هي نظم نامڪمل آهي ۽ خبر ناهي ته ڪنهن جي وفات تي
لکيل آهي:
وصالِ يار رئڻ سان جڏهن نه حاصل ٿيو
قضا جي حڪم تي سڀ ڪنهن تڏهن سڪوت ڪيو
خلاصگي نه مرڻ کان ملي ادا! ڪنهنکي
اجل جي دام مان هرگز رها ٿي ڪونه ويو
اجل جو جام ته هر وقت ٿو رهي لبريز
ڪو صبحدم ٿو پئي، ڪو وڃي ٿو شام پيو
عجب طرح جي ٿي برپا قيام عالم ۾
فروشِ نالهء واحسرتا فلڪ تي رسيو
خيال دل کي ٿيو سال وصل لاءِ جڏهن
سروشِ عالم غيبي کان هي نويد رسيو
هي
نظم نامڪمل آهي ۽ خبر ناهي ته ڪنهن جي وفات تي
لکيل آهي:
پير صاحبڏني شاهه بلڙي واري جي ديوان تي لکيل:
يا خدا جيسين هجي عالم ۾ هي دورِ قمر
رهروانِ شب جا انجم هونِ جيسين راهبر
روز افزون خاندان هي هوءِ بابختِ سعيد
هن مبارڪ شاهه سان آباد تا روزِ حشر
با سعادت شه غلام حيدر سدا هوءِ سرفراز
هوءِ رشادت سان مريدن ۾ هميشه مفتخر
فيض ان جي کان ٿئي عالم سڄو ئي فيض ياب
ٿئي سندس ارشاد جو غلغل جهان ۾ بيشتر
آه هي ”دلگير“ ان درگاه جو ادنيٰ غلام
ٿئي مگر ان درڧۏ،
والا ۾ منظورِ نظر
غزل
نه
مئي پرست آهيان، نه باده خوار آهيان
فقط شرابِ محبت جو خواستگار آهيان
ويو لنگهي جو اڳي هاءِ قس ديوانو
انهيءَ شهيدِ محبت جو يادگار آهيان
ڪٿي ٿي بلبلِ شيدا ڪٿي ٿيو پروانو!
آءٌ صدقِ دل کان انهن سان رشته دار آهيان
جگر ۽ قلب ۽ سيني ۾ منهنجي باه ٻري
مثالِ شعلهء جواله شعله دار آهيان
انيسِ ذوق محبت، حريفِ صبر و شڪيب
به رنگِ ديدهء پروانه بيقرار آهيان
متاعِ عمر گرانمايه صرفِ سوز و گداز
چشيده مزهء دردِ انتظار آهيان
فدائي ديدِ تماشائي عڪسِ وجد انگيز
مثالِ سرو لب آبِ جوئبار آهيان
شگفتگيء طبيعت نصيب ناه ڪڻم
نه عيش آه، مگر رنج جو خمار آهيان
رفيقِ رهرو آواره خانمان برباد
نشانِ منزلِ گم گشتهء ديار آهيان
اسيرِ دام تالف، رهين حسرت و ياس
بلا ڪشِ ستمِ دورِ روزگار آهيان
نه خون فشان ڪوئي آيو نه گل فشان ڪوئي
اميد دل جي رهي ۽ اميدوار آهيان
دماغ چرخ تي دلگير ٿو رهي دائم
جو ڪنهن جي واٽ ۾ پيو صورتِ غبار آهيان
سڄڻ جي سڪ ۾ ويو سينو سڙي اڄ،
پرين ڌاران پيم ڳوڙها ڳڙي اڄ.
جدائيءَ جو جيئڻ ٿيو، تنگ دل ٿي،
گهنگهر گهاريان بنا تنهنجي گهڙي اڄ.
ٻَڌم ٻانڌاڻ توسان پيچ پختو،
ٿيس آءٌ ڪڙم ۾ ڪامل! ڪڙي اڄ.
نُڪون لاهي وهي ٿو نير نيڻين،
ڪري لائق اچج لالڻ! لڙي اڄ.
نهوڙيس ناز نيڻن جي نياري،
امالڪ دل اچي تو وٽ اڙي اڄ.
اڄ وري ڪنهن ساڻ دلبر بزم آرا آه ٿيو
منهنجي خارن ۾ ٻين سان باده پيما آه ٿيو
هاءِ محرومي، جو عرض حال پڻ مشڪل لڳي
نامه بر جو حال ڏيندي، بند گويا آه ٿيو
هل وري هيڪر ڏسون حسن و جمالِ روي دوست
دل ۾ اڄ ”دلگير“ کي هي شوق پيدا آه ٿيو
|