سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :4

 

اسان ۽ پرين

 

ممتاز عباسي

تڏهن مان اهڙي هرگز نه هيس. شاديءَ جي ٽن مهينن ۾ الائي ڇا ٿي وئي هيس.

گئس جي چلهي کي اجهائيندي دل ۾ سوچيم ته، رڳو مان ئي اهو نه ٿي سوچيان _ شايد هو به اهوئي سوچي ٿو. ٿوري دير کانپوءِ مرڪي پيو. مون کي محسوس ٿيو ته سندس مرڪ ۾ ٽوڪ هئي. اهڙي ٽوڪ جيڪا ڪو ڪو محسوس ڪندو آهي. مان پاڻ خوف ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان ته، آخر ٿيو ڇا آهي؟

تنهن ڏينهن به ميلاد تي وڃڻ کان اڳ لاليءَ چهنڊڙي پائي چيو ؛”ڇا ڳالهه آهي؟ شاديءَ کانپوءِ سڄي پئي آهين.“

”مان ته اهائي آهيان.“

”نه ائين نه پر هينئن ٿي وئي آهين؟“ هن پولار ٿولهه جو نقشو ٺاهيندي چيو؛ ”ڪشتا ٿي کائين ڇا؟“

”ڪشتا؟ مونکي خبر ڪانهي.“

”خير ڇڏ ... هل ته هلون.“

وري جو ميلاد تان موٽندي ماسترياڻيءَ هوريان پڇيو؛ ”سنجها شاديءَ ۾ آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو جيڪا ٿي پرڻجي، سا ٿي گلاب جي گل وانگر ٽڙي پوي.“

مون کيس ڪو جواب نه ڏنو هو.

پس؛ ايترو ضرور ٿيو اٿم جو شاديءَ کانپوءِ واقعي منهنجي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ور وڪڙ کلي پيا آهن. اڳ نٻل ۽ هڏن جي مٺ هيس. ڪراٺي ۽ هلڪي، بلڪل سارتر جي ڪتاب ”آئرن ان دسول“ جي ٽائيٽل جيان! مُٺ ۾ ساهه، سيپڪ ۽ ڊگهي ... پر شاديءَ کانپوءِ خوشيءَ ۾ صحتمند ۽ خوبصورت ٿي پيئي آهيان. پر ٻين جو ڇا؟ ان رات به V.C.R تي فلم ڏسندي هن سڏيو؛

”سنجها!“

”ٻڌين ٿي نه.“

”ها، چئه .“

”تون ته ڏينهنون ڏينهن ٿلهي ٿيندي ٿي وڃين. ها نه . “

مان چپ رهيس.

”اڳ جڏهن تون سنهڙي سيپڪ هئين ته ڏاڍي خاشي لڳندي هئينءَ پر هاڻي ...“

جک اچڻ لڳيم.

هن عينڪ لاهيندي ٻيهر چيو ؛ سنهڙي هئڻ وقت تو ڪئين ڀانيو هو پاڻ کي. ٻڌاءِ.“

”مون کي ڪجهه ياد نه آهي ته مان اڳ ڪيئن هيس ۽ هينئر ڪيئن آهيان. هونءَ به هي ڪو مسئلو آهي!“

”ڳالهه هئي تنهنجي وڌندڙ ٿولهه جي .. نه ڪنهن مسئلي جي. “

”جيڪڏهن مان ٿلهي ٿي وئي آهيان ته ڇا آهي؟“ کيس جواب ڏنم ؛ ”رڳو توکي خوش ڪرڻ لاءِ مان ٻيهر سنهي ڪانه ٿينديس!“

”مان ڪڏهن ٿو چوانءِ ته تون سنهڙي ٿي مون کي ٻيهر وڻڻ لڳ.“

”ڇا ... ڇا ... ڇا .... ”تون چوين ڇا ٿو؟“

”مان چوڻ رڳو اهو ٿو چاهيان ته سونهن نفاست ۾ آهي، سو مونکي، نفاست گهرجي.“

زال ڪهڙي به هجي. آهي ته هر حال ۾ قدرتي سياءُ.“

”هوندو!“

”هوندو ڇا _ ائين آهي. توکي ته ڄڻ ڪا خبر ئي ڪانهي.“

”جيڪڏهن نه سمجهان ته پوءِ ......“

”اول ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪڏهن ڪجهه به سمجهي نه سگهين ته پوءِ وسارڻ جي ڪج ...“

هو کلي پيو ڪيترو وقت کلندو رهيو ۽ جڏهن کلي ٿڪو تڏهن چيائين؛

”سنجها! تلهي ٿيڻ سان تون ڪٿي شاعرن جي نظرن ۾ نه اچي وڃين.“

”مڙئي خير آ. تون ته شاعر ناهين نه.“

”هر گز نه . مان رڳو شاعري پڙهندو آهيان.

”شاباس. پڙهندو به نه ڪر.“

”جيئن حڪم ٿئي.“

”مهرباني.“

”سنجها! مون کي رڳو اهو ڀؤ ٿي پيو آهي ته، تون ٿلهي ٿيندي ٿيندي ڪٿي ڦاٽي نه پوين ...“

مون کيس ڇوهه مان ڏٺو.

هن عينڪ ٻيهر پاتي. اول مون کي ڏٺو. پوءِ هنج ۾ رکيل ڪتاب کڻي ورتو.

مان اٿيس ۽ V.C.R  آف ڪيو.

مون کي يڪدم هڪ اڻ ڄاڻ خوف جو تهه چڙهندي محسوس ٿيو. ڄڻ مان گوشت جو ڍير بنجي وئي هيس. منهنجو سڄو بت ڄڻ ڦاٽندڙ جيل ٿي ويو هو. اجهو ڦاٽڻ واري هيس / ڦاٽي چڪي هيس. هن صحيح چيو هو يا ڄاڻي واڻي ٽوڪ پئي ڪيائين ته. مان ڪٿي ڦاٽي نه پوان. هروڀرو ائين به نه هو ته مان واقعي ايڏي ٿلهي ٿي وئي هيس. مون بيٺي بيٺي پنهنجي بيحد ڀريل بدن ڏانهن ڏٺو. جيڪو هر حال ۾ ڦاٽڻ جهڙو نه هو. پر شايد هن جو چوڻ به اجايو نه هو،

هن هلڪي کنگهڪار ڪئي. مان شعور لاشعور جي ٻه واٽي تان موٽي آيس.

مون هن ڏانهن ڏٺو ته هو مزي سان صوفي تي ٽيڪ ڏيو، ڪتاب پڙهي رهيو هو. ڪتاب منهن اڳيان هيس. مان وک وڌائي سندس اڳيان اچي بيٺيس. هن نه ڏٺو. مان سندس منهن تان ڪتاب هٽائيندي چيو؛

”ٻڌ.“

”چئه.“

”مون فيصلو ڪيو آهي.“

”ڪهڙو؟“

”مان ٻيهر سنهي ٿينديس.“ مون هڪ ساهي ۾ چيو.

هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ مون کي پيار سان ڏسندي هوريان چيائين؛

”سنجها! تون ته مون کي ٻنهي حالتن ۾ وڻندين آهين. ٿلهي /سنهي.“

مون ساڄي مُڪ سندس سيني ۾ هڻي چيو، ڪوڙا....“

 

 

عورت جي نسوانيت

نيلوفر جويو

معمول مطابق صبح جو ڇهين بجي اک جو کلڻ پريشانيون، ٽائيم تي اسڪول پهچڻ جو فڪر روبوٽ وانگر سڀ ڪم لاهڻ، چارلي چپلن وانگر جلدي تيار ٿي اسڪول پهچڻ، اسيمبلي کانپوءِ ڪلاس ۾ 80 ٻارن کي پڙهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ، جڏهن دڙڪو ۽ رڙيون ڪارگر ثابت نه ٿين ته انهن کي هڪ هڪ منٽ ڪري گذارڻ. انهيءَ سلسلي جي چئن پيريڊن تائين هلائڻ. بريڪ (رسيس) مهل هڪ وڏو ساهه کڻي اسٽاف روم ۾ اچي ويهڻ، پوءِ ڀانت ڀانت جون ڳالهيون ڪنن کي ائين چيرينديون جو دل چوندي آهي ته اسٽاف کي به ٻارن وانگر Late down  ڪرائي ڇڏجي. اڄ جو موضوع عورت جي نسوانيت تي هو. جنهن ۾ سڀ پنهنجا ماهرانه خيال پيش ڪري رهيون هيون. ڪنهن جو سنهڙو سُر ڪنن ۾ گونجيو ته عورت جي اصل نسوانيت سونن زيورن ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته زيور عورت کي تحفظ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ شايد نسوانيت جو به، هڪ ٻيو آواز گونجيو ته جيڪا عورت ٿوري ڳالهه تي ٻٽا ٻٽا ڳوڙها وهائي، دراصل نسوانيت آهي ئي اها. مون کي ٿورو ان ڳالهه ۾ وزن لڳو، ڇاڪاڻ ته مرد تمام گهٽ روئيندا آهن، بلڪ روئيندا ئي ڪونهن يا شايد ان وقت روئيندا هجن، جڏهن کين ڪو مالي نقصان پهتو هجي. خير اهو هڪ الڳ موضوع آهي انهي تي ڪنهن ٻئي ڀيري طبع آزمائي ڪبي. ذڪر هليو پئي عورت جي نسوانيت جو. هڪ آواز ته سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو؛ سندس چوڻ هو ته عورت جي نسوانيت انهيءَ ۾ آهي ته ”زندگي ۾ هر ظلم سهي هر پيڙا ڀوڳي پوءِ اهو ظلم ڪنهن جي به طرفان ڇونه هجي اهو سهڻ گهٽجي گهٽجي مرڻ نسوانيت آهي.“

مون کي اها ڳالهه دل سان نه لڳي منهنجي سوچ ٻئي پاسي وڃي نڪتي. اڄڪلهه جي عورت مان نسوانيت نڪرندي پئي وڃي منهنجي انهيءَ ڳالهه تي ڪنهن کي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي. سڀني عورتن مان اگر نسوانيت نه نڪتي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي، پر هڪ نوڪري ڪرڻ واري عورت مان نسوانيت بلڪل نڪري وئي آهي، بلڪه مان ته چونديس ته نوڪري واري عورت ٽو _ ان _ ون ٿي وئي آهي. نوڪري لاءِ جڏهن نڪري ٿي تڏهن ان کان وسريو وڃي ته هو ڪا عورت آهي. ڇهن ستن ڪلاڪن جو سخت پورهيو ڪري جڏهن گهر ۾ اچي ٿي. جڏهن چلهي جي اڳيان بيهندي هن کي اهو احساس ٿيندو هجي ته هو به ڪا عورت آهي. نسوانيت ڇا انهيءَ کي چئبو آهي ته وقت سر عورت پاڻ کي بدلائيندي رهي _ ٻاهر مرد وانگر ۽ گهر ۾ عورت وانگر، گهر ۾ جنهن جنجهٽ کي منهن ڏي ٿي، اهو ته هڪ عورت جي روپ ۾ سمجهه ۾ اچي ٿو، پر گهر کان ٻاهر نڪرندڙ پورهئي ڪرڻ واريءَ عورت کي ڇا چئجي. آهي ڪنهن وٽ جواب. اوهان سڀ ان عورت لاءِ ڇا چوندا، جيڪا بيواهه آهي، نوڪري واري آهي پنهنجي ڇهن ٻارن کي پالڻ جو واحد سهارو آهي. ٿورو سوچجي ته هن عورت کي پنهنجي ٻارن کي پالڻ ۽ پنهنجي ماڳ تي پهچائڻ لاءِ ڪيڏي نه جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان ته ٻه جملا ڳالهائي پنهنجو فرض پورو ڪيو. پر جيڪا سڄي زندگيءَ گهاڻي ۾ پيڙجي، ان کي اسان ڇا نالو ڏيون عورت جي نسوانيت جو يا ... مون ته ڪجهه اهڙيون عورتون به ڏٺيون آهن، جيڪي نه بيواهه آهن. نه شادي واريون، بلڪه هنن پنهنجو پورهيو پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال خاندان کي سڌارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا آهن. بدلي ۾ اهڙين عورتن کي ڇا ملندو؟ اهي عورتون ڪنهن بدلي وٺڻ کان آجيون. مرڻ گهڙيءَ تائين اُهي خدمتون سر انجام ڏينديون رهنديون. اهي ڪو ٻڌائڻ وارو ته اهڙين عورتن کي ڇا چيو ويندو آهي.

اهي سڀ ڳالهيون سوچيندي آءٌ واپس پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيس. اسٽاف ۾ بهث زور شور سان هلي رهيو هو. هڪ ٽيچر چيو ته عور جي نسوانيت انهيءَ ۾ آهي ته هو پاڻ کي سنواري ۽ سينگاري رکي هن واقعي، پنهنجي خيال مطابق صحيح چيو هو.  ڇاڪاڻ ته هو هر وقت ڀرت ۽ زري گونتن جي ڏاڍي شوقين آهي. هڪ ڀيرو مذاق چيو مانس ته حڪومت اگر عورت تي پردو لازمي قرار ڏي ته تنهنجي برقعي ۾ به زريون ۽ گونٽ لڳل هوندا!“ رسيس ختم ٿيڻ جو زور سان گهنڊ وڳو ايتري ۾ هڪ رعبدار آواز آيو، (سوال ئي نٿو پئدا ٿئي) اهو سندس تڪيو ڪلام آهي. عورت جي نسوانيت ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ آهي؛ هن اها ڳالهه پنهنجي ذاتي تجربي ۾ ٻڌائي، جيڪو هڪ الڳ داستان آهي هوءَ واقعي ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ وارن مان هئي هن پنهنجي زندگيءَ کي جنهن عقل ۽ اٽڪل سان سينگاريو آهي. انهيءَ مان سندس بهادري ثابت ٿئي ٿي.

منهنجي خيال ۾ ان جا خيال ٻڌڻ سان اها ڳالهه سامهون آئي ته عورت جي نسوانيت نه زيورن ۾، نه روئڻ ۾، ۽ نه وري ظلم کي سهي ٻٽا ٻٽا ڳوڙها وهائڻ ۾ آهي، بلڪه حقيقي نسوانيت پنهنجا حق کسي وٺڻ ۾ آهي. زندگي کي فرسوده رسمن کي پاڻ کي آجي ڪرڻ ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com