واليءَ ڪئي ته وارڻ، ٻهڳڻ ٻاروچل جي.
فقير جون دعائون هادن اگهايون، جاڏهن ڪاڏهن ٿيون
واڌايون،
شڪرانا شڪران.
دوڙ درازين منصب پاوين، ٻيا وت ڪيها پنڌ پڇاوين،
يار يقين ۾ آڻ.
دشمن تنهنجا وڃي گم ٿيئڙا، نصراني پس هاديءَ
پيئڙا،
کامي ٿيئڙا کاڻ.
پنجتن پاڪ يار چارئي، مدد توسان دم دم سيئي،
سچي دل سان سڃاڻ
پنهنجو پاڻ کي ٿا پر جهايون، قسم الله نبيءَ جو
چايون،
سچي عشق ڪهاڻ.
نانڪ يوسف محبن ياري، برهه سارو آهي بيقراري،
محبت روح رهاڻ.
*
ويهي ادب سان حال ڪر محبن کي ويچاريءَ جو،
ننگ نباهڻ آهي اوهان تي بندي هي بيڪاريءَ جو.
بڇڙيون بديون تون بخشيندين ڏاج توکي ڏاتاريءَ جو.
نينهن نياپو معشوقن ڏي عشق سندو لک زاريءَ جو.
قدمن قول ويهي ونءُ چئه تون نياز عرض بيچاريءَ جو.
تون هادي تون مرشد مولا تون مالڪ مختياريءَ جو.
شڪر شفيع حمد هزارين تون صاحب سرداريءَ جو.
هت هت حامي آهي يتيمن عيبدارن اختياريءَ جو.
دامن دوست درار اوهان جي فيض نبي نرواريءَ جو.
نانڪ نينهن وراڻو سڻ تون عشق الله اسراريءَ جو.
پير مغان جي پرت اوجر من تي موج بهاريءَ جو.
*
ور ڪندا پاڻ پاڄاڻيءَ جي، اجهي ڪوهيارا ٻڙيون
ٻاروچا.
مهر ڪري مسڪين تي ايندا سي نيندا،
لڳي سڪ ساهه سچي آرياڻيءَ جي.
دم دم فوج فراق ۾ ڏونگر ڏک ڏوري،
ٿي وئي دل دودوءن دوست دوٻياڻيءَ جي.
ٻي ڪا ڪنهن جي ڪانه محبت مون محبن سان،
تن تانگهه هنيون هوتاڻيءَ جي.
ڪاهي رسندا ڪاف ۾ آهون دانهن سڻي،
هن ملهه خريد وڪاڻيءَ جي.
نقنطو آسرو يوسف يار حق فرمائي،
سچي توڪل عيبن هاڻيءَ جي.
*
عاشق پاڻ وسار تون تاحو آهين سو آهين،
عرش ڪنون ٿي آدم آئي، بيانگوءن رنگي پوش بنائين،
دستوءن ديو اڏار.
واحد وحد وحيدوءن توهين، آدم حوا نالو ڏرن هين،
هيءَ بازاريءَ جي بازار.
سڄڻ سانگي سانگ ٿي آيو، رنگ جوڙي تارنگ ڀرمايو،
آهي دم اهوئي ناچار.
نانڪ يوسف يار نظارو، اندر ٻاهر عشق اوتارو،
قسم سحي درٻار.
*
نينهڙو ناهڻ آهي، پرين عاشقن سان توهين،
هو جي فائق وتن فراقي، تنهنجا عاشق روز ميثاقي،
دردن ۾ دردناڪي، ننگ تن جو ڳل هو هين.
ڏي دلگيران دلداري، ڪر مشفق مددگاري،
مون کي معلوم آهي سڌساري، اکڙين اڪنڊايڏوهين.
پنهنجا لائق لعل سڃاڻين، ور وهندو ڄام آرياڻي،
ٿيو حب ۾ حاضر هاڻي، وڃ ساڻ وٺي اڻ سونهين.
سڻ يوسف دل جون آهون، پرين سهس مدايون ماهون،
هي رحم سڀو ايڏاهون، محبوب مٺا من موهين.
*
اهي هوت خان بلوچ ايندا مون ڀنڀور ۾،
آهي لوچ اندر سوچ سندن عشق شور ۾.
ڪهيو ڪرهن ڪين ڪي ڇپريا ڇاهون،
آهون دانهون ان لئي دل درد دور ۾.
ڪاڪيون ڪيجئڙن کي رب پاڪ پناهون،
آءٌ دعاڳي دوست جي دم عشق اور ۾.
ڪانگ اڏايان فالون پايان ورهه وسايان،
راتيان ڏينهان جيڏيون ڏک روح ڏور ۾.
پرين پنهنجي وڙئون ڪندا پاڻ ڀلايون،
نيندا بخشي بديون هن پر جو ڍور ۾.
يوسف يار پنهل سان منهنجي اصل کئون آهي،
ڪاهي ايندا ڪيچ کوءن دل ذوق زور ۾.
*
ريءَ درد وارن ڪير ٿيو موتو قيل انت موتو،
سمجهي انهيءَ جي اسرار کي مرشيد سچي ثبوت.
اونهو بحر سر يار جو سندي حسن هسوار جو،
صاحب سچي سردار جو، دم عشق لايموتو.
گم ٿي وڃڻ هن حال م، عاشق الله احوال ۾،
خاصي خدائي خيال ۾، ٻڃ ڪاف جو ڪلبوتو.
جوڳين عجب ديوانگي، منجهه موج حق مستانگي،
هوندي انهن حيرانگيءَ، سر بسم بيراڳ ڀڀوتو،
جي عشق جي چوگان ۾، آيا هلي يڪ خان ۾،
سرتن سليا نيشان ۾، انسان جن ڀوتو.
تارون برهه باران جون، يوسف جبر جولان جون،
دل ۾ وڄن دردان جون، تريون نفيلان تو تو.
*
يار اسين پيا سين وڃين، جت موج محمد نور جي،
ڪل نه هئي مون ڪاڪيون، وي ذرد جي اسرار جي.
سڻ ڳالهه سچي هي سڃين، مرشد مٺي من مورجي.
گم ڪرڻ گم نانءَ الله، جي نام ۾ نام و بقا،
آيو عشق ٻيا بند ڀڃين، پڇ چوکي چشم حضور جي.
آءٌ گهوري امداد انهيءَ تئون، واريان جند واريان،
جن محبت حق جي مڃين، حق شمس عطار منصور جي.
نانڪ يوسف يار صبوري، سر الله جو عين اگهوري،
ناهي سڌ اوهان ڪا ڪڃي، ماريون محبت جي مذڪور جي.
*
ڪر نفي هستي هئڻ جي، لا ڇڏي الاالله سان.
ڄاڻ حاضر عشق مولا، نگاهه منجهه نگاهه سان.
ڪار طالب آهي ڪهڙي، چئو سچي بيراهه سان.
تون هڪو هردي رکين، عاشق عشق فتاح سان.
نانڪ يوسف چئي چڱائي، ۽ مرشد جي چاهه سان.
*
هل ته هلئون لعلڻ لوءِ،
ٻيا ڪل خيال ڦٽا ڪر پوءِ.
غيبي عشق آواز الاهي، سچ چوانءِ ٿو هينئن چوء.
اسم الله ريءَ ڪم نه ايندءِ، ڀائر ڌيءَ پٽ جويون
جوءِ.
خويش درويش رب جي امانت، هت هت هوندا خوشخوءِ،
اڳ ڀي عاشق راهه برهه ۾، ووءِ ووءِ ڪندا ويا ووءِ.
حال وٺي دم خيال محبوبي، هوءِ ۾ گم ٿيڻ هو هوءِ.
يار يوسف فنا ۾ يبقا، عاشق مولانا ٻيو ڪوءِ.
*
منهنجي حال جي ڪل ڪهڙي، بيدرد مندن تان ناهي،
سر عاشقن جي بار برهه جو، باري اصلئون آهي.
ڪنڌ ڪپايا پانهنجا، هڪڙن ڪوپن حق راهه ۾،
سندي امامن سوز ۾، سورهيه چڙهيا ڦاهي.
درد آهي عاشقن کي، ڪربلا جي ڪوس جو،
ڇا چوڻ احوال ڏک، مرشد ڏنو مون منهن ڏاهي.
حيف يوسف زنگي آهي، اسان جي جيئڻ جي،
گهوريا جي ڪونڌ مچ محبت ۾، مرڪي پون ڪاهي.
*
دم دم تان پر ڏيهه ڏي تانگي،
ڪنهن قول اڙايو سانگي،
آهي ٻولين تان پڻ رون ديس ڏي،
گم رمزن واري ويس ڏي،
ديدار پسو پس نانگي، اها بات سنو ڪهي ڪانگي
هت رهڻ ته شهر شڪور کئون،
شر هستيءَ واري شور کئون،
منصور اسان خوش وانگي، دل درد چنگارڻ چانگي.
دل نانڪ يوسف يار جو،
سچ پير مغان جي پار جو،
نت محبت محبت مانگي، آيو سهڻل سچ جي سانگي.
*
حبئون حال هلي وي پسڻ پرينءَ جو،
تون پنهن جو وطن سنڀار.
مس ڪٿاهين وي هلي هرڪا، وڏي زور زلي،
آهي معلوم محبن کي، ميان تون وهم جسم وسار.
دم دم دم سان ساٿي سڄڻن جا عشق آواز جلي،
سائين تون تان خوشيءَ هن کي هيڪار.
موتو قبل جو سمجهه اشارو، ڀلي هن رمز ڀلي،
مرڻ جيئڻ نه ڪر ياد، پيهي پريم ۾ نهار”
گم ٿيڻ هن راهه ۾، وڏي چاهه چلي،
نه ڏي خطرا خيال کي، پر پرينءَ پار.
يوسف جن سان يار يقيني، سي تا مرد ملي،
ٻيا باغ بقا ۾، تا منجهه حسن بازار.
*
محبوب تو ڏنهن مهر سدا، مون هئون ڪانه ڀني.
ڪيم ڪمائي ڪانه ڪا، پرين آهيان عيبدار،
جهڙي تهڙي دامن سان، پر پنهنجي قطار،
جن انسان جو صاحب توهين، هي ڀي هڪ گدا.
والي وارث آهين تون، تان گنهگارن جو،
هادي همت حامي تون، تقصير وارن جو،
بدڪار جون بديون بخشين، ڇڏائين دردا.
توريءَ تڪيو مون نه ڪو، هر دوجهان ۾،
معلوم اوهان سڀ ڪي، دل جي ديوان ۾،
سک ڳليءَ جا ڪين ڇڏيندين ڇا مير مندا.
ڪوڪان ڪرڻ راتيان ڏينهان، تو در سهڻا سائين،
رحم ڪرم جو مالڪ آهين، پايون پاند پناهين،
هن جي عيب افعالن جا، ڪهڙا پٽين پدا.
پنهن جا لائق لعل سڃاڻي، پکي پيهي آيون،
مون جهڙي مسڪين سان، ڪيئي لک ڀلايون،
گهورڻ گهوري ڇا تڙي، ڪرڻ سر فدا.
سچو اقرار سندءِ ٻول، يارانو پڪو،
جيئن تيئن نيبهه نيندو، محبت منجهه مڪو،
يوسف عشق الاهي، قائم شاهي سر سدا.
سردار تون هين تون توتي ڪل مدار،
تون آزار اڙين جو.
عاصيئڙن عربي آئين اجهو يا نبي،
رازق و رحم ربي تون سردار سڀن جو.
عينن جو تون اجار هر دو جهان ۾ بهار،
هادي همدم ديدار تون ڏاتار ڏن جو.
دامن لڳا تو جيئي جهڙا تان ٽهڙا سيئي،
لڄ پاڪ تن تو پيئي، تون مختيار مڙن جو.
نبين ۾ نانءُ نيارو سندو ئي سچو سهارو،
هرجا طبل تو نعرو تون هم يار هيڻن جو.
يوسف جون يار آهون معلوم اوهان الاهون،
واصل فراق ڇاهون تون غمخوار غمن جو.
*
دل درد، ڪئي بيهوشي، حق بيهوشيءَ ۾ هوشي،
عشق آيو انسان ۾ ڪري، لک پوشاڪون پوشي.
واقف سي هن حال جا، جن دلبر سان دل دوشي.
دين ڪفر ۾ ڪير آيو، ٻولن منجهه مروشي.
عربي رومي شامي شومي، ڪاٿئين سيد قريشي.
نانڪ يوسف راز رنانون، دردوءن جوشان جوشي.
*
سر سدائين سر لوءِ لوءِ، منهنجي محبوب ڏي
ڪاهه ڪهان دم ڪاڪيون، پرين ڏي سب پر لوءِ لوءِ
مشرق مغرب حاضر سوئي، ڏکڻ ۾ اتر لوءِ لوءِ
روز ازل کئون جيڏيون، ڀروسو تن پر لوءِ لوءِ
مون هيڻيءَ جي حال تي، وري ڪيائون ور لوءِ لوءِ
رهيو آهي روح تي، سندن عشق اپر لوءِ لوءِ
يوسف يار خاص خدائي، نوري نيڪ نظر لوءِ لوءِ.
*
محبت ڪئي مستاني، دل درد ڪئي ديواني،
گولن سندن جي گولي، سڻ يار يار جاني.
مسڪين مان ته آهيان، ڪو ٺاهه نه ٿي ٺاهيان،
سڀ سير تون آن ڇاهيان، ڪو ٺاهه نه ٿي ٺاهيان،
سڀ سير تون آن ڇاهيان، هر تار تار تاني.
آن پڻ سڄڻ نماڻي، پورهيت اوهان آرياڻي،
پلپل پنبڻن پاڻي، اسرار عشق خواني.
آهيان ڪنهن نه ڪم جي، سنهن ساک توصنم جي،
نيباهه عشق دم جي، فرياد در اواني.
صاحب سچا تون راضي، گهر جي سدا مون آزي،
ريءَ برهه ڪوڙ بازي، ٻيا فڪر فنا فاني.
نانڪ نگاهه ساري، يوسف يقين ياري،
ست گر سچي سچاري، گفتار تا رباني.
*
ٿيو منهنجو مطلب ائين، جڏهن وڌم نگاهه نگاهه ۾،
لولي تان لونءَ لونءَ ۾ ڏني، مهروءن مرشد مئين،
آهي سانول سدائين ساهه ۾.
لاکئون لنگهي اڳي پياسي، جيڏيون جيئن تيئن،
هاڻي آيس هلي الله ۾.
صحيح سڃاتم سپرين، هوت هاڻي سان هيئن،
انهيءَ رمزن واري راهه ۾.
اثباتيءَ موءن اچي ڪري، مونکي نينهن وٺي نئين،
انهيءَ عينن سندي آڙاهه ۾.
عشق الاهي شاهنشاهي، پيالو پر جي پئين،
پسين رم جهم رنگ ارواح ۾.
پاڻ ڇڏي هت گم ٿياسي، يوسف جائي وئين،
انهيءَ ديدن واري درياهه ۾.
*
پاڻ نئي الله گم ڪريج يار ۾.
صورت اها محمد مرشد نظار ۾.
منجهه حال جي حقيقت رهڻو ائين عشاقن،
هي گم سڀو اهو ٿيو، دوستيءَ ديدار ۾.
موتو قبل مريجي، فرمان جبار ۾،
پنهنجو شڪار ڪر تون، ڇا ٻئي شڪار ۾.
پنهنجي پر وجهه ٻاجهون، ٻيا خيال سڀ خطائي،
هستي ڇڏي ڏسين تون، گلزار خار ۾.
مشڪل وٺڻ پروجهڻ فرمان عشق جو،
جنهن ڪنهن چتايو دل سان سو ٻيو بهار ۾.
يوسف نگاهه نيڻن، محبوب جي آ صورت،
سرتا قدم اهوئي، گفتار زار ۾.
*
پرين تانءَ الله جي وهلي ڪرڪا وصال واري،
آهي معلوم توکي سڀ ڪنهن جي احوال واري.
اکڙين کي روڄ سدائي، سائين سندءِ سڪ سوائي،
لک تو ڏنهن ڀلا ڀلائي، خاطر خيال واري.
هو جي ڪلهه اقرار قياني، مسڪينن سان جانب جاني،
اهي پاڙڻ توتان پياني، پنهنجي قربئون ڪمال واري.
هت فائق فراق فوجان، دل درد مندن سر موجان،
ڏي درسن اکڙين اوجان، خوش جوت جمال واري.
هي ڪهڙو هئڻ حياتي، توريءَ محض مماتي،
هي آخر گذر صفاتي، دم جيوڻ جنجال واري.
سڻ درد مندن جون آهون، پرين ناهين تون پراهون،
لک سو احسان اوهان هو، حل مشڪل حال واري.
سڻ عاشق هي گفتارون، موڙيون تو ڏي دوست مهارون،
لايون يوسف برهه بهارون، گلشن قيل قال واري.
*
آيل درد مندن پر ساس، سڻ تون نانء الله ارداس،
تڙو موهيو ورهي واس.
پورب جو جن پنڌ پڇايو، خيال تني جو سڀ سجايو،
ٿئڙا ڪم انهن سڀ راس، هو جي ويا حضور شناس.
جوڳين جا سڀ جوڳ جوهاري، واسنينگن سان ورهه سچاري،
سڻ غيبوءن عشق الاس، آهي عالم ۾ پرڪاس.
جوڳي عشقوءن جوڳ ڪماون، پنهنجو پاڻ وچ نه ڀانئن،
آهي ساڳي صورت خاص، آهي گر جي پرت پياس.
نانڪ يوسف نيهئون هولي، آهي جن کي آءٌ تن گهولي،
عاشق ڪن پٽ قرب اخلاص، آءٌ تن داسن جي پڻ داس.
*
عاشق تون ڪهڙي ڳالهه کوءن دل ٿو ڪرين ماندي مگر،
توسان ٻڌم تحقيق تان نظر محمد هم نظر.
وهه هوش تان مدهوش حق هم دم سريجن جي قدم،
هو ٿو وسي توسان سدا تو دل مگر ناهي خبر.
هردي حسن هاديءَ سندو گرسير دم ديدار تو،
صورت سڀا دل دور ۾ کولي پسين سمع و بصر.
دم پاس ۽ انفاس کي هرگز نه ڇوڙين يار تون،
اي راهه موليٰ عشق جن جو ٻيو ڏسڻ سڀ ۾ ضرور.
نانڪ يوسف يار ٿي هادي حسن گلزار ٿي،
محبوب در دراز ٿي معشوق تون ملڪين مشر.
*
آهي الله آهي الله اسان يتيمن جوڙي يارو،
سڻي لوڪ سارو ههڙو هزارو.
ڪونه ڪنهن هت حال پڇي ٿو، هرڪو پنهنجي درد لڇي ٿو،
دين دنيا جنهن دل انڌار منهنس ڪارو.
عشق الله بنا ٻي سڀ بازي، مون کي صاحب قسم درازي،
ريءَ محبت ڪوڙ ڪفارو بي وقارو.
پاڻ پنهنجا حڪم هلائي، عاشقن کي جوش لڳائي،
هڻي نوبت نينهن نغارو انالحق نعرو.
عاشق سان مرشد ساڻي، حاضر ناضر يار آرياڻي،
خيال رکن هت هوش وارو دم سنڀارو.
پنهنجي پت پاڻ سورا کي، ڏوهه گناهه ڪوئي ڪونه
لاکي،
ههڙو صاحب آهي ستارو پوش سارو.
نانڪ يوسف يار سچارو، سچ سدائين عشق اڀارو،
عاشق ڏس تون حسن وارو نور نظارو.
محي الدين ميران تون هين دستگيران،
ڏئي ڪير توريءَ مون دل کي سڌيران،
تون معشوق رب جو سندو نور سرور،
اولاد حسنين جو پاڪ مظهر،
تون سرتاج ڪل پير جو پير پيران.
اچن جي ڀلي ڀاڻ ناقص نماڻا،
اهي در اوهان جي اچڻ سان اگهاڻا،
عاصي اياڻا اچو ڪم اسيران.
راحم سين تون ترت تار رنج ۾.
قادر قربدار اهنج ۽ سهنج ۾،
ٻڏا ٻيڙا تاريو بحر موءن بهيران.
پر جام محبت سندو مون پياريو،
مهر موءن نظر نور نافع نهاريو،
ٿين معاف منديون ڪيم جي تقصيران.
اوهان سر قدم نور نافع نبيءَ جو،
تون لاڏلو شاهه حضرت عليءَ جو.
قدم تانهنجو ڪل ولي سر اميران،
آگي اچو ڪيو شرف شان شاهي،
فلڪ ۽ ملڪ ۾ خلق بادشاهي،
طبل نر تو ساري نهين سر سريران
دوئي جن کي دل ۾ رليا رافضي سي،
خنزير سينرو خلل خارجي سي،
پرجهه پنجتن راز وحدت فقيران.
هي يتيم يوسف جيئن سک پڪاري.
دم دم ايڏاهين نهاريو سنڀاري،
ڏيو ڏات تنهن عشق صاحب سڌيران.
*
مسڪين آهيان سگ سندو درگاه جو مرشد ميان،
پاڄيءَ سندو هي عرض آ نيبهه سندو نيهڙو نيان.
هت هت اوهان جي عشق جا پلپل پيالا پر پيان،
مون نه آ قدرت ڪائي همت اوهان جناب جبان.
پريم سندو پيزار توءن قربان آءٌ قطر ٿيان،
سو ڳالهڙيون ڳجهه عشق جون همدم هرن اندر هنيان.
هي دانهن دل جي درد جي توريءَ ڏکي مان ڪنهن ڏيان،
هجان هميشه تو اوڏڙي تو عشق جا کيئڻ کنيان.
نانڪ نگاهه يار تو يوسف اتي ازلي ڌيان،
دم دم الله هو ياد تون خوش خيال دل ۾ تو ميان.
*
هي دم الله تون سڃاڻ آهي يار جاني،
مرشد سچو حقاني.
ونحن اقرب ڏس قرآنون، ساڻ يقين عين عيانون،
سدا سانول توئي ساڻ.
مومل سومل چٽ چمارو، ڪائو ڪاغذ ڪوڙ پسارو،
اهو راڻو اهو راڻ.
دم الله جون سولک چاليون، ڳوڙهيون رمزان ڳوڙهيون
ڳالهيون،
ڪڍ پاڻ وچئون تا پاڻ.
آءِ اسان دل درد اهوئي، موج بحر جي سمجهي ڪوئي،
اهو ساڳي مئي مهراڻ.
نانڪ يوسف يار نظارو، اندر ٻاهر سچ سچارو،
ويو هاڻ هئڻ جو ماڻ.
ڪوهه ڪندو هڪ ملان قاضي،
اسان تي الله نبي ٿيندو راضي.
ملان ملواڻيءَ جهڳڙا لايا، برهه کڻي ويو بازي.
ڪيئي سڪندر ڪيئي دارا، گئون چلي ويا غازي.
نانڪ يوسف عشق الله ريءَ، سارو جڳ آهي سازي.
*
انتظاري بيقراري درد دل کي دام داري،
بيرنگيءَ رنگ پاڻ لايو، ناهه مون ڪا اختياري.
دل ديواني گرد گردون، برهه بيشڪ بار باري.
ڏسي من مجنون ٿيو، پيچ ٻيچان زلف زاري.
مون دل پير مغان پر جهائي، ڳالهه ڳجهه ۾ مام
نياري.
نانڪ يوسف يار اسان دل، سچو عشق نبي سرداري.
*
ڄام تماچي تڙ تي ڀلي آيو اوتاري.
ڪينجهر ساڻ ڪرم جو ٿيئڙو، چڙهي نوري نظاري،
سڙهه کنيائين، سير ۾، سهنجئون سينگاري.
ونجهه هنيائين وير ۾، ڪري توڪل توهاري.
ياري يوسف يار سان، رکي سچل سونهاري.
*
دم آسرو نماڻن مرشد ميان سندوئي،
توڪل سچي تو نر جي هر دوجهان ۾ هوئي.
تون هين سڀا ستاري، عاصين اتي تان آري،
جا لڙهه لڳي تو تاري، جيڪو هجي ڀي سوئي.
جن کي خدا صفائي، بخشي سچي سچائي،
محبوب ڏنهن سدائي، تن تي رحم سڀوئي.
گم ٿيڻ شور شهه ۾، ڪوپا ديوار قهه ۾،
الاالله هو الله ۾، باقي بحق اهوئي.
دنيا بندا ڀلايون، چنبن ۾ نئين ٿي چايون،
ڪوڙا حرص هوايون، هوشيار مرد ڪوئي.
سڻ هي فراق آهون، سڀ ڏوهه ڏکيون ماهون،
هستي نه ڇنين ڇاهون، آهي عشق تو اڄوئي.
يوسف نگاهه دم ۾، آهي عاشقن جي غم ۾،
هڏ ساس دل وهم ۾، آهي درو تن کوءن دوئي.
*
هي آ گذر جو مڪان، غافل غم ۾ ڇو ٿو گذارين؟
جوڳي پنهنجي جوءِ ۾، ويٺا ريجهائن رام،
ملان قاضي وچ مسيتن، ويٺا پڙهن قرآن،
نانڪ يوسف يار سچل جو، ٻانهن ٻڌو غلام.
*
پريم پر تفصير آهيان، تون تان صاحب آن ستاريءَ جو.
مون ۾ عيب عميق اپارين، ڏوهه هزارين تون پاڻ
اجارين،
بخشيندا بدڪارن بديون، ولهو تون ويچاريءَ جو.
ناڪس نڌري آءٌ نماڻي، دامن لڳڙي تو ڄام آرياڻي،
هادي تون احسان امت جو، حق غفران غفاريءَ جو.
ڍال ڍڪيندڙ مڪسينن جو، واهر والي تون هيڻن جو.
تون هين گرونر پير پيغمبر، باغ بهار بهاريءَ جو.
عاشقن کي دم دم ماتم، محبت مولا هو حشر هاغم،
بيڪارن جو ڪاج سنوارين، تون مرشد سخن سچاريءَ جو.
طالب تون سڻ عشق اشارو، نينهن نقارو فقر وارو،
عشق حسن جون فوجان چڙهيون، ڳل پيو ڪان ڪٽاريءَ جو.
نانڪ يوسف يار تنوارون، ڏسي سڻي ٿو سوز پڪارون،
ڪندو مدايون معاف ميان، هو جو حرف مياريءَ جو.
*
اٿم اباڻن جي لوئي، پٽ هنڊايان ڪينڪي،
ميري نيندس پاڻ سان، مور نه ڪندس ڌوئي،
سٽ نه مٽيان پٽ تي، لعل لاکيڻي لوئي،
ٻن چانور کهه چورمان، ڀلي ڏونرن ڏوئي،
يوسف انهيءَ جوش ۾، بيٺو سو جهڙ جهوئي.
*
پڻ ريءَ عشق الله دل در جن ٻيو سڀ ڪوڙ پسارو ٿي
اکر ممو ٻيو رارو سمجهين راري پنٿ نيارو ٿي
هر جا عشق الله جون ڳالهيون هر دل سمجهڻ وارو ٿي
ريءَ سڃاڻڻ ذات بيرنگي ٻيو سڀ دل انڌارو ٿي
ڇائي پائڻ ڪن ڪپائڻ هي ڀي مڪر موچارو ٿي
ٻهون بيراڳي ٻهون ويراڳي ٻهون اتيتن آرو ٿي
هڪڙا ڀو ميان ڀڳت سناسي هڪڙا رام دئارو ٿي
هڪڙا قال عقل ۾ محڪم سويڪ سبد دويارو ٿي
سيوا الک نه سمجهن سوهاََ ميم اهو مهندارو ٿي
گرو گيان بتايو سارو شهر درازن وارو ٿي
پر گهٽ پير قبول محمد صاحب سدا سوڀارو ٿي.
پاتالئون آڪاس عجيبن عشق اجهل اظهارو ٿي
دائم درد مندن سان ياري راحم رحم اپارو ٿي
انا احمد بلا ميم حال محمد وارو ٿي
صاحب زادهه ۽ شهزادهه سر الله جو سارو ٿي
عشق الله امداد انهن سان هوڪو سچ سچارو ٿي
ياور يار يگانا يڪدل پنجتن نور نظارو ٿي
منجهه دريا وحدت واديون وجهه تون پريم پسارو ٿي
پاڻ سڃاڻي مار اناالحق دم اهو اجھ وارو ٿي
نانڪ يوسف يار سچل جو دم دم امر اشارو ٿي.
*
حڪم اهو درگاهه معليٰ قادر قدس قرارو ٿي
شاهه قطب جيلاني جو شئون طبلو نينهن نغارو ٿي
پيغمبر جي روز ڪچهري شهر درازن وارو ٿي
قدم قدم جا حج قبوليت زيادهه مطلب سارو ٿي
اڄ اهو دم وري نه ايندءِ پرڏي پنڌ موچارو ٿي
لڳج نه لاري ٻئي ڪنهن اهڙي سولو ڍريو ڍارو ٿي
ڪاڏي ڪن ڪيا ٿي ٻوڙا ڳالهه اها سچ سارو ٿي
ڊوڙي وڃج درازين دل سان قلب اڃا جي ڪارو ٿي
اهڙي وير نه لهندين ٻي ڪا سورج عشَ ستارو ٿي
يار يقين هڪو رک هر دي درسن دل دويارو ٿي
پئون پئون پو ڙي دل سان لائج باري برهه ترار و ٿي
هي جڳ ڀولو ڀولو وڃي ٿو سڻ تون بندي وارو ٿي
نانڪ يوسف يار سڃاڻڻ عمر اهو دم تارو ٿي.
|