نظم
ايوب کوسو
جنهن وقت ساترن ڏي،
ٿي نظر وڃي پنهنجي،
هوءَ ڄڻ ته اشارن ۾،
ڪي سوال پُڇن ٿا پيا،
۽ حال پُڇن ٿا پيا،
ٿو چنڊ جڏهن اٽڪي،
۽ لڙڪ جيان ڦٿڪي،
ڪنهن ڪاري بادل ۾،
ها اڪثر بهارن ۾،
ڪٿ گل تڙي ٿو ڪو،
يا سرءُ جي شامن ۾،
ڪٿ پن ڇڻي ٿو ڪو،
تنهن وقت لڳي ائين ٿو،
هر گهاءُ ڏکي ٿو پيو.
هي واءُ گهلي ٿو پيو.
ڪن پيارن يادن جو،
ڪو ورق کلي ٿو پيو،
ڪن سهڻن خوابن جي،
ها ڄڻ ته گلابن جي،
جيڪي به جلي ويا هن،
جيڪي به دکي ويا هن،
جيڪي به جلي ويا هن،
جيڪي به دکي ويا هن.
هن وقت جي ڳلن ۾،
ڇڻ گهايل ڪلين ۾،
تن سهڻن سپنن جي،
ڪن پيارين آسن جي،
پئي رک اُڏامي ٿي،
هي دل به وسامي ٿي،
هر آس اجهامي ٿي،
هر آس اجهامي ٿي،
جنهن وقت ستارن کان
ڪو تارو وڇڙي ٿو،
تنهن ويل اندر ۾ ڪو،
ها ڄڻ ته مندر ۾ ڪو،
ڄڻ ماڻهو سُڏڪي ٿو!
آزاد نظم
سلميٰ پنهور
ڇڏيو هاڻي!
محبت ڪوڙ آ.
واعدو وفا ڪرڻ هڪ راند آ بي ڪار ماڻهن جي.
اهي سڀ خواب ڪچي مٽي جا بي قيمت گهڙا هئا.
اهي سارا ذائقا منهنجي زبان تي زخم بڻجي ڄمي ويا،
تنهنجون اهي نرم اڱريون پٿرن تي نانءُ لکنديون هيون _ پر!
تنهنجون آڱريون ته عادتاً اهو ڏوهه ڪنديون هيون.
ڇڏيو هاڻي!
سفر ۾ اڻڄاڻ ماڻهن کان اهڙا حادثا اڪثر ٿي به ويندا آهن.
صدين کان،
ڇڏيو هاڻي!
منهنجو هجڻ يا نه هجڻ برابر آ.
تون پنهنجي روپ کي آئيني آڏو نکرڻ ڏي.
تون پنهنجين اکين جي دنيا ۾ ٻيهر نئين آس لهڻ ڏي.
منهنجن خوابن کي مرڻ ڏي،
نئين تصوير ڏس ۽.
وري نئين نينهن، نون لفظن سان پنهنجو سلسلو ڪر قائم.
منهنجي چاهت رائيگان سمججهانءِ ؛
منهنجين يادن سان ڪچو رابطو توڙي ڇڏ هاڻي!
محبت ڪوڙ آ.
وعدو وفا ڪرڻ هڪ راند آهي بيڪار ماڻهن جي.
غزل
الطاف ”آسي“
نيٺ نيڻن ۾ ڇا ٿي لڪائي رکيو؟
جن ڏيئو دل جو ٻاري وسائي رکيو!
تو جڏهن کان چوايو اچڻ جو پرين،
مون تڏهن کان سڄو گهر سجائي رکيو.
تو کي لهندو جو آهي انهيءَ جي ڪري،
مون گلابي وڳو آ سبائي رکيو.
غير پاران نه گهرجيم ٿي ڪا خوشي،
درد تنهنجو تڏهن آ ٽڪائي رکيو.
تنهنجي واعدي تي آهي اڃا ڀروسو،
توڻي تو آ رڻن ۾ رلائي رکيو.
جي مران يار جي در اڳيان پورجو،
مون وصيت جو پرچو لکائي رکيو.
پياس دل جي اجهامي اڃا ڪانه ٿي،
پيار شايد تو آهي پچائي رکيو.
ڪونج وڇڙيل ولر کان ڏسي ڪر ڪندي،
جهول الطاف آسي پسائي رکو.
غزل
سڪايل نهال چانڊيو
تو بن ڏکيو سفر لڳي ٿو،
جيون سارو زهر لڳي ٿو.
سڪرات جهڙو، تنهنجو قسم آ.
ڦٽل ڄڻ ڪو شهر لڳي ٿو.
دل جو گلشن شادان شادان.
توسان جو به ”سڪايل“ گذريو،
هر هڪ پل سو امر لڳي ٿو.
غزل
رشيد ”ارشد“
حُـــــــسن مــــــان وئـــــي هــــلي دلـــڪشي، دلبري!
ٿـــــي چـــڪي انــــتـــها هــــر قــــــدم رهــــزني!
دلــيـــون آهــــــن... مــــــگر نــــغــمــئه زنـــدگي؟
دوســــتــو! دوســـتـــو! دوســـــتـــي! دوســـتـــي!
قــــافـــلو اڌ مـــــئــــو! واهـــــه جـــــي رهـــــبري!
ديــــن و دنــــيــــا ڳنــڍڻ ڪـــار _ شـــيــشه گــري!
اهـــڙي دل ڇــــا ڪـــــــجـــــي جــــا بـــنا روشـــنــي!
حـــســــن نـــــروار ٿــــيـــــو! ســــخــت آئــــي گهــڙي!
ڇــــــــا فـــرشـــتـــا ڪـــــنــــدا! جــــو ڪــري آدمــي!
لازمـــــــي بــــعـــد _ شــــب صــبــح جـــــي روشـــني!
مــــــــنــــهـــنـــــجو هــــــــــــــــــــر هــــــــڪ غـــــزل
حـــــــــــــــــســـــــــــن _ فـــــــــــــــــــن،
نــــــــغــــمــگي!
غزل
جبار ”تاثير“ سومرو
اجهو ياد تنهنجي ستائي پئي،
وري حوصلا ٿي وڃائي پئي.
چري دل آ ڪيڏي چري ٿي پئي،
تنهنجي در جي چانئٺ چمائي پئي.
ڪڏهن سير گلشن جا مونکي ڪرائي،
ڪڏهن مونکي صحر گهمائي پئي.
ڪري ڪيئن ڪنهن ساڻ اظهار الفتم
سوين سُور سيني سمائي پئي.
هيءَ ناري ندوري اڀاڳڻ ازل کان،
ڏسو بخت ڪيئن ٿي ورائي پئي.
متان عشق جي پڙ اندر پير پايو،
وڏي واڪ سڀ کي ٻڌائي پئي.
ڪو غيرت کي سمجهائي، غيرت مندؤ!
اڳيان ڪنهن جي گردن جهڪائي پئي.
هي رستو ڪيڏو نه آهي نرالو،
ڏسي مونکي منهڙو لڪائي پئي.
خبر ناهي اوسيئڙو ڪنهن جو اٿس،
الا! ڪانگ روئي اڏائي پئي.
ٿي اوندهه مان ”تاثير“ ٿئي روشني،
جڏهن رخ تان پردوهٽائي پئي.
غزل
خليل عارف سومرو
حسن جو تون حوالو پرين
باک جو ڄڻ اجالو پرين
رنگ ۽ روپ تنهنجو مٺا
ساري جڳ کان نرالو پرين
خوبصورت گهڻا نانءُ پر
ٿو وڻي تنهنجو نالو پرين.
جنهن گهڙي ديد تنهنجي ٿي ٿئي،
دل ٿي ڳائي جمالو پرين.
سُرت حاصل ڪرڻ جي گهرين،
شاهه جو پڙهه رسالو پرين
هلڪي رم جهم ۾ عارف ڀڄون
آملهايون جهڙالو پرين.
غزل
محمد عرس اوٺو
پاڻ بچائيندي کجي وي آن،
پيار جي راهه ۾ لٽجي ويو آن.
وسيع دنيا هئي ڪيڏي ليڪن،
تنهن کان مان ته ڪٽجي ويو آن.
پوپٽ بڻجي واس ورتو مون،
واس انهيءَ ۾ وٺجي ويو آن.
ڪيئن جيءُ جسم کان ڌار رهندو،
روح بنجي مان گڏجي ويو آن.
انتقام
اڪبر جسڪاڻي
جن جي نانءَ،
پويان
ماءُ جي ذات لکيل هوندي آهي.
مون هڪ ڀيرو،
کيس چيو،
ٻڌون ٿا ته.
اڳئين جهان ۾ ماڻهو ماءُ جي نالي سان.
پڪاريو ويندو.
پر توهان هاڻ سان ئي،
پنهنجي نانءُ سان،
ماءُ جي ذات لکي ڇڏي آهي.
اداس ٿي چيائين،
هن جيڪي منهنجي امڙ سان
ظلم ڪيا ن،
جي وس پڄي ته،
ڪلاشن کڻي،
کيس پورو ڪري ڇڏيان!
هن منهنجي امڙ جون،
تخليقي قوتون ختم ڪيو.
۽ هن آسان تي.
ڪڏهن به ٻاجهه جو هٿ نه ڦيريو.
سڄي عمر اسان.
پيءُ لاءِ سڪندا رهياسين،
هوءَ جاهل به نه آهي،
سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو.
پر، جيڪي ڪجهه،
هن امڙ سان ڪيو!
ان لاءِ ڪلاشن بدرن،
مان پنهنجي نانءِ پويان،
امڙ جي ذات لکي.
دلي سڪون ماڻيندي آهيان
۽ مون کي پڪ آهي،
منهنجو نانءَ ڏسي.
هو اندر ۾
اڌ رنگ جي مريض جيان،
وڦلندو هوندو!
*** |