ٿَر بَر ۽ اجنبي گھر
مجيد گل
واھيرن جا ولر ھڪ ڪرڙ کان ٻئي ڪرڙ تائين ڊوڙي پائي رھيا ھئا.
ڪٿي ڪٿي ڳيرا، اڪن ۽ کٻڙن جي ڀرسان چڳي رھيا ھئا.
تترن جون ٻوليون به اچي رھيون ھيون. گذريل مھيني
کان برساتن پوڻ سبب، ڌڪڙي، ڳنڍير، للر، مريڙو،
مانڌاڻو، ڪلورو، سِڻ، لٺ ڪنڊڙو ، برٺ، ڦير، ڇپتي،
رئيسڻ، واهو، ڪترڻ ۽ ٻيا انيڪ گاهه ڦٽڻ سبب ٿر جو
نقشو ئي بدلجي ويو هو. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي.
اڪن، ڦوڳن، ٻوهن، ڪنڊن، کبڙن به برسات تي بهاري
لاتي هئي. ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ ڇڙواڳ چري رهيا هئا.
اٺ ڪنڊيءَ ۽ کبڙن جي لامن چرڻ ۾ رڌل هئا ته ڪي ڀٽن
جي چوٽين ۽ تراين ۾ ليٽيل هئا. ڪٿي ڪٿي ٻڪرارن جون
تنوارون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون، اتر اوڀر طرف اڇا
ڪارا ڪڪر ڪنهن جابلو علائقي جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا.
منهنجا قدم سهڻي جي گهر ڏانهن وڌي رهيا هئا، جتي
ٽوهه جي ولين ۾ به سونهن هئي. هوءَ مونکي پيار مان
”ننڍو سڏيندي هئي. هئاسين ئي ٻه ڀيڻ ڀاءُ، هوءَ
مونکان وڏي هئي، ايڏو پيار ڏيندي هئي، جو سڀ ڪجهه
وسري ويندو هيم.
منهنجا قدم ته سهڻي جي گهر ڏانهن وڌي رهيا هئا. پر اکين آڏو
مهينو اڳ وارو منظر گهمي رهيوهو. جڏهن مان سهڻي
سان ملڻ وڃي رهيو هوس. ان ڏينهن ٿر تي پهرين برسات
وٺي هئي. سهڻي چيلڙا ڇوڙي، جهوپن کان ٿورو پرڀرو
چارڻ ويندي هئي. ڇيلڙن کي چاريندي سڪ ۽ اُڪير مان
ڳائيندي به رهندي هئي، ۽ پنهنجي هڪ سال جي پٽ
سارنگ کي کيڏائيندي ۽ لوليون به ڏيندي رهندي هئي.
ان ڏينهن ٿر ۾ پهرين برسات پوڻ ڪري عيد جو سمان
هو. ٻار گوپن مان نڪري ٽنگن اگهاڙا ڀٽن تي ڪُڏي
رهيا هئا. مينهوڳيءَ جي مستي مان ڪو جهوپن کان
اوڀر طرف ڳائي رهيو هو ”دل ڪيئي بيوس او مينهڙا،
دل ڪيئي بيوس، وس، وس مينهڙا وس، او مينهڙا دل
ڪيئي بيوس.“
ڍور ڍڳا وٺي جي هوا ڏانهن مهڙ ڪري ناسن کي ڇڪون ڏيئي رهيا هئا.
مون لوڙهي وٽان ئي سهڻي کي ڏسي ورتو هو. هوءَ
پٺيري اٽو ڳوهي رهي هئي. چلهه جي ڀرسان سارنگ کيڏي
رهيو هو ۽ سندس ڏيرياڻي به ويٺي هئي. جنهن مونکي
ايندي ڏسي ورتو هو ۽ مونکي ٻاروتڻ ياد پيو هو. هن
کي مون اڱر جي اشاري سان خاموش رهڻ جو چيو هو. مون
آهستي آهستي وڃي سهڻي جي اکين تي هٿ رکيا هئا.
منهنجي هن اوچتي حرڪت تي ”هان ......! هن جي واتان
نڪتو هو ۽ اٽي وارا هٿ اڀا ڪري ويهي رهي هئي. سندس
ڏيرياڻي چيو هو.
”ڇوري، ٻجهه ته ڪير؟“
خوش ٿيندي وراڻيائين ”سارنگ پيءُ“
ڏيرياڻس وراڻيو ”نه ڪو“
ڪي پل گهري سوچ ۾ ”ڪير ... ڪير ڪير“ چوندي رهي آخر هن منهنجي
هٿن کي هٿ لائي ڏٺو. چوڻ لڳي ”ننڍو!“
”ڳجهارت وئي.“ ڏيرياڻيس وراڻيو.
هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ۽ چوڻ لڳي ” بي ايماني !“ اٽي هاڻن هٿن سان
ڀاڪر ڀري کڻي هنجهه ۾ ليٽايائين. منهنجا ڳل چمندي
چوڻ لڳي ايترا ڏينهن ڇو لاتئي؟ ها ... مان هتي ٿر
۾ اڪيلي پيئي هان. احساس اٿو ڪو.“ ڪي پل مونکي
سيني سان لائيندي ۽ ڳل چمندي رهي، بلڪل ائين جيئن
ننڍي هوندي چمندي هئي. الاهي پيار ڏيڻ کانپوءِ
سهڻي ٿرين جي رسم مطابق مٺي ماني پچائي ديسي گيهه
۾ ڪٽي (چوري) ٺاهي اڳيان آڻي رکي، جيڪا هر آيل
مهمان لاءِ تيار ڪندا آهن. ڪٽ جي مُنگر ۾ کير به
آڻي ڏنائين. ماني اسان گڏجي کاڌي سڀ ٿڪ لهي ويم.
ٿر تي پهرين برسات پوڻ سبب ٿري ڏاڍا خوش هئا. تراين ۾ مينهن جو
پاڻي گڏ ٿي چڪو هو. ٽوڀا به پاڻي سان ڀرجي چڪا
هئا. اڳ ٺوٺ ٿر لتاڙي ميلن جا ميل پنڌ ڪري پري پري
تائين پاڻي لاءِ نڪري وڃڻو پوندو هئن.
سهڻي خوشي مان ٽلندي گهر جو ڪم ڪار ڪندي ڏيرياڻي کي چوڻ لڳي.
” ڏس سوڍي ڏس! ننڍو ۽ رحمت (برسات) گڏ آيا آهن.“
هن اداس لهجي ۾ ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو. ”ها ... ادي“
شايد ويجهڙائي ۾ هن جي عزيزن مان ڪوبه نه آيو هو. جڏهن مون ادا
بابت سهڻي کان پڇيو، اداس ٿيندي چوڻ لڳي.
”برسات ڪونه وٺي هئي نه، مال جو چارو هوئي ڪونه، چاري سانگي
سارنگ مال ڪاهي ويو هو. اڄ خدا مهربان ٿيو آهي بس
ڪجهه ڏينهن ۾ اچي ويندو.“
پوءِ رات آئي آسمان تي جُهڙ ڇانئجي چڪو هو هلڪي هلڪي بوند پوندي
رهي چونئري جي تيلن تان برسات جا ڦڙآ ”ٽپ ... ٽپ
.. ٽپ“ ڪندا رهيا. وٺي تي ڌرتي جي خوشبوءِ دماغ کي
معطر ڪري ڇڏيو هو. سڄي رات، اسان ٻاروتڻ ياد ڪري
ڳالهين ڳالهين ۾ اکين تي ڪاٽي ڇڏي. سهڻي اباڻو
شهر، اهي ڳليون اهي رستا ياد ڪري روئي ٿي پيئي.
بس. هوءَ ته ٿر ۽ گهر سان سمجهوتو ڪري چڪي هئي. تن تي اڻپورا
ڪپڙا هئس. پوءِ به خوش هئي.
صبح جو مون جڏهن کانئس موڪلايو ته هوءَ اکين تي پوتي جو پلئه
ڏيئي روئي پئي. بس ايترو چيائين ”ادا ! جلدي ملڻ
اچجانءِ .. گهڻا ڏينهن نه لائجانءِ .“ سڏڪندي
سڏڪندي پرتي مهڙ ڪري بيهي رهي ۽ مون به پوئتي مڙي
نه ڏٺو هو ڇو ته اهو منظر مان ڏسي نه پي سگهيس.
هلندي هلندي سامهون ڀٽ تي سهڻي جو گهر نظر اچڻ لڳو، گذريل مهيني
وارا منظر ۽ يادون منهنجي ذهن مان اڏري ويون.
منهنجا تيز تيز قدم گوپن ڏانهن وڌي رهيا هئا، جتان
مهينو اڳ ٿي ويو هوس.
ٿر ساڳيو هو، جُهڙ ساڳيو هو. پر جهوپن ويجهو نه مال هو نه
ڇيلڙا، نه ته ڪو ٻار ڪڏي رهيو هو. نه ڪنهن ماڻهوءَ
جو آواز، هلندو هلندو جڏهن گهٽيءَ وٽ پهتس لڙاٽيل
شام هئي. چلهه ساڳي هئي، سهڻي ساڳي هئي، سارنگ
ساڳيو هو، اٽي جو ٿالهه ساڳيو هو، پر منظر ٻيو هو.
اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. چلهه کان ڪجهه پرڀرو
منهنجا قدم ڄمي بيهي رهيا. مون ۾ هلڻ جي طاقت نه
رهي سوچون ساٿ ڇڏي ويون.
چلهه جي ڀر ۾ سهڻي رت ۾ لت پت پيئي هئي. هٿن کي ڪراين تائين اٽو
لڳل هوس ڀر ۾ اڌ ڳوهيل اٽي جو ٿالهه پيو هو. ڀر
پاسي ۾ رت جا دُٻا هئا جيڪي ڄمي چڪا هئا. ڦاٽل
ليڙون ٿيل، ڪپڙن مان سارنگ ٿڻن کي چسڪيون ڏئي رهيو
هو. ٿڻن مان کير نه اچڻ تي ڪروڌ ۽ احتجاج مان ”اما
.. اما“ ڪري روئي، ڌرتيءَ تي ليٿڙيون پائي وري
چسڪيون وٺڻ ٿي لڳو. اهو منظر منهنجي سهپ کان ٻاهر
هو. ايتري ۾ ٻڪرين جي واڙيءَ مان آواز آيو ”ننڍو
ننڍو جلدي هليو وڃ، سهڻي کي منهنجي ڏير ڪاري ڪري
ماريو آهي.“ مون ان طرف نهاريو ڊينگهر مٿان سهڻي
جي ڏيرياڻي جي منڍي نظر آئي، جيڪا ڊنل ۽ هيسيل لڪي
ويٺي هئي. منهنجي واتان بيخبري ۾ نڪتو.
”پر ڇو؟!“
”منهنجي ڏير جي قالو وارن سان دشمني هئي نه، هاڻ هو انهن مان
ڪنهن کي مارڻ ويو آهي. خدا جي واسطي جلدي هليو
وڃ.“
ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيم ته ڇا ٿيو؟ ڪيئن ٿيو” مان ڇا ڪريان؟
مون هڪ دفعو ٻيهر سهڻي ۽ سارنگ ڏانهن ڏٺو جيڪو خالي ۽ خشڪ ٿڻن
کي کير لاءِ چسڪيون ڏئي رهيو هو. پوءِ مون ٿر طرف
نهاريو جيڪو ”بر“ بڻجي پيو هو ۽ اهو گهر مون لاءِ
اجنبي بڻجي پيو هو.
توکي ياد آهي؟!!
بختاور بلوچ
توکي ياد آهي جڏهن مون توکي ڏٺو هو؟
جل جل ڪندڙ، هزارين والٽز جي، بلبن جي روشنيءَ جي رات ۾ جڏهن
مون پهريون ڀيرو توکي ڏٺو هو.... تون مون کي وڻي
هئينءَ. ها! هاڻ اڄ کڻي سچي ڪريان ته تون واقعي
پهرين ڌڪ ۾ ئي... مون کي وڻي هئينءِ.
تمام گهڻي نه تمام گهٽ به نه... بس ايترو، جيترو هڪ ڇوڪري ڪنهن
مرد کي وڻي سگهي ٿي.
پر پاڻ ڳالهايو نه هو... فقط ڏٺو هو.
ڀلا توکي اهو ڏينهن ياد آهي...
جڏهن پاڻ ڳالهايو هو؟...
پهريون ڀيرو..
هلڪو تعارف ۽ پوءِ هورو اسڪوپ جو موضوع _
منهنجو، تنهنجين ننڍڙين چمڪيلين اکين کي ڏسي ڌڪو هڻڻ.
Pieces!
۽ تنهنجو حيرت وچان چمڪيليون اکيون وڌيڪ چمڪائڻ!!
”اوهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“
تنهنجو پڇڻ.
منهنجو ٽهڪ ڏيڻ.
تنهنجو مرڪڻ.
منهنجو ڪوڙ ڳالهائڻ.
۽ تنهنجو هروڀرو جو، بي يقينيءَ وارو يقين ڪرڻ.
تون وري به مون کي وڻي هئينءِ..... واقعي هڪ ڀيرو وري، تنهنجي
ڌيمي ڌيمي ڳالهائڻ پاڻ وڻايو هو_
پر گهڻو نه...
بس ايترو جو تون ياد رهجي وئي هئينءِ. پاڻ گهڻو، جيءُ ڀري
ڳالهايو به ته نه هو.... ۽ توکي ياد آهي جڏهن پاڻ
جيءَ ڀري. کوڙ سارو ڳالهايو هو؟
پاڻ تي...
هِن تي...
هُن تي...
تنهنجن ريشمي گهٽ وڌ ڪٽيل وارن...
توکي تنگ پئي ڪيو.
۽ هيڊي رنگ جي ڪپڙن ۾ تون ڪجهه وڌيڪ سانوري، پر پرڪشش پئي
لڳيئنءِ.
ڇيڳري تون وري... وري مون کي وڻي وئي هئينءِ. تنهنجا تو وانگي
ئي ڇيڳرا وارَ هڪ وار وري ڪجهه چئي ويا هئا الاهي
الاهي نه...
پر ڪجهه ڪجهه.
ايترو جو آخر ۾ مون توکان فون نمبر ورتو هو.
پاڻ ڪجهه محسوس به ته نه ڪرائي سگهيا هئاسين...
...اهو ته توکي ياد هوندو جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کي محسوس ڪرايو هو.
گراهم بيل جي فون تي، ڊگهيون ڪچهريون ٽهڪ، مارڪا،، گيت.... تان
جو هڪ ڏينهن آڌيءَ رات جو، مون کي هنڌ مان ڇرڪ ڀري
اٿڻو پيو.
۽ پاڻ ٻڌائڻو پيو ته
“Damm, I am in love!!”
۽ پوءِ ٻئي ڏينهن توکي به خبر ڏيڻي پئي ته...
مونکي توسان پيار ٿي ويو آهي. مون کي اهو به
توکي ياد آهي؟!!
چڱيءَ طرح ياد آهي ته تون فون تي رُني هئينءِ.
تمام گهڻو رُني هئينءِ!
خبر ناهي ڇو؟؟....
۽ پوءِ آئون ٻئي هنڌ هليو ويس.... تنهنجي گهر جو فون ڪٽجي ويو
۽... تنهنجا خط تنهنجو وڏو ڀاءُ ٽپاليءَ کان وصول
ڪرڻ لڳو... ۽ تڏهن آهستي آهستي تون مون کان وسرڻ
لڳينءَ.
صفا به نه....
بس ايترو جو. هزارين والٽز جي روشني نه هوندي به ڏينهن جي گرم
گرم روشنيءَ ۾ ٻين کي به ڏسڻ لڳو هئس. ۽ تون هڪ
پراڻي ڪاڳر وانگي. دل جي کوکي ۾ قلف سان پيڪ ٿي
وئينءَ.
توکي اهو ته ياد نه هئڻ کپي... جڏهن پاڻ اتفاق سان هڪ ڀيرو وري
گڏياسين، ڪنهن پي. سي. او جي ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾...
جڏهن مون توکي ٻڌايو ته مونکي ڪو توسان محبت هئي فقط منهنجي
جذباتيت هئي... ۽ مون کي ڪڏهن ڪونه وسرندينءَ ته
تون کلي هئينءَ!!
تمام گهڻو، تمام زور سان!
سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو؟؟؟
ڀلا هاڻ کڻي ٻڌاءِ ته توکي اهو سڀ ڪجهه ياد آهي؟... هئڻ ته کپي!
وسريو مون کان به ڪڏهن ڪجهه ناهي، فقط دل تان لهي ويو آهي...
وري، جڏهن ،،، ٽن سالن کان پوءِ.
ڪلهه جيجيءَ وٽ تنهنجي تازي تصوير ڏٺم.. توکي وري به هيڊا ڪپڙا
پاتل آهن..
تون وڻندڙ وڻندڙ پي لڳين.
تون مون کي وڻينءَ... سچي،
هڪ ڀيرو وري وڻي وئينءَ ايترو جو پُڇا ڪرايم ته تنهجي وڏي ڀاءُ
کي فالج ٿي ويو آهي...
۽ ٻڌو اٿم ته تنهجي گهر جو فون... وري لڳي ويو
آهي. |