بيت
دوها
سوايون
اياز گل، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سڀاڳو شاعر آهي،
جنهن تي ٻولي ماءُ سدائين مهربان رهي آهي، ۽ کيس
پرچائڻ واسطي لفظن جا رانديڪا مهيا ڪندي پئي رهي
آهي.
ــــ آسي زميني
= بيت
تو دَرِ ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وِجهان هيرَ،
منهنجا ميرا پيرَ، اڱڻُ تنهنجو اُجرو.
جيءَ اسان جا جڪڙيلَ، جيئڻُ مرڻ گڏُ،
سڄڻُ منهنجو سڏُ، آءُ پڙاڏو اُن جو.
نئون ڪو عاشقُ پيارَ کي، لِڪائي ٿو جيئن،
اسان توکي تيئن، سوگهو ڪيو ساهَه ۾.
آءُ پرينءَ جي وارن سان، گَسِي ڏکڻَ، گهُل!
نئون ٿئي ڪو هُل، هيل وري هٻڪارَ جو.
هلي پرين هيجَ مان، جيءَ جيءَ وڄن جهانجهَه،
سانوري جيئن سانجهَه، موهي وجهي مَنَ کي.
جانيءَ جڏهن کان هنيو، خيالَن کي کاٽُ،
تڏهن کان گهرگهاٽُ، سُڃَ لڳي ٿو سرتيون!
ندوريءَ سان نينهنَ، لائي لڏي وئين هليو،
توريءَ ڏنگن روحَ کي، ڏينڀوءَ وانگي ڏينهنَ،
مِلڻَ سندا مينهنَ، وَسئي ڪيئي وِرهيه ٿيا.
ڪوڪو ماڻهو موتِئو، ڪنهن ڪنهن ۾ هُٻڪارَ،
هونئن ته ڪِرڀن ڄارَ، ماڻهوءَ ماڻهوءَ مَنَ تي.
پَون پارا پوهَه جا، مارُو ٿا ٿَڙڪنِ،
ڀَڙڪيو ٿا ڀَڙڪنِ، جذبا منهنجي جِيءَ جا!
*
کِلي جڏهن کيچِلي، ڳَلنِ چُڳهَه پونِ،
چِت کي چَريو ڪنِ، ڳلن ڳُجهيون ڳالهڙيون.
اکيون وينگسِ واهَه جون، لَڄَ وَنديون ڪاريون،
سِڪان مون ساريون، سپني توڙي ساڀيا ۾.
مِٺا مُنهنجي مَنَ ۾، سدا تُنهنجي يادِ،
شالَ رَهي آبادِ، نگري پنهنجي نينهنَ جي.
سهڻا! مُنهنجيءَ سوچ کي، ڏي ڪا سونهنَ ذَري،
پونِ جيئن ٻَري، ڏِيئا مُنهنجيءَ ڏاتِ جا.
آهيون اَڄ حيات، اسان مِٺا ميت!،
سڀان رُڳو گيتَ، رهجي ويندا راڄَ ۾.
*
مُرڪي وڌيا موتَ ڏي، گهوٽنَ کاڌا گهاوَ،
ڏاڍن جا ڏهڪاوَ، لٿا ڄاڻ ته ڏيهَه مان.
اڳتي وڌو، ڪُوڙَ جا، اِجهي ڪِريا ڪوٽَ،
ماڳَ پُڄي پوءِ موٽَ!، مَهڻو کڻجو ڪينڪي.
*
مُنجهيلَ مُنهنجي مَنَ تان، وِسوسا ويچارَ،
آئي تُنهنجي سارَ، لحظي منجهه لهي ويا.
دل جا ديپَ جليا، راڻل ڪارڻ راهَه ۾،
آيو ڦولَ کِليا، مَنُ- مندرُ ويو مَهڪجي.
وَسي دل دماغَ تي، يادُن جي برسات،
سڄڻُ ساري رات، نيڻين بندَ ڀڄي پيا.
سڄي هونئن سنسارَ ۾، اوندهِه اوندهِه ٻاٽَ،
لالڻ! تون ئي لاٽَ، ويراڳڻِ جي واٽَ جي.
ٻوڏِ ڪَچي ۾ جيئن، ٻوڙيا ڪَچا گهرَ،
تُنهنجن يادن يرَ! ائين ٻوڙيو ذهن کي.
اکيُن ۾ سپنا ائين، ٿَرَ ۾ جيئن ٿوهرَ،
تن مان ڪوئي پَر، ساڀيا ماڻي نه سگهي.
جذبا پنهنجي جيءَ جا، نِڪورا ۽ نِجُ،
سِڪَ اسان جي سِجُ، رِجي پوندين برفَ جيان!
*
اکيون اُڀيون اُڀَ ڏي، چڙهي آءُ ته ”چنڊَ!“
اونداهين جا منڊَ، ٽُٽي ٽُڪرا ٿي وڃن.
اَٽي اَجهي ۾ مُئلَ، ماڻهو ويچارا،
پيارُ ۽ پيارا، وِسري وينِ دل تان.
ويتر چاڪَ چِڪائڻ لاءِ، آئي آهي عيدَ،
کائي آسَ، اُميدَ، بُکين، پيٽَن ڍوَ ڪيا.
*
دوها
حيرتَ ۽ افسوسَ مان ويٺي، سوچيو پئي ڀڳوانَ،
مون کي واهَ جو روليو آهي، دُنيا ۾ انسانَ!
توکي جهڙو حالُ وڻي ٿو، تهڙو حالُ ڪجانءِ.
ها، ليڪن او منهنجا جيوَن! ٿورو خيال ڪجانءِ.
موتُ لڳو پئي هرڪو منظر، رُڃَ حياتي ڀاسي،
تُنهنجو پيار وٺي آيو آ، ٻيهر جيونَ پاسي.
هٿَ- تِريءَ جا ڇڏي ويون سڀ رستا، ريکائون،
سپني سپني ۾ ڳولنِ ٿيون، پاڻَ کي ساڀيائون.
پيارَ کي نيٺ بَسيرو گُهرجي، ايندءُ تون ڏِسجانءِ!
ها بَس دل جي هڪڙي ڳِڙکي، کولي تون رکجانءِ!
جنهن پياري جي نانءِ هُيا مون، پنهنجا نيڻَ ڪيا،
تنهن هٿاران ذَرا ذَرا ٿي، آهن خوابَ ويا.
وقتَ سان هر ڪنهن شيءِ ۾ آيا، آهن ڪيڏا ڦيرا،
دردَن پر دستورَ نه بدليا، ساڳيا دِل ۾ ديرا.
*
منهنجا پِيلا ڳَلَ ڏسي، مون کي تون مايوس نه ڄاڻ،
آهي بسنتِ رُتِ اچڻ جو، پِيلو رنگُ اُهڃاڻ.
پنهنجي مذَهبَ، رنگَ، نسل کي ڳنڍِ ۾ رکُ ٻڌي،
باقي مون جيان پيارُ جي چاهين، مون ڏي آءُ وڌي!
اونداهيُن جو سِينو ڦاڙي، جڏهن ڦُٽي ڪا باکَ،
اکِ نه ڪائي آلي رهندي، سنڌڙي! تُنهنجي ساکَ.
سچُ سمائي جڏهن اسانجا، گونجيا گهرَ گهرَ گيتَ،
تڏهن اسان جي جيتَ آ سائين!، تڏهن اسان جي جيتَ!
ديپُ جلي جيئن انڌيارن کي روشنيون بخشيندو آ،
شاعرُ ڀي تيئن جيءُ جلائي، گيتَ گُلابي ڏيندو آ.
*
جوڀَن تُنهنجو ائين پرين!، جيئن مؤجَن ۾ مهراڻ،
ڀَرِ ۾ ويٺين پيدا ٿي پئي ساهَن ۾ سُرهاڻ.
ڦِڪي ڦِڪي جيونَ ۾ چاهتَ، ڀري ڇڏي ٿي رنگُ،
هونئن ته حياتيءَ جو هرپل آ، ڪاريهرَ جو ڏنگُ.
پيچُ اوهان جي پيارَ سان پائي، پيارُ اسان جو ڪُڏي
پيو،
مينهوڳيءَ ۾ پينگهَه وِجهي، جيئن ننڍڙو ٻالڪ لُڏي
پيو.
تنهنجي دم سان دنيا آهي تون آن دُنيا ڪاڻِ،
رنگ برنگي دنيا آهي، مُرڪي مُرڪي ماڻ.
سِپَ جي سيني منجهه اچي جيئن، موتي بڻجي بوندَ،
مُنهنجيءَ دل ۾ اچين ته تون ڀي، موتي ٿي پئين
هوندَ!
*
اڄ به تُنهنجي آسَ لڳائي، واٽَ تَڪي ٿو پياسو
مَنُ،
آسَ نراسَ ته ٿيڻي ناهي، جانبَ! جيسين آ، جيونُ!.
جيڪي تو ها گيتَ سُڻايا، پِيڙَ ڏين تن جا پڙلاوَ،
انولَ سائين! هر هر ڇُلڪن، گهايل مَنَ جا گهاوَ.
چاهَه ڏنا جي چَهڪَ اڃا ڀي، تازا آهن سي او راڻي!
مون وٽ ڪوئي گيتُ نه باقي، ڪوَيل آخر ٿي وئي ساڻي.
ڏوُر پيو ڪو چنگ وڄائي، مٺڙو مٺڙو چنگُ،
سُرهو سُر سنگيت ائين جيئن، تنهنجو مُنهنجو سنگُ.
ميتَ آ، توکي موٽي اَچڻو، کُٽڻي آهي ڪاري رات،
پوءِ مان چوندس ڏِس او دنيا! محبت ناهي کاڌي ماتِ.
*
روئيندي روئندي راتِ ٿي گُذري، ڏُکيو ٿو گُذري
ڏينهنُ،
سوچيان ويٺو مُورکَ ماڻهو، ڇو ٿا لائنِ نينهنُ!
”جيءَ جَڙءَ کي جَسُ“ چيو جن، پيارَ کان وڌِ سي
پيارا ها،
پري هليا ويا پريت ڇڏي جي، سي ڪمزور سهارا ها.
هرڪو ماڻهو راڻو ناهي، ڪوڪو موملُ ماڻيندو
مُلهه نه محبت ملندي آ، جو ڏوڪڙَ ڏئي ڪو آڻيندو.
*
ڀلي وِساري ويهو هاڻي، مون کي مُنهنجا ميتَ!
جيءُ اوهان جو جهوري وجهندا، مون کانپوءِ هي گيتَ.
واٽَ اوهانجي ڪين لَڌي سي، ڀٽڪي ڀٽڪي ٿَڪجي پياسي،
سُور بڻائي سازَ اسان پوءِ، گهايل گهايل گيتَ
چياسي.
سچُ سمائي جڏهن اسانجا، گُونجيا گهرَ گهرَ گيتَ،
تڏهن اسانجي جيتَ آ سائين!، تڏهن اسانجي جيتَ.
گيتَ اَمر سي جن ۾ آهي “اَناالحق“ آوازُ،
سرمدَ واري سوچَ آ، جنهن ۾ آزادي جو سازُ.
مُنهنجي جيءَ جا جذبا جنهن پَر، اُٿلون ڏيندا آهن،
گُلڙن جهڙ گيتُ ذهن تي، سِرجي ايندا آهن.
*
لائي توڙ نِڀائن جيڪي، سي ئي مُڙسَ مهان،
صدقو تن تان ساهُه اسانجو، تن تان گهوري جان.
پيارُ ڪرڻ وارا ٿا پَهرن، پِيڙا جي پوشاڪَ،
پرينءَ جي دَرَ جي خاڪَ ٿا سمجهن، ٿَڌڙي مِٺڙي
ماڪَ.
ديپُ جلِي جيئن اَنڌيارن کي، روشنيون بخشيندو آهي،
شاعرُ ڀي تيئن جيءُ جلائي، گيتَ گُلابي ڏيندو آهي.
گُل! ڪنهين کي سڀ ڪُجهه سمجهيم تون ڀي پريت لڳاءِ،
سيني ۾ ڪو هَلڪو هَلڪو، مِٺڙو سُور سماءِ.
توکي ساري نيڻَ اسان جا، بادلَ وانگي بَرسيا ها،
هلندي هلندي تُنهنجي دَرَ تي، خيالَ اسان جا
تَرسيا ها.
*
تُنهنجي چهري جي آکاڻي، جنهن پرِ نيڻَ پڙهنِ،
تنهن پر سِڪَ سمونڊَ ۾ ڪيئي، وِيرون يارَ!، چڙهن.
خالي کوکي جهڙا ماڻهو، بندِ سڀن جي دل جا دَرَ،
ميڪ- اَپ جي تَهه هيٺان چهرا، ڊِٺل شهرَ جا کنڊرَ.
دِل دنيا جي اونداهيُن ۾ ڪين چڙهي ٿو چنڊُ،
جذبا پنهنجا اَن- ڪَڻا هِن، جيونُ جيئن ڪو جنڊُ.
پوپٽَ جهڙا ماڻهو، تن جو پارسَ جهڙو پيار،
سِڪَ تنين جي سِيني ۾ آ، هر دم تارؤن تار.
باکَ ڦُٽڻ سان ڦِٽي ويندو، اونداهيُن جو کيلُ،
ڪين ڪڏهن ڪو جوڙي سگهندو، جذبن ڪارِڻ جيلُ.
*
آءٌ ائين ٿي ويندس دلَبر!، ٿيندي توکان ڌارَ،
شيءِ کَسجڻ تي روئي ڏينِ جيئن، کِلندي کِلندي
ٻارَ.
ديپُ ته ڪوئي ناهيان مان، پر آهيان مان ٽانڊاڻو،
تيزَ هوائن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهن ڪين اُجهاڻو.
هيڊو رَتُ ڇڏايلُ جيونُ، پل پل جنهن ۾ اُلڪا،
ماڻُهنِ جي ٽَهڪن مان ٻُڌجنِ، جِهيڻا جِهيڻا
سُڏڪا.
*
غَمَ اوهان جا ۽ دنيا جا، کڻي گُهمون ٿا جيئن،
ايڏا بارَ کڻي پوءِ ڪوئي، جِيئرو رهندو ڪيئن؟
ڏِٺي نه جنهن کي سِڪَ لهندي هئي، ڏينهنَ ۾ ڏَهه
ڏَهه ڀيرا،
ڏيڍُ سالُ ٿيو ملي اُنهيءَ سان، وقتَ وقتَ جا
ڦيرا.
آهي جتان اُڇلايو ويو، جهوپن تي پٿرُ،
ڪيئن ڀلا پوءِ بچندو هاڻي، شِيشي جو سوگهُر؟
ڏينهنَ جي پُوڄاريُن تي ڇانيو، ڪاريءَ راتِ جو
ڊَپُ،
شهر جا ڏاها ڀي چُپ آهن، چُري نه ڪنهنجو چَپُ.
لَڏي ويا سي جوڳي، جيڪي پڪڙيندا ها نانگَ،
هاڻي سارو ڳوٺُ هِراسيلُ، اوطاقون ڀڙڀانگَ.
گُل ته آهي پاڳل ماڻهو، پاڇولي کي ڳولي ٿو،
هر دم ٽَهڪن ٽِڙندڙ، پنهنجيءَ هستيءَ کي پيو رولي
ٿو.
*
سالَ برابر لڳندي آهي، توبِن هڪ گهڙي،
ڪيئن گُذاري سگهبا جاني!، ڏهَه هاڙا هي.
ٽِن ڏينهنِ کان مليو نه آهين، آهي مَنُ اُداس،
چوڏهينءَ چنڊ اَمبر تي آهي، ڀانيان پوءِ به اُماس.
ساڀيائُن کي ساري ساري، ڏَرا ڏئي ويا نيڻَ،
ڪلهه به سپنا سيڻ اکيُن جا، اَڄ به سپنا سيڻَ.
شيؤ وڌائي، ڪپڙا ڦاڙي، بَنَ ڏي نِڪري وڃجي،
دل چاهي ٿي اڄڪلهه پنهنجي، پاڻ کان وِسري وڃجي.
سوايون
ڪو نئون خوابُ ٿي لڳي مون کي
زندگي ٿي وري ٺڳي مون کي
*
ڳالهِه ڪائي به ڪَڙي لَهجي جي
مُنهن تي آ، چماٽَ وانگي لڳي
*
اختلافن ۽ حادثن کان مان
ڪيستائين ڀلا بچي ٿو سگهان؟
*
ماڻهو جيڪي قرارُ چاهن ٿا
زندگيءَ کان فرارُ چاهن ٿا
*
ڪي نوان ئي عذابَ آڻيندي
ننڊَ ايندي ته خوابَ آڻيندي
وقتُ، دَردن جو قافلو هڪڙو
آَسَ، سُکَ جا سرابَ آڻيندي
*
پنهنجو پاڇو به پاڻَ کان آ پري
ڪيڏيون مُشڪل اسان جون راهُون هِن!
دردَ دل سان ڇڏياسي ويڙهي ائين
ڪنڌ ۾ ڄڻ پرينءَ جون ٻانهون هِن
*
مُنهنجي بڻجي وئي ڪمزوري آ
هڪ ڇوري جا پاڻَ زوري آ
*
اُها گهڙي به حياتيءَ ۾ هيلَ آئي آ
هُجوم ۾ ٿا رهُون، پوءِ به هيڪلائي آ
*
هرڪو ماڻهو ڏُک ڏيندو ٿو وڃي
مون کي ڄڻ ڪائي خوشي گُهرجي نٿي
*
مُنهنجي دل جا دروازا کَڙڪائڻ بند ڪري ڇڏِ
هاڻي ڪُوڙين ڳالهين سان، پِرڀائڻ بند ڪري ڇڏِ
*
هاڻي جي ڪنهن موڙَ تي گڏبو
ڏِسي ڪري مُنهن ڦيري ڇڏبو
*
تون نه ملندينءَ اُداس ٿي ويندُس
مان جيئڻ مان نِراس ٿي ويندُس
*
جاڳَ هوندي به خوابَ ۾ آهيون
دوستؤ! بس عذابَ ۾ آهيون
*
تون ۽ مان باوفا رهياسي پرين!
بيوفا ٿي ويون مگر راهون
*
زهر ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ چاهي
هو گهڻو وقت ٿو جيئڻ چاهي
*
ڪنهن وڏي ويلَ ۾ وَرتل آهيان
توکي هر حال ۾ پرتل آهيان
*
اوهان جي ياد کي سانڍيو اچون ٿا
غَمن کي ڪاڄَ تي ڪانڍيو اچون ٿا
*
* سوايون: شاعريءَ ۾ ڪنهن نئين صنف جو واڌارو نه
آهي، اڻپورن غزلن جي بندن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ
لاءِ ”سوايون“ جو نالو ڏئي، هتي شامل ڪيو ويو آهي. |