نظم
دلگير جو جيترو سنڌي ڪلام اسان کي هٿ آيو
آهي، ان ۾ وڏو حصو نظمن جو آهي. مختلف نظم
مختلف موضوعن تي مشتمل آهن. مجموعي طرح
اسان سندس نظمن کي قومي، ناصحانه ۽
متفرقات ۾ ورهائي سگهون ٿا.
قومي نظم
پهرين عظيم جنگ کان اڳ هندستاني مسلمانن ۾
ملي تصور اڃا ايترو زور ڪونه ورتو هو.
هندستاني فقط پنهنجي آزاديءَ لاءِ پاڻ
پتوڙي رهيا هئا. ان سان گڏ درسي ڪتابن ۾
انگريز شهنشاهه لاءِ دعائون به اسين پڙهي
چڪا آهيون.
اسان جي تون شهنشاهه کي سلامت رک خداوندا!
اهو نظم سنڌي اسڪولن ۾ تعليم ورتل هر هڪ
سنڌي ٻار ان وقت ضرور پڙهيو هوندو. انهيءَ
مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته شاعر ڪنهن
جابر حڪمران جي سلامتيءَ لاءِ دل سان دعا
گهري هوندي يا وري پڙهندڙ به ڪنهن راسخ
عقيدي سان اها دعا پڙهي هوندي. پهرين عظيم
جنگ ۾ جرمنيءَ شڪست کاڌي ۽ انگريز ڪامياب
ٿيا. انهيءَ دور جو مشهور نظم:
ڪندو جنگ جرمن جڏو ڇا جهليندو
جتي ڪٿي ذوق شوق سان پڙهيو ويو. هندستانين
انهيءَ فتح تي عارضي خوشي ملهائي. شعراءِ
ڪرام به طبع آزمائي ڪئي ۽ مبارڪباديءَ جا
نظم لکيا. دلگير به انهيءَ فتح جي خوشيءَ
۾ هيٺيون نظم جوڙيو:
مبارڪ ملڪ ۾ هر سو، ٿيو امن وامان آهي،
مظفر دشمن تي ٿيو شهِ هندوستان آهي.
جڏي جرمن کي پهتي اهڙي آخر خانه بربادي،
جو دنيا مان سندس ٿي محو ويو نام و نشان
آهي.
بپا دشمن جي گهر ۾ آه اڄ شورِ قيامت ٿيو،
شهِ برطانيه عظميٰ جو بيشڪ شادمان آهي.
مبارڪ فتح ۽ نصرت اسان جي شاهه اعظم کي،
نصبِ دشمنان سڀ حسرت و آه و فغان آهي.
مبارڪ فتح اعظم هيءَ شهنشاه جارج پنجم کي،
سلامي جنهن جي در جو بحر وبر ٿيو بي گمان
آهي.
مگر اهي خوشيون، مبارڪون ۽ دعائون عارضي
هيون. ترڪيءَ جي خلافت جو شيرازو ٽٽي پيو.
آفريڪا توڙي ايشيا ۾ مسلمان ملڪن کي ’ناني
ورهائڻ واري ڏهٽا کائڻ وارا‘ وانگي هڪ هڪ
ڪري غلام بنايو ويو. هندستان ۾ تحريڪ
خلافت زور ورتو. ساڳين شاعرن مدح جي بجاءِ
انگريزن جي ظلم وستم تي سخت احتجاج ڪيو ۽
مسلمانن جي مظلوميت تي مرثيا لکيا. دلگير
به هڪ نظم لکيو جو نه فقط مرثيو آهي، پر
ان ۾ طنز ۽ تنقيد به آهي ته مسلمانن کي
سجاڳ ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي زنجير ٽوڙڻ جي
تلقين به آهي. سندس قومي عزت ۽ غيرت جو
پورو پورو عڪس هن نظم ۾ موجود آهي. ان ۾
انگريزي مال استعمال ڪرڻ جي لاءِ سهڻي
طنزيه انداز ۾ لکيو اٿس ۽ سرڪار جي
خوشامدڙين کي به سخت ٽوڪيو اٿس. هي نظم ٻن
حصن ۾ آهي: هڪ حصي ۾ جيڪي ٿي گذريو آهي،
ان جو احوال آهي ۽ ٻئي حصي ۾ ان مصيبت مان
ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو علاج آهي. ٻنهي حصن
جا چند بند ملاحظه ڪجنِ:
اٿيو يورپ کان طوفان سخت اسلامي گلستان ۾،
مچائي باهه جنهن ماتم جي دنيا جي دل وجان
۾.
”مراڪوءَ“ ساڻ ويو کاڄي، ’ٽريپولي‘ جو
لقمو تر،
وڌئون ناپاڪ هٿڙا پير کوڙي باغِ ايران ۾.
’عراق‘ و’ڪربلا‘ آيا مهذب چور يورپ جا،
وجهي غارت جو هٿ بيٺا ’عرب‘ جي ساز وسامان
۾.
عداوت دينِ احمد ۾ اٿي اڄ ’قوم عيسيٰ‘ جي،
مچائي شرڪ شورش خانه عرفان وايمان ۾.
’فلسطين‘ ڪيو فنا آخر وفادارانِ انگلش جي،
پيو چورن جو هٿ قابو اچي صحنِ سليمان ۾.
خيال آهي اڃا مسجد کي پڻ گرجا بنائڻ جو،
وڄائيندا مگر ناقوس کي صحنِ سليمان ۾.
درد جو علاج
ٻڌايم دردِ دل آن کي مگر ان جي دوا گهرجي،
اوهان تي فرض ٿي آهي مسلمانو! غزا گهرجي.
اٿو قطعِ تعلق هٿ ۾ ساڳيو نسخهء نادر،
اوهان کي درد قوميءَ جي جي اڪسير شفا
گهرجي.
لباسِ ڪفر ۾ ملبوس ۽ ايمان جي دعويٰ،
انهيءَ ايمان تنهنجي تي روئڻ صبح ومسا
گهرجي.
نه ڏي دشمن کي طاقت تون، وٺي ڪپڙو ولايت
جو،
رسول الله جي روضي جو ڪجهه دل ۾ حيا
گهرجي.
نه وٺ دشمن کان ڪرسي، پوءِ ڀلي چاڙهين
ڦاسيءَ تي،
صداقت اهڙي گهرجي، اهڙو ئي صبر ورضا
گهرجي.
مگر محشر ۾ نيندين ساڻ پروانو ڳچي پائي،
انهيءَ اعزازِ سرڪاريءَ کي ڄاڻڻ ناروا
گهرجي.
مسلمانيءَ جي دعويٰ ۽ ڊڄڻ ريڊنگِ ڪرزن
کان،
اوهان کي پنهنجي دل ۾ دمبدم خوفِ خدا
گهرجي.
نصارن جي محبت ۽ پڙهين ڪلمو محمد تي!
نه ايءَ آهي مسلماني نه لائق اي ريا
گهرجي.
اڳيان تنهنجي جي ڏيندا ٿا وڃن سر پيشوا
تنهنجا،
وٺڻ توکي به لازم ٿيو انهن جو نقشِ پا
گهرجي.
ندا مقتل ۾ ٿي آهي ”اچي ڪو مرد ميدان جو!“
هلي دلگير ٿيو حاضر، ڇڏي سر ساه جو سانگو.
ناصحانه ڪلام
ناصحانه ڪلام ۾ دلگير جو رنگ ۽ نصيحت ڪرڻ
جو ڍنگ نرالو آهي. پنهنجي وقت جي نوجوانن
جي سستي ۽ ڪاهليءَ جو کيس احساس به آهي ۽
سندن جذبات ۽ خواهشات جي پروڙ به. هو هنن
جو نفسياتي علاج ڪرڻ گهري ٿو ۽ پنهنجي هڪ
نظم ۾ کين ٻڌائي ٿو ته ناموري، شهرت، قوت
۽ عظمت جا تمنائي عيش عشرت، تن پروري ۽
غفلت ۾ ڪونه گذاريندا آهن، پر اسان جي اها
حالت آهي جو ڪريون ڪجهه ڪونه ٿا، باقي
اميدون وڏيون ٿا رکون. ڀلا بنا جدوجهد ۽
سعيي جي ڪنهن کي مانُ ۽ مرتبو ملي ٿو؟
اسان جي بدحاليءَ ۾ نه تقدير جو ڏوه آهي ۽
نه وري قسمت جو انڌير، پر پنهنجي هٿن سان
پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو اٿئون:
ڳوليون ٿا اسين عيش کي ۽ ناموري پڻ
دولت به اسان کي ٿي کپي بي هنري پڻ
اعزاز ٿيو مطلوب ۽ بيهوده سري پڻ
آوارگي منظور ٿي ۽ راهبري پڻ
مقصود رفو آهي، مگر جامه دري پڻ
گر پستيء همت ٿي ته عالي نظري پڻ
اي ڳالهه نه ممڪن ٿي، نه امڪان ۾ آهي
ڊوڙن ٿا محالات پٺيان، چيلهه کي ساهي.
بي ڪوشش وبي جهد ثمر ڪنهن کي ملي ٿو!
بي غوطه زني گنج گوهر ڪنهن کي ملي ٿو!
بي خوف پيئڻ لقمهء تر ڪنهن کي ملي ٿو!
بي جور ڪشي تاج وظفر ڪنهن کي ملي ٿو!
بي محنت ۽ رنج جي زر ڪنهن کي ملي ٿو!
بي ڪاوشِ جان، علم وهنر ڪنهن کي ملي ٿو!
جي رتبهء والا جا سزاوار ٿين ٿا،
پهرين سي مصيبت جا طلبگار ٿين ٿا.
قسمت جي برائي، نه ٿيو تقدير سندو ڦير
خود پنهنجي هٿن ساڻ، ٿيو آهه هي انڌير
تحصيلِ فضائل ۾ جوانو! نه ڪريو دير
علمن جي ممالڪ کي فتحياب ڪريو سير
بزدل نه ٿيو آه ڪيو آن کي خدا شير
ڪُهسار جي هوءِ تابه ڪريو ان کي زبر زير
جولان ڪريو علم جي ميدان ۾ عزيزو!
آخر ٿيا اوهين قوم مسلمان ۾ عزيزو!
علم حاصل ڪرڻ لاءِ به نهايت سهڻي پيرايي ۾
تلقين ٿو ڪري. علم جي دولت جا فائدا ۽ بي
علميءَ جا نقصان، سهڻن خيالن ۽ دليلن سان
پيس ڪري ٿو ۽ انهيءَ خشڪ مضمون کي شاعرانه
نازڪ خياليءَ سان سينگاري، اهڙو ته دلنشين
بنايو ڇڏيو، جو پڙهندڙ بي اختيار واه واه
ڪريو اٿي. ٻولي پختي مگر مشڪل آهي ۽ سنڌي
زبان جي لحاظ سان هن نظم ۾ ڪيترا نوان
عربي ۽ فارسي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جي
عام ماڻهن لاءِ سمجهڻ البت مشڪل آهن. هن
نظم ”آفتابِ اعظم“ مان چند بند پيش ڪجن
ٿا:
روشن ٿيو جهان ۾ جڏهن آفتابِ علم
کوليو جڏهن دبير ازل جي ڪتابِ علم
مفتوح ٿيو زماني ۾ جنهن وقت بابِ علم
قدرت جڏهن ڪئي دلِ انسان منابِ علم
پيدا ٿيو نورِ علم بشر جي دماغ ۾
الله ڪيو فروغِ عطا ان چراغ ۾.
دريا جي ٿيو بشر ته انهيءَ جو گهر ٿيو علم
ذاتِ بشر چمن ته شجرِ برور ٿيو علم
انسان جي شجر ته انهيءَ جو ثمر ٿيو علم
جي آدمي ٿيو چشم ته ان ۾ نظر ٿيو علم
باعلم هوءِ ته نيڪ ۽ پڻ باصفا ٿئي
بي علم هوءِ ته آدم انسان ڇا ٿئي!
بي علم بي فروغ اگر رشڪِ حور آهه
جي علم هوءِ ته رازِ نهان جو ظهور آهه
ديجورِ جهل علم جي، پرتوَ کان دور آهه
اکين جو نور، قلب و جگر جو سرور آهه
بي علم خوش خصال ۽ جي بافراغ آهه
هڪ گهر عجيب آهه ته او بي چراغ آهه
انسان انڌو، جي ناهه انهيءَ ۾ ڪو نور علم
اکيون کليون بشر جون، جڏهن ٿيو ظهورِ علم
راحت ۽ عيش آه جي آهي حضورِ علم
لطفِ دوام آهه، جي آهي سرور علم
لاشڪ ٿيو جهل شعني ۽ ٿيو علم زين آهه
چشم بشر ٿي، علم جي سرتي جا عين آهه
واقف ٿيو جو هدايتِ ’لو کان صين‘ کان
او منجهه عرب هجي ته پڙهي علم چين کان
بيسڪ وٺي تمتع دنيا ۽ دين کان
جو علم کي پڙهي وڃي ڪوشش يقين کان
پهچائي سڀ کي علم معلا مقام ۾
دلگير جو چوڻ هي ٿيو آخر ڪلام ۾
ناصحانه نظمن کان سواءِ دلگير جا ٻيا به
نظم آهن، جي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي لکيا
اٿس. مثلاً ”صبح بهار يا بهارِ صبح“، ”رات
جي بات“، ”نظارهء گورستان“ وغيره. اهي
نظم، بندي جي نظر ۾ سنڌيءَ جي بهترين نظمن
۾ شمار ڪري سگهجن ٿا، ڇا ٻوليءَ جي
پختگيءَ جي لحاظ کان ۽ ڇا تخيل، رواني ۽
سلاست ۽ بندش جي لحاظ سان. محاورا،
ترڪيبون، تشبيهون، استعارا ۽ ڪنايا وغيره
نظمن کي نهايت سلوڻو بنائين ٿا.
”صبحِ بهار“ ۾ مئي و مستي، موج ۽ مسرت،
باغ وراغ، گل وبلبل جا راز ونياز، رندن ۽
مستن جون رمزون ۽ ان کان سواءِ منظر
نگاريءَ جو بهترين نمونو پيش ڪيو ويو آهي.
چند شعر پيشِ خذمت آهن:
بهار صبح جي آهي ڏنو پيامِ نشاط
چمن ۾ آه نئين سر ٿيو اهتمامِ نشاط
ترانه سنج ٿيا شاخن تي طرائرانِ چمن
ادب سين غنچه ڏني اڄ صلائ عامِ نشاط
نسيمِ صبح چمن ۾ ڦري ٿي متوالي
شميمِ گل کان معطر ٿيو مشامِ نشاط
سوار نڪهتِ گل ٿي هوا جي مرڪب تي
ڪڏائي خوب سمندِ سبڪ خرامِ نشاط
بياضِ روي چمن، ياڪ جوش بوئي بهار
سوادِ گيسوئ سنبل ٿيو ياڪ شامِ نشاط
فلڪ تي باده ڪشن لاءِ هئن چوي خورشيد
’شرابِ ناب صبوحي کان پر ٿيو جامِ نشاط‘
پيو پيو جو نه دائم رهي ٿو وقتِ بهار
بهارِ عمر ڪٿي آهه، ڪٿ قيامِ نشاط
پيو پيو جو نه دائم رهي ٿي موسم گل
صدائي عيش ڪٿي آهه، ڪٿي بيامِ نشاط
سڄي جهان کي سيراب تو ڪيو ساقي!
رهان ٿو بزمِ طرب ۾ مان تشنه ڪام نشاط
مريد پير مغان جو به آهي هي ’هارون‘
ڪرم سان ڪر تون عطا ان کي هڪڙو جامِ نشاط
’رات جي بات‘ ۾ دلگير تصور جي وسيلي رات ۾
جيڪا چڱائي يا برائي، عيش وعشرت، زهد
وعبادت، چوري چڪاري ٿئي ٿي، اها ڏٺي ۽
انهن کي سهڻي نموني سان قلمبند ڪيو. رات
جو ڇا ڇا ٿئي ٿو؟ اهو ملاحظه ڪريو. هي نظم
دلگير، سيد شاهنواز شاهه ٽکڙائيءَ جي نالي
۾ لکي، جا 3 نومبر 1906ع ۾ ”الحق اخبار“ ۾
ڇپي:
رات جو وقت ٿيو مخلوق جي آسائش جو
رات جو وقت خيالات جي آرائش جو
رات جو وقت خرابات جي افزائش جو
رات جو وقت ٿيو ظلمات جي زيبائش جو
ساعتِ امن و سڪون به رمز و اشارات جو وقت
طاعتِ رب علا، حمد و مناجات جو وقت.
رات جو وقت زهي وصلِ دلارا جي گهڙي
عرض معروض جي، اظهار تمنا جي گهڙي
تاب، تسڪين، تسلي ۽ مدارا جي گهڙي
مهر و الطاف ومروت جي، مداوا جي گهڙي
ان جي قسمت ٿي چڱي جنهن کي هيءَ سوغات ملي
اُو چڱو جنهن کي سدا وصل سندي رات ملي
چور رهزن جي سبب وجهِ طرب رات جو وقت
قلب فاسق جي شرارت جو سبب رات جو وقت
فاجرن کي سببِ لهو ولعب رات جو وقت
بهرِ بيمار دمِ رنج وتعب رات جو وقت
رات ڪاريءَ کان ذرو ڪين جي زنهار ڊڄن
پردهء شب ۾ بديءَ کان نٿا بدڪار ڊڄن
رات جو وقت تضرع جو پريشانيءَ جو
دولتِ زهد، رضايت جي نگهبانيءَ جو
فڪر جو، خوض جو، خلوت جو، ثنا خوانيءَ جو
ذڪر جو، قلبِ منور جي درخشانيءَ جو
ڪن رياڪار سڄو ڏينهن ريا جون ڳالهيون
رات جو مردِ خدا ڪن ٿا خدا جون ڳالهيون
نظارهء گورستان
موت وڏن وڏن مانجهي مردن جو مؤ ۽ مستي
وڃايو ڇڏي. شاهه ۽ گدا، فاسق ۽ فاجر، عابد
۽ زاهد، وڏا وڏا جابر سلطان جڏهن موت جي
بي رحم چنبن ۾ اچيو وڃن، تڏهن سڀ هڪجهڙا
آهن. دنيا مان ناڪام هٿين خالي هليا وڃن.
پوءِ خاڪ سان سندن واسطو آهي ۽ آخرڪار خاڪ
ٿيو وڃن. سندن شان شوڪت، رعب ۽ دٻدٻو، سڀ
خواب وخيال ٿيو وڃي. نه اوهي نه واهي نه
پڇڻ وارو نه ڳاڇن وارو. هڪ رقيق دل جڏهن
اها ڳالهه سوچي ٿي، تڏهن درد ۽ رنج مان
رڙيون ڪريو اٿي. هي نظم به حافظ صاحب جي
تصورات جو هڪ بيش بها خزانو آهي. دنيا جي
عظيم شخصيتن کي تصور جي اک سان ڏٺو اٿس ۽
هڪ قبرستان ۾ بي يار ومددگار اهل ممات تي
نظر ڪئي اٿس. خود پاڻ به مهجور هو. عزيزن
قريبن جي وفات، اڪيلي پٽ جو بي مهلو موت
سندس اڳيان هئا. قلم ۽ خيال سندس قبضي ۾
هئا. نظم درد ۽ حسرت مان ٻڏي نڪتو. موضوع
ڪيئن نباهيو اٿس؟ سو ملاحظه ڪريو. آخري
بند بي مثال آهي ۽ هڪ مجبور ۽ مجهور، يارن
۽ دوستن، مٽن ۽ مائٽن کان وڇڙيل شخص جي
حالت جو دردناڪ بيان ڪيڏي نه مؤثر نموني ۾
ڪيو ويو آهي. اهو پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري
سگهندا:
ٿيو پيشِ نظر هڪ جهنگل ۾ ميدان ڪو گور
غريبان جو
هو رتبهء درجه ات يڪسان محتاج و گدا ۽
سلطان جو
هو رستم خاڪ تي پيو بيڪس، ڪجهه زور نه سام
و نريمان جو
ات خيل و خدم ڪجهه
ڀي ته نه هو فعفور ۽ قيصر خاقان جو
ڪجهه ٽڪرا سنگ لحد جا هئا، ڪجهه جسم جون
هيون هڏيون باقي
هو تن جو نظارو ياس افزا، جي دور فلڪ
ڇڏيون باقي
هڪ قبر ۾ حسن جي ديوي هئي، پر بستر خاڪ
بنايل هوس
گل شمع جمال ٿي ويئي بلڪل، اونداهيءَ ۾
گهر ڇانيل هوس
احباب و عزيز قريبن مان، ڪو ساڻ نه لڪل
آيل هوس
سر تي جي هيس چادر خاڪي، پڻ خاڪ تي تڪيو
لڳايل هوس
هن ياس
ڧۏٔ
تنهائي ۾، ڪو ڪنهن کي نٿي آرام آيو
مرحوم چئين تان شفقت ڪئين، جي ياد ۾ ڪنهن
کي نام آيو
هڪ غار محلِ دارا هو، هڪ قبر هئي تختِ
اسڪندر
هڪ مدفن جهڙو تهڙو هو، فرعون جو هو بي
سامان گهر
شداد پيل هو خاڪ مٿي، سيني تي لحد جو پيل
پٿر
نمرود جو تاج و تخت ڪٿي، تَنَ تي نه ڪفن
جي هئي چادر
هڪ قبر مان آئي مون کي ندا، آثارِ
جهانگيري مان آهيان
هو نورجهان جو مدفن ڏس، دربارِ جهانگيري
مان آهيان
هر چيز جهانِ فاني جي، هڪ روز ٿي ويندي
يار فنا
هر مهرخ ويندو خاڪ ۾ گڏجي، ٿيندو ڏسجو ڇا
مان ڇا!
سڀ نقش ته ويندا جهٽ مٽجي ۽ ظاهر رهندي
ذات خدا
۽ صُور وڄڻ سان مٽي، پاڻي، باهه، هوا ٿي
ويندا هوا
ان وقت وڄندو نقارو، آواز ۾ جنهن جي هيبت
آهه
سڀني کي چوندو سڀ جو مالڪ، ڪنهن جي اڄ ته
حڪومت آهه
هن ميدان ۾ هڪ يار ڏٺم، جنهن زار رنو ٿي
خسته جگر
لرزي ٿي زمين قبرستان جي، هو آه و فغان ۾
ان جي اثر
پوءِ مون کي ڏسي هن طرح چيئين، قبرون ڪي
ڏيکاري ات ظاهر
هي پيءُ هوءَ امان، هوءَ ڀيڻ ۽ ڀاءُ، هوءَ
زال اٿم، هو نورِ نظر
غم دل ۾ مرڻ جو ڪين اٿم، ايندو جو منهنجو
پڻ وارو
پر هاءِ فراقِ يار گران، ان ڳالهه وڌو ٿم
هي ڳارو
بندي پنهنجي عقل ۽ فهم سارو دلگير جي ڪلام
تي تبصرو ڪيو آهي ۽ جيتري قدر سندس سوانح
جو احوال مليو، اهو پيش ڪيو اٿم. وڌيڪ
پڙهندڙن ۽ دلگير جي وچ ۾ حائل نه ٿيندي،
پنهنجي مقدمي کي هتي ختم ٿو ڪريان. اميد
ته هن بلند پايه شاعر جو ڪلام هر باذوق
پڙهندڙ جي دل تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏيندو.
بيخود حسيني
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
مئي 1963ع