سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :14

 

 گيت

 

 

اياز گلَ، پنهنجي شاعريءَ سان پُراڻي نسل جي شاعرن جي لڄَ رکي آهي.

 

ــــــــ آغا سليم

 

 

*

تون ساڻُ آن ته پيارا!

هر پل بهار آهي

توسان ئي پيار آهي

خوشبو کِلڻ آ تُنهنجو

مُرڪڻ ملهار آهي

توسان ئي پيار آهي

ويندين ته سُڃَ ٿيندي

ايندين سُڪار آهي

توسان ئي پيار آهي

گُل گُل ٽِڙي پيو آ

پَنَ پَنَ پُڪار آهي

توسان ئي پيار آهي

تون ساڻُ آن ته پيارا!

هر پل بهار آهي

توسان ئي پيار آهي

 

*

هڪ گيتُ لکڻ سان تُنهنجي

واکاڻِ نه ٿي سگهندي

پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

جا تُنهنجي آ، ٽَهڪنِ ۾

سا ڪڏهين گُلڙنِ ۾

سُرهاڻِ نه ٿي سگهندي

پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

جيئن پريتِ لڳي توسان

۽ روزُ وڌي توسان

ٻئي ساڻُ نه ٿي سگهندي

پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

هوندُس ڄڻ مان بَنَ ۾

ايندين جي نه جيونَ ۾

چانڊاڻِ نه ٿي سگهندي

پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

هڪ گيتُ لکڻ سان تُنهنجي

واکڻِ نه ٿي سگهندي

پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

 

*

توبِن ڪهڙا ڇانورا

او سانورا، او بانورا!

مُنهنجي ڇانوَ، ڇپرُ تون آهين

مان درياهُه، ڪپرُ تون آهين

او سانورا، او بانورا!

توبِن ڪهڙا ڇانورا!

سِيني ۾ دل ڌَڙڪي جيسين

تون مُنهنجو، مان تُنهنجي تيسين

او سانورا، او بانورا!

توبِن ڪهڙا ڇانورا!

مان تُنهنجي چرڻنِ جي داسي

او مُنهنجي مَنَ جا رهواسي!

او سانورا، او بانورا!

توبِن ڪهڙا ڇانورا!

ڏُور گُذارڻ اوکو آهي

دل کي ڏِيڻو دوکو آهي

او سانورا، او بانورا!

توبِن ڪهڙا ڇانورا!

 

*

دلِ ڪيَئي بيوسُ، مينهنڙا!

وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

جوتِ جيان جَرڪي پيو جوڀنُ

تَنَ تان لاٿئي ڪَسُ، مينهنڙا!

وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

تُنهنجيءَ رِم جهِم منجهِه پرينءَ جي

ڳالهيُن جو آ چَسُ، مينهنڙا!

وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

تون ته سڄو جڳُ جهاڳي آئين

ساجَن جو ڏي ڏَسُ، مينهنڙا!

وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

پرينءَ بِنان هي سانوڻُ گُذريو

ڪيڏو ڙي بي رسُ، مينهنڙا!

وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

 

*

ڏِسي ڪائي موسَم، نه ڪوئي پهرُ

مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

نگاهُن ۾ موجُن جي مَستي ٿي آڻي

نئين ڪائي هستيءَ ۾ هستي ٿي آڻي

۽ دِلڙي بڻائي ڇڏي ٿي بحرُ

مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

جڏهن ڪنهن سان جذبن جا ناتا ٿي جوڙي

تڏهن سوچَ جي ساري ڌارا ٿي موڙي

اُنهيءَ بِن حياتي، ٿئي ٿي زهرُ

مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

خيالنِ ۾ خوشبوءِ ڀري ٿي ڇڏي

۽ رنگين جيونُ ڪري ٿي ڇڏي

اکين ۾ ٿي سپنَن جو جوڙي شهرُ

مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

ڏِسي ڪائي موسمَ، نه ڪوئي پهرُ

مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ


 

*

مينهوڳيءَ جي مُندَ آ، مَنَ ۾

مِٺڙا!، آڳِ لڳائي

يادِ آ، تُنهنجي آئي!

جيءَ ۾ جِهيڻا سازَ ڇِڙيا هِن

خوشبو خوشبو گُلَ ٽِڙيا هِن

مَنَ مَنَ مُند ملهائي

يادِ آ، تنهنجي آئي!

راتِ ٿيڻ ۾ پلَ ڪي ٿورا

هينئڙو مُٺِ ۾ هورا کورا

تُنهنجي ڪَل نه ڪائي

يادِ آ، تُنهنجي آئي!

راتِ ٿئي ٿي، چنڊُ چڙهي ٿو

گِهرا گِهرا گهاوَ گهڙي ٿو

يادُن ننڊَ ڦِٽائي

يادِ آ، تُنهنجي آئي!

مينهوڳيءَ جي مُند آ، مَنَ ۾

مٺڙا!، آڳِ لڳائي

يادِ آ، تُنهنجي آئي!


 

*

وستي هيءَ ڇڏينداسين

موٽي مُور نه اينداسين

 

پيارَ تي جت ڪو پَهرو ناهي

ڪُوماڻيل ڪو چهرو ناهي

ڏيهَه اُنهيءَ ڏي وينداسين

موٽي مُور نه اينداسين

 

پاڻَ رهاڪو دردَ- شهرَ جا

ديپَ اُجهاڻلَ پوئين پهرَ جا

سُک ڇا، ڪنهن کي ڏينداسين؟

موٽي مُور نه اينداسين

 

يادِ پُراڻيون يادون اينديون

اکيون اُڃايل ڀَرجي وينديون

جڏهن اڪيلا ٿينداسين

موٽي مُور نه اينداسين

 

وستي هيءَ ڇڏينداسين

موٽي مورُ نه اينداسين

 

*

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇورِي!

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ

ٽُٽڻي ناهي رُسي وڃڻ تي

پيارُ جي پُختي ڏورِي

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!

قُرب ڏئين نه، قُرب وٺين ٿي

ڳالهه ڪري ٿي ڳورِي

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!

کيٽو کيلُ ڇڏيندو ڊاهي

راتِ بچي آ ٿورِي

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ!

 

*

واڪا واڪا

وِڃُ- وراڪا

مُنهنجا گيتَ اَلا!

سُر سنگيتَ اَلا!

سنڌڙي ساريو

هانءُ نه هاريو

ماتِ به جيتَ اَلا!

مُنهنجا گيتَ اَلا!

ماڻهو سهڻا

هئه مَنَ مُهڻا

مُنهنجا مِيتَ اَلا!

مُنهنجا گيتَ اَلا!

واڪا واڪا

وِڃُ- وراڪا

مُنهنجا گيتَ اَلا!

سُر سنگيتَ اَلا!

 

*

پيارَ کي تورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي!!

ٿورو به ويساهُه نه مون تي

جذبا جهورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي!!

مون سان جو اورڻ گهُربو هو

جَڳَ سان اورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي!!

گڏجي ڏونگرَ ڏوريون ها

ڇو هيکل ڏورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي!!

لوڪَ هٿنِ ۾ پٿر ٿئي، تون

چَپَ ته چورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي!!

پيارَ کي تورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي!!

 

*

مُنهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!

آهن تُنهنجي ڪاڻِ

شـــــالَ حيـــــاتي ماڻِ!

کِلَ ٿي تُنهنجي خوشبوءِ هاري

پِرهَه ڦُٽي ٿي يادِ ڏياري

تنهنجي ڳلڙنَ جي ڳاڙهاڻِ

شالَ حياتي ماڻ!

مَنَ ۾ ڪيئي ٽَهڪَ ٽِڙن ٿا

مٺڙا مِٺڙا خيالَ مِڙن ٿا

ڀيرو ڀَرين جي مُنهنجي ڀاڻِ

شالَ حياتي ماڻ!

تو لئه مُنهنجي دِلڙي ماندي

تُنهنجي جُدائيءَ پنَ- ڇَڻ آندي

آءُ ڪا رُتِ بسنتي آڻِ!

شالَ حياتي ماڻ!

منهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!

آهن تُنهنجي ڪاڻِ

شالَ حياتي ماڻ!

 

*

جوتِ جلندي رهي

جوتِ جلندي رهي

 

سچَ جي واٽَ تان، مُور هٽڻو نه آ

ڏُکَ پائي به سوچُن کي مَٽڻو نه آ

پيارَ جي پارَ ڏي ناوَ هلندي رهي

 

جوتِ جلندي رهي

جوتِ جلندي رهي

 

زندگي روئِي روئِي ته، کِلندي ضرور

نيٺ منزل ته هڪ ڏينهن مِلندي ضرور

آسَ دل ۾ اِها پيئي پلندي رهي

 

جوتِ جلندي رهي

جوتِ جلندي رهي

جوتِ جلندي رهي

 

*

سَکڻا سَکڻا ساهَه سنگيتَ

مِيتَ بِنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

 

ڳلَ تي چَمڪن لُڙڪن لارون

مَنُ وياڪل ڦاروُن ڦاروُن

ناهي پريتم، ناهي پريتَ

مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

 

پيارُ وٺي جن پيارُ ڏنو

نينهنَ جو ناتو ڪين ڇِنو

ڌارَ ڪيا سي جڳَ جي رِيتَ

مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

 

جن جي خاطر گيتَ چياسي

دردَ به پائي، مُرڪي پياسي

هاڻي ڪاٿي اهڙا ميتَ!

مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

 

سَکڻا سَکڻا ساهَه سنگيتَ

مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

 

*

دِل جا ديپَ اُجهاڻا راڻا!

کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

 

گُلَ مَنَ جا ڪُومائي پيئي

سيني سُورَ سمائي پيئي

يادُن جي جا آڳِ جلي آ

کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

 

جيءُ جذبن جو لاشو آهي

پِيڙائُن جو پاڇو آهي

مَنَ جي اُجڙيل ڳلِي ڳلِي آ

کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

 

اوسيئڙي ۾ اکڙيون ساڳيون

ڪَرَ موڙي هِن آسون جاڳيون

اَچُ مِلُ، هيءَ ئي مُندَ ڀلي آ

کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

 

دِل جا ديپَ اُجهاڻا راڻا!

کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org