سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نانڪ يوسف جو ڪلام

صفحو :1

نانڪ يوسف جو ڪلام

تنوير عباسي

 

 

بسم الله الرحمن الرحيم

گذريل سال سچل نئشنل سيمينار جي موقعي تي، سنڌي ادبي بورڊ سچل سائينءَ جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جا نوان ڇاپا (Editions) شايع ڪري، اسان سڀني جي دعا ۽ تحسين حاصل ڪئي هئي.

بورڊ ٻيو خير جو ڪم اهو ڪيو جو ستت، چند مهينن جي عرصي اندر خوش خير محمد فقير جو ڪلام شايع ڪيائين، فقير صاحب کي سچل سائينءَ سان خاص نسبت هوندي هئي.

هاڻي ٻئي سيمينار جي موقعي تي بورڊ سچل جي پياري فقير نانڪ يوسف جو ڪلام شايع ڪري رهيو آهي. خوش خير محمد جي ڪلام وانگر هن ڪتاب جو مرتب پڻ سنڌي زبان جو ممتاز اهل قلم ڊاڪٽر تنوير عباسي اهي.

مون کي اميد آهي ته سنڌي ادب جا طالب العلم ۽ سچل سائينءَ جا ارادتمند، عزيز تنوير جي محنت ۽ بورڊ جي ڪوشش جو قدر ڪندا ۽ هنن اهم ڪتابن جي اشاعت مان مستفيض ٿيندا.

 

ڪراچي                   جسٽس سيد غوث علي شاهه

23-2-1983ع         وزير تعليم، ثقافت، رانديون ۽ قانون،

حڪومت سنڌ

 

مددي ڪتاب ۽ مضمون

آڏواڻي، ڪلياڻ: سچل: بمبئي، 1954ع

بشير ميمڻ: روزانه سنڌ نيوز، حيدرآباد، 21 ڊسمبر 1976ع

جمنِ نانڪ يوسف جي سنڌي شاعري (مرنوگراف)

حاجي محمد حداد: خيرپور جي ادبي تاريخ، (مونوگراف)

رسول بخش ٽالپر: گلدستو خيرپور، 1957ع

رسول بخش ٽالپر: نئين زندگي ڪراچي جون 1954ع

رشيد احمد لاشاري: سچل سرمست (اردو) ڪراچي 1966ع

عبدالجبار  جوڻيجو: سنڌي ادب جي مختصر  تاريخ: حيدرآباد 1973ع

عبدالرحمان تنمو: قلمي نسخو

عبدالعلي قلماڻي: نئين  زندگي ، ڪراچي، جون 1952ع

عبدالعلي قلباڻي: ڪتاب: سچل سرمست، ڪراچي

مولانا عبدالواحد سنڌي: روزانه مهراڻ، خاص نمبر، ڪراچي 15 جنوري 1962ع

عطا محمد حامي: مونو گراف، سنڌ يونيورسٽي

علي قلي بگ مرزا: سچل جو رسالو، 1906ع

قاضي علي دراري: دولهه درازي: خيرپور، 1921ع

ڪريم بخش خالد: هفتهور الفقرا ، سانگهڙ، 7 نومبر 1975ع

آٽواڻي، ڪليان سنڌو: جون ۽ آگسٽ 1939 ع

لطف الله بدوي: نذڪره لطفي: جلد 3: حيدرآباد، 1956ع

ماستر محمد موسي سومرو: قلمي نسخو: 1898ع

ماستر محمد بخش سومرو: قلمي نسخو

مولوي محمد صادق راڻيپوري: سچل جو سڪرائڪي ڪلام: حيدرآباد، 1927ع

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: جوتيون جواهرن جون: لاڙڪاڻو1971ع

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌ ۾ اردو شاعري حيدرآباد 1967ع

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: علمي آئينو: حيدرآباد، 1973ع

نسيم امروهوي: تاريخ خيرپور (اردو )، 1958 ع

وفائي، دين محمد: تذڪره مشاهير سنڌ: حيدرآباد، 1974ع


 

ٿورا

* محترم عبدالرحمان تنئي، ماستر محمد بخش  محترم خليفي غلام علي ۽ محترم عطا محمد حاميءَ پنهنجا ناياب نسخا منهنجي حوالي ڪيا

* محترم منشي الهندي جتوئيءَ عزيزم عبدالواحد ۽ عزيزم نظير ابڙي ڪن نسخن ۽ ڪتابن هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

* محترم الياس عشقيءَ ريختو ۽ هندي ڪلام نظر مان ڪڍي، انهيءَ جي پڙهڻين قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ڏکين لفظن جي معني سمجهائي ۽ انهن جي باري ۾ مفيد مشورا ڏنا

* محترم محمد علي حداد ۽ مرزا مراد علي اختر ڪجهه مضمون ۽ڪتاب منهنجي حوالي ڪيا

* سڀ کان وڌيڪ ٿورا خادم حسين عباسيءَ جا، جنهن نه فقط پنهنجو قلمي نسخو منهنجي حوالي ڪيو، پر ٻيا نسخا هٿ ڪرڻ، ڀيٽڻ، صاف ۽ خوشخط اتارڻ، پريس ڪاپي تيار ڪرڻ تائين منهنجو ٻانهن ٻيلي رهيو . هن نانڪ يوسف جي شجري جي باري ۾ حقيقتن کان واقف ڪيو سندس مدد کان سواءِ هي ڪم ايترو جلد مڪمل نه ٿئي ها.

* آخر ۾ ٿورا محترم دوست رشيد ڀٽيءَ جا، جنهن پروف ڏنا.

 

انتساب

مربي ڀاءُ عبدالنبي عباسيءَ

جي نالي

 

نانڪ يوسف جو ڪلام

 

اکڙين منجهه الله پرين، تنهنجي اکڙين منجهه الله
سچي مرشد ڳالهه انهيءَ جو سچي ڏنو ويساهه

 

پاڻ ڏسي ٿو پاڻ پسي ٿو ديدن مون داناهه
ڪل اسان کي ڪيهڙي ميان ڪهڙو ڏوهه گناهه

 

تون تان مالڪ جو آهين ٻيو تان سڀ سپاهه
ياريوسف کي ٿا پڻ ڪوٺن ڪيئي نانڪ شاهه.

 


 

مهاڳ

نانڪ يوسف جي سوانح روايتن، ڪرامتن ۽ خوش اعتقادين جي غبار ۾ ڍڪيل آهي.سندس زندگي جي باري ۾ ٺوس تاريخي مواد گهٽ، خيالي ۽ تصوراتي احوال گهڻو آهي .

سندي پهريون سوانح نگار ماستر محمد موسي سومرو آهي، جنهن جي 1898 ع ۾ فقير نانڪ يوسف جي ڳوٺ ۾ بدلي ٿي ۽ اتي ماستر مقرر  ٿيو. هن اتي نانڪ يوسف جي صحبتيءَ عبدالله فقير کان، فقير نانڪ يوسف جو احوال ٻڌو ۽ قلم بند ڪيو اهو نانڪ يوسف جي سوانح تي سڀ کان آڳاٽو دستاويز آهي.

هن کان پوءِ جيڪي ڪجهه نانڪ يوسف جي باري ۾ لکيو ويو، اهو ماستر محمد موسي جي لکيل احوال تان ورتل آهي.ان کان پوءِ مرزا علي فلي بيگ سچل جي رسالي ۾ ڪجهه احوال لکيو. ” تذڪره لطفي“ توڙي ٻين ڪتابن ۽مضمونن ۾ نانڪ يوسف کي لاڙڪاڻي جو ويٺل ڏيکاريو ويو آهي جيڪو غلط آهي.

ماستر محمد بخش سومري پنهنجي والد (ماستر محمد موسي سومري ) جي لکيل احوال کي بنياد بڻائي نانڪ يوسف جي سوانح عمري لکي، جنهن تان قاضي علي اڪبر دراريءَ دولهه درازيءَ ۾ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ” علمي آئيني واري مضمون ۾ استفادو ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو لکيل مضمون گهڻي قدر ساڳيو ماستر محمد بخش سومري وارو آهي جنهن مان ڪي ٽڪرا غير معتبر سمجهي حذف ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر بلوچ واري مضمون ۾ نانڪ يوسف جي اولاد جي باري ۾ ڪي جزوي غلطيون ڪيون ويون آهن.

محترم عبدالرحمان تنئي نانڪ يوسف جي سوانح لکي، جيڪا پڻ ماستر محمد موسي سومري جي لکيل احوال تي ٻڌل آهي، البت تنئي صاحب نانڪ يوسف جي ڪلام تي صوفياڻي ڍنگ ۾ چڱو تصرو ڪيو آهي.

محترم ڪريم بخش خالد رشيد احمد لاشاريءَ توڙي مولانا عبدالو احد سنڌيءَ  جا مضمون پڻ بنيادي طور تي ماستر محمد موسي سومري جي مضمون تان ورتل آهن.

حاجي محمد حداد جو مونو گراف ۽ ”تذڪره لطفي“ جو بيان ماستر محمد بخش سومري جي لکيل مضمون تان  ورتل آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ ۽عبدالعلي قلباڻيءَ  جا لکيل احوال هڪ جهڙا آهن ۽ ان ۾ نانڪ يوسف کي ٺري مير واهه جو وڏيرو ڏکاريو ويو آهي، جيڪو غلط آهي. لڳي ٿو ته عبدالعلي قلباڻيءَ ڪتاب”سچل سرمست“ وارو مضمون ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سچل“ تان ورتو آهي.

هاڻوڪي سوانح عمري مختلف ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ مضمونن کي پڙهي، ڀيٽي ۽ تحقيق ڪري لکي وئي آهي؛ ۽ ان ۾ به بنياد ماستر محمد موسي سومري جي لکيل احوال کي بڻايو ويو آهي. ڇو ته اهو نانڪ يوسف جي سوانح عمريءَ تي سڀ کان پهريون ڪتاب آهي خوش فهمين ۽ مابعد طبعياتي ڳالهين کي پاسيرو رکي شاعر جي شخصيت توڙي حياتيءَ جي باري ۾ احوال ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيئن نانڪ يوسف جي زندگي جي اهم پهلوئن کي روشنيءَ ۾ آڻجي.

تنوير عباسي

سرمد جو گهر خيرپور سنڌ

30 سيپٽمبر 1977

 

نانڪ يوسف جي حياتيءَ جو احوال

خاندان ۽ ڄم

فقير نانڪ يوسف جا وڏا اصل بگاريءَ جا ويٺل هئا، ذات جا کوکر هئا. فقير نانڪ يوسف جي والد صاحب جو نالو محمد هاشم هو ۽ پاڻ سري کان لڏي اچي جهل جي ڀرسان ڪنڊي کوکر جي ڳوٺ ۾ ويٺو پاڻ دين جو عالم، عربيءَ ۽ فارسيءَ جو ماهر هو سندس روزگار جو ذريعو درس تدريس هو . جهل شهر ۾ مدرسو   کوليائين ۽ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لڳو، وقت جي حاڪم سندس قدر ڪندي پگهار جاري ڪيو ، کيس فتوائن ۽ شرعي فيصلي نبيرڻ جو به اختيار هو جيڪو نواب يوسف علي خان مگسيءَ جي وڏن مان هو .

روايت موجب مولوي محمد هاشم کي پٽ جو اولاد ڪو نه هو، ان ڪري شاهه گودڙئي تي دعا لاءِ ويو، جتي خواب اشارو مليس ته توکي پٽ ڄمندو پر منصوري دم هڻندو.

فقير نانڪ يوسف جي ڄم جي تاريخ جي خبر ناهي، پر ڪاٿي موجب سندس ڄم 1792ع 1208هه ڌاري ٿيو، بهرحال ان ڳالهه جي پڪ آهي ته نانڪ يوسف جو جنم هڪ علمي گهرڻي ۾ ٿيو ۽ هو علمي ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيو.

ننڍپڻ

روايتن موجب ننڍپڻ ۾ ٻار، هن کي پنهنجي راند روند ۾ اڳواڻ ڪندا هئا ۽ سندس حيثيت ننڍي هوندي ئي سردار جي هوندي هئي. ان مان ظاهر آهي ته سندس شخصيت ننڍي هوندي کان ئي انفراديت پسند هئي. هن کي عام رانديون پسند نه هيون. هن پهريان ئي ننڍي هوندي ماتام جي راند رچائڻ شروع ڪئي. ٻارن کي گڏ ڪري، ٽين جا دهل وجھائي، ننڍڙا سيج تابوت ٺاهي ماتم ڪندو هو. سندس والد ان راند کي غير شرعي سمجهي کيس منع ڪئي. ان کانپوءِ وري هن ڌمال جي راند رچائي. ٻارن کي لنگوٽا ٻڌرائي، ڌمال هڻندو هيو  ۽ نچندي نچندي بيخود ٿي ويندو هو، ائين ٿو ڀانئجي ته راڳ رنگ ۽ ناچ ننڍي هوندي کان ئي نانڪ جي فطرت جو حصو هو. سندس والد ان راند کي به شريعت جي خلاف سمجهي کيس روڪيو ۽ مدرسي ۾ پڙهڻ وهاريائينس.

تعليم

ان وقت جي روايتي ديني تعليم، نانڪ تمام جلد مڪمل ڪري ورتي. فقه، تفسير ۽ منطق کي باقاعدي پڙهيائين ۽ ننڍي عمر ۾ ئي دستاربندي ٿيس. هن دستار بنديءَ کان پوءِ به اڀياس جاري رکيو ۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندو رهيو.

والد جي وفات ۽ تدريس جو مشغلو

نانڪ يوسف جي والد صاحب جي قبر جهل مگسي ۾ ڀوت فقير جي مقام ۾ موجود آهي. والد صاحب جي وفات کان پوءِ هن ساڳيو جهل وارو مدرسو سنڀاليو ۽ اتي تعليم ڏيندو رهيو. وقت جي حاڪم سندس پگهار مقرر ڪيو ۽ هو شرعي فتوائون پڻ ڏيندو رهيو.

جواني ۽ چلا

نانڪ يوسف جي پرورش ننڍپڻ ۾ ئي شرعي ماحول ۾ ٿي پر هن جي دل ۾ شاعر جي بيقراري ۽ بيتابي موجود هئي. حق جي ڳولا ۽ حق سان هم آهنگي جي شوق ۾، هن ٽي دفعا سفر ڪيا ۽ ڏاکڙا ڏٺا. پهريون ڀيرو جهل شهر جي اتر پاسي ڪنهن واريءَ جي دڙي تي تن کي تسيائون ڏئي غور ۽ فڪر ۾ وقت گذاريائين.

ٻيو ڀيرو جهنگ جهر جهاڳي خانقاهون، درگاهون ۽ مڙهيون ڀيٽيائين، پر ڪٿي به هن جي من کي چين سڪون نه مليو ۽ ڪٿي به ازلي سچ نظر نه آيس، جنهن جي ڳولا هر حساس شاعر کي هوندي آهي. آخر ٽئين ڀيري جڏهن هن پنهنجي جسم کي صفا لاغر ڪري ڇڏيو هو ۽ سڀ ست ڇڏائجي ويو هيس تڏهن هو ڀٽڪندو ڀٽڪندو گمبٽ تعلقي جي ان جاءِ تي پهتو جتي هينئر سندس درگاهه موجود آهي گڏهه به ساڻ هيس. اتي وقت جي حاڪمن ميرن جا لشڪر لٿا پيا هئا ۽ لانڍيون ٺهيون پيون هيون، لشڪر وارن سپاهين هن لاچار ۽ نجيف فقير کي ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ ڪابه سهوليت نه ڏنائونس. انهن کي فقط ايترو چيائين ته ”تنگ نه ڪيو پنهنجو دنگو نه ڄمايو هتي اسان جي رهڻ جي جاءِ آهي“. اتان نڪري هن لاکن ۾ منزل ڪئي (ڪن جو چوڻ آهي ته گنڊيري ۾ منزل ڪئي) اتان پنهنجي مرشد پير صالح شاهه ڏانهن راڻيپور وڃڻ جو ارادو ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org