ڪنول سعيد
بيت
ڏئي ڪيئن وئين؟ اوسيئڙا عذاب،
منهنجا هڙ خواب! توکي ڳولي ٿڪيا.
جيڏين ويهي جيڏي، ايڏو پاڻ نه پَڏ،
ميان! هلي ڪين وس، جڏي پنهنجي جيءَ تي.
ڇوري! چانئٽ تي ڇوري، هي ڏاهپ جا چنگ،
ڪاريهر جهڙا ڌنگ، هڻ نه جڏي جيءَ کي.
هن ريءَ هري نه، سرتيون، منهنجو هانءُ،
لکندو وتي نانءُ ، هر جاءِ تي پرين جو.
ڪڏهن ايندي اهڙي سڀاڻ، سوڀيا ماڻيندي سپنا،سڄڻ سڏي مونکي پاڻ
ڀورڀر ويهاريندا.
وَڇيل نيڻن تي، ٻيلي! ترس ڪري اچ ڪو؟
دوست ائين ڇو؟ مونکان ڏور ترسيل آن.
ادل ڏئيم موڪل، وڃان اباڻي ويڙهي آنءُ،
ها! تن کان پري هانءُ، گهڙي ڪين سر
قسط 6
The Story of JOAN OF ARC
جون آف ارڪ جي ڪهاڻي
مصنف ؛ ائنڊريولئنگ سنڌيڪار ؛ محمود مغل
باب اٺون
جارگيو تي قبضو
جڏهن آرليئنز تان خطرو ٽري ويو ۽ ٽالبوٽ پنهنجي فوج مُيون
(Meun)
شهر تائين پوئتي موٽائي ويو ته جون کي اهو خيال
تنگ ڪرڻ لڳو ته هوءَ جلد کان جلد ولي عهد چارلس کي
ريمس وٺي وڃي. مقدس تيل جو تقدس ڏياريس ۽ بادشاهي
حوالي ڪريس. پر رستو ڊگهو هو ۽ اهو سفر ڪيترن اهڙن
شهرن مان طئي ٿئي پيو جيڪي انگريزن جا حامي هئا.
مئي جي مهيني دوران شهزادو، پنهنجن ساٿين سان مشورا ۽ آرام ڪندو
رهيو. هڪ ڏينهن جُون، ڊيونوئس سڻ سواري ڪندي لوچز
(Loches)
نالي شهر اچي پهتي، جتي شهزادو ترسيل هو. ساڻس گڏ
ڪجهه معززين ۽ پادري پڻ ويٺل هئا. جُون هڪدم هن وت
وئي ۽ ادب سان جهڪندي چيائين.
”عالمي جناب، ايترن صلاحڪارن سان صلاحون نه ڪيو. ريمس هلو ۽
پنهجو تخت ماڻيو.“
سڀني موٽ ۾ وراڻيو ته ان بابت سوچي سگهجي ٿو. پر ڇا اهو خطري
کان خالي هو ته سندن پويان انگريز فوج هئي، جنهن ۾
ٽالبوٽ مُيون وٽ موجود هو ۽ جارگيو تي هڪ ٻيو
جنگجو ”ارل آف سفولڪ“
(Earl of Suffolk)
تيار هو؟
جُون کين ٻڌايو ته هوءَ ۽ سندس ساٿي ايلنڪون ان مسئلي تي سوچي
رهيا آهن. جارگيو تي هن عرصي تائين فرانسسي جُون
کان سواءِ وڙهي رهيا هئا ۽ ڏاڍي مار کاڌي هئائون.
اها ڳالهه بڌي ايلنڪون جي نئين ڪنوار پريشان ٿي وئي هئي. ڊيوڪ
آف ايلن ڪون اڃا ڪجهه ڏينهن پهرين ئي شادي ڪئي
هئي. ڇوڪريءَ جو اضطراب ڏسي، جُون کيس دلداري ڏني
هئي.
”سانئڻ، مان ڊيوڪ کي اوهان تائين بحفاظت پهچائينديس .. اوهان
خاطري ڪيو.“
ٻئي ڏينهن هنن ڇهه سؤ همراهن ساڻ سفر ڪيو ۽ جهنگ ۾ غائب ٿي ويا.
ان معرڪي جو سڄو احوال، ڊيوڪ آف اڳلنڪان نوٽ ڪيو
هو.
ٻئي ڏينهن ديونوئس به ڇهه سؤ گهوڙسوارن ساڻ وٽن اچي پهتو. توب
خاني ۽ ٻي پيادل فوج کي گڏائي، هو هاڻي پنج هزار
کن ٿي چڪا هئا. ڪجهه ڪپتانن جو خيال هو ته جارگيو
جون ڀتيون سخت، منارا مٿانهان ۽ توبون رکايل هئا ۽
انهيءَ شهر تي تڪڙ ۾ حملو نه ڪجي، پر جون چيو ته
دير ناهي ڪرڻي. هن پاڻ هڪ دستي جي قيادت ڪئي ۽ سڀ
کان پهرين شهر پناهه جي هيٺان رهندڙ فوجين جي گهرن
تي حملو ڪري ڇڏيو. اهو حملو کين اتان لوڌي ڪڍڻ
لاءِ هو. ان قسم جي جنگ ڏاڍي خطرناڪ هوندي هئي،
ڇاڪاڻ ته گهرن آڏو باغ هوندا هئا، جنهن جي وڻن
منجهه لڪل تير انداز وسڪرو ڪري ڇڏيندا هئا، ي وري
ان مقصد لاءِ گهرن جون دريون به ڪتب اچي پئي
سگهيون. فرانسسي کليل ميدان ۾ هئا ۽ نقصان کڻي پئي
سگهيا. وري به جوش ۽ ولولو ڪم آيو، ۽ هنن انگريزن
کي ڌڪي، اهو علائقو خالي ڪرائي ورتو. ان زماني ۾
توبون ننڍڙيون هونديون هيون، جن ۾ ننڍڙا گولا
پوندا هئا ۽ انهن جو مارُ به تمام گهٽ مفاصلي
تائين هوندو هو. لازماً سَگهين ڀتين تي انهن جو
ڪوخاص اثر نه ٿيندو هوندو. بم هوندا ڪونه هئا جو
ڦاٽن، پر ڪٿي ڪٿي وڏيون لوهي توبون هونديون هيون،
جيڪي پٿرن جا وڏا وڏا گولا اڇلائينديون هوين ۽ جي
انهن توبن کي مٿان کان ڪيرايو ويندو هو ته اهي
ڦاٽي، چڱو خاصو نقصان ڪنديون هيون. وري به جُون وٽ
اهڙي ڪابه شئي موجود نه هئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي
گهلڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو هو.
لاڳيتا الائي ڪيترا ڏينهن، جارگيو تي حملو ٿيندو رهيو ۽ آخر ڪار
چيو وڃي ٿو ته فرانسسين نيٺ ڀت ۾ هڪ سوراخ ڪري
ورتو ۽ قلعي اندر وڃي تلوارن سان وڙهڻ جو فيصلو
ڪيو.
”اڳيان ٿيو معزز ڊيوڪ.“ جُون ڊيوڪ آف ايلنڪان کي چيو. جنهن جو
خيال هو ته ڀت وارو سوراخ اڃا ايترو وڏو ناهي، جو
ائين اندر ڌوڪجي _ آخر موٽ جو به ته خيال رکڻو هو.
”اچو، مون ساڻ اچو ..“ جون چيو “اوهان کي ياد ناهي ته اوهانجي
ڪنوار سان مون واعدو ڪيو آهي ته اوهان کي بحفاظت
موٽائينديس؟ ... هتي نه بيهو .. جي بيهندؤ ته
انگريزن جي توب مٿان ڪرندو ماري وجهندو.“
ڊيوڪ ان جاءِ تان هٽيو ته هڪ سپاهي ڊيوليوڊ
(De Lude)
اتي اچي ويو ۽ موت جو شڪار ٿي ويو، جُون واقعي واعي مطابق ڊيوڪ
کي بچائي ورتو هو. اتان هنن ڀت ڏانهن ڊوڙ رکي ۽
جُون جڏهن ڏاڪڻ چڙهي رهي هئي ته مٿان انگريزن پٿر
اڇلائڻ شروع ڪيا، هڪ وڏو پٿر، جون جي ٽوپلي تي لڳو
۽ هوءَ ڏاڪڻ تان ڪري پئي. هوءَ هڪڙو ڀيرو وري اٿي
۽ رڙ ڪيائين.
”اڳيان وڌو .. اسين هنن کي ڪونه ڇڏينداسين.“
حملو شروع ٿي ويو ۽ انگريزن جا پير اکڙي ويا. فرانسيسين کين
ڀاڄي وانگر ڪپي وڌو ۽ تمام وڏو انگ گرفتار پڻ ٿيو.
اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ”ڊيوڪ آف سفولڪ“ جون آڏو پيش
ٿيو ۽ هن کيس ”دنيا جي بهادر ترين خاتون“ تسليم
ڪيو هو.
ڪي چون ٿا ته سفولڪ کي هڪ عام سپاهيءَ پڪڙيو هو ۽ سفولڪ کيس
آفيسر جي ترقي ڏئي سندس آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا.
اهو ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته لوئر جي
پسگردائي ۾ مڙئي فوجون سفولڪ جي ڪمان ۾ هيون ۽ وڏو
جنرل هڪ سپاهيءَ هٿان ڪيئن ٿو آڻ مڃي سگهي.
انگريز، جون کي هاڻي ڏائڻ سڏڻ لڳا هئا جيڪا آهستي
آهستي سندن ساهه ڪڍي رهي هئي.
باب نائون
فيئر فيلڊ جي سوڀ
جُون هاڻي انگريزن کي آرليئنز کان پري ڌڪي ڪڍيو هو ۽ کانئن هڪڙو
اهڙو قلعو واپس ڦري ورتو هئائين، جيڪو هن کان اڳ
فرانسسي نه وٺي سگهيا هئا. هاڻي جون کي، انگريزن
کي کليل ميدان ۾ مارڻو هو.
فيئر فيلڊ جي جنگ بابت اسان کي هڪڙي ڪتاب مان خبر پئي ٿي جيڪو
پيري ڊي ڪاگني
(Pierre De Cagny)
لکيو. پيري اهو همراهه آهي جنهن ڊيلڪ آف ايلنڪون
ساڻ سفر ڪيو ۽ سڀني حالتن مان پاڻ گذريو. جنگ ختم
ٿيڻ کان هڪدم پوءِ هن سڄو احوال لکي، گڏ ڪري ورتو،
پيري لکي ٿو ته جُون، جارگيُو جي پچاءَ لاءِ جوج
جو هڪ اٽالو اتي ڇڏيو ۽ ايلنڪون ساڻ آرليئنز ڏانهن
واپس موٽي وئي. جتي عوام سندس پرجوش ۽ ڀرپور
آڌرڀاءُ ڪيو. جون جي جاءِ تي ٻيو ڪوبه هجي ها ته
پنهنجي ساراهه تي خوش ٿي اتي ئي ٽڪي ها، پر هن
ساڳئي ڏينهن جي شام تي ئي ڊيوڪ کي چيو.
”مان سڀاڻي رات جي ماني کائڻ کا پوءِ مُيون وينديس جتي انگريزن
ساڻ پاڻي ڪرڻو آهي، جوج کي تيار رهڻ گهرجي.“
مُيون کي هن جلدي ختم ڪري ورتو، ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس توبن
بيُو گينسي
(Beougency)
شهر تي گجگوڙ ڪئي.
اتي ئي جون کي خبر پئي ته ٽالبوٽ ۽ سر جان فاسٽولف
(Sir Jhon Fastolf)
جي اڳواڻيءَ ۾ سڄي انگريز فوج سندس پويان اچي رهي
آهي. فاسٽوف هڪڙو هوشيار جنرل هو. هن سوچيو پئي ته
مقابلي کان پاسو ڪجي، ڇاڪاڻ ته انگريز فوجون حوصلو
هاري ويٺيون هيون. فرانسيسين جا حوصلا بلند هئا.
اها سڄي ڳالهه بر گوندڊيءَ سان تعلق رکندڙ هڪڙي
آفيسر جين ڊي ويورن
(Jean De Wavrin)
پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي آهي. هُو فاسٽولف جي فوج ۾
هڪ آفيسر هو.
هن تذڪري ذريعي مان اوهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته جُون جيڪي
ڪجهه به ڪيو اهو سچو آهي ۽ ماڻهن، جن ان جا تفصيل
بيان ڪيا آهن، جيئرا جاڳندا هئا ۽ سچار هئا.
هڪ ٻئي انگريز ڪپتان جي سوچ موجب، فاسٽولف ڪجهه حد کان وڌيڪ
احتياط پسند هئو. هن جي مقابلي ۾ ٽالبوٽ اهو صاف
چيو هو.
”مون وٽ جيڪڏهن مُٺ همراهن جي به بچي نه، مان ته به مقابلو
ڪندس.“
ٻئي ڏينهن جڏهن فوجون ميدان ۾ آيون ته فاسٽولف جي چواڻيءَ موجب،
هن سمجهيو پئي ته همراهه گهٽ آهن ۽ جنگ ڪرڻ اجائي
آهي پر ٽالبوٽ ۽ هنن جي ساٿين ڪجهه به نه ٻڌو ۽
بگل وڄي ويو ۽ گهوڙسوارن ميون ڏانهن رخ رکيو.
مُيون شهر کان تقريباً ٽي ميل اوريان هنن جُون، ايلنڪو، ڊيونوئس
۽ لاهائر جي سالاريءَ ۾ ڇهن هزارن کان مٿي سپاهين
کي جنگ لاءِ تيار ڏٺو. هاڻي انگريزن اهوئي ڪيو
جيڪو هنن کي هينري پنجين سيکاريو هو. هو گهوڙن تان
لهي پيادل جنگ لاءِ تيار ٿي ويا. انگريزن ڍال واري
جنگ ۾ تمام هوشيار هئا. فرانسسي سدائين تڪڙو حملو
ڪندا هئا. جنهن ۾ انگريز کي تيرن ۽ ڀالن سان منهن
ڏيندا هئا. پوءِ جيڪي فرانسسي بچندا هئا انهن تي
تلوارن جا وار ٿيندا هئا.
ان ئي نموني واٽرلو جي جنگ ٿي هئي ۽ ائين ئي انگريزن، اسڪاٽن ۽
فرانسيسين کي سندن تڪڙ سببان الاءِ ڪيترا ڀيرا
شڪست ڏني هئي. پر جون ۽ ان جا ساٿي تمام هوشيار
هئا ۽ تياري ڪري آيا هئا. هنن انگريزن کي نياپو
موڪليو. ڇاڪاڻ ته رات ٿي چڪي هئي.
”سڀاڻي اسان هڪٻئي کي ويجهو کان ڏسي سگهنداسين.“
انگريز اتان ميون هليا ويا. جتي ڪنهن به هنن جي راهه ۾ مذاحمت
نه ڪئي. سواءِ ڪجهه سپاهين جي، جيڪي لوئر نديءَ
مٿان ٺهيل پل جي حفاظت ڪري رهي هئا. انگريزن جو
اهو خيال هو ته پل تي قبضو ڪري، ندي ٽپي. بيو
گنسيءَ ۾ ڦاٿل همراهن جي مدد ڪجي، جن اڃا تائين
جون اڳيان آڻ نه مـڃي هئي. هڪڙو خيال اهو به هو ته
هڪ ته ٽالبوٽ جي فوج آهي ٻيو وري بيوگنسيءَ جا
جوان هنن جو حوصلو وڌائيندا. پر ان رات ئي
بيوگنسيءَ وارا همٿ هاري ويٺا هئا ۽ هنن جون اڳيان
هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. هنن اها به درخواست ڪئي هئي ته
کين اتان وڃڻ جي موڪل ڏني وڃي.
جُون هاڻي هڪ فرانسسي ڪپتان کي حڪم ڏنو ته فاسٽولف ۽ ٽالبوٽ جي
فوج جو پيڇو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي بيوگنسيءَ جي
هٿيارن اڇلائڻ واري خبر بڌي، لابيوس
(La Beauce)
جي هنڌ تان ننڍڙو چڪر ڪندي، پيرس جو رخ رکندا.
”پر اسان انگريزن کي ڪيئن ڳولي لهنداسين؟“
فرانسسي فوجيءَ، سپهه سالار کان پڇيو، ڇاڪاڻ ته رستي ۾ الاهي
جهنگ هئا، جتي فوج جي فوج لڪي سگهي ٿي.
”هلندا هلو“ ون چيو ”اسين کين ڳولي لهنداسين .. اسانکي پاڻهي
هنن جا پار بتا ملندا...“
۽ واقعي هنن کي واهه جا پار پتا مليا هئا.
انگريزن جي فوج جي اڳواڻي سفيد جهنڊي ساڻ هڪ آفيسر ڪري رهيو هو.
تنهن پويان اسلحي. جا انبار هئا. توبون هيون، جنهن
کان پوءِ ٽالبوٽ ۽ فاسٽولف جي اڳواڻيءَ ۾ سپاهه هو
۽ ان پويان کاڌ خواراڪ ۽ پيادل دستا هئا. جڏهن هُو
پيٿي
(Peathay)
نالي جاءِ تي پهتا ته سندن جاسوسن کين خبر ڏني ته اڳيان فرانسسي
فوج سامهون اچڻ واري آهي. انگريز اتي ترسي، ٻيا
جاسوس اڳيان موڪليا جن پڻ اهائي خبر آڻي ڏني.
هاڻي ٽالبوٽ، پنهنجا پيادا، توبون ۽ تير انداز، ٻن گهاٽن علائقن
۾ موڪلي چڏيا جتي وڻن جو جهڳٽو ڳوڙهو هو. انهن
ٻنهين جهڳٽن جي آخر ۾ فوج بيهاري وئي هئي. ٽالبوٽ
پنهنجا پنج سؤ بهترين تير انداز مختلف جاين تي
لڪائي ڇڏيا ته جيئن ئي فرانسسي فوج حملو ڪرڻ لاءِ
اڳتي وڌي ۽ انگريزن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ته مٿن
اوچتو حملو ڪري ڇڏجي. فرانسسي جهنگجي وچ تي اچي
ڦاسي ويندا ۽ زخمي گهوڙا توڙي فوج مُجهي مرندا.
هاڻي نه هنن جي اڳتي وڃڻ جي ڪا راهه هوندي ۽ نه
وري پوئتي ورڻ جي. نتيجي ۾ يا ته سڀ ختم ٿي ويندا
يا انهن مان ڪجهه قيدي بڻجي ويندا فاسٽولف جي
همراهن کي وري ٻئي طرف بيهاريو ويو هو.
جون جي فوج کي بلڪل به خبر ڪانه هئي ته اڳيان ڪهڙو ڄار وڇايل
آهي. زمين هيٺ مٿانهين هئي ۽ جهنگ گهاٽو هو. بس
فرانسسي چڪر ۾ اچڻ وارا ئي هئا جو قدرت هنن لاءِ
مدد جا ”پار پتا“ موڪلي ڇڏيا.
جُون جي فوج تمام تکي اچي رهي هئي. هنن جي گهوڙن جي ٽاپن اتفاق
سان هڪ سانڀر کي جاڳائي وڌو. سانڀر اتفاق سان ان
ئي رخ ۾ ڊوڙيو جتي انگريز تيرانداز بيٺل هئا. تيز
اندازن مان ڪجهه بي صبر ۽ شڪار جا سوقين هئا. هنن
جو سنڀر کي ايندو ڏٺو ته کڻي نشاني جي مشق ڪيائون.
هاڻي فرانسسين کي به خبر پئجيوي ته انگريز ڪٿي
ڪيئن لڪل آهن.
جڏهن ٽالبوٽ کي اندازو ٿي ويو ته سندس منصوبو هاڻي ڪم جو نه
رهيو آهي ته هن پنهنجي فوج کي اڳتي آندو. پر
فاسٽولف جو همراهه جيڪو اڇي جهنڊي سان اڳواڻي ڪري
رهيو هو، تنهن جا سپاهي فرانسسين جي گهيري ۾ اڇي
ويا هئا. هاڻي هن جي ڪمپنيءَ ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽
نتيجي طور جنگ جي شروعات ۾ ئي ٽالبوٽ تي دٻاءُ
پئجي ويو ۽ سندس ٻاويهين سون کان مٿي سپاهه يا ته
مارجي ويو يا وري قيدي بڻجي ويو، اهو سڀ تمام جلدي
ٿي ويو، فاسٽولف اڃا پهتو ئي مس ۽ پريان اها حالت
ڏٺائين ته هُو ۽ هن جي سپاهه تمام تيزيءَ سان ڀاڄ
کائي ويا. فاسٽولف جي فوج جي اها پسپائي ايتري ته
تڪڙي ۽ بي وقار هئي جو فاسٽولف سڄي عمر لعنت ملامت
جو مرڪز بڻجي رهيو. ويورن جي خيال موجب، جيڪو
فاسٽولف ساڻ هو، وٽس ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو، ڇاڪاڻ
ته هُو دير سان اتي پهتو هو. ويورن پاڻ به هڪ
ڀڳوڙو هو. ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري هُو فاسٽولف جو طرف
کڻندو هجي. بهرحال جون ۽ سندس فوج اها عظيم جنگ
کٽي هئي جنهن کي ”پيٿي جنگ“
(The Battle of Pathay)
جو نالو ڏنو ويو.
هاڻي اچو ته ڏسون جون هيستائين ڇا ڇا ڪري چڪي هئي. هن 8 مئي تي
انگريزن کي آرليئنز مان ڌڪي ڪڍيو هو. وري شهزادي
ڊگها صلاح مشورا شروع ڪيا هئا ۽ نتيجي طور جون کي
جنگ جو موقعو نه پئي مليو تان جو هن 4 جون تي وري
هڪ مهينو تقريباً وڃائڻ کان پوءِ انگريزن سان هٿ
اٽڪايو. 11 جون تي هن جارگيو، 15 جون تي ميون، 17
جون تي بيوگينسي انگريزن کان واپس ڦريا ۽ 18 جون
تي هن پيٿي جي مقام تي ٽالبوٽ جي وڏي ۾ وڏي فوج کي
شڪست ڏني.
ڊيوڪ آف ايلنڪون اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن پاڻ، جُون کي شهزادي کي
اهي لفظ چوندي ٻُڌا ته ”هوءَ سال کن لاءِ آهي يا
وڌ ۾ وڌ ٿورو ٻيو عرصو وٽس آهي، تنهن ڪري ولي عهد
کي تڪڙ ڪرڻ گهرجي.“
ايلنڪون چئي ٿو ته جون جي خيال ۾ کيس چار ڪم ڪرڻا هئا. انگريزن
کي فرانس مان تڙي ڪڍڻ، شهزادي کي ريمس ۾ تقدس ياري
بادشاهه بڻائڻ، آرليئنز کي ڇڏائڻ ۽ ڊيوڪ آف
آرليئنز کي جيڪو انگلنڊ ۾ قيد هو آزاد ڪرائڻ.
هن ڪنهن حد تائين انگريزن کي تڙي ڪڍيو، آرليئنز بچائي ورتائين،
شهزادي کي تاج پهرائي بادشاهي ڪرايائين. پر
فرانسسي سدائين سُست رهيا. شهزادو سدائين کان سُست
۽ ڪاهل هو۽ سندس بيوقوف صلاحڪار جيڪي سدائين گهر
ويٺا رهيا ۽ جن مان ڪنهن هڪڙي به حياتيءَ ۾ ڪڏهن
جنگ جو ميدان نه ڌٺو هو، کيس وڌيڪ سُست بڻائيندا
رهيا، ۽ جيئن جُون جي چواڻيءَ موجب سندس هڪ سال جو
مُدو ختم ٿي ويو هو ته هوءَ انگريزن جي قيدياڻي
بڻجي وئي هئي. کيس شايد اڳواٽ ئي اها خبر هئي ته
وٽس وقت ٿورو آهي. جون جي گرفتار ٿيڻ جي ڪري
انگريزن مڪمل طرح سان فرانس مان وڃي نه سگهيا ۽
هنن جي وڃڻ ۾ جُون جي مرڻ کان پوءِ به ويهن سالن
جو عرصو لڳي ويو. ان ۾ جُون جو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو.
هن فرانسسين کي تڪڙ ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ جڏهن کانئس
پڇيو ويو هو ته توکي اڳواٽ ئي انهن سڀني شين جي
خبر ڪيئن ٿي پئجي وڃي ته هن چيو ته ”منهنجا آواز
ئي منهنجا صلاحڪار آهن.“
لاتريمائل
(La Tremoille)
نالي هڪ ناميارو همراهه، بادشاهه جو منظور نظر هو،
۽ ڊيونوئس ۽ جون جو سخت دشمن هو. ڪانسٽيبل بريٽني
(Constable Brittany)
نالي هڪ ٻيو عملدار به هنن جو دشمن هو. هو جيتوڻيڪ جُون
جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندا هئا، پر کين جنگ سان ڪا به
چاهت ڪانه هئي. هنن جي ته اها خواهش هوندي هئي ته
هو ڊيود آف بر گونڊي به انگريزن جي طرفدار هئي.
انگريزن کي هاڻي ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ اهم ترين طريقو
اهو هو ته هر هنڌ کين شڪست ڏني وڃي ته جيئن نئين
مدد ملڻ کان پهرين ئي اهي ختم ٿي وڃن. انگريزن وري
انگلنڊ ۾ گهرو جنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ فوج تيار
ڪري ورتي هئي. هنن جڏهن اها ڄاڻ حاصل ڪئي ته
انگريز آرليئنز مان تڙجي ويا آهن ته هنن اها فوج
پيرس جي بچاءَ لاءِ موڪلي ڇڏ. هنن ته هاڻي
اسڪاٽلينڊ جي جيمس هڪ سا به امن جو هڪ ٺاهه ڪري
ورتو هو ته جيئن ان پاسي کان به خطرو نه هجي ته ڪو
اسڪاٽ حملو ڪندا.
انگريز اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ ان ڪري ڪامياب ٿيا هئا
جو لاٽريمائل جهڙن ”شاهه جي دوستن“ کيس سست ۽ ڪاهل
بڻائي، سندس وقت وڃايو ۽ جُون جيتري تڪڙ ڪئي پئي
اوتروئي سندس راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري سندس وقت
برباد ڪيو ويو. |