سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :14

 

وائي

جاويد امراشرفاڻي

جھانگيئڙا ۽ جھوپڙيون،

وسري وسرن ڪين ڪي.

اينديون ھونديون کوُھه تي،

سرتيون ساھيڙيون،

وسري وسرن ڪين ڪي.

جيڪي وطن ۾،

جاليم چار گھڙيون،

وسري وسرن ڪين ڪي.

ڪيان پيارن جون،

ڪھڙيون ڳالھڙيون،

وسري وسرن ڪين ڪي.

 

وائي

آثم ناٿن شاھي

ڪنھنجون ڳالھيون گونگيون_ٻاتيون،

ڪنھنجون خاموشيون به ڪھاڻيون.

پَل جي سنگم لاءِ سدائين_

اندر منجھه اُٻھريون/آتيون،

ڪنھنجون خاموشيون به ڪھاڻيون،

ڪي ڪي نيڻ ڪنول پيا ڀاسن_

ڪي ڪي نظرون: ڪوريون ڪاتيون،

ڪنھنجون خاموشيون به ڪھاڻيون.

ڏينھن گذارڻ ٽھڪي ٻھڪي_

ڦٿڪي ڪاٽن ڪاريون راتيون،

ڪنھنجون خاموشيون به ڪھاڻيون.

ڪَوتائن ۾ رنگ ڀرن ٿيون_

پابندين جون چيري ڇاتيون،

ڪنھنجون خاموشيون به ڪھاڻيون.

 

 

وائي

امير بخاري

جيئن جيئن مينهن وٺو،

تيئن تيئن رنگ رچيو

ٿاريلن جا ٿڪ لهي ويا.

پلرن پاهه جهليو.

پٽن باهه جهليو.

ٿاريلن جا ٿڪ لهي ويا.

رهيو ڪونه اُڃيو

ستو ڪونه بکيو.

ٿاريلن جا ٿڪ لهي ويا.

ورهين جو وڇڙيو،

موٽي محب مليو.

ٿاريلن جا ٿڪ لهي ويا.

بخت بخاريءَ جو،

ٿاريلن جا ٿڪ لهي ويا.

***

 

وائي

اياز لاکير

پسي هي پکڙا، لڱ لڱ ٿو ڪانڊارجي،

ڏاڍن آڏو ٻاجهه لئه، هيڻيءَ جا هٿڙا

لڱ لڱ ......

ڪنهن جا ساڙيا ويا هتي، سوچن جا سلڙا،

لڱ لڱ ....

ڳڀي خاطر ننگريءَ جا ليڙون ٿي ڪپڙا.

لڱ لڱ .....

پيرن هيٺان پاپ جي، چيڀاٽيا گلڙا.

لڱ لڱ .....

ڏکاريل اياز لئه ، هر هر هي ڏکڙا،

لڱ لڱ ڪانڊارجي.

 

وائي

مخدوم فياض

سارنگ ساريندي!

آس اڃا جيءَ ۾ !!

وطن کان جي ڏور رهن،

آڪاش نهاريندي !

آس اڃا جيءَ ۾!!

رات انڌيري ۽ تنهائي!

سنديشو لکندي،

آس اڃا جيءَ ۾!!

گم ٿيل پل سمان،

برکان رُت ايندي!

آس اڃا جيءَ ۾!!

پوپٽجيان اُڏري اچان،

ياد اوهان ايندي!

آس اڃا جيءَ ۾!!

رنگ برنگي آسون ،

من ۾ سانڍيندي!

آس اڃا جيءَ ۾!!

 

 

 

 

 

آهيان ڄڻ ڀٽڪندڙ پکيئڙو،

زاهد حسين ابڙو

نه آهي ڪنهن لام تي منهنجو آکيرو.

ڪيئن ڪريان توسان نينهڙو،

نه آهي ڪنهن لام تي منهنجو آکيرو.

روئيندي روئيندي گذريو ڏينهنڙو،

نه آهي ڪنهن لام تي منهنجو آکيرو.

ڏکن ۾ سڙي ويو هينئڙو،

نه آهي ڪنهن لام تي منهنجو آکيرو.

ٿر تي نه وٺو هيل مينهڙو،

نه آهي ڪنهن لام تي منهنجو آکيرو.

 

رخسانه ”رخ“ ۽ شبنم ”شب“ جي ڪتاب

”موسم گل اداس هي“ تان ورتل

ڪاش!

ڪاش ؛

زندگيءَ جي اينگهائيندڙ رستن ۾ ؛

ڪو گذريل ڏينهن

ڪو وڃايل پل ؛

ڪو وسريل نانءُ

ڪڏهن توکي به بي ماضي ڪري.

ڪاش!

ڪا ٽٽل دل،

ڪو وهندڙ لڙڪ،

ڪو وکريل سپنو.

ڪڏهن توکي به وياڪل ڪري،

ڪاش!

ڪا انڌيري رات،

ڪا پن ڇڻ جي شام،

ڪا اجڙيل زندگي _

ڪڏهن توکي به پريشان ڪري،

ڪاش!

 

امير ۽ غريب

دولت جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪير امير ۽ غريب ناهي هوندو. امير ۽ غريب هوندي آهي انسان جي دل.

اسان ڪيترن ئي دولتمندن کي مفلس ۽ ڪنجوس ڏٺو آهي. ۽ ڪيترن ئي غريبن کي شاهوڪار ۽ سخي ڏٺو آهي.

الميو (سانحو)

سوچان ٿي جڏهن اسان کي وڇڙڻو ئي هو ته پوءِ مليا ڇو هئاسين.

پر انهيءَ سوال جو جواب مان پاڻ کي اڄ تائين نه ڏئي سگهي آهيان.

ڪڏهن سوچيان ٿي ته انسان ملندو ئي جدا ٿيڻ لاءِ آهي جو ملندو آهي. سو جدا به ٿي ويندو آهي.

هي اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ ۽ وڏو الميو آهي. بهار ايندو آهي. گل ٽڙندا آهن. ۽ وري خزان ڇانئجي ويندي آهي.

چنڊ اڀرندو اهي، چانڊوڪي مسڪرائيندي آهي. وري اونداهيون راتيون ڇانئجي وينديون آهن.

ڪڪر ڪارونڀار ڪري ايندا آهن. بوندون وسنديون آهن. ۽ وري ساڙڻ جهڙي اس نڪري ايندي آهي.

هيءَ الڳ ڳالهه آهي ته سڀئي مندون وري موٽي اينديون آهن مگر انسان وڇڙي وڃن ته وري نه ملندا آهن.

قربتون ۽ فاصلا

انسان جي زندگيءَ ۾ قربتن جا اجالا به هوندا آهن ۽ فاصلن جا انڌيرا به. پر اڄ تائين انسان محبت جي هن فلسفي کي سمجهي نه سگهيو آهي. ته محبت کي معراج محبت سان ملندو آهي يا فاصلي سان؟

سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي (جنهن جي رسالي ۾ سڄو محبت جو فلسفو سمايل آهي) تنهن به هن ڪيفيت کي ٻن مختلف صورتن ۾ بيان ڪيو آهي. ڪٿي محبت جيتمنا جي انتها ڪندي فرمائي ٿو ؛

اکين ٿي ويهه، ته آءُ واري ڍڪيان،

توکي ڏسي نه ڏيهه، آءُ نه پسان ڪي ٻيو.

ٻئي هنڌ جدائي ۽ فاصلن جي تمنا ڪندي فرمائي ٿو.

ڳوليان ڳوليان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت،

من اندر جي لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.

محبت ۽ نفرت

خليل جبران ڪهڙي نه خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي محبت لاءِ هو چوي ٿو ؛

”جنت نالو آهي محبت ڀري دل جو ۽ دوزخ نالو آهي محبت کان خالي دل جو.“

اسين سوچيون ٿيون ته ماڻهو پنهنجي سيني کي جنت جي بجاءِ دوزخ ڇو بنائين ٿا. جڏهن ته تعصب ۽ نفرت جا اهي ٻرندڙ الا خود انهن کي هر پل ساڙيندا رهن ٿا.

ڪڏهن مذهب جي نانءَ تي ته ڪڏهن ٻوليءَ جي نانءَ تي انسان انسان جو رت پي رهيو آهي. انهن ماڻهن پنهنجين دلين ۽ پنهجين سوچن کي محدود ڇو ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي گلن ۾ موتئي جو گل پسند آهي، پر اسين هي ته نٿا چئي سگهون ته گلاب جو گل خوبصورت ناهي. ان جو هڪ پنهنجو حسن آهي. اهڙيءَ طرح سورج مکي. نرگس، سڀئي گل سهڻاآهن ۽ وڻن ٿا.

سٺي ڳالهه آهي پنهنجي مذهب، ٻولي ثقافت سان پيار ڪرڻ، پر اهو ضروري آهي ته اسان هڪ شيءِ سان محبت ڪري ٻي شيءِ سان نفرت ڪريون. ڇا اسين ايترا ڪند ذهن آهيون جو محبتون اسان جي دلين ۾ نٿيون سمائجي سگهجن. ڪاش اسين صرف محبتون ورهايون ته جيئن هر طرف محبت جا ڏيئا روشن هجن.

اسان ته ڪڏهن ڪنهن سان انهيءَ بنياد تي محبت نٿا ڪريون ته هي پنهنجو آهي يا پرائو. اسان هر سٺي انسان سان محبت ڪريون ٿا.

چاهي اهو ڪنهن به ملڪ، قوم يا علائقي جو هجي، محبت ته اهو خزانو آهي، جنهن کي جيترو خرچ ڪيو، اوترو ڌندو. اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. بس ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي دل ۽ دماغ کي کليل رکون ڇو ته قدرت هر انسان جي طبيعت ۾ هي جذبو رکيو آهي ته هو سٺين شين سان پيار ڪري جيئن ته ؛

ڪنڊن بجاءِ گلن سان ،

اوندهه بجاءِ روشنيءَ سان.

جدائي

هي خيال ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي ته تون ڪنهن ٻي دنيا جو رهڻ وارو آهين ۽ مان ڪنهن بي دنيا جي.

ڇا اسان ڪڏهن به ملي نه سگهنداسين؟

ها، ڪڏهن ڪڏهن ملنداسين خوابن ۾،

پر خوابن جي سهاري ڪير ڪيستائين زندهه رهي..

زندهه رهڻ جي لاءِ يا ته يادن جا بيشمار موتي هجن ته مان انهن موتين جي مالا پوئيندي رهان

اسان جون ته ملاقاتون به ٿوريون ۽ مختصر هيون.

مون وٽ ته يادن جي موتين جون مالائون به ناهن بس چند نيلم آهن. جن کي هٿن ۾ رکي وري پوتيءَ جي پلئه تي ٽاڪيندي آهيان.

سياري جي ڊگهين ۽ اداس راتين ۾ توکي چنڊ ترن ۾ ڳوليندي آهيان. ڪڏهن گيتن ۽ نغمن ۾ سڏيندي آهيان، ۽ ڪڏهن تپ کي پنهنجي ڪهانين جو موضوع بڻائيندي آهيان ۽ ڪڏهن تنهنجي قبر تي ڪنڌ رکي ڳوڙها ڳاڙيندي آهيان. خبر ناهي ته زندگيءَ جي ترتيب مون کي ڇو راس نٿي اچي. ائين لڳندو آهي ته منهنجي زندگي جي هر خوشي توسان وابسته هئي. تون هليو وئين ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. مان سوچيان ٿي تون مون سان گڏ ته نه هئين. مدتنکان پوءِ توکي ڏسندي هيس. پوءِ ائين ڇو ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هر پل گڏ رهڻ وارو ساٿي مون کان وڇڙي ويو آهي. مندون اينديون ۽ وينديون رهنديون. پر تنهنجي اچڻ جي مند هاڻي ڪڏهن به نه ايندي.

تمهاري آني کي هر آس توٽ گئي

اب انتظار کا موسم کبهي نه آئيگا.

تنهنجو ڪمرو

اڄ مان سوچيان ٿي ته صرف جاندار شيون ئي ته نه مرنديون آهن،

ڪڏهن ڪڏهن بي جان شيون به مري وينديون آهن.

بي جان شين کي به موت ايندو آهي.

موت ڇا آهي؟

ڪنهن شيءِ جو بي حس و حرڪت ٿي وڃڻ. اڄ تنهنجو ڪمرو به بيحس و حرڪت آهي. اڄ اهو به مري ويو آهي.

جيڪڏهن هاڻي ڪير ان جو دروازو کڙڪائيندو ته ائين محسوس ٿيندو. جيئن اهو ان جي لاش کي پائمال ڪري رهيو آهي. اگر ڪڏهن چنڊ ۽ سج جا تجلا دريءَ رستي ان ۾ داخل ٿيندا ته محسوس ٿيندو ته جيئن اهي نا تي فاتح پڙهڻ آيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com