هنن
شعرن جي متعلق ڪا معلومات ملي نه سگهي.
تاريخ
وفات سيد محمد عادل شاهه ولد محمد ڪامل شاهه
سعيدپوري:
سراءِ عالم آهي به هڪ عجيب مقام
مسافرن کي هتي ڪو رهڻ جو ناهه دوام
نه هڪڙي دم کان زياده ڪيو ڪنهين آرام
عجب تغير ڏيکاري گردش ايام
ٿو بدلي رنگ فلڪ نت نوان جو صبح و شام
کليل رهي ٿي شب وروز شاهراههِ عدم
کڻن مسافر ٿا جلد جلد پنهنجو قدم
نه آهي قدرت ڪنهن کي رهي جو هڪڙو دم
نه ان ۾ شبهو ٿيو آهه ڪو خدا جو قسم
ٿيو انهيءَ راه ۾ دشوار هڪڙي دم جو قيام
هلو هلو جو اچي ٿو پٺيان اهو آواز
هي اهڙي راهِ خطر جنهن کان ٿئي ٿي جان گداز
کڻي نه ڪوبه ٿو سامان ۽ سفر جو ساز
نه انهيءَ راه ۾ همراه دوست ڪو دمساز
صدارحيل جي گويا ٿيو موت جو اعلام
ڪريو ڪو فڪر ته پنهنجي حيات فاني جو
ڪڍو ڪو رستو ادا! عيش جاوداني جو
هتي لحاظ نه ٿو پيري و جواني جو
ٿيو هر ڪنهين جي اهو حال زندگاني جو
ٿيو جهڙو شام جو خورشيدِ خاوري لب بام
اُو بيوقوف، حياتي جو ڀروسو جنهن کي
امير توڻي گدا کي ادا! اجل ٿو سڏي
مرڻ کان پاڪ نه ڪو پير ۽ جوان ٿئي
عدم جي راه ۾ هرگز نه ترسڻو ٿو پوي
وڃن ٿا پوري اکيون راه هن تان خاص ۽ عام
مقام غور ٿيو انقلاب ليل ونهار
جي تندرست هوا ڪالهه، اڄ سي ٿيا بيمار
جي اڄ مريض سي آهن ٿيا اجل جو شڪار
ٿيو آهه درهم و برهم انهن جو ڪاروبار
عزيز توڻي اقارب ۾ ان جي ٿيو ماتام
نه استوار ٿيو بنيادِ عالمِ امڪان
هزار زخنه ٿين ٿا هميشه جنهن مان عيان
نشاطِ عيش ڪٿي! ڪٿ ٿيو آهه غم جو نشان!
ٿيو آهه آبِ قضا سان زمين تي طوفان
هزار جنهن ۾ ٿيا غرق صبح توڙي شام
هجي ڪو پير، پيمبر ڪه صاحبِ عرفان
رسول توڻي اولو العزم، نامور ذي شان
ڪريون خيال ته ظاهر ادا! هي آهه بيان:
ڪلام حق جو صفا ”کل من عليها فان“
سوا خدا جي نه ڪنهن کي ٿيو بقاءِ دوام
سفر ضرور سراءِ جهان کان آه ڪرڻ
قدم کي منزلِ ملڪِ عدم ۾ آهه ڌرڻ
هي ڳالهه سچ ته سڀن کي ٿيو هڪڙي ڏينهن مرڻ
ويو جو تنهن کي نه دنيا ۾ مور ٿيندو ورڻ
مگر ٿيو باعثِ افسوس موت بي هنگام
هي ڪير دار فنا کان ويو ادا افسوس
هي ڪنهن جي داغِ الم دل تي زخم ڪيا افسوس
هي ڪنهن جي رحلت کان چاڪ اڄ چڪيا افسوس
هي ڪنهن جي موت ڪيو حشر اڄ بپا افسوس
هي ڪنهن جي لاءِ ٿيا نوحه خوان خاص ۽ عام
هي ڪنهن جي موت کان ٿيو آه هر بشر بيچين
هي ڪنهن جي موت کان آهي ٿيو اندر بيچين
هي ڪنهن جي موت کان سيني ۾ ٿيو جگر بيچين
هي ڪنهن جي موت کان ٿيو آهه سارو گهر بيچين
هي ڪنهن جي موت کان پهلو ۾ دل ٿي بي آرام.
جناب سيدِ سادات مير عادل شاهه
سليم طبع، جوان بخت، بيڪسن جو پناهه
جڏهن دنيا کي ڇڏيو ٿي هليو رباني راهه
پڙهيائين: اشهد ان لا اڵۏ
الا الله
ڪيائين منزل پنهنجي وڃي به دارِ سلام
وفات شاهه جي، صدبار آهه و واويلا!
وفات شاهه جي سر تي وڌي ڏکن جي بلا
وفات شاهه جي سڀني کي نشترِ دلها
وفات شاهه جي ٿي دل کي دردِ رنج افزا
وفات شاهه جي ڪِي ساري ملڪ منجهه قيام
عجيب مرد مبارڪ هو، نونهال جوان
سندس وجود سدا بيڪسن جي لاءِ ضمان
۽ حسن صورت و سيرت ۾ هو يگانه جهان
ڪيائين وقف به تعليم پنهنجو جسم وجان
ڇڏي ويو سو زماني ۾ هاءِ! پنهنجو نام
بيان ڪري نه سگهي ان جي وصف جو ڪا زبان
مقر ان جي محاسن جا عاقلانِ زمان
بلند همت، ذي خُلق، صاحبِ ايمان
محيطِ علم و ادب، فيض بخش، فيض رسان
سڀن جي وات ۾ آهي سندس صفت جو ڪلام
ٿئي نه هرگز ان کي ملال تربت ۾!
بسر زمانئه برزخ ٿئي خواب رحمت ۾!
نبي سان گڏ ٿئي محشور شل قيامت ۾!
الاهي! لطف سان ڏي ان کي جاءِ جنت ۾!
هميشه روح سندس جو ٿئي بهشت مقام
رهن عزيز ۽ ابوين ان سندا آباد!
هجن زماني ۾ سڀ خويش ان سندا دل شاد!
حصول تن جي سدائين ڪجان تون دل جي مراد!
الم کان دهر جي تن کي رکج سدا آزاد!
بحقِ ابنِ ابي طالب و رسولِ انام
خموش ”حافظ!“ تن بيقرار اڄ ٿو ٿئي
هي درد دل جو اجهو آشڪار اڄ ٿو ٿئي
سخن جو طول طبيعت تي بار اڄ ٿو ٿئي
ٻڌي ٿو جيڪو اهو اشڪبار اڄ ٿو ٿئي
هي تعزيت جو مخمس ڪه مرثيو ڪه سلام! |