سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نانڪ يوسف جو ڪلام

صفحو :4

*

سارو بيک بناءِ ري يار، هي جڳ بازي ڪوڙ پچوڙي،
الله درد ۾ الله درد ۾، صحيح آهي سماءِ

 

ڌهون مرشد محبت سوڙي

درد قبولج دل سان هڪ تون، سچو عشق الله،

 

درد وارن آ آگهه اڳوڙي.

عاشق اڳنا ڪاهه عشق ۾، پسي ترس نه تاءُ،

 

درد ۾ ڪر تون تن من توڙي.

ترڪ دنيا دين اهل دنيا جو، اهو پر ريجهي راءُ،

 

عشق فرمودو رمز حضوري.

نانڪ يوسف نينهن جون شاديون، سولو عشق سڀاءُ،

 

طالب دنيا جي منهن ڌوڙي.

*

ڪندا پاڻ ڀلائي، مون سان محب بجائي،

 

آءٌ جنهن جي آهيان.

لاتقنطو آسرو، پاڻ پرين فرمائي.
سو ڀلايون سندن ڀائيان، لئون اچي جن لائي.
بخشي ايندا بديون، دل جني پرچائي
ناهي تڪيو ڪوئي انهن ٻاجهون، پرين آس سدائي.
يوسف يار جي دامن محڪم، روز قيامت تائي.

 

*

عاشق صفا سچي سڻ، هٿ ڪر خيال کي.
فرمايو سچي مرشد، منجهه درد حال کي.
آهي اونهو يارو، قلزم برهه جو ڪارو،
گم ڪرڻ تنهن ۾ سارو، هستي محال کي.
هن راهه ۾ هشياري، هردم جي خبرداري،
سمجهي عشاق ڪاري، موتو مثال کي.
عاشق ٿيڻ توائي، ڪنهن منهن نه ٻئي هوائي،
پر هيءَ بشارت آئي، واحد وصال کي.
وحدت ۾ خود وسارڻ، سارو ڪپر سنوارڻ،
هڪ رمز ۾ تهارڻ، گل گل گلال کي.
رک ڌيان من ۾ مورت، يوسف سڄڻ جي صورت،
ڪڍڪاف جي ڪدورت، پسندين نه ڪال کي.

 

*

عمر سڀ افرادگذاريم، هئه هئه دم حيواني ۾،
پاڻ آهين پر جهائڻ وارو، پير پريت جوانيءَ ۾.
لائڻ نينهن نباهڻ توتي، حال جنين حيرانيءَ ۾.
تن سان شامل هر ڪنهن حيلي، واهر تون ويرانيءَ ۾.
غفلت ۽ گمراهيءَ ۾ هون، دم ويا نادانيءَ ۾.
جيهي تيهي تو لڙهه لڳڙي، سر سٽي قربانيءَ ۾.
درد فراق هجر دل دانهون، پارک پريشانيءَ ۾.
مون جيهي بدڪارنه ٻي ڪا، صاحب تو سلطانيءَ ۾.
يوسف غيب الله جو بخشون، دانهه درازانيءَ ۾.
سگ اسين دروازي تن جا، نانڪ نينهن اخوانيءَ ۾.

 

*

ناهي ڪوئي ڪنهن ٻئي ڏوهه،
پنهنجو سمجهڻ پاڻ.
مرشد مون کي هينئن فرمايو،
ڇڏ هستيءَ جو ڇوهه.
حقيقت جن حق سڃاتو،
تن سان رب جو توهه.
محو ٿيڻ منجهه مورت مرشد،
ٻيو ڪل ڪوڙو موهه.
منهن ڪارا تن مردودن جا،
جي ڪن ڪنهن سان ڊوهه
پاڻ ڪڍي ڪر پاڻئون پاسي،
تان پسين عشق انبوهه
جو هوندو فرمان هادين سان،
پسندو ڪونه اندوهه.
ساک سچي برهي جي سمجهڻ،
بي پرجهڻ ناهه ستوهه.
يوسف سچي دل دلبر سان،
آهي اصل کئون ٺوهه.

 

*

نانگا نينهن ڪيا نروار، روءُ ۾ پاڻ ريجهائن ئا،

 

پر ۾ پاڻ پچائن ٿا.

ڏنڊا ڏکنڊا ڪلهي کنيائون، منڪر سندو مٿو ڀڳائون،

 

ڪيائون عين علي اظهار.

ڪمريون ڪشتيون ساهي ٻڌائون، پورب سنداپنڌ پڇيائون،

 

ٿيا بازر کئون بيزار.

ڀاڻن سنديون ڀريون ٻڌائون، دلين سنداوڃي دونهان وڌائون،

 

ڪيائون دونهن تي ديدار.

نانڪ هوندو درس درازين، يوسف پنهنجي عارين وارين،

 

مون کي سڪ سچل جي تار.

*

هل هل دل چاهئون چل تون، وري وطن پنهنجي پنهنجي،
ديس اهوئي ڪين وساريو، جوش برهه ۾ پاڻ نه ماريو،

 

هت حيف رهڻ پلپل تون.

عمر دنيا دل بازي ڪوڙي، محبت رب جي مايا موڙي،

 

منجهه عشق الله جل جل تون.

وطن ويندين آرس ڇاهئون، نينهن نياپو نت اوڏاهون،

 

ڇڏ ڇوڙ ڇل ڇل تون.

ساعت هڪڙي هيءَ حياتي، عشق الله ريءَ محض مماتي،

 

سڻ ساک سچي سل سل تون.

يار اندر ۾ يوسف سوئي، همت جهڙو مرشد جوئي،

 

سر سمجهه اهو ول ول تون.

*

ڪهڙي ڳالهه چوان، دل جي دل ۾ دلبر يار،
پير مغان مون کي ائين فرمايو، سڄڻ درد سنوان،

 

ٻيا سڀ ڀينگ ڀنوان.

ڏکن پٺيان سکڙا، ميٽج سور سنوان،

 

نت نت جوش نوان.

سوز انهيءَ جو سرتيون، ناهي ڪو تار توهان،

 

ڇا پڻ پرجهو اوهان.

نانڪ يوسف يار جي پاروءن، پيرين هر ڪنهن پوان،

 

نايو سيس نوان.

*

هيءَ راند عمر ساري چل پل جو آهي چٽڪو،
عاشق سمجهه سرهو احوال درد جهٽڪو.
مت وٺ مرشد جي رک هوش نه ٿيءُ نٽڪو.
صاحب سڃاڻ من ۾ ناهي ڏور ڏيهه ڍٽڪو.
محبت جي ميدان ۾ پڙ خان ملهي کٽڪو.
ٻيا سڀ وهم وساري واٽو برهه موءن وٺڪو.
آهي عشق راهه ۾ اصلوءن سر واهين جو سٽڪو.
پهلي وڃن پهلوان ڪري پاڻ پنهنجو مٽ ڪو.
دنيا دورنگي ڊوهي بازي اجايو اٽڪو.
فاني فنا گذر ۾ ڪوڙو لاڏ ڪوڙو لٽڪو.
يوسف سوال هي سچ سالڪ نه سڻي گهٽڪو.
ريءَ عشق الله ٻيو سڀ ڳالهين سندو نه ڳٽڪو.

 

*

يار سڀ ۾ آهين، توريءَ هلائي ڪير.
خاڪي صورت مردهه مورت، محض مٽيءَ جو ڍير.
ونحن اقرب تو فرمايو، ڦند نه جنهن ۾ ڦير.
ڪل شيءِ هو الله هو. هرجا تون نرشير.
ڇڏي هستي تانگهه بره ۾، جيئن گهاتن جو گهير.
يوسف حيرت عبرت عشقي، منجهه يارن آيڪ ڀير.

 

*

هوءِ نال نه نيائون، سرتيون وڏا مون وس ڪيا،

 

منهنجي منٿ نه مڃيائون.

سندين صحبت اورڻ آئي، اندر ٻاهر وحدت وائي،

 

پنهنجو درد ڏنائون.

پاڻ اٿارن پاڻ ويهارن، پاڻ ئي مارن پاڻ جيارن،

 

مجنون من ڪيائون.

 

ڏکن دردن ڏيل ڏکويا، عشق انهيءَ جي جهڙاڳ جهويا،

 

ساهه سوزڙو سڃائون.

ناهي پنهنجي ڪا اختياري، رمز عجيبن آهي ساري،

 

تنهن چوٽيءَ چيائون.

نانڪ يوسف يار اداسي، مون من ڪيڙو محبت پياسي،

 

ويراڳ سر ڪيائون.

*

طلبي ڪونه الله هئه هن ڳالهه جو هينئڙي هوليئڙو،
عمر اجائي ائين وڃي ٿي سمجهج ثواب گناهه.
فاني ٿيڻ منجهه بقا جي ڪوءن پروڙي راهه.
آيو حيرت حال ۾ عبرت منجهه ارواح،
راتيان ڏيهان روڄ اکين کي، سرتيون سڪ ۾ ساهه.
دنيا ڌوتي عادت لوطي ولهيءَ موءن نه ويساهه.
درد وارن کي ڪنهن جي ناهي پرينءَ ريءَ پرواهه.
نانڪ يوسف يارا توکي عشق هادي همراهه.

 

*

ڇڏ تون هوش حيوانيءَ جو،
سر سمجهه صحيح انسانيءَ جو.

 

چاهه چڱي سڻ هيءَ چڱائي، جا پوکيندين لڻندين سائي،
عشق الله ريءَ عمر اجائي، هي هو حرف حقانيءَ جو.
چٻن گولن چاهه برن سان، ڪوڙن گڏهن گاهه ٿرن سان،
ميي مجهي مين جهول جهرن سان، عشق ڪهي دل دانيءَ جو.
شوق شڪارن پيو ڪل ڪوڙا، هي هت ناحق ٻنڌن ٻوڙا،
ملن قاضين مسئلا موڙها، غلبو عشق ربانيءَ جو.
موڳا تون مٽ عادت ماٽي، ورهي واري هت ڪر ڏياٽي،
حق ديدار جپوڪر جهاٽي، سر سچي سبحانيءَ جو.
مرشد مورت من نهارين، هنجون سوز سدائين هارين،
ڪال نه ايندءِ دم سنڀارين، شوقعون شاهه جيلانيءَ جو.
نانڪ يوسف يارن ياري، مرشدن جي مهر ستاري،
عشق اجاري تاري تاري، سر قربان قربانيءَ جو.

 

*

بيٺيون جهڙ جهوئي، اکيون پرينءَ جي پار ڏي.
درد اسان جي دل دوڙائي، حال چوان تان روئي.
نت نت راهه نهارن چشمان، ڪانگ اچي من ڪوئي.
منهنجي دل ديوانيءَ ڏيندو، دلاسو تان سوئي.
سارو ئي اختيار انهيءَ جو، آهي نظر ۾ جوئي.
نانڪ يوسف جان پياري، ساڻ پرينءَ پوئي.

 

*

رهيون آهن روح ۾، جيجان جو ڳيئڙن جون،

 

اوران سنجهه صبوح.

سکيون سيليون سرانهن جون، اندر عشق انبوهه.
مون من مستانو ڪيو، پرينءَ جي پاٻوهه.
پريا پورب پار ڏي، کارا ڇڏي کوهه.
ساهه اساٽي اڳ نه هئڙي، لاهوتين ڪالو هه.
بخشينديون ڀورن کي، ڏوٺ ڏمر ۽ ڏوهه.
نانڪ يوسف يار عجائب، واسينگن سان وروهه.

 

*

رهجي اچي يار توسان.

عشق اوهان اکڙيون اٽڪايون، ليئڙو ليئڙي پلپل پايون،

 

صاحب سچي يار تو سان،

دلبر هي تان دلڙي ديواني، سندءِ محبت ۾ مستاني،

 

رچيون رچي يار توسان.

هي دم دم دم دلبر سائين، طرف اوهان جي هر هر جائين

 

اچون اچي يار تو سان.

دم اناالحق اوهان فرمايو، موج انهيءَ ۾ مقرر آيو،

 

مچون مچي يار توسان.

هادي هر جا تون هين تون هين، يوسف يار نه نانڪڏون هين،

 

سچو سچي يار توسان.

*

ٻيلي پنهنجو پاڻ سنڀار، تون تان آهيان ڪاٿي ڪونه ڪو،
سميع بصير عليم ڪليم، پنهنجو پاڻ نهار.
جو آهي سو ظاهر باطن، چهچٽو چوڌار.
درد قبول ڪرين دلبر جو، ٻي سڀ ڪوڙي ڪار.
پير مغان جي در تي دم دم، عاشق هنجڙيون هار.
نانڪ يوسف يار اهوئي، يار نه ٻئي ڪنهن يار.

 

*

هوءِ تون شڪر گذار، ڇو درد ڪرين ٿو دل تي؟
من ڪان الله ڪان الله له، اهو رک اعتبار.
فهو حسبه فڪر ڪر، دوست ناهي دم ڌار.
يحبهم و يحبونه، وڻج چڱو آهي واپار.
فاذڪروني اذڪر ڪم، رک اهو روزگار.
دنيا جي هشت جو، وهم نه ڪر ويچار.
رجال لا تلهيهم تجارته، قرب سان ڪم ڪار.
و هو معڪم اينما ڪنتم، ڪيو ٿن قول قرار.
يوسف پنهنجي يار سان، هوءِ هميشه هوشيار.

 

*

آندو عشق الله، جيجان جوڳيئڙن کي،

 

سرها ٿئڙا ساهه.

سامين ساز وڄائيا، عشق منجهان آڙاهه.
وڄن طنبورا طلب جا، مرليون مست متاهه.
ذاتي ذڪر الله سان، لاالله الا الله.
آڱڻ مون مسڪين جي، آيابخشي بديون گناهه.
نانڪ يوسف يار بهاران، مرشد نور نگاهه.

 

*

ٻيلي هو هو هو دل چوء تون، هو جي حرف هاديءَ جي حال جا.
نينهن جا نقطه ڪير ڇپائي، ضابر نوبت زور وڄائي،
ٻيلي رو رو رو دل رو تون، منجهه راهه برهه رهوال جا.
عشق بنا ٻيو پنڌڙو باري، صورت مرشد وحدت واري،
منجهه پئو پئو پئو دل پئو تون، هوجي جوهر جوت جمال جا.
ڪارونڀار ۾ ڪاهه تون اڳنان، روح روشنائي ناهي تڳنا،
ٻيلي ڀئو ڀئو دل ڀئو تون، مون کي قسم سندن هڪ سال جا.
منجهه مماتي حال حياتي، سچو ستگر سونهون ساٿي،
ٻيلي وو وو وو دل وو تون، ڪر يوسف دم خيال دا.

 

*

منهنجو آهين تون، تنهنجو تار تڳان تن من ۾،
هندو مومن هر مظهر ۾، صحيح سڃاتو مون.
حيف انهن ارواحن آهي، جي ٿا ڀانئن ڏون.
ازل لاڪون لايون تن من، تنهنجي نينهن نيون.
عشق الله ريءَ عالم ڪل ۾، ڀينگن جان ڀون ڀون.
صاحب تون سرپوش اسانجو، تنهنجا دست مٿوءن.
يوسف يار سوالي تو در، مهر سندو سان نت مرڪون.
پس ديدن ۾ ديدار، ڪير آهي جو ٿو ڪري نظارا،
دل ۾ ذاتي پائج جهاتي، گذر ڏسڻ ۾ سير صفاتي،
باطن ٿيا اظهار، پاڻ پرين پنهنجا ڏسي پسارا.
حسن هزاري محبن ماري، خيال خدائي خبرداري،
پاڻئون رهن بيزار، جيئن ڪرن سي مست متارا.
ڪي دهشت کئون دور وٺن ٿا، ڪي شهه عشقئون شور وٺن ٿا،
بار ڪيهي ڪيان تڪرار، مرشد من ۾ عشق اوتارا.
نانڪ يوسف شهه سهاڳي، عشق معشوقن درد ڦاڳي،
آهي برهه بي اختيار، پاڻ ڪرڻ گم عشق اشارا.

 

*

پرين مون ۾ عيب عميق، بديون بخشيندوء لائق ڪندو‎ء

 

واهر ٿيندو‎ء.

نماڻن سان نازڪ نينهڙو، پاڻ نڀاءِ شفيق
مسڪينن جو تو ريءَ ناهه ڪو، حق هادي رمز رفيق
ميريون منديون مون ٽئون ميٽيندوء، سهڻا حسن حقيق.
تون ڪل جو پوش آرياڻي، هت هت لاشريڪ،
نانڪ يوسف يار درد ري، ٻيا سڀ ڪم ڏند شيڪ.

 

*

اهو جوڳي جهنگ ۾ آيو، ڏس روپ رکي بيرنگي،
تنهن ڏاڍو شور مچايو، ڏس روپ رنگي بيرنگي.
مرلي سوز فراقئون ڦوڪي، جهم جهم جهمڪو لايو.
تخت ڇڏي هيري لڳ آيو، آڻي عشق اڙايو.
عاشق صورت سيالن وارو، ماهي الله ملايو.
جهنگ سارو حيران ڪيائين، تنهن ڏس تان پاڻ لڪايو.
تخت هزارو ڇڏي هزاري، تنهن پرديس پڇايو.
مرلسي بسمي بشيهر جهولي، تنهن هينئڙي پاڻ لڳايو.
ڪو جو تنهن کي برهه باطن ۾، هيري چوٽ چلايو.
راوي رانجهن ڇڏي ڪناري، تنهن اچي ورهه وسايو.
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ٿيو گداگر، درسن ڪاڻ سڪايو.
نانڪ يوسف نالي جوڳيءَ ۾، پر پاڻ ڇپايو.

 

*

اداسي اٺئي پهر هون يار سهڻا
فراقن ۾ هت ٿا گذاريون لاچاريون.
ٻن ريءَ هوتن هئڻ هيءَ حياتيءَ،
جيئڻ ۾ جنجالي بهاريون چڪاريون.
فنا ۾ فڪر ڪر تون طالب سچائي،
اچن ٿا سي هستيون گزاريون وساريون.
دم دم سانباها اچڻ جا ايڏاهون،
هنجون سوز هاريون ٿا راهون نهاريون.
ڪڏهن يار ايندو ٻانهي نال نيندو،
ايڏاهين قطارون ٿا ڪانگن اڏاريون.
آهين ساڻ يوسف نباهڻ تون وارو،
خدا لڳ سڻي دل جون زاريون هزاريون.

 

*

آهي مددگار مرشد سچو مون نماڻيءَ سان هر حال همت سدائي،
محڪم سچو ساهه ويساهه تن تي توڪل سندي ڪمر جن ڪشائي.
ظاهر باطن نگهدار هادي، فقر فيض دامن جني کي ڪشادي،

 

نيبهه ننگ واري انهن کي سڀائي.

پرين پنهنجي رحم سان تار تارن اجارن سيهه دل مهر مان نهارن،

 

پسي ڀلن کئون ته آخر ڀلائي.

ڪمي ڪانه محبوب جي مهر پارون، اديون دل ۾ سهوان سوين سڻ پوڪارون،

 

لائق شاخ نه ليکن ڍلن جي ڍلائي.

عمر اجائي هاءِ من مون وڃائي، ڪفر ڪار واري نه ڪيڙم ڪمائي،

 

چوڻ ۾ درد جي نه آهي ادائي.

يوسف يارانو يگانو شهانو، منجهه عشق اڇلن سڃا سر نشانو،

 

انهن سان رفيقي رحم حق بجائي.

*

هيءَ محبن کي خوش آئي، ڇڏي فنا کي بقا سڌائا.
باقي ٿئڙا وڃي بقا ۾، پرين پنهنجي سير لقا ۾، هاديءَ کي سنڌ سڀائي، سچي ته صاحب سچ سيباڻا.
منجهه حضور هاديءَ جي يارو، ظاهر باطن نينهن نغارو،
مٺي مرشد چوٽ چلائي، سڻي هيءَ عقل ٿين اياڻا.
پاڻ پيغمبر ڪيا مختاري، ڏنين ڏيهه ڌڻيءَ ڏاتاري،
فلڪ ملڪ هيءَ وائي، سچو بي هوڪو سچ سڃاڻا.
پنهنجي پرين پاڻ گهرايا، هت به هاڪي ڏيهه سڪايا،
مڙي ملڪن سيج کوڇائي، پنجن تنن يارن من ڀاڻا.
فائض ڪل اولياء ڪيائون، پنهنجو عشق امداد ڏنائون،
ڏس روز رکي روشائي، حافظ محمد سج سماڻا.
حورن ڪيڙا هار هزارين، خاطر پرين انت اپارين،
هيءَ غيبوءن عشق الائي، عند مليڪ مقتدار يار ٽڪاڻا.
ٻارهن سو ٻائيئاليهه تياري، چوڏهين رمضان هجر هسواري،
واڳ وطن تي ورائي، ڏيئي عشق اواڻا.
يوسف يار سڄڻ ڪيو فراقي، موٽي ملندا ٿيندا اوطاقي،
اها ڳالهه برهه ڳجهه ڳائي، روئن نانڪ نيڻ نماڻا.

 

*

سارو ئي عشق اسرار، رنگن ۾ جو آهي،
طرحون طرحين تال تماشا، نقشو نقش نگار.
فوق تحت گهنگهور برهه جي، جانب جو جنسار.
هي دم چڻو چلڻي بازي، هت هت ڏس تڪرار.
اواگهه آون عرش منارو، ويتر وجد وسار.
ٿيڙا اويڙا عشق اويڙا، برهه ڀڀڙ پڙڪار.
بي اخيتاري بانور باحي، ديدن ۾ ديدار.
ڏس ڏکي دل حسن اوتاري، دم دم دردَ پڪار.
انا احمد بلا ميم، سمجهه اور نه جنهن جو پار.
اوکا پرجهج ڳالهه انهيءَ جو، الستي اقرار.
ڪيئن وساريو تو دل غافل، هوش رکين هشيار.
نانڪ يوسف يار غريبي، واٽ وٺڻ ويچار.
ڌيان سچي گرچرنين لايو، حاضر همدم يار.

 

آهي عشق حسن اسرار، لکن هزارين نينهن نهوڙيا.

 

هينئڙي حيرت حال انهيءَ جي، ڏکن دردن جال انهيءَ جي،
ڏس رمزن جو رمتار، يار سهڻي سهڻا ڪمڙا جوڙيا.
نور نبيءَ جو مور مهاندي، ڳڻ جنهن جا ڳالهيون ڳاندي،
اٿي وڻ وڻ ۾ ويچار، ٻيائيءَ ڏس جو عالم ٻوڙيا.
علم عقل جون عقلي باتان، ڪوئي باب نه ڪوئي، ماتا،
ريءَ پرجهڻ ڪوڙ ڪفار، هي سڀ هتڙي هر ڪنهن ڇوڙيا.
آل نبي اولاد عليءَ جو، آهيان گداگر تنهن ڳليءَ جو،
ڪل جنت جو جنسار، جيءَ سندن تان ٻئي جڳ گهوريا.
حق سچي تلقين هنديءَ جي، فتح مبارڪ مون مهديءَ جي،
چمان فقر سندن پيزار، دين دنيا جا چمڙا ٽوڙيا.
شور عاشقن حال حقيقي، پير مغان سر خال رفيقي،
واهه شهه منصور عطار، عاشقن اچي سرگهورون گهوريا.
نانڪ يوسف يار سدائي، چئني يارن هڪ هيڪڙائي،
آهي ستگر سڀ ديدار، هت هت محبت ماڻڪ جوڙيا.

 

*

جهاتي پاءِ حسن ۾ جهاتي، جنهن پاتي ٿيو عشق اثباتي.
حسن هاديءَ جو سڀوءن سهڻو، دل رمز اها دن راتي،

 

سو تان هردم جيءُ حياتي.

ديد ڏٺي دم پرتئون پيهي، تا جهاتيءَ ۾ ڌر جهاتي،

 

پسين دوست اندر هو ذاتي.

طالب توتي حق اهوئي، سڻ گوش رکي گوشاتي،

 

ڏهون هاتف ري پرڀاتي.

گم ٿيڻ هت آهي عشاقن، موتو قبل مماتي،

 

منجهه باقي برهه براتي.

تنهن پوءِ تئين تون وحدت واصل، وهه رمز اها جنهن ڄاتي،

 

تنهن سير ڪيو سوغاتي.

حڪم سڀوئي محض محبوبن، ڏهون رهبر خبرون خاطي،

 

پرين پاڻ آهن شفقاتي.

هي هن هن سان ڏور ڏکن جو، هڪ بحر برهه برساتي،

 

مصلا تي پڙهه صلواتي.

عشق اوتار هادي ٿو ڄاڻي، ناهي عبد ناهي عباداتي،

 

سو صاحب سمجهه صفاتي.

نانڪ يوسف ديس معشوقن، ڪهڻ ڪسڻ قرباني،

 

ناهي ڪم ڪنهين ڪمذاتي.

*

ڪيڏو ستم سهايئه ٿورو لکن جو لايئه،
موسيٰ جو طور سينا تي تجليءَ ۾ سر جلايئه.
ابراهيم کي آزاهه ۾ ويرين هٿان وجهايئه،
اسماعيل کي ذبح ڏئي ڪوٺي آڻي ڪهايئه.
جرحيس کي جفا ڏئي يحيٰ قتل ڪرايئه،
ڏئي زور ذڪريا تي ساڻ ڪرٽ جي چيرايئه.
حسن کي زهر ڏئي ۽ حسين رڻ ڪهايئه،
وجهي ڪوس ڪربلا ۾ کنو عشق جو کنوايئه.
يوسف هن يتيم کي پنهنجي نينهن ۾ نچايئه،
گهونگهٽ ۾ ڏئي ڏيکاري رئندي کي يار هسايئه.

 

*

تون تان اهو آهين جي پاڻ سڃاڻي،
غير خدا ناهين يار ناهين.

 

پنهنجو پاڻ نه وچ۾ ڏس، اسم جسم ڇاهين.
سڀڪا صورت حق جي آهي، ڏس سير سڄڻ ماهين.
اچي صورت آدم ذات ۾، ٺاهه لکين ٿو ٺاهين.
سوريءَ تي منصور کي، معراج عشق شاهين.
گنگا جمنا دوارڪا ڏس، ڪعبه ڪاڏي تو ڪاهين.
ڏس ڳهيلا ڳالهه انهيءَ جو، الانسان سري لکيو آهين.
نيڻن يوسف آءٌ نه ڪوئي، دم عشق الله آهين.

 

*

بيزار آن بيزار آن بلڪل زحود خود کئون پرين.

 

يار دين ڪفر سان ڪم نه مون.

دين مذهب عشق ناهين، ڪوڙ جا ڊوڙ ڊوڙيون ڊاهين،

 

برهه بي اختيار آن.

دل دنيا ڏي دين واري، ڪار هيءَ ڪين آهي موچاري،

 

جو عشق کئون انڪار آن.

درد جو دل سان يارانو، يار عاشق رک يگانو،

 

درد وارن يار آن.

عشق نا جنهن دل الاهي، هر دو جڳ تنهن رو سياهي،

 

سنهن نبي سردار آن.

همت هادي آئي يارو، جنهن وڄايو نينهن نعرو،

 

انا الحق اظهار آن.

نينهن نانڪ دل سچارو، يار جو يوسف نظارو،

 

درس دل ديدار آن.

*

توسان لڳو ٿو رمين، توسان لڳو ٿو رمين،

 

هر ڪنهن پورو ڪمين.

عرب عجم چئو چارئي قبله، ڇا اڀي ڇا لمين.
نحن اقرب رب وسي ٿو، هم نه ڪوئي تمين،
صورت ۾ سير الاهي، صحيح سڃاڻج ڇمين.
ڪل يوم هوفي شان، پلپل پلڪين دمين.
يوسف يار هميشه حاضر، عشق الله اوهين.

 

*

آهي دل جي دم دم درد سان يار،

 

اور اندر ۾ پهر اٺئي.

پير مغان مون کي هيئن فرمايو، وحدت وارو سيد سڻايو.

 

دين ڪفر ٿيئڙا ٻٽ ٻيئي.

مذهب مشرب مون ڇا ڄاڻان، رمزن وارا راهه سڃاڻان،

 

مرد وڃن ٿا ٻئي هٿ ڌوئي.

جلوو عشق جو پاڻ سڃاڻي، صم بڪم ٿي ڪر ڄاڻي،

 

پير مغان کئون هيءَ سڌ پيئي.

مرڻ جيئڻ معراج عشاقن، درد جو ڪهڙو قدر قزاقن،

 

عاشق سمجهن هي سر ڏيئي.

نانڪ يوسف يار جي دامن، دوست درازين فيض تمامن،

 

چارئي محڪم پنجتن اٿيئي.

*

آهي روح اسان جو رس ميان،
پنهنجي هاديءَ سان هر حال ۾.

 

ريءَ خوشي محبوب جي عشقي، ڪين اچي ٻيو گس ميان.

 

آهي دنيا دوز جنجال ۾.

معشوقن جي مهر ٻاجهون، ٻي سڀاڻي بس ميان،

 

پاڻ ڄاڻي دل دال ۾.

دين ڪفر اسلام مذاهب، ڪين وڃين تنهن گس ميان،

 

دم عشق سندن احوال ۾.

شيخي پيري ۾ بزرگي، دل نه منهنجي وس ميان،

 

ڪين مڃي ڪنهن ڳالهه ۾.

هنر لکين پيا عشق الله ريءَ، يوسف يار تون دس ميان،

 

عشق الله هر حال ۾.

*

آيا سي آيا مون تي ماڙ ڪري،
سانگ چڙهي ماروئڙا ماڳ تي.

 

وسوءن ٿيڙيون ويجهڙيون، وڙهيچاڻي واڙ،

 

مايا ڪين مايا.

ڏک ته منهنجي ڏيل جو، هينئڙي ۾ هاءِ هاءِ،

 

ڀايا ڪين ڀايا

صاحب ڪوڪان ڪن پون، هيس آءٌ اجاڙ،

 

پايا ڪين پايا.

نانڪ يوسف نيڙي وسندا، هادي ساڻ ستار،

 

ڀايا دل ڀايا.

*

تر پرچائي ائين وي ميان، يار مليو اٿم جانيئڙو،
درد مندن کي پاڻئون ڄاڻي، مرشد ڄاڻي ڄام آرياڻي،

 

يار سندر ساميئڙو.

عاشقن سان مهر سدائي، سندي هاديءَ برهه بجائي،

 

هر دوجهان ۾ حاميئڙو

دنيا دير ڪفر ڇا ڄاڻان، ڏوهه ثواب سيرسڃاڻان،

 

دم عشق سوا عاميئڙو.

بيڪسن کي پاڻ ٿو پالي، ميريون منديون ساٿ سنڀالي،

 

خوب کامي ويو حرخاميئڙو.

*

ٻڙي آهي جيڏيون اهو ساڳيو يار منهنجو،
تنهن ڪوئي تفاوت ناهي آهي ساڳيو يار منهنجو.

 

سندي لالڻ لوڏ سڃاڻان، منهنجا ساڻ تنهن ڪهڙا ماڻ،
ٻيو ڪير سهاپا سنباهي ڙي، معشوق مختيار منهنجو.
حسن حقيقت ۾ هرجا سهڻو، بي رنگ بازيون رنگ رنگ سهڻو،
ٻيلي ڪوپو ايندو آهي، سو حال پسي اسرار منهنجو.
بحر لهر جان موجان ڌڙيون، پاڻ هي پاڻ سان ڪڙڪاڪڙيون،
ٻيلي مشڪل سمجهڻ سا آهي، هي دم هادي سردار منهنجو.
طرحون طرحين موجان گهريون، عشق الله جون جنهن سرٺهريون،
ٻيلي پنهنجو پاڻ نباهي، هو حسن سندو هسوار منهنجو.
پرين پنهنجو پاڻ سڃاتو، نجهري نڌر جي ليئڙو پاتو،
توڙي ڏانو ڪيا لک ڏاهي، دل يوسف يار بهار منهنجو.

 

*

ٻڙي جيئن تيئن نيبهه نيندا، ننگ پنهنجو آرياڻي.
مون مسڪين ۾ سهسين مندايون، ڀلا پنهنجون ڪرن ڀلايون،
اچي حب ۾ حامي ٿيندا، پنهنجا لائق لعل سڃاڻي.
يار پرينءَ جي پرنگ پياسي، راتيان ڏينهان روح اداسي،
پنهنجو ساٿ سنڀاري نيندا، گهڻو آهيان عيبن هائي.
مون بنديءَ ۾ ٻهون بدڪارون، دوستن جي دردم دم زاريون،
جيڏيون ڇپر ڪين ڇڏيندا، رڃ سڃ ۾ سي آهن سائي.
مددگاري دم دم ياري، محبوبن جي مهر ستري،
پرين گولي گڏ گڏيندا، سڻ ورهه جي واهه وراڻي.
عاشقن کي عشق بهاري، نانڪ يوسف گل گلزاري،
هت هت درسن دل ڏيندا، پنهنجي در جي پورهيت ڄاڻي.

 

*

اڄ پرينءَ جا پيغام، خاطن خبرون خير سڻايون.
طلبت نامون پاڻ مڪائون، ڏس ڪرم ڪريم ڪرام،

 

وهوا عشق واڌايون آيون.

ڪرم ڪمينن سان پاڻ ڪمائون، هوجي صاحب حڪم حڪام،

 

ڏس تان ليئڙو ليئڙي پايون.

آن ته هيڙس ڪينڪي، وهه سهڻي لکي سترام،

 

واچون ورهي مينهن وسايون.

فوج فراقن واهه وصالون، ڪفر ڪٿي اسلام،

 

عشق پڪارون لونءَ لونءَ لايون.

ڪيم تياري طرف تني جي، سرتيون جن جي سام،

 

تن جون مون سان لک ڀلايون.

نانڪ يوسف يار ڪتابون، شڪر ني هر نام،

 

ايوين ديدان دوست پسايون.

*

آهن ڏور جفائون جور جيجان، جوڳين جي منجهه راهه،

 

سڻ تون سامين ڏي ڪر ڪاهه

سڪيون سکيون سکائون، نئون نياپو نينهن مڪائون،
منهنجي ساڻ انهن دل اور، آيل سوز سندن کي ساهه.
مک ۾ مرليون ڪمر ڪشائون، پورب سندو پار ماڻيائون،
اهي آڌوتي اگهور، لائي درد ويا ارواح،
ڪاپڙي ڪن چير ارو، هلي پورب پسون نظارو،
مل شوق مچايا شور، محبت مستي عشق الله.
نانڪ يوسف يار اداسي، ساميئڙن لئه روح سناحي،
منهنجي رات ڏينهان دل دور، اکڙين اوڏهن آهه نگاهه.

 

*

سگهو واڳڙي ورئي، موٽ ماروئڙا،
پرين ائين نه جڳائي، پرين ائين نه جڳائي.
آهون سڻي الاهون، ڪر ماڙ مون ايڏاهون،
آءٌ الله لڳ اوراهون، ڦري ڦيرڙو تون پائي.
سڪ ساهه جون سنڀارون، ساڻ ڪنن سڻ تنوارون،
دل درد ڪيون قطارون، آجو قيد کوءن ڪرائي.
اميد الله ۾ ايندا، ايندا ڪرم ڪريندا،
تڪرار تا ڇڏيندا، جيو ڇڏيون بجائي.
يوسف دلاسو آيو، ساٿين صحيح سڻايو،
محبوب رحم رايو، تحقيق تو سدائي.

 

*

ماروئڙا هو مارون، منهنجي ماڙ آيا،

 

ٿيڙيون وسون وري.

پلڪ انهن ريءَ ٻر پراهون، جن جي ڏينهڙالايا،

 

وريا وس چري.

نماڻيءَ جي آيا نجهري، تن لک ٿورا لايا،

 

برهي ڳالهه کري.

قيد هئڻ کان آجو ڪيائون، نڪو ئي باب مايا،

 

مرشد ٻاجهه پڙي.

ڏک ڏوٿين جو ڏيل اڳاهون، منجهه وصال لايا،

 

سو فلڪ هجري.

عيب اسان ۾ ڏوهه ڏنگايون، مون يار پاند پايا،

 

سندن پيش پڙي.

نانڪ يوسف ياري يڪدل، مارن مهر رايا،

 

کوٽي سندن کري.

*

آءٌ آهيان مشتاق لو، دوست تو ديدار ڪارڻ،
روز ازل کئون ٿو رت رئان، عاشقن اشتيق لو.
سڪ سدائي آهي انهن کي، درد ۾ دردناڪ لو.
حيرت عبرت سدا انهيءَ جي، منجهه وصال فراق لو.
هئن هستي آهي نه ان جي، برهه ۾ بيباڪ لو.

 

نانڪ يوسف عشق الله ريءَ ٻيا سڀ لاڪ لو.

 

*

دم عاشقن کي گهڙيون، گهڙيون گذارڻ غم ۾،
ماتم هئه هئه هو ليئڙو تن، پاڻ چکيا جن ٻڙيون.
پرت سڃي پرينءَ سان جن، چڪڻ مان سي چڙهيون.
آهون سڻ ارواح انهن جون، ڌوء ڌوءن دردن ڌڙيون.
اديون اڪبر طالع تن جا، محبت ۾ جي ميڙهيون.
محرم سي دل درد وارن، جي گهاو برهه جي گهڙيون.
آهه انهن اختيار نه پنهنجو، قيد زلف جي ڪڙيون.
سهسين لک انصاف انهن جا، سر سٽي جي کڙيون.
ڇا ڪربلا ۾ قرب انهن کي، عشق الله جيءَ جڙيون.
يوسف يار مان صدقي تن تان، جي لائي نبنهن نه لڙيون.

 

*

غم عشق الله لک لهريون، لهريون لنگهن دم دل تئون.
موجان موج پيا پي خوني، شربت موءن سي زهريون.
ڌڙ ڌر ڌڙيون ڇل ڇل ڇوليون، گهور ڪرنجي گهريون.
حسن معشر قن فوجان ڇٽڪيون، ٻيلي طرف عشاقن پهريون.
جاري آهن جوش برهه موءن، نينهن سنديون سي نهريون.
بن ديدار آهن درما بديون، ساڻ ديد معشرقن چهريون
صادقن سان سچو هوڪو، سي منڪر جي قهريون.
نانڪ يوسف عشق الله جون، مون سر ڇٽڪيرن بحريون.

 

ٻيا سڀ وهم وساري، آياسون عشق احسان ۾،
دل خطر خوف گذاري، اچي پياسون ملڪ امان ۾.

 

حب وارن کي ڇا حب هاڙهو، ڏک ڏونگر لڪ لتاڙي،

 

ڪي مرد ايندا ميدان ۾.

جي پر پنهنجي لڳڙا سو پرين، سي دل ۾ دوست نهاري،

 

ٿيا واصل درد ديوان ۾.

ڪيچيئڙن تان ڪين پروڙيو، ويا سسئي سيج سمهاري،

 

تن حيف ته هر دوجهان ۾.

عاشقن کي عشق حقيقي، آهي مرشد پير پناري،

 

منجهه ديد حڪم ديان ۾.

نانڪ يوسف يار بهارون، منجهه عشق الله نظاري،

 

دم عاشقن چست چوگان ۾.

*

چپ چپاتي چپ جي بات، مون آهي پاتي يار چپ.
باغ چپ بازار چپ، بازار جو واپار چپ
شهر چپ بحر چپ، ساروئي سنسار چپ.
نانڪ چپ يوسف چپ، درد جو ڌڌڪار چپ.

 

*

اقرا نا ڦيرائڻ مردن جي شان ۾،
محبوب سان چوڻ جو ذرڙو زبان ۾.
آهي ڪاذبن جي ڪيني تحابق سڻ حقيقت،
ڪر قياس پنهنجي دل ۾ ڏس اول قرآن ۾.
ڇڏ ڪوڙ جو ڪنارو رک عشق شاهه سان،
هڪڙيون رکڻ سڻائڻ ٻيون پو لسان ۾.
سڻ سمجهه هيءَ وصيت منهنجي نه مان چئي،
حق ٿي مڃي تي مڃ تون هوندين امان ۾.
صادق رهن انهيءَ راهه نادان تون نه ڄاڻي،
اسرار فنا بيقا نينهڙو نيشان ۾.
معشوق سان ٻه ڳالهيون ڪنهن جي نه فهم ۾.
جيڪو ڪندو سو ڏسندو دل جي ديوان ۾.
يارو يگانو يڪدل آهي يار حاضري،
ناظر نگاهه ۾ ڏس هو لامڪان ۾.
يوسف رهڻ ياري صفا آ صوفين،
پوءِ ڪري حڪم هلائين هر دوجهان ۾.

 

*

اڄ نبي اسان جو آيو، وائي وات ٿي وئي،
ڪريا ڪوٽ ڪفر جا، تجلات ٿي وئي.
جبريل جاءِ جوڙي، يڪدم آيو ڊوڙي،
سيد جي صحبت ۾، پرڀات ٿي وئي.
جنهن رات ٿيو رهاڻيون، ملڪن ڪيون ڪهاڻيون،
حورن سهرا ڳايا، مٺي لات ٿي وئي.
هي يوسف يتيم ٻانهو، تعريف ڇا ڪري،
محب مليو مولا سان، ملاقات ٿي وئي.

 

*

اڻ ڄاڻن تون، توڪل تنهنجي جن کي تون آهين،
توريءَ تڪيو آهه نه ڪوئي، دل قسم سچا مون.
لاتفنطو دوست دلاسو، تو ساک سچي سئي سون.
لعنت الله لعينن تي، جي ڏوڙا ڀانئن ڏون.
نانڪ يوسف يار جي لنوڙي، لڳڙي هڪ لئون لئون.

 

*

پاڻ آ نينهن نباهڻ وارو، جنهن سر بدڪارن بارو،
جيهي تيهي آءٌ بدڪارڻ، دامن جو ننگ سارو.
پير مغان سو مسڪينن جو، جو آهه مدار مدارو.
مندي ميري مٽيءَ ڍيري، ڪري ڪهڙو ڪرارو.
معلوم محبت حال حقيقت، گوندر غم گذارو.
مون نماڻي عيبن هاڻي، اندر عشق اوتارو.
بيڪس جو هادي سائين، ٿو ڪري پاڻ سنڀارو.
ڪفر ڪاري ۾ دل ساري، صاحب قسم سچارو.
عشق اجارو صورت مرشد، ڏسڻ روز نظارو.
نانڪ يوسف يار جون جوڙان، جوڙي پاڪ پيرو.
ڏوهه ثواب ۾ سهڻو سڀ سان، کيڏي کيڏ کيڏارو.

 

*

ٿيو انگريز خراب، هاديءَ حڪم هلايو پنهنجو.
مرسل ميڙي فقر جي آيو، کولي نور نقاب.
چارئي يار پنجتن چڙهيا، ڪري تريلا تاب.
ڪفر سر قتلام انهن کوءن، کولي ڏس ڪتاب.
ماريو منڪر ڪل فرنگي، ڪسي ٿيڙو ڪباب.
اسلامين تي اصل کوءن ميان، ناهي ڏوهه ثواب.
ڪتون ۽ تارا گم ٿيئڙا، پسي عشق سندو آفتاب.
يوسف يارا رايو رب جو. دل ۾ جوش جناب.

 

*

ٻيلي هينئڙي حيرت عبرت آهي، هي تان ڪنهن جي تربت يار،
اندر تربت ڪنهن جون ٻوليون، ڪهڙيون ڪهڙيون لوءن جون لوليون،

 

ٻيلي سڻ ساڌن جا ڌر پت يار.

گم ڪرڻ هي تربت ياري، وجهه نگاهه نگهه ۾ ساري

 

اٿي شور انهيءَ ۾ شربت يار.

اندر ٻاهر پريم پيارو، روز وڄائي انجد نعرو،

 

ٻيلي گهٽ گهٽ هوري پر گهٽ يار.

نانڪ يوسف يار اهوئي، گم ٿيڻ هت هئه دلجوئي،

 

ٻيلي وٺج غريبي غربت يار.

*

ڍوليا ڍڪيندين منهنجون مدايون،
ڀلن کوءن ڀلايون سدائين چڱايون.
عيبدار اصلوءن ڏيهه ۾ ڏوهاري،
گنهگار بدڪار معلوم تو ساري،
توريءَ ڪير بخشي برن جون برايون.
اوهان کون سڀيئي ٿا احسان واريون،
مهربانيون شفقتون بي شماريون،
سهو و سڀئي اسان ۾ خطابون.
پشيمان پنهنجي افعالن ۾ آهيون،
اوهين ٿا اچو پنهنجو نيهڙو نڀايون،
نه ته حال ٻر ٻر اسان ڇا سڻايون.
وري ڪر تون پير مغان دستگيري،
آخر عمر وقت ۾ پير پيري،
مرشد مٺا توريءَ ٻئي ڪنهن سڻايون.
دل نور نيڻن سندو آ نظارو،
آخر اول تون سچا آن سچارو،
عرض يار يوسف ڌيو درد لايون.

 

*

ڍڪڻهار ڍڪين تون ڍوليا ڍلايون،
منهنجون برايون ميان تون مندايون.
اصل کان اوهان جي آهيان مان نماڻي،
پاڄاڻي اڄاڻي سندءِ در وڪاڻي،
چڪڻ کئون چڪايون سدائين سيبايون.
نه ڪئڙم عبادت زهد دين واري،
عمر وئي اجائي منجهه ڪفر ڪاري،
تون بخشين خطايون اوهان ڏنهن عطايون.
سڀئي عيب مون ۾ سوين گنهگاريون،
ڏسي عيب پنهنجا هنجون هاءِ هاريون،
اچو ٿا رهايون پنهنجو ننگ نڀايون.
عرض يار يوسف سندو سڻ پيارا،
پارک پال پنهنجا سخن تون سچارا،
تو در پاند پايون پريم ٿا پهايون.
قربدار آهين پنهنجو قرب ڪيئن ڇيايئي،
عرشوءن اچي زمين تي پرين عاري ڪوٺايئي.
الطاف عاشقن ۾ مچ عشق جو مچايئي،
حيرت ۾ سوين حيران واهه جو تماشو لايئي.
بوتي ۾ خاڪ خاڪي آدم نبي بڻايئي.
باري بيرنگ رنگ ۾ رنگ سهڻو رسايئي.
احد مان احمد ٿي نانو محمد ڌرايئي،
فوو تحت خدائي هرجا حڪم هلايئي.
اسرار ۾ سچو دم حيدر علي مٽايئي،
ول ڇل ڪرين تو ڪيڏا چالون عجب چلايئي.
سڀ ڪنهن پوشاڪ ۾ تون پيو ڪونه مون بنايئي،
هندو چوان مسلمان پرين پنهنجو حسن پسايئي.
يوسف يتيم کي پنهنجي منهن ۾ نچايئي،
گونگٽ موءن ڏئي ڏيکاري رئندي کي يار هسايئي،

 

*

ڪونه ڪم نيڪيءَ سندو مون هنون جو رب راهه ۾،
عمر ساري گنهگاري مون کداري ٺاهه ۾.
اي ادا افسوس دل کي درد ۾ درماندگي،
تياڳ تفسيرن سندو نافع ڪندو مون نگاهه ۾.
ڪانه ڪا اوڏهن ڪر ناهي منجهه اسان بدڪاريون،
لاتفنطو آسرو مرشد سچي الله ۾.
عيبدارن تان سندو حامي سچو هادي اسان،
ٻنهي جهانن طبل جاري عشق جو ارواح ۾.
ڪفر ۾ اسلام چئو تون ڇا صلاتن بانگسان،
درد دل ويڙهي ويو جن کي بقا يا الله ۾.
يار يوسف جي وچنين آ سچوويساهه مون،
تار تاري آه ان جي شوق دم دل شاهه ۾.

 

*

هادي سچا هر حال ۾ مشڪل ڪشا مختيار تون،
تو سوا واهر نه ٻي آهين هر ڊوجهان اظهار تون.
عرض هن مسڪين جو سڻ سروار سردار تون،
نوريءَ چوان ڪنهن درد دل عينن سندو اوجارتون،
داد ڪر مرشد اچي ياور يتيمن يار تون،
آهي هت هت اوهان جو دوست دم ديدار تون.
درڪار دل محبت اوهان هر دوجهان ڏاتار تون،
فرياد سڻ دم دم سيندي محبوب دل منٺار تون.
پر اوهان پر تي پاتي پاڄاڻي عشق جو اسرار تون،
دارون اوهان ريءَ ڪيو ٻيو آهين اڙين آڌار تون.
بخش بدڪاريون پرين يوسف سنديون ستار تون.
شفقت شفا تو هوءن آهي تون هين تون هين تن تار تون.

 

*

دلبر درد مندن جي صاحب لهه تون سار،
صاحب لهه تون سار ووءِ ووءِ ووءِ صورت جا سردار.
راتيان ڏينهان روح ۾ تون هين تون هين تار،
اڻ تڻ وائي وات ۾ سندو پر پچار.
اڱڻ آءٌ اسان جي سڻي درد پڪار،
نجهري نماڻيءَ جي ڀيرو ڪج ڀتار.
آءٌ وٺي وڃ پاڻ سين دوست مٺا دلدار،
عاشق تو سين آهيون دم دم ۾ ديدار.
پاڙيا توهان پنهنجا سچا قول قرار،
چمان روز اکين سان پر سندو پيزار.
يوسف جي گل ڳاريون پيش اوهان هر وار.

 

*

هاءِ هادي هن درد جو احوال پر ڪنهن کي ڏيان،
تون سميع بصير هادي ماڙ مون مرشد ميان.
راز محرم راز توريءَ ٻيو نه ڪو آ در دوجهان،
ساريون سندو ڳڻ ڳالهيون روون اکيون اندر هنيان.
واءِ ويلا آهيون جنجال ۾ دنيا فنا،
مرد سي مرڪن سدا جي نينهڙي تنهنجي نيان.
هيءُ هئڻ هستي حجابي لاء تون ڪر الاالله سان،
تيغ عاشق هڻ بهادر ڪاٽ سر ڪنرانيسان.
پوءِ پسين ديدار معشقوقن سندو عاشق سدا،
تار هي تڪرار سڻ تون عجب رب آن چنان؟
عاشقن دم غم سدائين حق محمد مصطفيٰ،
هي جسم هن جي حياتي ڇا چئي ۽ ڇا چوان؟
يار يوسف ناهه ڪو اختيار پنهنجو پانهنجو،
مهر تان محبوب پاران عشق پيالا پر پيان.

 

*

منهنجي والي ڪندو ور ميان، حق هادي هر دوجهان ۾،
جهڙي تهڙي آهيان، ڪڍ سپرين ڪاهيان.
سرنين ته نابر ناهيان، سڪ سوز جنهن جو سر ميان.
الا! مون ڪيان الاهون، سڀ ڏوهه ڏنگايون ساهون،
اجهو ٿيندم رحم اوڏاهون، دل پئي مون پاڪن درميان.
پايون پلو پهايان، محبوب سنجهه صباحيان،
محبت جا مينهن وسايان، آهي زور نه زر ميان.
لک لک ڪيان ٿي راريون، تن طرف ڪانگ اڏاريون،
هاري هنجڙيون هاريون، پرين پرچي اچي ڪنهن پر ميان.
يوسف سهاڳ ڏيندا، ايندا سي ساڻ نيندا،
بخشيندا عيب ڍڪيندا، وري ٿيندم عشق اپر ميان.

 

*

من له الموليٰ فله الڪل
جن سمجهو تن حق حاصل.
برهه بنا ٻي جوڻ نه ڄاڻي، آدم سو جو سر سڃاڻي،

 

دردن ۾ دل دل.

درد فراق حسن جون فوجان، عاشق ماڻن من ۾ موجان،

 

جيئن باغن ۾ بلبل.

نينهن جا ٽي نيشانا کوڙي، مرد ميدان ۾ منهن نه موڙي،

 

توڙي ٽين هنگاما هل.

نانڪ يوسف يار پيارا، نيڻن تنهنجا خوب ننگار،

 

جيئن چشمن ۾ چل چل.

*

يا سخي صاحب سچا تو ريءَ نه مون کي واهه بي،
آسرو تنهنجو اصل کان ڪانه جڙ ارواح ٻي.
تولئه لڇڻ راتيان ڏينهان معلوم سڀ احوال تو،
يار رسول الله والله سوز سڪ ساهه ٻي.
تون آهين تون ٿو وسين من ۾ سدا مرشيد مون،
هر دو عالم شوق تون پر ڇا چوان الله ٻي.
صد هزاران عيب مون ۾ لک بديون بدڪاريون،
سرورا سرپوش جن تون تن ڪيهي پرواه ٻي.
فرمايو فائق اوهان صادق سخن ياريءَ سندا،
واحد وسيلا تو نگهاريءَ تو نه حق الله ٻي.
يوسف اوهان جو اي پرين سگ در سندو آهي اصل
تو کان منگي محبت مهر ٻيو غير ڪل ڪوتا ٻي.

 

*

يا نبي سرور سچا سردار تون اسرار تون،
عشق خود انطار تون فوق تحت تڪرار تون.
ديد دل ديدار تون، فلڪ ملڪ مختيار تون
رام رس رفتار تون، واهه گيان گر گفار تون
ميم منصب دار تون، هادي اڙين آڌار تون
ديد دم ديدار تون، عربي اجهو آڌار تون
چار پنج پروار تون، شاهي علي اوتارتون
مرشد مٺو منٺار تون، هر حال ۾ هوشيار تون
ٻيا تمامي تم ٿيا، سردار جڳ ظاهر بقا
هت هت سچو سردار تون، باقي بقادار تون
نانڪ نگهه نروار تون، يوسف يگانو يار تون
کڻي آئين امت جو بار تون، مالڪ تنهن مختيار تون.

 

*

پاڄي اوهان پرتو پرين، مرشد مٺا مسڪين هي مسڪين هي.
اندر ٻاهر سهڻا سائين، معلوم توکي چئي ڇا ٻڌائين،

 

ڪين هي بي ڪين هي بي ڪين هي.

درد سندو هن مطلب آهي، دين ايمان برهه تو آهي،

 

دينئون خلق بي دين هي بي دين هي.

تون هڪڙو هج پرين راضي، دم دم تو در آهي آزي،

 

تو ريءَ غمگين هي غمگين هي.

نانڪ يوسف يار يارانا، سخن سچا پڙهه شڪرانا،

 

هادي حق تلقين هي تلقين هي.

*

دم دستگير هادي دل يار تون رهين،
هم يار تون رهين گلزار تون رهين.
آڻج نه منجهه سريرو، آخر فنا خبير،
ڀائڻ گنهه ڪبيرو، بيزار تون رهين.
تلقين حق اشارو مرشد سچو سچارو،
هڻ نينهن جو نغارو، بقادار تون رهين.
باهوش دم حياتي، مدهوش قدم جاتي،
هڻ چوٽ اسم ذاتي، تڪرار تون رهين.
نانڪ آواز پرجو، ناهي تفاوت ترجو،
واقف الله جي سر جو، مختيار تون رهين.

 

*

دم ساهه سنڀار پرينءَ سان، هيءَ هت وسارج ڪايامايا.
وني خيال وڃ خيال ۾ پيهي، ڏس خيال خيال سان ڏيهي،

 

گم ٿيڻ انهيءَ پر فرمايا.

گم ٿي وڃ الله ۾ ذاتي، تڏهن عشق ڪندو اثاتي،

 

سچا عشق سخن سجايا.

آهي الٽي راند نياري، ڪوئي سمجهي برهه جو باري،

 

جنهن درد جا پڌ پڇايا.

آهي عشق اصل گمنامي، سر سلامت تهمت عامي،

 

غافل ڪرڻ ٻيا دل رايا.

دم يوسف جو يار ٿو ٻولي، سنديون وحدت رمزان کولي،

 

جنهن دل تي حڪم هلايا.

*

مار نعرو عشق وارو، عاشق تنهنجو قرب قرارو،
عشق نبي معراج سونهارو، جيئن منصور جو مست نظارو،

 

سر اڇلي ٿيو ساک سچارو.

شمس الحق جان شيخ عطاري، موج انهن سر مرشد واري،

 

صدقي صدقي تن تئون يارو.

عشق الله جو جنهن سر آيو، بخت تنهنجو آهه سوايو،

 

محبت ۾ رهه مست متارو.

ڪفر اسلام کان اڳنا امامت، منجهه ملامت عشق ملامت،

 

عاشق سمجهن هي سر سارو.

سرتان پيرين هئڻ حقيقي، مون تان ناهي هو تحقيقي،

 

نحن اقرب عشق اشارو.

هي جڳ حيله سازي بازي، دم عيمت سوز گذاري،

 

عشق الله کئون ٿيو نه وسارو.

نانڪ يوسف ياري ياري، منجن تن مرشد تاري،

 

هڻ هڻ عاشق تنهن نغارو.

*

دم الله انت ناهين، جو ٿو پنهنجو پاڻ جوڙي،
ڪڏهن ڪتيران گودڙي ليڙان، ٺاهه نه هن ۾ ڪوٺاهين،

 

ڪڏهن چڙهي ٿو گهوٽ گهوڙي.

آهين ناهين جي سڌ سڄڻ کي، برهه ڀڙڪن باهين،

 

گهوري هاديءَ جي تئون ٿوري.

دم خدائي صحيح نه سمجهين، اهي اندر ۾ آهين،

 

جڳ ٻيائي تون ٻوڙي.

نانڪ يوسف يار هڪدم، ڇاٿو پڇين آن تان ڇاهين،

 

آيو مهارون پاڻ موڙي.

*

آيو آهين هن سير ۾، هادي سچا سرتاج تون،

 

سرتاج تون سرتاج تون.

پاڻ ٿو پنهنجا حڪم هلائين، حق اناالحق جڳ سڻائين،
درد مندن دل راج تون، دل راج تون دل راج تون.
سهڻا تنهنجون رمزان سهڻيون، مزگان مرچان من جون مهڻيون

 

مسڪينن معراج تون معراج تون معراج تون.

تون تان مالڪ آهين ملڪ جو، فوق تحت ملڪ فاڪ جو،

 

آهين سڀن جو راج تون ڪل راج تون ڪل راج تون.

هيءَ بي هڪڙي ڀولن ڀولي، سندءِ در جي گولن گولي،

 

لاج ننگ سرلاڄ تون سرلاڄ تون سرلاڄ تون.

نانڪ نينهئون حڪم جاري، يوسف يار جي مهر ستاري،

 

مارطل سچ ساج تون سچ ساج تون سچ ساج تون.

*

ڪيها حڪم ٿو هلائين، رنگي برهه بيرنگي،
آدم حوا هابيل قابيل، ٿو ڪٿ ڪوٺائين.
ادريش شيث يونس، لک لک لقب ٿو لائين.
دائود لوط يحيٰ، جعفر نبي ذڪريا،
نمرود ڪٿ ابراهيم، آڙاهه ٿو مچائين.
عيسيٰ تنهن تان موسيٰ، فرعون ساڻ جنگي،
هر طرف هر جسم ۾، سو کيل ٿو کلائين.
ساڳي سوئي محمد، ٿو عاربي ڪوٺائين،
هت هت ملڪ جو مالڪ، ٻهون بيک ٿو بڻائين.
نانڪ نه ڪوئي يوسف، هاديءَ جي رمزرمزان،
چوچڪ ۾ جان جاني، چشمن چوٽان چلائين.

 

*

اڏر دم اوڏاهين، جاڏهن جو پکيئڙو،
تو آهي وساريو وطن ڪيئن وسارا.
چوڻ ڇا جڳائي سندي دل جي ٿوروءن،
ورتيون وڃين هٿ، جو لوڪ ڏوروءن،
افسوس دل جا درد ۾ شوڪارا.
پر پنهنجا ڪيئن چڪڻ ۾ چڪائين،
گلالي گليءَ ۾ ڌٻن جون ڌٻاڻين،
تاتي پير پنهنجو رسي نينهن نعرا.
قالو اناالله سڻ تون ادا اي،
موتو قل انت موتو گدا اي،
پس تون اشارت برهه جا نظارا.
ڪ نانڪ نه يوسف گرو ٻول جو هي،
آهي ستگرن جي مهر مول جو هي،
انهيءَ جا حڪم هي سڀئي اختيار.

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org