سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :7

سوچ

 

نذير ملاح

بند ڪمري ۾ ويٺل ماڻهو سگريٽ مٿان سگريٽ جا اهڙا ڪش هڻي رهيو هو. جو ساهه وڃي پوي کڙيون کڻيس دونهون وات کان هيٺ، اڃا به هيٺ نس نس سان ڳل ڳراٽڙيون پائي وري ساڳئي رستي سان ٻاهر ٿي آيو. هي به هڪ حياتي سان ڪٿي ڀٽڪي رهيوهو. ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪا واٽ ئي نه، ڀتين سان ٽڪر هڻي ساڻو ٿي رهيو هو.

هڪ حياتي، جا بت بڻيو ويٺي رهي ٻاهر گاڏين جا زوزاٽ ڀاڄين وارن جا هوڪا. پر هن جي سوچ گوڙ گهمسان چيريندي ڪوهين ڏور اتي اچي ٽڪاڻو ڪيو. ڄڻ اڳ اتي آيل هجي.

عائشه ! ڇا ٿي سمجهي ته کيس وساري ڇڏيندس. منهنجي ساهن جي سرير ۾ سنڌ ئي ته سڳنڌ آهي. ڀلا گل کان خوشبو ڌار ٿي آهي؟ آسمان جو تارن ساٿ ڇڏيو آهي؟ جيئن سنڌوءَ کي سنڌ ساهن ۾ سمايو آهي، مان به ائين ته سمائي ڇڏيو اٿمانس. هي سڀئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي نه ٿا سگهن. مان ته ڇا پر راشد مورائي جي شاعري به شاهدي ڏيئي رهي آهي؛

توسان پيار ائين، جيئن سنڌوندي سنڌ

تيئن آ منهنجي جند، جڙيل تنهنجيءَ جان سان.

شاعر جي سوچ ته عام ماڻهوءَ کان مٿانهين ۽ نرالي هوندي آهي هي جيڪو به ڪجهه چوندا آهن. سو سچ چونداآهن. هڪ ڏهاڙي فقير محراب چيو هو ته، ”انسانجي دل جي اونهاين مان چيرجي نڪرندڙ احساس ۽ ارمان شاعر جي سٽن ۾ پوئجي ويندا آهن.“ ان ڏينهن کان ئي ته مان به شاعرن جي سوچن جو پوئلڳ ٿي ويو آهيان. وري ڪن شاعرن ائين به چيو آهي ته ” پيار ۽ رت جي رشتن کي ڪي نانءَ نه ڏبا آهن.“ پوءِ هي ڏوراهيون ڇا جيون؟ شايد ڪا خطا ٿي آهي، ها! انسان آهيان ڪو فرشتو ته ناهيان، جو خطا نه ٿي هجي پر خطا به ڪهڙي؟ نه نه مون کان ڪا خطا نه ٿي آهي. هي سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي آهي.

ٻين وڳي ڪاليج مان اچڻ واري مٿان اچي چار لڳا آهن، ٻن ٽن ڏينهن کان منهن ڦڪو ڦڪو ٿو رهيس. پورو سارو ڳالهائي به نه ٿي ، آخر منهنجي پيار ۾ ڪهڙي ڪمي رهجي وئي آهي؟

آخر ڪيئن سمجهايانس ته توسان منهنجو ڪيترو پيار آهي، توکان سواءِ مان جي نه سگهندس، مون کي تنهنجي پيار جي ڪيتري ضرورت آهي.

اوچتو دروازي جو ڪڙو کڙڪيو. کڙڪي تي سوچون ڇڙوڇڙ ٿي ويون. ٻاهران هڪ سنهڙو ۽ سريلو آواز آيو.

”دروازو کوليو“

هن آواز سڃاڻي ورتو پر پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو ”ڪير آ؟“

”بابا اوها جي ڌيءَ عائشه“ 

***

 

ڇوري ڏنا ڇال

 

ڪينجهر سنڌي

نيٺ ٿي، ڳائڻيءَ جي ڌيءَ ڀڄي وئي. سياڻي ڦتيءَ کي ٻن سالن کان چوندي پي آئي ته ”ڦتي ڇوريءَ تي اک رک ڇوري وڃي پئي هٿن مان نڪرندي.“ پر ڦتيءَ جي ڪن تي جونءِ به ڪانه سُري، آخر اهو ٿيو جنهن جو سياڻيءَ کي ڊپ هو. هڪڙي ڏينهن راڄ ۾ ڪنهن شاديءَ تي ڇهن ستن نچڻين جو ٽولو ڳائڻ لاءِ ويو. کولي ۾ هڪڙي نچڻ تي. هڪڙي گهور تي هڪڙي دهل تي ۽ باقي بچيل سڀئي گڏجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ڳائينديون رهيون. ڳوٺ جي ماين کي ڪلام ڏاڍا وڻندا آهن. گهور ڏيڻ واريون وري ساهيڙين جي ڳلن ۽ مٿي تي گهور رکنديون، جتان گهور کڻن واري نوٽ سان گڏ هلڪي چنڊڙي پائي مرڪي وڃي ٻي مائي جي مٿي تان گهور کڻندي.

وڏيري گلڻ جو پٽ موليڏنو به اچي وهيءَ چڙهيو هو. عمر سورنهن سال مس هئس. تنهن کي جو ڇوري سڪينا ڏٺو سا ڇڪن ٿي پيس. بس پوءِ ته ڄڻ ڇتي ٿي پئي؛ ڳائيندي نچندي وڃيو سندس پاسو وٺي. هو به ڇوريءَ کي اهڙا نخرا ڪندو ڏسي ته ڇيهه ڇڄيو پونس. بس پوءِ ته سؤ سؤ جي نوٽن جون دستيون کوليو مٿانئس پيو گهوري، ڄڻ نوٽن جو مينهن پئي وٺو. بس ڪئين دستيون لٽائي ڇڏيائين. ڳائڻين به ڏٺو ته ننڍو وڏيرو مٿن مهربان آهي، سي هانءُ ڦاڙي ڳائڻ لڳيون ته ”ڇوري ڇالا ڏيندي آوي، ململ ۾ بدن جنهنجو چمڪي.“ هڪڙو ڪارو آمريڪي جارجٽ جو سنهڙو سنهڙو چولو ٻوي بنا ٻانهن جي لنڊا مان ورتل چئن رپين وارو چولو ۽ وري ڇوري به اڇي جهڙي ڇليل بادامي جو گورو. سنهڙي چولي مان پيٽ جا ور به پي ڏٺا. سو سندس نخرن ننڍي وڏيري کي اصل مست ڪري ڇڏيو. سڪينا مان اک ئي نه پيو ڪڍي. خبر ناهي ته ڪيئن ڇال ڏيندي انجام اقرار ٿيا ۽ ڪيئن رات جي پيٽ ۾ ڇوري کسڪي وڏيري جي ڪڇ ۾ وڃي ڪري.

صبح جو جڏهن سڀني ڳائڻين جي اک کلي ته وڃڻ جي ڪرڻ لڳيون، پر سڪينا کي نه ڏسي پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳيون. تڏهن ڪزو ڀڻڪي چيو ته ڇوري پڪ ننڍي وڏيري وٽ هوندي. بس پوءِ ته ماڻس ڦتيءَ جو منهن لهي ويو ۽ ڪزوءَ کي چيائين ته تون کسڪي ڇوريءَ کي ماٺ ميٺ م وڃي وٺي اچ نه ته راڄ ۾ ڏاڍي خواري ٿيندي. راڄ وارا هميشه لاءِ شادي مراديءَ مان ڪڍي ڇڏيندا. جنو اها ڳالهه سمجهي وئي. تنهن ڦتيءَ کي چيو. ”هاڻي ڦس ڦس ڪري اسان کان ڇا پئي لڪائين جيڪي ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو. توکي ته سياڻي سدائين پئي چوندي هئي ته ڇوريءَ تي اک رک پر تو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇوريءَ کي ڊگهو رسو ڏيئي ڇڏيو. هاڻي ويٺي لوڙ، اسين ته وهي کائي اچي مرڻ تي بيٺيون آهيون؛ پاڻ سڀني جو سهارو اها ڇوري هئي. هونئن پاڻ پوڙهين ٺوڙهين کي ڪير گهرائيندو . هاڻ ته ٻه به ويون ته ڇهه به. ڏئي ڇڏيانس هاڻ ڪو پوڙهو پڪو مڙس پر تو سمجهيو ڪونه پاڻ اسان کي دشمن سمجهڻ لڳيئن. ڇوري عصر جو وڏيرو حويليءَ مان ڪڍي ويو. بس ڦتيءَ کي ڄڻ نانگ سنگهي ويو. سڄي پيلي هيڊ ٿي وئي ۽ پوءِ بنا لاڳ وٺڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڍولڪ ٻڌي چپڙي ڪري اچي گهر ۾ کٽ تي ڪري.

 

اسلام ۾ عورتن جا حق

 

منور سلطانه

عورت خدا جي بهترين تخليق آهي. هوءَ انساني نسل جي تخليق ڪري ٿي. اهو عورت لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز آهي. عورت جي وجود سان ڪائنات ۾ رنگ ڀريل آهن. پر ان جي باوجود به عورت کي معاشري ۾ ڪا اهميت حاصل نه آهي. کيس ٻئي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو. عورتن جي حقن لاءِ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ۽ بحث مباحثا ڪرايا ويا آهن. پر مسئلو اتي جو اتي آهي. جيڪڏهن اسان ان مسئلي کي اسلامي نڪته نظر سان ڏسنداسين، ته اسلامي نظام ۾ عورت کي مڪمل حق مليل آهن. مذهب عورت کي هڪ اعليٰ مرتبو ڏنو آهي. پر اسان جي معاشري ۾ خود ساخته انا جي ڪري، ماڻهن جي روين ۾ لچڪ پيدا نه ٿي ٿئي. جيڪڏهن هو صحيح معنيٰ ۾ مذهب تي ڪاربند هجن، ته ڪو مسئلو ئي نه ٿئي. جيئن اسان ۾ غلط روايتون آهن، جڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن گهر ۾ پيدا ٿيندي آهي ته مائٽ مايوس ٿي ويندا آهن.

حديث شريف ۾ آهي ته ”جڏهن ڪنهن وٽ ڌيءَ پيدا ٿيندي آهي ته خدا انهيءَ وٽ فرشتا موڪليندو آهي، جيڪي اچي چوندا آهن ته اي گهر وارؤ ! توهان تي سلامتي هجي. اهي ڇوڪريءَ تي پنهنجي پرن جي ڇانو ڪندا آهن ۽ ان جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته هي ڪمزور جسم جيڪو هن ڇوڪري جي نظرداري ۽ پرورش ڪندو قيامت تائين خدا جي مدد انهيءَ سان شامل رهندي.

هڪ ٻي حديث آهي ته حضرت انس رضه فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺجن فرمايو ته جنهن ٻن يا ٽن ڌيئرن جي يا ٽن ڀيڻن جي پرورش ڪئي ايستائين جو اهي انهن کان جدا ٿين (شاديءَ کان بعد) يا فوت ٿي وڃن ته مان ۽ اهو شخص جنت ۾ هن طرح گڏ هونداسين، جهڙي طرح هي ٻه اڱريون ۽ پاڻ سڳورن پنهنجي شهادت جي آڱر ۽ وچين جي طرف اشارو فرمايو.“

عورت جي تربيت جي سلسلي ۾ بنيادي حق تعليم پرائڻ آهي. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي. تعليم سان عورت خودمختيار ٿي وڃي ٿي ۽ هن ۾ بغاوت جا اثر پيدا ٿين ٿا. اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن، جيڪڏهن ماءُ پيءُ جي تربيت ۾ ڪوتاهي نه آهي ته اولاد جي ڪرادار ۾ پختگي ايندي. تعليم حاصل ڪرڻ سان عورت جي شعور ۾ پختگي ۽ خود اعتمادي پيدا ٿيندي آهي. اسلام ۾ عورت ۽ مرد کي علم حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي، پر عورت زندگي جي اهم فيصلي ۾ به خود مختيار نه آهي. جيئن شادي اهم معاملو آهي. خاندا ۾ رشتن جي نه هجڻ ڪري ڇوڪرين جون شاديون پاڻ کان ننڍن سان يا وري پاڻ کان وڏن سان ڪرايون وڃن ٿيون. اهي شاديون اڳتي هلي پيچيده صورت اختيار ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڇوڪرا پاڻ کان وڏي عمر جي ڇوڪريءَ کي قبول نٿا ڪن. ان کان سواءِ ملڪيت جي ورهاست جي ڪري وڪرين کي ويهاريو وڃي ٿو ۽ انهن جا هق بخشرايا وڃن ٿا. پر اسلام انهن کي شادي جهڙي اهم فيصلي ۾ اختيار ڏيئي ٿو، ته جيئن هو پنهي مرضيءَ سان زندگي گذارين، ڇو ته بي جوڙ شادين جي ڪري ازدواجي زندگي متاثر ٿئي ٿي، گهر افراتفري جو شڪار بنجي وڃي ٿو.

شادي هڪ مقدس رشتو آهي، اهو محبت جي بنياد تي قائم هوندو آهي، جيڪڏهن اهو رشتو نفرت جو بنياد بنجي وڃي ٿو، ته سڄو گهر متاثر ٿئي ٿو. انهيءَ جا خراب اثر نڪري سگهن ٿا. ٻارن جي تربيت متاثر ٿئي ٿي، تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ علحدگي اختيار ڪرڻ گهرجي، اهڙن گهرن ۾ ٻار ذهني طور تي مفلوج، پريشان حال ۽ بي راهه روي جو شڪار ٿين ٿا. پر اسان جي معاشري ۾ طلاق کي برو سمجهيو وڃو ٿو. خاص ڪري عورت خلع حاصل ڪرڻ کان محروم آهي، مرد انا پرستي جي ڪري عورت کي طلاق نٿو ڏيئي. ڪورٽن ۾ اهڙا ڪيس سالن جو سال هلندا آهن. جڏهن ته مذهب ۾ عورت کي خلع حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي. رسول پاڪ ﷺجن جي دور ۾ بيبي زينب، جيڪا حضور جن جي پڦيءَ جي ڌيءَ هئي. انهي جو نڪاح حضرت زيد رضه سن ٿيو هو، جيڪو حضور پاڪ ﷺجو خريد ڪيل غلام هو، بيبي زينب انهن کي ناپسند ڪنديون هيون. انهن انهيءَ رشتي کي دل سان قبول نه ڪيو هو. تنهنڪري گهر ۾ اڻبڻت رهندي هئي. انهن ڳالهين جي ڪري حضور ﷺجن اهو رشتو ختم ڪرايو هو. انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته عورت ناپسنديده حالتن ۾ طلاق حاصل ڪري سگهي ٿي؛ شريعت اهڙي اجازت ڏئي ٿي.

ٻيو اهم مسئلو اهو آهي ته عورت کي ڪمزور سمجهي انهيءَ تي تشدد ڪيو وڃي ٿو عورت تي هٿ کڻڻ بزدلي آهي. موجوده دور ۾ ڪجهه اهڙا دل ڏاريندڙ واقعا ٿيا آهن. ڪجهه وقت اڳ پنجاب ۾ هڪ عورت زينب کي ان جي مڙس انتهائي بيدردي سان ماريو. جنهن ۾ زينب سخت زخمي ٿي پئي ۽ حڪومت ان کي ٻاهر علاج لاءِ موڪليو. اسلام عورت تي تشدد ڪرڻ کي پسند نٿو ڪري.

حڪيم بن معاويه رضه روايت ڪري ٿو ته مون عرض ڪيو ته ” يا رسول الله ﷺاسان جي زالن جا اسان تي ڪهڙا حق آهن؟“

پاڻ فرمايائون ته جهڙو توهين کائو اهڙو انهن کي به کارايو ۽ جهڙا ڪپڙا توهين پايو. انهن کي به اهڙا پهرايو ۽ انهن جي منهن تي ڌڪ نه هڻو (يعني قصورهوندي به ڌڪ نه هڻو مارڻ ته خراب آهي) ۽ نه انهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ نه انهن سان ملڻ جلڻ ڇڏيو. گهر ۾ رهندي رهندي (يعني ناراض ٿي گهر کان ٻاهرنه وڃو)

موجوده دور ۾ عورت ۽ مرد کي ملي ڪم ڪرڻو آهي جنهن جو سڀ کان وڏو سبب معاشي مسئلا آهن. هن حڪومت کان اڳ مذهب کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ وارن اهو آواز اٿاريو، ته عورت کي ضرورت آهر ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. سر پرست نه هئڻ جي صورت ۾ هو ٻاهر نڪري ڪم ڪري سگهي ٿي. اسلامي جنگين ۾ مسلمان عورتون زخمين جي سار سنڀال لهنديون هيون. مسلمان عورتون تجارت به ڪنديون هيون. سڀ کان وڏو مثال بيبي خديجه رضه الله تعاليٰ عنه جو آهي پاڻ ڪپڙي جي تجارت ڪنديون هيون.

قرآن شريف ۾ خدا پاڪ فرمائي ٿو ته

”مرد عورت جو لباس آهي ۽ عورت مرد جو لباس آهي.“

اسان وٽ فيڊرل سسٽم تحت مذهب جي آڙ وٺي عورت کي گهرن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جيئن هو جاهل رهي پنهنجي نسل کي شعور جي روشني منتقل نه ڪري سگهي.

اسان کي اهڙين روين جي نفي ڪندي سمجهڻ گهرجي ته مذهب ئي عورت جي حقن جو صحيح تحفظ ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com