ترائيل
هائيڪا
رينگا
ٽِسٽا
اياز گلَ وٽ اُمنگ ۽ اُتساهه آهي، ٻهڳڻي ٻولي آهي
۽ شاعريءَ جو فن به آهي، انڪري سندس شاعريءَ جو
آئيندو به اُجلو آهي.
ــــ هري دلگير
ترائيل
چُپ- چَپن تان سانتِ سَڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!
مَنُ ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيتَ ٻُڌڻ جي لاءِ
گُوندرَ- گهايل ڌرتيءَ کان مُنهن ائين نه موڙيو
يارَ!
چُپ- چپن تان سانتِ سڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!
تارڻِ بدران ٻيڙِي هَٿن سان ڇو ٿا ٻوڙيو يار!
سُور رهيو آ، ڪهڙو باقي، هاڻي سَهڻ جي لاءِ
چُپ- چَپن تان سانتِ سَڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!
مَنُ ڪيڏو لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيتَ ٻُڌڻ جي لاءِ!
*
وِساريو وِساريو، نه ساريو اسان کي
جيئڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگَ آهن
ڀلا ڪيرُ ٿو چئي، پُڪاريو اسان کي
وِساريو، وِساريو، نه ساريو اسان کي
ڀلي جي دِليُن مان ڌِڪاريو اسان کي
اُميدن جا چهرا، نه ڀي رنگ آهن
وِساريو، وِساريو، نه ساريو اسان کي
جيئڻَ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگَ آهن
هي ڊٺل شهرُ ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي
جوشَ ۽ اڌَ- مُئي جذبي کي جِياريو يارو!
هي ڊٺل شهرُ ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ذهن جي قيدَ مان، سوچُن کي اُڏاريو يارو!
ماٺِ روئي يا ٽهڪ ڏئي ڀي ٿي ٽوڙي سگهجي
هي ڊٺل شهرُ ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي
*
سڀ اَڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو
مان ننڍي ٻارَ جيان روئي پوندس
مُنهنجو ننڍڙو هي مِٺا! عرض مَڃو
سڀ اَڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو!
پاڻَ کان ڌارَ ڪري دِل نه ڀڃو
دردَ مان دانهنَ ڪري روئي پوندس
سڀ اَڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو
مان ننڍي ٻارَ جيان روئي پوندس
تُنهنجي روئڻَ تي رُوح روئي ٿو
کِلُ، مون کي به آ، کِلاءِ پرين!
اهنجُ منهنجي اندرَ کي لوئي ٿو
تُنهنجي روئڻَ تي روحُ روئي ٿو
سورَ ۽ پُورَ دِل ۾ پوئي ٿو
ٽَهڪَ جي سُرَ ۾ سُر ملاءِ پرين!
تُنهنجي روئڻَ تي، رُوح روئي ٿو
کِلُ، مون کي به آ، کِلاءِ پرين!
*
اَچو مُرڪندي موڪلايون مِٺا!
جُدا ٿيڻ تي لُڙڪَ لاڙيون ڀلا ڇو؟
سڀئي دردَ دِل ۾ دٻايون مِٺا!
اَچو مُرڪندي موڪلايون مِٺا!
جي گُذريون گهڙيون سي ڀُلايون مٺا!
هي ڪجههُ پل سُکن جا ڀي ساڙيون ڀلا ڇو؟
اَچو مُرڪندي موڪلايون مٺا!
جُدا ٿيڻ تي لُڙڪَ لاڙيون ڀلا ڇو؟
سرڳُ ۽ عيشُ ڪين ٿو گهُرجي
پيارُ گهُرجي رُڳو ٿو آدمَ جو
جذبو ڪنهن مُلهه ڪين ٿو تُرجي
سرڳُ ۽ عيشُ ڪين ٿو گُهرجي
ٻئي جي مرضيءَ سان، جنهن ۾ ٿو چُرجي
سرڳُ اهڙو ڀلا ڪهڙي ڪمَ جو؟
سرڳُ ۽ عيشُ ڪين ٿو گهُرجي
پيارُ گهُرجي رُڳو ٿو آدمَ جو
*
مون کي گُذريلَ ڪنهن گهڙيءَ وانگي وِساري ڇڏِ تون!
پاڻَ تي شهرُ اَجايو ٿي کِلائين سانئڻ!
لُڙڪَ ڳلڙن تان اُگهي، سيِنڌ سنواري ڇڏِ تون!
مون کي گُذريل ڪنهن گهڙيءَ وانگي وِساري ڇڏِ تون!
پنهنجي دِل مان مُنهنجي يادُن کي ڌِڪاري ڇڏِ تون!
ڇو ٿي تيليءَ جيان دُکين، جيءُ جلائين سانئڻ!
مون کي گُذريل ڪنهن گهڙيءَ وانگي وِساري ڇڏِ تون!
پاڻَ تي شهرُ اَجايو ٿي کِلائين سانئڻ!
سدائين مُرڪَ جا قِصا ڪيا اٿئي پيارا!
ڪڏهن ته لُڙڪَ جا خاموش داستانَ به ٻُڌ
سموري شهرَ ۾ وِکريا پيا اٿئي پيارا!
سدائين مُرڪَ جا قِصا ڪيا اٿئي پيارا!
شورَ جا لفظَ ٻُڌا ۽ چيا اٿئي پيارا!
ڪڏهن ته ڪپيلَ زبانُن جا ڪي بيانَ به ٻُڌ
سدائين مُرڪَ جا قِصا ڪيا اٿئي پيارا!
ڪڏهن ته لُڙڪَ جا خاموش داستانَ به ٻُڌ
*
اڄُ تون مونکي ڳولِ نه مٺڙا!
مان پاڻُ وِڃائڻ چاهيان ٿو
پنهنجي هستي رولِ نه مٺڙا!
اڄُ تون مونکي ڳول نه مٺڙا!
ڀيدَ پُراڻا کولِ نه مٺڙا!
هر ڳالهِه ڀُلائڻ چاهيان ٿو
اڄُ تون مونکي ڳولِ نه مٺڙا!
مان پاڻُ وڃائڻ چاهيان ٿو
هائيڪا
جوڀَن يادِ پيو:
ٻُڍڙيءَ کان سُئيءَ ۾
ڌاڳو نٿي پيو
نلڪي تي ميڙا
واري تي وِهنجن پيا
ٻارَ ڏئي گيڙا
ماءُ، پيءُ سُتل ها
ٽاڪَ منجهندِ جو ٻارڙا
لُوڊو ٿي کيڏيا
آفيس مان ايندو:
”ٿَڪجي پئي هوندينءَ تون؟“
چُمي ڏئي چوندو
آيو نتيجو
نانءُ ڏسي اخبارَ ۾
کِلي، روئي پيو
آءٌ ۽ سڄڻُ
هڪڙو ماڻهو، نالا ٻه
پيوَند ڪيل وڻُ
مِليو تُنهنجو خط
پڙهي هانءُ ٺَري پيو
لِکيل: ”تُنهنجي فقط“
”وارو ڙي وارو!“
ڪُوڪون ڪَچي وارن جون
بندَ ۾ پيو گهارو
ٽرئفڪ جو درياهُه
وڏي شهرَ ۾ ڳوٺاڻي جو
مُٺِ ۾ آهي ساهُه
ماني اَڄُ مکيلَ
پَسِي پورهيتَ جي پُٽَ جا
چِمڪيا هيڊا ڳلَ
سانتِ اونداهي راتِ
ريڊيي تان آواز ”لتا“ جو
ٽوڙي چُپ چپاتِ
پنجون مهينو پيٽُ
لِڪي لِڪي لوڪَ کان
ڇوري کائي ميٽُ
پردي پويان تون
لِڪي لِيئڙا پائين ٿي
پڪڙي ورتو مون
پُراڻو مندرُ
”ڪرشنَ“ جي مورتيءَ تي
ويٺل ڪبوتُر
اُجرو جيئن ڪنول
ٽِڙيل گندي پاڻيءَ ۾
تيئن ماڻهو جي دِل
مُنهنجو تصورُ
تون ۽ مان، ٻاهر شهرَ کان
هڪڙو ننڍڙو گهرُ
مون کان دردَ وِسار
موٽان جي آفيس کان
مُرڪي بس نِهار
لِڪي ملڻَ جي هيرَ
ٻه پاڇا، ٻنيءَ ۾
ٻنهي اُگهاڙا پيرَ
کِيسو ڪتريلُ
ڳانا ٻه ڳِچيءَ ۾
ميلي مان موٽيلُ
پيارُ ۾ اهڙو ساءُ
ڪيئن نه وڌي ٿو وڃي
ٻانهُن جو ڦَلاءُ
سانتِ ٻُڏل ڪمرو
گونجيو تنهن ۾ اوچتو
شاعرَ جو سُڏڪو
ماءُ ڏنسِ دَڙڪا
چِٻَ ڪڍيا ٿي ٻارڙي
ڀريندي سُڏڪا
ڇَتِ جيڏي ڇوري
رَڙِ ڪيائين زورَ سان
ڏِسندي ئي ڪِرڙي
اونداهي اڌِ راتِ
آءُ اَچي ڪر سوجهرو
ڏِيئن جهڙي ڏاتِ!
لِڪي لِيڪا پائي چنڊُ
آڌيءَ ويلي ڪيئن پينهي ٿي
انگَ اُگهاڙي غُربتَ، جنڊُ
اُٿليو آ، درياهُه
ڪَچي ۾ ماڻهُن جو
آهي مُٺِ ۾ ساهُه
کُليل دَرُ
اڃا ڪين ونيءَ جو
وَريو ورُ
اوندهِه جا آثارَ
سجُ ڪَڪرنِ جي ڪڇَ ۾
وينگسِ، ڇوڙيا وارَ
مٿان سُڪل وَڻُ
هيٺان آءٌ اَڪيلو، سامهون
رِڍُن جو هڪ ڌَڻُ
ڳالهيون مصري کنڊُ
چهرو ائين پرينءَ جو
ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊُ
جوئارِ جي اوٽَ
سِيسڙاٽيون ۽ سڙٻاٽَ
ڪانَن ۾ ڦَڙِ ڦوٽَ
سِرنهن ڦُلاريا گُلَ
ٿيا سڄي باغَ ۾
هُٻڪارن جا هُلَ
شامَ، لبِ مهراڻ
ساٿُ سُريلي دوستَ جو
هر ساعتَ سُرهاڻ
ڏهن رُپين جي موٽَ
پيٽ بُکئيءَ پينو ڇوريءَ جا
چارِ گهڙيءَ لاءِ گهوٽَ
پائيندي لِيڪا
ڪوري ڪاڳرَ تي لِکجي ويا
ٻه ٽي هائيڪا
ڊِڄي جوساهُه کڻي
تو لئه تارَن ٽوڙڻَ جي ٿو
ڪيئن سو هامَ هڻي
رينگا
ماڻهن ليکي راندِ
مون لئه ڪَوِتا جوڙڻُ آهي
سِسي نيزي پاندِ
ڄڻَ ڪي تارا ٽوڙڻُ آهي
وقتَ سندو مُنهن موڙڻُ آهي
سومهڻيءَ جو گُهٽَ
جهٽَ پلڪَ لئه واءُ جو جهُوٽو
۽ پوءِ ساڳي ٻُٽَ
پِنڊ- پَهڻ ڪُونڊيءَ ۾ ٻُوٽو
اُڀَ ۾ گُهورَ، سگريٽَ جو سُوٽو
*
ٽسٽا
جيئن چِچريل ڪو سينو آهي
هر غاصبَ جو چهرو هِن ۾
سنڌڙي ڄڻ آئينو آهي!
موتَ جي ڪيڏي ڀَرتي آهي
پنهنجي پاڇي کان ڇِرڪان ٿو
ڇا هيءَ مُنهنجي ڌرتي آهي؟
نفرتَ جنهن جي ٻولي آهي
مُنهنجي هٿَ ۾ گُلَ سندس لئه
هُن جي گَنِ ۾ گولي آهي
جيڪر ساڃَهه ڌاريون ها
اهڙا ماڻهو آڻڻ کان ته
پاڻَ کي پاڻَ ئي ماريون ها!
ٺاهَه جُڙن يا ٺاهَه ٽُٽنِ
حيدرآباد جي رستن تان
اَجرڪَ وارا روز کُٽنِ
هيءُ اُنهن جو ئي پاڙو آ
ڪالهه لُٽيو جن شهر ٺَٽي جو
اڄُ ڪراچيءَ تي ڌاڙو آ
* |