، جيڪي هر سال پڻ پيدا ٿي سگهن ته جيئن اوهان کي گهڻي محنت نه ڪرڻي پوي ۽ اوهان جو وقت به بچي سگهي. گهر جي ڪنهن حصي ۾ مختلف قسمن جا گل ۽ ڀاڄيون لڳائجن.

(13) ڪٻٽ جي صفائي ؛

جيڪڏهن هر روز صبح اوهان پنهنجي ڪٻٽ کي هيٺ مٿي ڪري ڪا شيءِ يا ڪپڙا تلاش ڪيو ٿا ته ان جو مطلب آهي ته اوهان جي ڪٻٽ کي صفائي جي ضرورت آهي . ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان پنهنجا ڪپڙا ترتيب سان رکو، ان سان گڏوگڏ سڀ فالتو شيون ۽ ڪپڙا الڳ ڪري رکو. يقيناً ائين ڪرڻ سان اوهان کي ڪٻٽ مان ڪا شيءِ تلاش ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي ۽ اوهان جو وقت به بچندو.

(14) حقيقت پسند ٿيو ؛

پنهنجو ڪم اطمينان ۽ سڪون سان ڪريو. جيڪو وقت گذري ويو آهي، ان متعلق نه سوچيو. تڪڙو ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان پنهنجو ڪم پوري ڌيان سان نه ڪري رهيا آهيو. ان سان اوهان جو ڪم خراب ٿيندو ۽ يقيناً خراب ڪيل ڪم جي سڌاري ۾ گهڻو وقت لڳندو. تنهنڪري هر ڪم دل لڳائي پوري ڌيان سان ڪرڻ گهرجي.

(15) منظم ۽ ضبط ؛

ڪنهن به ڪم کان فارغ ٿيڻ لاءِ خاص نظم ۽ ضبط جي ضرورت هوندي آهي. ان ڪري پنهنجي ساٿين کي هرگز ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيو ته اهي ڳالهيون ڪري يا ڪنهن ٻئي طريقي سان اوهان جو ڪم تان ڌيان هٽائين. وقت تي ڪم ڪيو، ان سان ٻين تي سٺو اثر پوندو آهي هميشه اها ڪوشش ڪريو ته ڪم وقت تي ختم ٿئي. ڇو ته جيڪڏهن ڪم رهجي ويو ته اهو ساڳيو ڪم ٻئي ڏينهن وڌي ويندو.

(16)ڪم ۾ وقفو ؛

اهو تمام ضروري آهي ته صرف ڪم کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ پنهجي ٻين ضرورتن کي قربان نه ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته اوهان اهو ساڳيو ڪم ڪجهه وقفو ڏيئي بهتر طريقي سان ڪري سگهو. جيئن پنهنجي ڪنهن عزيز کي خط لکڻو آهي ۽ اوهان ٿڪل آهيو ته اوهان هٿ منهن ڌوئي وٺو. اوهان پاڻ کي پر سڪون محسوس ڪندا ۽ پاڻ ۾ هڪ سٺي تبديلي محسوس ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com