پيش لفظ
”ڪليات
دلگير“ پڙهندڙن جي آڏو آهي. منهنجي خواهش ته اها
هئي ته دلگير جو بياض هٿ چڙهي وڃي ته سندس مڪمل
ڪلام شايع ٿئي، مگر ڪوششن ۽ ڪاوشن جي باوجود اها
آرزو پوري نه ٿي. بهرحال، جيڪو حال حبيبان، اهو
پيش پريان.
ڪليات جي ترتيب ۾ سنڌي ۽ فارسي ڪلام کي الڳ الڳ
رکيو ويو آهي. سنڌي ڪلام تي سنڌيءَ ۾ ۽ فارسي ڪلام
تي فارسيءَ ۾ مقدما لکيا ويا آهن. اها ڪوشش ڪئي
اٿم ته فارسيءَ جي ڇپائيءَ جي صورت اها ئي
بيهارجي، جيڪا هينئر ايران ۾ رائج آهي. مثال طور:
جديد فارسيءَ ۾ زير اضافت جو استعمال ته ڪجي ٿو،
پر لکت ۾ ڪانه ٿي اچي. اهڙي قسم جون ٻيون به
ڪيتريون خصوصيتون آهن.
ڪليات دلگير سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ئي اشاعت لاءِ
منظور ڪري ڇڏيو هو، پر جيئن ته آئون ملڪ کان ٻاهر
هوس ۽ مسودي ۾ ڪجهه ضروري اصلاح ڪرڻ جو به خيال
هو، ان ڪري بورڊ جي محترم سابق اعزازي سيڪريٽريءَ
کي گذارش ڪيم ته منهنجي اچڻ تائين مسودو پريس ۾ نه
ڏجي. 1967ع ۾ وطن واپس ورڻ کان پوءِ مسودي کي نظر
مان ڪڍيم. چند بزرگن جون حياتيون لکي ڪلام جي آخر
۾ ضميمي طور داخل ڪيم. باقي ڪتاب جي سٽاءُ يا
منهنجي پنهنجي لکڻ جي طرز کي قائم رهڻ ڏنم. ڪتاب
اڃا پريس ۾ ئي هو ته آئون بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري
مقرر ٿيس ۽ ڪوشش ڪري ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ ۾
دير ڪيم، جيئن پڙهندڙ ائين محسوس نه ڪن ته ايندي
ساڻ مون پهرين پنهنجو ڪتاب شايع ڪيو.
هن ڪتاب جي ترتيب وغيره وقت پروفيسر نبي بخش قاضي،
صدر شعبه فارسي سنڌ يونيورسٽي ۽ علامه حافظ محمد
هاشم جان سرهنديءَ مفيد مشوره ڏنا. آئون ٻنهي
بزرگن جو تمام ٿورائتو آهيان.
بيخود حسيني
انتساب
”ڪليات دلگير“ ڪمال محبت، ادب ۽ احترام سان سنڌي
ادب جي پيشوا ۽ مايهء ناز شاعر حضرت قبلا مخدوم
محمد زمان ”طالب الموليَ“ جي نالي سان منسوب ڪريان
ٿو.
”بيخود“ حسيني
|