هڪ سوال
ماه طيبه
اڄ مان سول اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ زخمن کان چور بيڊ تي ليٽي.
اهو سوچي رهي آهيان ته منهنجو قصور ڪهڙو هو. جنهن
جي مون کي ايڏي وڏي سزا ملي آهي. منهنجي هٿ جون
اڱريون ڪپيل آهن. منهنجي هڪ ٽنگ ڀڳل آهي ۽ منهنجو
مٿو ڦاٽل آهي. هي ته اهي جسماني ايذاءَ آهن، جيڪي
مونکي رسيا آهن پر اهي انيڪ گهاءَ ۽ ايذاءَ، جن
سان منهنجو اندر گهايل آهي، اهي ڪنهن کي ڪيئن
ڏيکاريان.
منهنجي ڪهاڻي ائين شروع ٿي، جو مون هڪ غريب گهر ۾ اک کولي. اسان
ڏهه ڀائر ڀيڻون هئاسين. هر سال اسان جي ڪٽنب ۾ هڪ
نئين فرد جو اضافو ٿيندو هو. جيڪو اسان جي مالي
مشڪلات ۾ اضافو ڪندو هو. نڄاڻ غريبن ۾ اهو شوق ڇو
هوندو آهي ته گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڀلي ڪجهه نه
هجي، پر ٻار ضرور وافر مقدار ۾ هجن. سو اسانجي گهر
جو به اهو حال هوندو هو. بهرحال زندگي جا ڌڪا ۽
ٿاٻا کائيندي اسان بس وڏا ٿي وياسين، انهيءَ غربت
۾ منهنجي پيءُ منهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ڪرائي ڇڏي،
جيڪا هڪ سکئي ستابي گهر ۾ ٿي. انهيءَ کانپوءِ
منهنجو هڪ ڀاءُ هو ۽ ٽئين نمبر تي مان هيس. اسان
جي گهر جو ماحول به دٻيل ۽ گهٽيل، اجاين پابندين ۽
ورڪ توڪ جو هو. ذري ذري ڳالهه تي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽
مار موچڙو اسانجو مقدر هو. مون پنهنجي گهر ۾ ٻه
حڪمران ڏٺا، هڪڙو منهنجو پيءُ ۽ ٻيو منهنجو ڀاءُ
مرد جي اها حاڪميت ڏسي مونکي شادي کان بلڪل نفرت
ٿي وئي هئي. مون سوچي ڇڏيو هو ته مان شادي بلڪل نه
ڪنديس، ڇاڪاڻ جو شادي کانپوءِ وري مونکي هڪ نئين
مرد جي غلامي ڪرڻي پوندي. بهرحال مان انهيءَ ڳالهه
لاءِ هر دفعي انڪار ڪندي رهيس.
منهنجي مامي جي پٽ (غلام شبير) به مون لاءِ گهر ڪئي. هتي منهنجي
مائٽن ها ڪري ڇڏي، مهنجي رضامندي کان بغير. سو مان
به رب جي رضا سمجهي خاموش ٿي ويس. مان انٽر پاس
آهيان ۽ جڏهن ته غلام شبير مڊل ڪلاس پاس هو ۽ هڪ
اسڪول ۾ پٽيوالو هو. شادي کانپوءِ اسانجي به
زندگيءَ جي گاڏي هلڻ لڳي. اسان جو گهر هڪڙي گندي
پاڙي ۾ هوندو هو. هڪڙو تهه خاني جيئان ڪمرو، جنهن
۾ ڪٻو ٿي اندر داخل ٿيڻو پوندو هو. جيڪو ان بلڊنگ
جي مالڪياڻي مون تي رحم کائي، مون کي ڏنو هو، جنهن
جي گهر وڃي آئون ٿانو ٻهاري ڪندي هيس. ان ايتري
ننڍي گهر ۾ مان، منهنجا ٽي ٻار، ٻه نڻانون ۽
منهنجو گهر وارو رهندا هئاسين.
غلام شبير جڏهن اسڪول مان ٿڪجي، ماسترياڻين جي گهرن جا ڪم
ڪاريون ڪري موٽندو هو ته سڄي ڏينهن جي ڪاوڙ اچي
اسان تي لاهيندو هو. گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏوگڏ
هاڻي هو. مون تي هٿ کڻڻ به پنهنجو شان سمجهندو هو.
غلام شبير شڪي مزاج به ڏاڍو هوندو هو. مونکي ڪٿي
اچڻ وڃڻ نه ڏيندو هو، منهنجي تيار ٿيڻ تي، ڪٿي وڃڻ
تي، ڪنهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي سوين الزام هڻي.
مونکي مارڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نه وڃائيندو هو.
اسان پنهنجي جمع پونجي مان هڪڙي ننڊڙي بليڪ اينڊ وائيٽ ٽيليويزن
ورتي. غلام شبير جڏهن به ٽي. وي تي ڪو ڊرامو ڏسندو
هو، جنهن ۾ محلن جهڙا گهر، ۽ امير ماڻهو ڏيکاريندا
هئا، هونئن به هر ڊرامي ۾ گهڻي لگزري ڏيکاري وڃي
ٿي، يا تشدد جا نوان نوان طريقا ۽ نوجوان نسل ۾
مايوسي ۽ بيچيني وغيره. اهي شيون ڏسي، کيس ماٺ لڳي
ويندي هئي، ۽ ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو، ۽
پوءِ ڪئين دفعا کيس پاڻمرادو ڀڻڪندي ٻڌم پر ڪجهه
به سمجهه ۾ نه آيم
هڪ دفعي چوڻ لڳو ته رشيده هنن وڏن ماڻهن وٽ ڪيڏو نه پئسو آهي ؛
هنن جا ڪُتا به اسان کان سٺي زندگي گذاري رهيا
آهن. اسين ته هنن ڪتن کان به بدتر زندگي گذاري
رهيا آهيون. ڇا آهي اسان وٽ هي تهه خاني جهڙو گهر،
جتي ساهه کڻڻ ۾ به گهٽ تي محسوس ٿئي. هي بلڪل ٽٽل
ڀڳل خيرات ۾ مليل ٽي شيون. نه کائڻ لاءِ چڱو کاڌو،
نه انگ ڍڪڻ لاءِ ڪو سولو ڪپڙو، پر رشيده پنهنجي
زندگي ته گذري وئي. پر هاڻي ڇا پنهنجا ٻار سڄي عمر
سڏڪي سڏڪي، هر شي لاءِ سڪندي زندگي گذاريندا؟ ان
وقت مونکي هن تي ڏاڍو رحم آيو هو.
هاڻي مون سوچيو ته ڇو نه مان کڻي پنهنجي پڙهائي مان تورو فائدو
وٺان ۽ ڪنهن اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر لاءِ درخواست
ڏيان. انهن ڏينهن ۾ سرڪار طرفان اخبار ۾ ڪي
نوڪريون آيون هيون، سو مون به پنهنجا ڪاغذ وغيره
صحيح ڪري درخواست سميت پنهنجي ساهيڙي کي ڏنا ته
جيئن منهنجو به ڪم ٿي پوي. پر شبير کي جڏهن انهيءَ
ڳالهه جي خبر پئي ته هن مون کي ايترو ماريو جو
منهنجو سنڌ سنڌ ڀڄي پيو. چوڻ لڳو آئون مري ويو
آهيان، جو تون نوڪري ڪندينءَ. توکي صرف ٻاهر وڃڻ
جو موقعو گهرجي.
هونئن اسان جو ٻارن تان جڳڙو ٿيندو رھندو ھو. جيئن ھر گھر ۾
ٿيندو آھي، پر ھو ھر ڳالھه کان آجو ٿي ويندو ھو.
پر ھاڻي ته مان به ساڻس وات ڪرڻ لڳندي ھيس. آخر
مان به انسان ھيس. ڪيستائين برداشت ڪنديس. ان تان
ته کيس اڃا به وڌيڪ ڪاوڙ ايندي ھئي ۽ جيڪو ڪجھه
نظر ايندو ھئس اھو ھڻي ڪڍندو ھو. مطلب ته شبير
ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي ھئي. وري اھي سڀ ڳالھيون
ڪرڻ کان پوءِ رُسي به پاڻ ويندو ھو ۽ وري به سڀ
ڪجھه وساري مان ئي پاڻ صلح ڪندي ھيس. انھيءَ ڏينھن
به اسان جو جھڳڙو ٿيو. سو مون به سوچيو ته ھاڻ صلح
ڪرڻ ۾ جلدي ڪانه ڪنديس انھيءَ ڳالھه کي 15_20
ڏينھن ٿي ويا اسان پاڻ ۾ ڳالھائڻ ئي ڇڏي ڏنو .
انھيءَ ڏينھن صبح جو اوچتو منھنجي ڀيڻ خالده مونسان ملڻ آئي ۽
چيائين ھل ته بازار ھلون ٿورو ڪم آھي. شبير اڃا
اسڪول مان ڪونه موٽيو ھو. مان گھر نڻانن جي حوالي
ڪري خالده سان گڏ بازار ھلي ويس. مان گھر آيس ته
دروازو شبير کوليو۽ چيائين ته اچي وئينءَ مون به
تنھنجو انتظار پئي ڪيو. اتي مان دل ۾ ڏاڍي سرھي
ٿيس ته اڄ ھيترن سارن ڏينھن کان پوءِ پاڻ مونسان
ڳالھايو اٿس: سو مان به ھن سان چڱيءَ طرح ڳالھائڻ
لڳيس. پر مون کي خبر نه ھئي، تقدير اڄ منھنجي لاءِ
وڏي بربادي لکي ڇڏي آھي. خير مون ٻارن کي رات جي
ماني ڏني. شبير پنھنجي ڀيڻن کي چيو ته توھان ماما
وارن جي گھر مان ٿي اچو (مامي جو گھر سامھون ئي
ھو) ڀيڻون به ڏاڍيون خوش ٿيون ته اڄ ڀاءٌ پاڻمرادو
اجازت پيو ڏئي، سو خوشي مان وڃڻ لڳيون ته انھن کي
چيائين ته ھنن ٽنھي ٻارن کي به وٺي وڃو ته اھي به
گھمي اچن. اھي سڀ جڏھن ٻاھر نڪتا ته پاڻ به انھن
جي پٺيان ٻاھرويو ۽. ٿوري ئي دير ۾ واپس آيو، ۽
اچي دروازو بند ڪيائين. پوءِ وري ٽي. وي جو آواز
وڏو ڪيائين؛ مگر مون انھيءَ ڳالھه تي ڪوبه ڌيان نه
ڏنو. مان رلي سبي رھي ھيس، سو منھنجو ڪنڌ ھيٺ ھو.
اوچتو ھن مون کي رڙ ڪري پاڻ ڏانھن متوجھه ڪيو ۽ چيائين ته ڏس
رشيده ھي تنھنجو موت ھي منھنجو موت. مون ڏٺو ته
سندس ھڪڙي ھٿ ۾ تيزاب جي بوتل ھئي ۽ ٻئي ھٿ ۾ ھڪ
چمڪندڙ ڇُرو (ڪات) ان وقت مون کي ھو بلڪل وحشي
لڳو. ھن الائي ڪيترن ڏينھن کان اھا منصوبه بندي
ڪري. اھي شيون وٺي رکيون ھيون، پر مون کي ڪل ئي
ڪانه پئي. ھن پھرين ڪات سان مون تي وار ڪيو، مگر
مون پنھنجا ٻئي ھٿ پاڻ کي بچائڻ لاءِ مٿي ڪيا ته
منھنجي ھٿ جون ٽي آڱريون ڪپجي ويو. مان ڊوڙندي وڃي
کٽ ھيٺان لڪيس. منھنجي مٿي ۽ ھٿ مان رت وھڻ لڳو.
ھو مون کي کٽ ھيٺان
لڪيس . منھنجي مٿي ۽ ھٿ مان رت وھڻ لڳو. ھو مون کي کٽ ھيٺان
گھلڻ لڳو ۽ مون تي ڪات جا وار ڪرڻ لڳو . ھن کي جتي
به وجھه لڳو. اتي ڪات وھايو ۽ مون کي سخت زخمي ڪري
ڇڏيو. آخر ھي منھنجي ٽنگ جي ھڏن کي وڃي لڳو، ۽
تڪليف جي ڪري مان ڊوڙي به نه پئي سگھان. پر مون
پنھنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ مزاحمت جاري رکي ۽ رڙيون
به ڪرڻ لڳيس. جيڪي ٽي. وي جي آواز ۾ گم ٿي ٿي ويون
. ان کانپوءِ ھن تيزاب کڻي مون تي اڇليو. پر مان
پٽ ۾ پيل سوڙ پنهنجي مٿان وجھي ڇڏي. جنھن ڪري
منھنجو بچاءُ ٿي ويو. باقي جتي جتي سوڙ تي تيزاب
ڪريو اھي حصا بلڪل سڙي رک ٿي ويا . انھيءَ کانپوءِ
باقي رھيل تيزاب پاڻ پي ويو. تيزاب اندر وڃڻ سان
ھن وٺي رڙيون ڪيون. ۽ مڇي وانگر ڦٿڪڻ لڳو. مان پٽ
تان اٿيس ۽ اٿي ٽي. وي بند ڪيم ته جيئن اسان جون
رڙيون ڪندو دروازو کولي ٻاھر نڪتو ۽ مان به جيئن
ئي ان جي پٺيان تڪتيس ته منھنجي ٽنگ مان ٺڪاءُ
نڪتو ۽ منھنجي ٽنگ بلڪل ڀڄي پئي ۽ مان تڪليف کان
بيھوش ٿي ڪري پيس. پوءِ مون کي خبر نه آھي ته ڇا
ٿيو ڇا نه ٿيو، ۽ مان اسپتال تائين ڪيئن پھتيس.
ھوش ۾ آيس ته خبر پئي ته ھو مري ويو. اسپتال ۾ ھن دم ڏنو . جيڪو
تيزاب ھن پيتو سو تمام خطرناڪ ھو. (ڪارو تيزاب ھو)
سندس اندر کي بلڪل ساڙي رک ڪري ڇڏيو . چون ٿا ته
ھن جا چپ بلڪل سڙي ڪارا ٿي ويا . جاءِ واردات تي
پوليس پھچي وئي ھئي. ۽ ان اسان کي اسپتال تائين
پھچايو . ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ جڏھن مان بلڪل ھوش
۾ اچي ويس ته مون کي خبر پئي ته پوليس منھنجي پيءُ
کي انھيءَ ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. ان
کان پوءِ مون بيان ڏنو ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن
کي چيو ته ڏسو غلام شبير مون کي مارڻ ٿي چاھيو: ان
ته مون کي بلڪل ويھي ڪُٺو آھي ۽ انھيءَ کان پوءِ
پاڻ کي ختم ڪيو. شايد کيس اھا پڪ ٿي وئي ته مان
مري چڪي آھيان . ان کانپوءِ ھن پنھنجو انت آندو .
پوءِ پوليس وارن منھنجي پيءُ جي پچر ڇڏي. ھينئر
اسپتال ۾ منھنجو علاج ھلندڙ اھي . منھنجي ٽنگ ۾
راڊ وجھي ٽنگ کي جوڙيو ويوآھي. ٽنھي آڱرين کي واپس
ھٿ سان جوڙيو ويو آھي. مٿي تي ڪيترائي ٽاڪا آيا
آھن پر خبر نه آھي ته اھو (علاج) سڀ ڪجھه ڪامياب
ويندو يا مان سڄي عمر لاءِ معذور ٿي وينديس. اھي
جسماني ايذاءَ ۽ روحاني گھاءَ ته آھن . پر ماڻھن
جون طنزيه نظرون جيڪي مون ڏانھن کڄن ٿيون ۽ ڪئين
سوال ڪن ٿيون ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ انھيءَ جو سبب
ڇا ھو؟ پوليس وارن جون آڏيون پڇائون، مائٽن، ساھرن
جا مھڻا.
غلام شبير ته ھميشه جيئان پنھنجو پاڻ کي ڇڏائي، ابدي ننڊ سمھي
رھيو ۽ مون کي وري به ھن دنيا ۾ پنھنجن ٻچن لاءِ
روز جيئڻو ۽ روز مرڻو پوندو .
ايترين عقوبتن جي باوجود به مون کيس معاف ڪيو. آخر ته ھو منھنجن
ٻچن جو پيءُ ھو. منھنجي ڪھاڻي ٻڌڻ کانپوءِ توھان
انصاف ڪريو ته انھيءَ ۾ ڪنھن جو ڏوھه آھي. اسان جي
غريبيءَ جو، زندگي جي ستم ظريفيءَ جو، انھن وڏن
ماڻھن جو، جيڪي اسان جھڙن غريبن کي احساس ڪمتري ۾
مبتلا ڪري بي موت مارين ٿا، انھن ٽي. وي ڊرامن جو.
جن ۾ پُر عيش زندگي ڏيکاري، ماڻھوءَ کي ذھني اذيت
ڏئي خودڪشيءَ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو.
*** |