اداڪار
تون سدا مونکي ”اَداڪار“ سڏيندي آهين
”ڊائلاگن“ جو ڏئي نانءُ ۽ مُنهنجا جذبا
روزُ ماريندي، جيئاريندي آهين
مون نه توکان جي ڪوئي زخم لِڪايو آهي
جيڪي ڪُجهه ڀي آهي ڀوڳيو سو
ٻُڌايو آهي
مون نَڪو ڪُوڙ ڪيو آهي ڪڏهن ڀي توسان
جيڪي اندر ۾ هُجي، چهري تي سو ظاهر ڪيو آ
دَردَ دل ۾ ئي دٻائي دِل جا
ڪين ڪو ٽهڪُ لڳايو آ، جي
ان جو مقصد ڪو ائين ناهي ته مان
توکان همدرديون حاصل ٿو ڪرڻ چاهيان ڪي،
۽ مُنهنجو پيارُ فِلرٽ آهي، اَداڪاري آ
ائين ناهي، ائين ناهي سانئڻ!
هڪ شاعرَ وٽ لفظن کان سواءِ ڇا ٿو ٿئي؟
عام ماڻهو به ته لفظنِ جو سهارو ٿا وٺن
مون جي ورتو آهي ته ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟
تون مگر تِن کي سڏي ڊائيلاگَ
مُنهنجي جذبن ۽ منهنجي پيارَ جي
توهين نه ڪر.
تو جي پنهنجي مٿان هڪ خول ڇڏيو چاڙهي آ
ان جو مقصد ڪو ائين ناهي ته:
هر سچو پيارُ، ”اداڪاري“ ۽
هر سچو پيار ڪرڻ وارو، ”اَداڪار“ ٿو ٿئي!.
*
تنهنجي جنم ڏينهن تي
ڏُور
نيڻَ- نِهارن کان به ڏُور
روشنيُن جي شهرَ وچ ۾ ڪٿي
ڪنهن جڳمڳ جڳمڳ گهرَ ۾
ٺيڪ هن وقت سَنجها جي ويلي
هڙئي رنگَ گُلابن جا
سجائي مُکَ تي
پنهنجي پيارنِ جي ننڍڙي ميڙَ ۾ تون
ڍنڍَ ۾ نيلَ- ڪنولَ وانگي ڀاسندي هوندينءَ
۽ جڏهن ساريون وِسائي شَمعون
”بَرٿ ڊي ڪيڪُ“ ڪَٽيو هوندءِ تڏهن
جاڳي پيا هوندا چؤ طرف، اُن پل
”هيپي بَرٿ ڊي ٽو يُو“ جا آوازَ
ٺيڪ اُن وقت سَنجها ويلي مان
(مان جو تو ساڻُ حياتي ٿو گُذارڻ چاهيان
پر جنم- ڏينهنُ به تنهنجو توسان-
ڪين آهيان جو گُذاري سگهيو)
مان اهو ساڳيو مان
پنهنجي ڪمري جي قبَرَ ۾ پُوريل
تُنهنجي يادُن جي سحَر ۾ جَڪڙيل
شهرَ تُنهنجي ڏي مُنهن ڪري ٿو چوان:
”هيپي بَرٿ ڊي ٽو يُو او فرينڊ!
هيپي بَرٿ ڊي ٽو يُو او فرينڊ!!.“
*
سپنو ۽ ساڀيا
چوندي هئينءَ:
”ڏُکَ سُکَ ته ايندا ئي رهندا هِن
ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهِه تي گهٻرائبو ناهي
روئڻَ سان ڪهڙو مسئلو حل ٿيندو؟
دِل وڏي ڪرِ
ٺيڪ ٿي ويندو سڀ ڪجهه ئي.“
۽ راتِ جڏهن
ڊاڪٽر ڏَسي ويو آهي:
”مسٽر!
تُنهنجي دِل وڏي ٿي وئي آهي.“
ته روئين ڇو ٿي؟
گهٻرائين ڇو ٿي؟
*
اوسيئڙو
مان اُنهيءَ ڏينهن جي
اوسيئڙي ۾ آهيان سانئڻ!
شهرَ تُنهنجي جا، جڏهن سڀ ماڻهو
گُلَ هٿن مان رکي پٿرَ کڻندا
جن جي اکڙُين جي جڳهَه چهري تي
هوندا چڻ ڪي به سجايَلَ ٽانڊا
جن مان اُلري ڪي اُلا نفرتَ جا
مُنهنجي جذبن کي ڪندا
رکَ، ساڙي.
مان انهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾
آهيان سانئڻ!
تُنهنجي گهرَ جيان، تُنهنجي دِل جا مون تي،
سڀ دروازا جڏهن بندِ ٿيندا
مون تي هڪ اوپري نِگاهَه وجهي
راهَه ۾ گڏجي تون گُذري ويندينءَ
۽ انهيءَ پل ئي، انهي راهَه مٿان
مان سندم پيارَ ۽ ويساهَه جا
وِکريلَ موتي
ميڙيندي ميڙيندي
راهَه جي ڌوڙ ۾ گُم ٿي ويندس.
مان اُنهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾
آهيان سانئڻ!
*
درخواست
منهنجي سانئڻ!
سچ چوانءِ
ڪاوڙ ۾ تون بلڪل ئي سُهڻي لڳندي ناهين!
اُهي ٻيا ڪي چهرا هوندا
جن تي ڪاوڙِ ٺهندي آهي
تُنهنجو چهرو تن مان ناهي
تون ته سدائين
کِلندي/ٽِڙندي
ٺهندي آهين/ وڻندي آهين
تُنهنجي ڳلن ۾ ٽَهڪَ ڏيڻ تي
جيڪي چُگَهه پون ٿا
تن ۾ مُنهنجا خيال پيا
ٻُڏنِ تَرن ٿا، تَرن ٻُڏِن ٿا
تڏهن ته سانئڻ!
تو جهڙا ڪي سُهڻا سُهڻا
شعرَ جُڙن ٿا
مُنهنجي سانئڻ!
سچ چوانءِ؟
ڪاوڙ ۾ تون بلڪل ئي سهڻي لڳندي ناهين
تون ته سدائين کِلندي ڪرِ
ٽهڪَ ڏئي پئي ٽِڙندي ڪرِ!
*
لاڳاپو
روزُ ڪلاسَ ۾
قومن جي لاڳاپَن کي
پڙهندا آهيون
مان ۽ مُنهنجا هَم- ڪلاسي.
قومُون ڪيئن ٿيون جوڙن، ٽوڙنِ
پنهنجي وِچَ ۾ لاڳاپا!
ساري جڳَ جي ڳانڍاپي جي
ڄاڻَ اَسانکي
حيرتَ آ، پر
مُنهنجي ڀَرِ ۾ ويٺل مُنهنجي هَم- ڪلاسڻِ
مُنهنجو نانءُ به ڪين ٿي ڄاڻي
لاڳاپو ته پري رهيو!!
*
اسٽوڊنٽ لائيف
ڪاري رنگَ سان ٿَڦيلَ هڪ ديوارَ تي
چار مطالبا ۽ بس:
”......جا رسٽيڪيشن آرڊرَ واپس وٺو“
”ساٿيءَ...... جي گرفتاريءَ جا وارنٽَ رَد ڪيو“
”محترم...... کي آزاد ڪيو“
”شهيد...... جي قاتلن کي گرفتار ڪيو“
آخري مطالبو!!
*
ڊائري
وحشتُن ۾
ڏُکن ۾
ڪاوڙِ ۾
توکي چاهيو هيم، چَوڻ جيڪي
۽ چَئِي جو سگهيس نه
چاهيندي
اُهو سڀ ڪُجهه، ذَرو ذَرو ئي هُن
تُنهنجي بدران
ٻُڌو، سَٺو آهي.
*
مصلحت خداوندي
چوندا آهن:
ديوارُن کي ڪَنَ ٿين ٿا
پر اِهو به چڱو ٿيو جو
ديوارُن کي ناهي زِبانَ!
نه ته، ته جيڪر ڪيئي رازَ اُگهاڙا ٿين ها
ڪي ئي قِصا، اونداهُين جو سِينو چِيري
عام ٿين ها.
خولَ شرافتَ جا چهرن تان
لهي وڃن ها
۽ هيٺان جي ظاهر ٿين ها
چَهرا، ڪيڏا چَهڪَ ڏين ها!؟
ڪيئي سونا لڳندڙَ ماڻهو
رولڊ- گولڊ جا ثابت ٿين ها
سپنا، پنهنجي ساڀيائنُ تي
روئي ڏين ها،
ويساهُنِ جي وِکرڻ تي سڀ
سُندر سوچون وِههُ پيئن ها
(جاڙَ جيئن ها، جي جيئن ها!)
چڱو ٿيو جو
ديوارُنِ کي ناهي زِبانَ.
*
سوالَ جي ديوارَ
ڪُجهه ڪجي، ڪُجهه نه ڪجي
جي وِچَ ۾
جسمُ سارو ٽِياسَ تي ٽَنگيل
هر گهڙيءَ جي هٿنِ ۾ آ پٿرُ
راهَه آهي جو ڪا سُجهي ئي نٿي
اَجنبي شهرَ ۾ مُسافر ڄڻ
هر طرف آ سوالَ جي ديوارَ:
سُور سَهجن ته ڪنهن جي خاطر، ڇو؟
گيتَ سَرجنِ ته ڪنهنجي خاطر، ڇو؟
ڇا ڪجي، ڇا نه ڪجي جي وِچَ ۾
راتِ ناهي تڏهن به راتِ لڳي
جيتَ توڙي تڏهن به ماتِ لڳي
ڄڻ اُداسيءَ جي آهي ڪا موسم
زندگي ڪربلا، سدا ماتم
مُنهن تي هيڊَ جا گُهمايل هٿَ
هٿَ- لَڪيرون اڀاڳَ ۾ وِهنتلَ
دردَ آهن جو هر طرف ڦهليلَ
ڇو ڪجي، ڇو نه ڪجي جي وِچَ ۾
هڪڙو چهرو اڃا جو آ پيارو
راتِ ڪاريءَ ۾ ذَهنَ جي اُڀَ تي
پرهَه جو ڄڻ ته هيکلو تازو
خيالَ جاڳائي ٿو جيئڻ جي لاءِ
۽ وري نئون زهرُ پيئڻ جي لاءِ
*
وعدي خلافي
هڪڙو وعدو جو ڪيو
تون ۽ مان
روزُ هر راتِ سمُهڻ کان اڳ ۾
هڪٻئي جي ڪري
گهرَ ڏي مُنهن
دوستَ!
چونداسين ”خدا حافظ“، سو
تون به هر راتِ ائين ڪيو آهي
مون به هر راتِ ائين ڪيو آهي
معاف مونکي ڪجانءِ دوستَ!، مگر
راتِ وعدي خلافي ٿي ويئي
روئندي راتِ ئي لنگهي ويئي.
*
سوچيندو آهيان
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
مان اهڙو بي ڏوهي جنهن تي
ڏوهي ڪوٺي
ڏوهَه مڙهيا ويا آهن ڪيئي
رشتا ناتا جهڙا پاڇا
راتِ ٿيڻ تي ساٿُ ڇڏي ويا
نيٺ سڀيئي!
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
تُنهنجي مُنهنجي گهرَ جي وِچَ ۾
آهي هڪڙي،
دُشمن ملڪنِ جي وِچَ واري
حدَ- لڪيرَ
جنهن کي تو، مان نانءُ ڏنو آهي
تقدير!
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
ڳالهيون سڀ اجايون ڳالهيون
سپنا سڀ اجايا سپنا
تنهنجو پيارُ اَجايو سپنو
قول قرار اَجايو سپنو
جو ڪجهه ڀي مون سوچيو هو سو
سڀ وهنوار اَجايو سپنو
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:
۽ پوءِ
چُپ ٿي ويندو آهيان!
*
خودڪشي
پنهنجي گيتن جيان
پنهنجي غزلن جيان
جنهن کي چاهيو هئم
هُو لُڙڪنِ ڀريلَ زندگيءَ ۾ هيو
ٽِڙيل ٽَهڪُ ڪو
سڏُ هو مُنهنجو، جيڪو پڙاڏو هيو
آسَ هو جيڪو ۽ ڄڻ دلاسو هيو
پنهنجي سپنن کي جنهن سان
سجايو هئم
جنهن کي ڳايو هئم
پنهنجي گيتن جيان
پنهنجي غزلن جيان
حالتُن اڄ ائين آهي ٽوڙي ڇڏيو
مُنهنجي سوچُن جي ڌارا کي موڙي ڇڏيو
جو اُنهيءَ کي به دل تان وِساري ڇڏيم
پاڻ کي پاڻُ ئي ڄڻ ته ماري ڇڏيم!
*
ڊيٽ ايڪسپائرڊ لوَ[1]
مُنهنجي جيونَ مان رَسُ ڪڍي، چَسُ ڪڍي
ٻُڪَ جي سِيرَ مان، پاڻيءَ جيان وئي هئينءَ نِڪري
پيارُ تُنهنجي جي مون کي، ڪيڏي ضرورتَ هئي تڏهن
ڪوبه اِحساس، ڪوئي قياسُ نه ٿيو هو توکي
تو بعد ڪيڏو ويو هئس وِکري
ڪيڏي غَمناڪ ۽ گُمنام حياتي گهاريم
ڪيترا زخمَ مِليا، ڪيڏو نه بدنام ٿيس!
هاڻي هر زخمُ، هر هڪ غَمُ ڀلائي جڏهن
زندگي پيارَ سواءِ گهارڻ جو
ڍنگُ آهيان مان سِکيو، تون تڏهن
پنهنجي ماضيءَ جي مُحبت جا حوالا ڳولي
مُنهنجي جيونَ ۾ موٽَڻ ٿي گُهرين
پر سانئڻ!
پنهنجو هيءُ پيارُ کڻي واپس وَڃُ
ڪابه همدردي، ڪوئي پيارُ نه گُهرجي مون کي
هاڻي ڪوئي جي مِليو پيارُ مري ويندُسِ ۽
ڪنهن طرح آءٌ مري وڃڻ لئه،
راضي ناهيان!
*
|