سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 7

لباس، پوشاڪ، عادتون ۽ اخلاق

حافظ جي طبيعت نهايت رلڻي ملڻي هئي. پاڻ نهايت بذله سنج ۽ حاضر جواب هو. هميشه ڳنڍي واري گُليءَ ڏنل سفيد ڪپڙا پائيندو هو. سندس منهن ويڪرو ۽ رعبدار، اکيون وڏيون ۽ ڳاڙهيون هيون. سندس شاگرد سندس بيحد عزت به ڪندا هئا ۽ ڊڄندا به هئا. منهنجو وڏو ڀاءُ حافظ شاهه ننڍي هوندي وٽس پڙهندو هو. هو جڏهن به کيٽو ڪندو هو، تڏهن چوندا هئا ته حافظ هارون کي وٺي اچو ته هڪدم خاموش ٿي ويندو هو. اهو ئي حال سندس اڪثر شاگردن جو هو.

وفات

حافظ جي وفات نهايت پردرد ٿي. 1340هه ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو غلام فاروق رکيائين ۽ پيار وچان کيس ’جَبَلي‘ به سڏيندو هو. قضا سان غلام فاروق بيمار ٿي پيو ۽ ٤ ذوالقعد ١٣٥٢هه ۾ وفات ڪري، پيءُ جي ڄڻ ڪمر ٽوڙي ويو. پوري چوٿين مهيني يعني ١١ ربيع الاول ١٣٥٣هه آچر جي ڏينهن منجهند جي مهل جيئن حافظ سعيد پور مان گهوڙي تي چڙهي گهر پهتو ۽ وهنجي سهنجي اڃا ماني تي ويٺو ئي مس ته کيس رت جي الٽي آئي ۽ جيسين طبيب پهچي، تيسين هن مفلس ۽ محزون جو روح عالم بالا ڏي پرواز ڪري ويو. کيس فقط هڪ نياڻي هئي، جا چند سال ٿيا گذاري وئي.

دلگير جي شاعري

ٽکڙ پنهنجي شاعرن ۽ اديبن جي ڪري ئي سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. هن ڳوٺڙي جو ڪو اهڙو وارو به هو، جو هڪ ئي وقت اٺ ڏهه جليل القدر شاعر ۽ اديب موجود هوندا هئا. نو آموز شاعرن کي ٻئي ڪنهن پاسي استاد ڳولهڻ يا ڪنهن عالم سان صحبت ڪرڻ جي ڪابه مشڪلات پيش ڪانه هوندي هئي. استاد به اتي ته شاعر به اتي. سندن علمي ادبي رهاڻين جون هاڪون اڃا تائين پيون هُلن. ٽکڙ جي بوسيده در و ديوارن تي سندن ذوق ۽ شوق، فضل ۽ ڪمال جون شهادتون اڄ به ثبت آهن ۽ جيسين سنڌي زبان زنده رهندي، تيسين ٽکڙائي زنده رهندا.

هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق

ثبت است بر جريده عالم دوام ما

محترم غلام محمد ”گرامي“ جي تحقيق موجب تاريخي طور ٽکڙ جي شاعريءَ کي سنڌي عشقيه شاعريءَ جو ابتدائي ۽ بنيادي، عروضي ڪلام چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ سمجهڻ نه گهرجي.

ٽکڙ ۾ ئي اول اول مشاعرا ٿيا، جن جي تقليد ۾ اها علمي چيز سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جهڙوڪ لاڙڪاڻي، ٺٽي ۽ حيدرآباد تائين پهتي. اڄ ته هر هنڌ مشاعرا ئي مشاعرا آهن.

فارسيءَ ۽ اردوءَ جي تتبعي ۾ اول اول ٽکڙ جي شاعرن غزل لکيا. اهو ئي سبب آهي جو فارسي خيالات، جذبات، محاورات ۽ معاملات جو پورو پورو رنگ ٽکڙ جي شاعريءَ ۾ موجود آهي ۽ ڪم و بيش اهو ساڳيو رنگ سنڌ جي غزل گو شاعرن ۾ به مقبول رهندو آيو آهي. [1]

دلگير، ٽکڙ جي وچئين دور جو شاعر آهي ۽ انهيءَ دور کي جن ڏٺو، انهن مان سيد ميران محمد شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي. سندس قول موجب دور ثانيءَ جا شاعر، قاضي اسد الله شاه، محمد حافظ شاه، محمد هاشم مخلص، حافظ هارون، حافظ بسمل، آغا حسين جان، محمد اسماعيل جان، عبدالستار جان، محمد عالم شاه، محمد خان غني وغيره وغيره آهن.

هن دور ۾ علم ۽ ادب جو درياءُ به سنڌو نديءَ جي لاهن چاڙهن سان گڏوگڏ هلندو رهيو، پر گهڻو عرصو ساوڻيءَ جي پور کي به پهچندو رهيو. اهو وقت نهايت لطف ۽ مزي جو هو. مقامي شاعرن جي شعر کي زياده شهرت ڳوٺ جي سريلن ڳائڻن بخشي. جهڙوڪ: عيسو، لونگ، موٽيو، ڀرو شيدي ۽ سومار مڱڻهار، جن جو سرپرست مرحوم حافظ شاهه هو، جو باقاعدي هنن کي الحان توڙي تلفظ جي تعليم به ڏيندو رهيو. قاضي اسدالله شاهه جيتوڻيڪ وڏو متشرع صاحب هو، مگر خوش الحانيءَ کي هو انسان جي روحاني راحت لاءِ ناگزير سمجهي اجازت ڏيندو هو. پاڻ ڳوٺ جو قاضي هو، پر خشڪ ملون نه هو. حتيٰ ڪه شادين تي دهل وڄائڻ جي به اجازت ڏني هئائين؛ تنهن ڪري ڳوٺ ۾ اڪثر رات جو مختلف اوطاقن ۾ خصوصًا حافظ شاهه جي اوطاق ۾ راڳ جي مجلس دير تائين هلندي هئي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ راڳ سکڻ جو شوق پيدا ٿيو.

مطلب ته متوسطين جو دور ٽکڙ جي تاريخ جو هڪ زرين باب هو. مثلاً: هر سال پلن جي شڪار تي ٻيڙين ۾ چڙهي وڃبو هو، جتي تازن پڪل پلن ۽ پلاءُ سان گڏ شعر گوئيءَ جو چرچو به ڪشتين اندر هلندو رهندو هو. جي ڪنهن انبن جي موسم ۾ انبن کائڻ جي دعوت ڏني، ته به شعر و شاعري، نڪته سنجي ۽ موسيقيءَ جو دور هلندو هو. ساڳيءَ طرح سوئرن ۽ ڦاڙهن جي شڪار تي هر سياري وڃبو هو يا ساوڻيءَ ۾ گنجي ٽڪر جي سبز چوٽين تي چڙهي مُنگها ۽ مُرٽ کائي، پلر جو پاڪ پاڻي پي، ڌنارن جي دونهينِ تي ويهي، وري به ڪو نه ڪو ڪلام جهونگاريو ويندو هو.

ناظرين ڪرام محسوس ڪري سگهندا ته جنهن قطعهء ارض کي قدرت جون اهي سڀ نعمتون حاصل هونديون، ان جا باشندا ڇو نه پنهنجي دماغي قوت کي نظم جي صورت ۾ نروار ڪري سگهندا.[2]

انهن محفلن ۽ مجلسن ۾ حافظ محمد هارون به موجود رهندو هو ۽ سرگرميءَ سان حصو وٺندو هو. شاعري ته سندس آبائي ورثو هو ۽ وري جو هيترن شاعرن جي صحبت، في البديهه گوئي جو رواج، چٽا ڀيٽيءَ جو شوق، تنهن ته هيڪاري سندس طبيعت کي چمڪائي ڇڏيو. شاعرن جو اهو قلمبند ٿيل ڪلام، اهي في البديهه مشاعرا، زماني جي اٿل پٿل ڪري خبر ناهي ڪهڙي اهڏ ۾ اچي ويا! فقط ڳالهيون وڃي رهيون آهن ۽ چند مثال زباني طور ياد!

هڪ دفعي صبح جو سوير جيئن مخلص بازار جي وڏي چوڪ ۾ آيو، تيئن ڏٺائين ته ماڻهن جي اها چهل پهل آهي ئي ڪانه ۽ پريان دلگير بيٺل هو. مٿس نظر پوندي مخلص چيو ته:

اڙي يارو! سبب ڪهڙي وسي[3] ويران ٿي ڏسجي.

دلگير هڪدم گره ملائي:

خدا جي خلق جنهن ۾ جابجا حيران ٿي ڏسجي.

پوءِ اڌ ڪلاڪ تائين پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪندا رهيا.

ٻئي دفعي مخلص طرح ڏني:

وئي هلي نيٺ آبرو منهنجي

دلگير في البديهه چيو:

ملڪ ۾ آه گفتگو منهنجي، شهر ۾ آه جستجو منهنجي،

عشق بازي ۾ يار جي، هيهات!، وئي هلي نيٺ آبرو منهنجي

 

دلگير جي ڪلام تي هڪ نظر

دلگير جو ڪو مرتب ديوان يا ڪو بياض باوجود ڪوشش جي مون کي هٿ ڪونه آيو، فقط پارينه پنن ۽ بوسيده ورقن تان ذريون پرزيون چونڊي، هي ڪلام ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. اهو ڪلام جيتوڻيڪ تمام گهٽ آهي، مگر مطالعي ڪرڻ سان شاعر جي مقام جي خبر پئجي سگهندي.

جنوري 1961ع ۾ ميرپور بٺوري جي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي محقق ۽ مؤرخ محترم سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي گفتگوءَ ۾ فرمايو ته: ”ٽکڙ سنڌ جو شيراز آهي.“ شاهه صاحب جي راءِ وزن رکي ٿي ۽ منهنجي ناقص سمجهه موجب دلگير انهيءَ شيراز جو قاني آهي. سندس ڪلام ۾ بي پناه رواني آهي_____ بندش، پختگي، شستگي ۽ سلاست سندس شعر جي جان؛ حسن الفاظ ۽ حسن معاني سندس شعر جو سينگار؛ سهڻيون ترڪيبون، محاورا، استعارا ۽ ڪنايا سندس ڪلام جي زينت آهن. سندس ڪلام انهيءَ دور جي مروج عروضي غلطين کان اڪثر خالي آهي. عربي ۽ فارسي لفظن جي صحت، حرڪات ۽ سڪنات جو خيال ۽ اڪثر صحيح استعمال سندس ڪلام ۾ بدرجئه اتم موجود آهن. غربت ۽ گذر جي تنگي، غم ۽ حزن سندس دل ۾ رقت پيدا ڪئي ۽ سندس ڪلام کي سوز وگداز بخشيو. کيس پنهنجي مقام جي خبر هئي ۽ ان جي دعويٰ به ڪيائين ۽ مقابلي لاءِ ٻين کي للڪاريائين. پاڻ کي مخاطب ٿي چيائين:

شعر گوئي ۾ تو اڄ جادو فني ڪي اختيار،

جنهن کي ڪا دعويٰ هجي، هيءَ گوءِ هي ميدان تيار!

دلگير واقعي شاعريءَ جي ميدان جو مانجهي مرد هو ۽ مٿئين شعر کي فقط شاعرانه تعلي نه سمجهڻ گهرجي.

دلگير جي ڪلام کي اسين قطعه تاريخن، غزلن، قومي ۽ ٻين نظمن ۾ ورهائي سگهون ٿا.

 

قطعه تاريخون

دلگير قطعه تاريخون اڪثر فارسيءَ ۾ چيون آهن ۽ ڪجهه سنڌي ۾ به آهن. انهن تاريخن ۾ اڪثر قصيدي جي ڪلاسيڪي قانونن جي پيروي ڪئي اٿس. انهن ۾ قصيدي جا حصا نسيب (تشبيب) گريز، مديحه يا حزنيه ۽ دعائيه وغيره سڀ موجود آهن. سندس تشبيهون اڪثر بلند ۽ نازڪ خياليءَ جون آئينه دار آهن. ڪٿي ڪٿي مروج ۽ موزون انگريزي لفظ به استعمال ڪري ٿيو، جيئن ڪائونسل وغيره. آقا محمد اسماعيل جان جي فرزند جي ولادت تي لکيل سندس قصيدي جي تشبيب مان چند بيت پيش ڪجن ٿا، جيڪي شاعرانه خوبين سان آراسته پيراسته آهن:

نحمد الرب هو الآخر و هو الاول

نشکر الهق هو المنعم و هو المفضل

ويو اٿي فوجِ خزان جو چمنستان مان هجوم

باغ ۾ ويٺي وري شاهه صبا جي ڪؤنسل

غنچـهء دل کي ڪيو بادِ بهاري خندان

اڄ وري جوش ۾ ٿيو فضلِ خدا عزوجل

جوشش نشو ونما باغِ مواليد ۾ آه

سبز تر آبِ عناصر کان ٿي اڄ ڪشت امل

شام جو عڪسِ شفق تختهء سنبل تي پيو

شوخيء سرخيء لب جو ٿيو مسي تي عمل

ڪٿي سنبل جي سياهي ڪٿي سوسن جي بهار

نو عروسانِ چمن ۾ ٿيو مسي ۽ ڪجل

راغ اڄ آهه ٿيو گلبانگِ طرب جو مخرج

باغ پڻ آهه ٿيو گلگشت صبا جو مدخل

سجدهء شڪر ۾ پئي هر سرِ شاخِ اميد

سبحهء شڪر ۾ پيو هر لبِ گلبرگ امل

موجهء بحر تي ٿيو ڪاڪل پيچان جو گمان

سطحهء نحر تي ٿي آبء روان جي ململ

جهڙا قصيدي ۾ سندس قلم مان مسرت ۽ بهجت جا موتي ٿا نڪرن، اهڙا ئي مرثيي ۾ حزن ۽ الم جا هيرا ٿا ٽپڪن. مثلاً سيد محمد ڪامل شاهه جي نوجوان فرزند، محمد عادل شاهه جي وفات تي لکيل مرثيي جا ٻه بند ملاحظه هجن:

هي ڪير دار فنا کان ويو ادا افسوس

هي ڪنهن جي داغِ الم دل تي زخم ڪيا افسوس

هي ڪنهن جي رحلت کان چاڪ اڄ چڪيا افسوس

هي ڪنهن جي موت ڪيو حشر اڄ بپا افسوس

هي ڪنهن جي لاءِ ٿيا نوحه خوان خاص ۽ عام

هي ڪنهن جي موت کان ٿيو آهه هر بشر بيچين

هي ڪنهن جي موت کان آهي ٿيو اندر بيچين

هي ڪنهن جي موت کان سيني ۾ ٿيو جگر بيچين

هي ڪنهن جي موت کان ٿيو آهه سارو گهر بيچين

هي ڪنهن جي موت کان پهلو ۾ دل ٿي بي آرام.

غزل

جيئن پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو، دلگير جا هن مجموعي ۾ فقط ٽي غزل آهن، جن مان به ٻه نامڪمل آهن. افسوس آهي ته اسين سندس ٻيا غزل هٿ ڪري نه سگهيا آهيون. جيتري قدر دلگير جي شاعرانه منزلت آهي، ان جي مقابلي ۾ غزلن جو اهو تعداد مشتي نمونهء خروار سمجهڻ گهرجي.

هنن غزلن ۾ رنگ تغزل ۽ تخيل موجود آهي ۽ سندس عاشقانه ڪلام تي ڪجهه نه ڪجهه روشني پئجي سگهي ٿي. هڪڙي غزل ۾ نهايت سادي، صاف ۽ سلوڻي سنڌي ڪم آندي اٿس. محاورن، تشبيهن ۽ تجنيس حرفيءَ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو آهي. ٻه ٽي شعر ملاحظه هجن:

سڄڻ جي سڪ ۾ ويو سينو سڙي اڄ،

پرين ڌاران پيم ڳوڙها ڳڙي اڄ.

جدائيءَ جو جيئڻ ٿيو، تنگ دل ٿي،

گهنگهر گهاريان بنا تنهنجي گهڙي اڄ.

ٻَڌم ٻانڌاڻ توسان پيچ پختو،

ٿيس آءٌ ڪڙم ۾ ڪامل! ڪڙي اڄ.

نُڪون لاهي وهي ٿو نير نيڻين،

ڪري لائق اچج لالڻ! لڙي اڄ.

ٻئي غزل جا چند بيت پيش ڪجن ٿا، جيڪي حزن ۽ ملال، هجر ۽ فراق، پختگي، بندش، رواني، استعارن، ڪناين ۽ تخيل جا حامل آهن. زبان ڏکي ۽ فارسي آميز آهي ۽ غزل مشڪل زمين ۾ چيل آهي:

نه ميء پرست آهيان، نه باده خوار آهيان،

فقط شرابِ محبت جو خواستگار آهيان.

جگر ۽ قلب ۽ سيني ۾ منهنجي باه ٻري،

مثالِ شعلهء جواله شعله دار آهيان.

متاعِ عمرِ گرانمايه صرفِ سوز و گداز،

چشيده مزهء دردِ انتظار آهيان.

فدائي ديدِ تماشائي عڪسِ وجد انگيز،

مثالِ سرو لب آبِ جوئبار آهيان.

رفيقِ رهرو آواره خانمان برباد،

نشانِ منزلِ گم گشتئه ديار آهيان.

اسيرِ دام تالف، رهين حسرت و ياس،

بلا ڪشِ ستمِ دورِ روزگار آهيان.

دماغ چرخ تي دلگير ٿو رهي دائم،

جو ڪنهن جي واٽ ۾ پيو صورتِ غبار آهيان.

 

[1]  ”تذڪرهء شعراءِ ٽکڙ“ مصنف اسد الله شاهه تقريظ ص19

 

[2]                      ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ ديباچو ص14_15

[3]                      ٽکڙ جو اصلي نالو وسي ملوڪ شاهه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org