سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :13

 

نيم پليٽ[1]

 

دوستَ هڪ هڪ ڪري سارا ئي ڇڏي ويا آهن

دل جون ڳالهيون ويون دِل ۾ گُهٽجي

مُنهنجا جذبا، قبرستانَ جي قبرُن تي رکيل

تيلَ- ڏِيئَن جيان اُجهامي ويا هِن

 

ڪيترو آهيان ڊِنل، ڪيترو اُجڙيل ٿو لڳان

ڏينهن ٿيا دَرَ تي ڪو کڙڪو ناهي

(ايئن محسوس ٿو ٿئي، دَرَ ۾ ڪَڙوئي ناهي!)

 

کوکِلا ٽهڪ ڏئي، ڏينهنُ سڄو گهاريو ٿَم

هاڻي پويون آ، پهرُ رات جو ۽ مان آهيان

مُنهن وِهاڻي ۾ وجهي، سُڏڪي رهيو آهيان ۽

ٻاهر دَرَ تي هوءَ کِلي پئي مون تي

 

نانءَ مُنهنجي جي ئي نيم- پليٽ!

*


 

لوڪ ڪهاڻي

 

ڏينهن ٿيا جو

سونهنَ- نگر جي شهزاديءَ

”آزاديءَ“ کي

ڪوهَه قافَ جي وحشي، ڪاري، ڪاڻي ديوَ

کڻي وڃي، آ قيد ڪيو

 

سونهنَ- نگرَ جو راجا، راڄُ

ڏاڍو آ حيران، پريشان

هُت شهزاديءَ ”آزاديءَ“ جو ڀي

ڄڻ ته رهي ٿو مُٺِ ۾ ساهُه

روزُ جيئي ٿي، روزُ مري ٿي

 

جنهن جي کِلڻ سان گُلَ ٽِڙيا ٿي

ڳوڙها ئي تَنهن جا مهمانَ

سونهنَ- نگرَ جا هڙَ شهزادا، جُنگ جوانَ

ڪاڻي ديوَ جي قيدَ منجهاران

کيس ڇڏائڻ جيئن ويا هِن، وريا ناهن

راهُن ۾ ئي ڪاڻي ديوَ جي جادوءَ هيٺ

هو هڙئي هٿيارن سوڌا

پنڊ پَهڻ ٿي سڀ ويا هن

 

تنهن کي ڪي ئي سال ٿيا هِن

 

ڪاڻي ديوَ جي قيدي، شهزادي ”آزاديءَ“ جي

نيڻن ۾ هيءَ آسَ اَڃا ڀي

ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم ڏيئي وانگي جَلي پئي:

 

”ڪوئي ته ايندو، ڪوئي ته ايندو،

جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو،

جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو!!“

*

 

وولڪينو[2]

 

هاڻي مُنهنجو خير نه آهي!

 

شهرَ جي هڪڙي ڀريل چؤنڪَ تي

هُن، مُنهنجي نِڙ- گهُٽَ تي نَنُهن ڏئي

حُڪم ڪيو هو:

 

”ڏينهنَ ڏِٺي کي راتِ چوڻ جو،

ڪاريءَ راتِ کي ڏينهنَ مڃڻ جو“

 

مون چاهيو پئي:

”ها“ ڪيان جو، (نِڙگهُٽَ مُنهنجي تي نَنهُن هو)

پر واتان هي نِڪري ويو آ

”ائين ته ناهي، ائين ته ناهي“

هاڻي منهنجو خيرُ نه آهي!

 

پر ايئن ناهي، پر ايئن ناهي

هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!

ڇو ته اسان جي چئني پاسي

ميڙُ ڪري بيٺلَ ماڻهن مان

هرڪو ماڻهو سمجهي ويو آ

ڪُوڙو ڪيرُ ۽ دوکو ڇاهي؟

هو ماڻهو ڇا ڇا ٿو چاهي

هرڪو ماڻهو سمجهي ويو آ

ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي اک ٽانڊو

ٿيڻ لڳي آ

ٻانهنَ ٻانهنَ ۾ چُرپُر آهي!

 

هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!

هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!!

*

 

تَئي جي پُٺِ

 

مان اَڄُ جي تاريخَ لِکان ٿو!

 

”شهرَ سڄي ۾ ڪيڏو سُک آ

ڪيڏو آهي سُڪون!

همتَ جي ڪا کوٽِ نه آهي

ڪنهن به دل ۾ خوفُ نه آهي

ٻڪري، شينهُن ٿا، هڪڙي گهاٽَ تان اُڃَ اُجهائِن

هوندي وارا اَڻهوندَن کي سيني لائنِ

 

ڪنهن به پيٽَ سان هاڻي ٻَڌل ڪو پَهڻ نه آهي

ڪنهن به اکِ مان لُڙڪنِ جو ۽ وهڻ نه آهي

ڪوُڙ هيو جو، تنهن کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو

سچايُن سان آهي وعدو پاڙيو ويو

سچُ رهي ٿو، سَرهو هاڻي سوڀَ کِٽي

دوکي ۽ دولابَ جي آهي پاڙَ پٽي

شهَر سندم جو ڏيـهَنِ ۾ آ نالو ٿيو

شهرُ اُمُن جو آهي ڄڻ حوالو ٿيو

هر ڪنهن گهرَ ۾، سُک ۽ چينَ جو ديپُ ٻري

اهڙو بهتر حالُ ڏِسي ٿو هانءُ ٺَري.“

مون اڄُ جي تاريخَ لِکي آ

 

ڪيڏي مُنهنجي دِيدَ تِکي آ

پر سُڀان جا سڀ لَوڪو!

ڄاڻي وٺجو

مون جيڪي ڀي اڄ لکيو آ

ڪُوڙ لِکيو آ!

نَنهن کان چوٽيءَ تائين ڪُوڙ

 

سڀ ڪجهه اِن جي اُبتڙ آهي!

*


 

ڊهندڙ ماڻهو

صديُن کان وڃي پيو ساڳيو سازُ

سازُ بيڪار، بي سُرو آوازُ

 

زندگي آهي ڏاندَ گاڏيءَ جيان

۽ دُکن جو مٿانسِ بارُ سَٿيل

پاڻَ، بيمار، ڏُٻري ڏاندَ جيان

نَڪَ ۾ بيوسيءَ جي نَٿَ پيل

زندگانيءَ جي ڏاندَ گاڏيءَ ۾

ڄائي ڄَم کان ڍُڪايلَ آهيون اسين

ڪنهن اَڻ ڄاتي ماڳَ طرف

دردَ جي ڊاٻَ ۾

گِهلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا

هلندا هلون

 

۽ گهِلجڻ سان پيو ٿو پئدا ٿئي

سازُ بيڪار، بي سُرو آوازُ.

*


 

اڻانگو سفر

پکيئڙا!

جڏهن آهين اُڏرڻ سِکيو

۽ اُڏامين پيو

تڏهن ساهَه پنهنجي جو سانگو نه ڪرِ

اهو آهه ممڪن ته ڪنهن ڀي پهر

ڪنهن ظالم هٿنِ ۾ جهليل

ڪنهن غُليليءَ منجهان ڪو غُليلو اچي

اُڏامڻ ۾ توکي لڳي

ڦَٽَ ڏيئي وجهي

(تڏهن تون ڪِري ۽ مَرِي به سگهين ٿو!)

يا اَڻڄاڻ، بيڏوهي ڦاسِي پوين تون

ڪنهن ماريءَ جي چالاڪ چَنبن اندر

۽ راتيون گذارين ڪنهن پِڃري اندر

جي گهٻرائين، پَڇتائين پيارا پکيئڙا!

”ته اڳ ۾ ئي جيڪر اُڏامان نه ها“

(ته ڪانئرُ ۽ ڏوهي تون سَڏبين، سڄي ساٿَ ۾)

اُڏامَڻ جو ڏاڍو اڻانگو سفر

ڪڏهن، ڪجهه ڀي ٿي ٿو سگهي، ڪنهن پَهر

فضا ۾ اُڏامڻ سِکيو آن اگر

۽ پيارا پکيئڙا، اُڏامين پيو

تڏهن ساهَه پنهنجي جو سانگو نه ڪر!

*

 

ڄاڻ سڃاڻ

دنيا وارؤ!

سڀ سمجهان ٿو،

مون سان ڪيڏو پيارُ ڪيو ٿا!

ڏَڍُ ته ڏيو ٿا، پر وَڍَ ڏيئي

مُنهنجي خاطر

هٿ کڻو ٿا، دُعا پِنو ٿا

جيئڻ بدران، روز مَرڻ جي

سڀ سمجهان ٿو!

سڀ سمجهان ٿو!

 

ڌَر تَتيءَ ۾ لَڀندا ناهيو

ڇانوَ ٿيو ٿا پر سانجهيءَ جو

پنهنجو پيارُ ڏيکارڻ خاطر

کيرُ ته ڏيو ٿا، پر اَڪَ جو

 

دنيا وارؤ!

سڀ سمجهان ٿو

سڀ سمجهان ٿو

مون سان ڪيڏو پيارُ ڪيو ٿا!!!

*

 

توڏانهن......

 

مون کي آهن اکيون ڏِسڻ لاءِ

ڄِڀَ ڪُڇڻ لاءِ

ڪَنَ ٻُڌڻ لاءِ

هٿَ لکڻ لاءِ

 

تون چاهين ٿو، تُنهنجو ويٺو ڏاڍُ سَهان

گهَر گهَر ڀَنڀٽ باهِه ڏِسان

چُپ رهان ۽ ڪين ڪُڇان

”ديسَ سڄي تي ڌاڙا ڇو؟“

توکان ڪين سوالُ پُڇان

 

روحَ روحَ مان راڙِ ٻُڌان

سانتِ سَڳي سان چَپَ سِبي

اندرَ اندرَ ۾ پيو لُڇان

پنهنجو قلم ڀَڃي ڇڏيان

ڪجهه ڀي ڪين لِکان

لِکان ڀي جي آءٌ تڏهن، تُنهنجا گيتَ لِکان

تُنهنجيءَ ڪُوڙيءَ شهرتَ جا، ڪوڙَين ڪوٽَ اَڏيان

 

پر هي سڀ ڪجهه، مون کان ڪڏهين ٿيندو ڪونه

آءٌ سدائين لِکندو رهندس

ڏِسندو، ٻُڌندو، چوندو رهندس

آءٌ لِکڻ لاءِ قَلم جي کڻندس

تُنهنجو ڪُوڙ تڏهن ڦيرائي، تُنهنجي مُنهن ۾ هڻندس

 

ڇاڪاڻ ته

مون کي آهن اکيون ڏِسڻ لاءِ

ڄِڀَ ڪُڇڻ لاءِ

ڪَنَ ٻُڌڻ لاءِ

هٿَ لِکڻ لاءِ.

*

 


 

آواز ئي آواز

ماٺِ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي

ماٺِ ڪرائڻ وارا!

تون جي مون تي

(ماٺِ ڪرائڻ ڪارڻ)

سوٽَن جو ڪو سَٽڪو لائين

تَنهن سان ڀي آواز ٿئي

۽ جي ڌَڪَ لڳڻ تي ڪُڻڪان

۽ جي ڪائي دانهنَ ڪيان ٿو

تنهن سان ڀي ٿي ماٺِ ٽُٽي

۽ جي ٿو زنجيرَ وجهين

سي ڀي ٿا جَهنڪارون ڪَنِ

مَنڊُ ماٺِ جو ٿا ٽوڙنِ

سونهنَ، سُڳنڌ ۽ سچُ جتي

جَرڪيل جذبا جتي، اُتي

ماٺِ، ڪرائڻ وارا!

ماٺِ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي

ماٺِ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي!!

*


 

رُت بدل

هلڪو هلڪو راتِ ساري

مينهُن وَٺو

وڻ، جايون ڌوپِجي اُجرا ٿيا

چنڊَ جيان چمڪي پيا

صبح سان ڪنهن چيو پئي:

”مُندَ بدلي آ، بهاريون ٿي ويون“

سوچيو مون:

”پر اَڃا ڀي

مَنَ ماڻُهن جا پرين!

ڌوپِجي ۽ ڪين اُجرا ٿي سگهيا

ساڳي ڪارنهِن قَلب تي قائم رهي

ڪُوڙ جي ڪوٽَن جون ڪِنگريون

ڪَرَ کنيو بيٺيون رهيون

سي مٿانهينءَ کان ٽُٽِي

پَٽِ ڪاٿي هِن پيون؟

پوءِ چوين ٿو ڪيئن تون!

رُتِ بدلي آ، بَهاريون ٿي ويون“

رُتِ بَدلي ڪين آ!

رُتِ بدلي ڪين آهي!!

*

 

هٿ ٺوڪي نفرت

 

دوستَ!

 

ڀلي جي مون سان تون

پيارُ نه ڪرِ، نفرتَ ڪر

(جيئن گورنِ جي ڪارن سان-

غلط سلط، هٿ ٺوڪي نفرتَ)

 

مان ڄاڻان ٿو، پيارَ سندم جو

بُکَ وِگهي رُئندڙ ڪنهن ننڍڙي

معصوم ’نيگرو‘ ٻالڪَ جي

اوندهِه جهڙي ڳلَ تان ڳڙندڙَ

گرم، ڪَساري ڳوڙهي جيان

(جهولَ نه ڪائي جهلبي جنهن لئه-

مِٽيءَ ۾ جنهن کي مِلڻو آ)

 

ڪوئي ويليو (Value)[3] ڪونهي

مان ڄاڻان ٿو،

پيارَ سندم جو.

 

سچ

 

دل چاهي ته

ڪنهن به ويلي

ڏِسي سگهان ٿو

تُنهنجي مُک تي

سجَ لهڻ جو

ڏيکُ

 

بس هڪڙو ڀيرو

حرڪت واري مُرڪَ

چپن تي آڻي

توکي،

ڀڃڻي پوندي

اکِ.

*

 

جنم- واڌايون

صرف هڪ جُملو چوڻ چاهيان ٿو

ڪي گهڻيون ڳالهيون ته ناهِن چَوڻيون

دردَ ۽ دوستَ!

اُداسين جو ذڪر ڪرڻو نه آ

ڪي ميارون، نه شڪايتَ ڪائي

تو سان ڪرڻي آ، نه ٻُڌڻي آهي

تُنهنجو هٿُ ڀي نٿو چاهيان پڪڙڻُ

نه سندءِ خيالَ ٿو چاهيان جڪڙڻُ

مان اَڪيلائيءَ جي درياهَه اندر

ٿو وڃان ٻُڏندو مگر پوءِ ڀي

تُنهنجي ڳالهيُن جو سهارو ته نه ٿو

توکان گهُران!

تون مگر ايڏو پري، ايڏو پري

ڇو آهين؟

مُنهنجو هڪ جُملو به ڇو ڪين

ٻُڌڻ ٿي چاهين؟

ڪي گهڻيون ڳالهيون ته ناهن چَوڻيون

صرف هڪ جملو ته چوڻو آهي:

”جنم- ڏينهنَ جون مبارڪون توکي!،

*

 

هوم ورڪ[4]

 

مون کي هيٺين سان اَچو، جوڙَ، ونڊَ، ڪَٽَ ضَرب ڪيو:

 

مان + نفرتون سنسارَ جون = ... ... ... ...!

مان – اَذيتون ويچارَ جون = ... ... ... ...!!

مان ÷ محبتون واپارَ جون = ... ... ... ...؟

مان x بي وفايون يارَ جون = ... ... ... ...؟؟

 

سراسري پاڇِي بچي:

= ڳالهيون سِڪَ ۽ پيارَ جون.

*


 

خوشي

ڪنهن چيو هو ته:

”هُوءَ هتان لنگهندي“

۽ انهيءَ موڙَ تي مان

ڪيترا سالَ ائين بيٺو رهيس

جو سڄو انتظارُ بڻجي ويس

ٻئي اکيون، ديپَ هُن جي راهُن جا

۽ خيالنِ جون سڀ مُندون

هُن جون

ڪالهَه پر، هُوءَ جڏهن هِتان گُذري

اوپرائپَ هيس نِگاهُن ۾

هڪ گهڙي ڀي نه تَرسي

مُنهنجي لاءِ

”مان ته توکي نٿي سُڃاڻان!“

چئي،

سڀ مُندون، سڀ خيالَ

مون کان کَسي

هوءَ هوا وانگي آئي

گُذري وئي!

*


 


[1] . نالي واري تختي:Name Plate

[2] . ٻرندڙ جبل: Volcano

[3] .مُلهه: Value

[4] . گهرو ڪم: Home Work

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org