سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 3

سوانح حافظ محمد هارون دلگير

 

ٽکڙ جي سرزمين پنهنجي اديبن، شاعرن، عالمن، درويشن، حڪيمن ۽ سياستدانن جي ڪري سنڌ ۾ گهڻو مشهور ۽ معروف آهي. انهيءَ ڳوٺڙي جو نالو هاڻي فقط چند بزرگن ۽ شاعرن جي ڪري زنده رهجي ويو آهي، ورنه ٽکڙ جي نه اها اڳوڻي رونق رهي آهي ۽ نه اڳ جيترا ماڻهو منجهس رهن ٿا. محل ۽ ماڙيون ڪِري پيون، ڪوٽن کي ڪلر کائي ويو، اوطاقون اجڙي ويون، بازاريون ڀڄي ڀُري ويون. جتي اڳي شعر وسخن جون محفلون ۽ مجلسون ٿينديون هيون، اتي هاڻي چٻرن جو آشيانو آهي. جتي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور، سگهڙ ۽ سچيت، ڪانب ٻڌي، چلم ٽيڪي، راتين جون راتيون سڪ ۽ سوز، هنر ۽ فن، ڏور ۽ ڏٺ، ڳجهارت ۽ ڳاهن، پهلواني ۽ دلاوريءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ڪندا هئا، اتي هاڻي مٽيءَ جا ڍير سندن ياد تي ماتم ملهائي رهيا آهن. جتي قرآن جا قاري ۽ متبحر عالم، الله ۽ رسول جي واکاڻ ڪندا هئا، انهن مسجدن ۾ ڪڏهن ته ٻانگ به ڪانه ٻڌبي آهي ـــــ ’مسجدين مرثيه خوان هين که نمازي نه رهي!‘ جتي متشرع صوفي، روحاني راز سليندا ۽ وٽون ورهائيندا هئا، اهي هنڌ ۽ حجرا، ڀيڻيون ۽ ڀاڻ ڀڙ ڀانگ ٿي ويا آهن.

ٽکڙ مان لڏپلاڻ جو سلسلو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳي ئي شروع ٿي ويو هو. ڳوٺ جي وڏي، سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه جي ١٣٥٣ هجريءَ ۾ وفات سان ئي هندن تان حمايت جو هٿ لهي ويو. چوري ۽ سينا زوري ٻئي مروج ٿي ويون. ويچارا واڻيا وطن ڇڏي ڀڄي ويا. ڳوٺ ڦٽڻ شروع ٿيوــــــ نه داد نه فرياد، نه اوهي نه واهي! ڪمين ڪارين جو به هو هندن تي مدار، سندن روزگار بيٺو ته ٻيون وسنديون وڃي وسايائون. پاڪستان کان پوءِ گهڻا سادات ۽ ٻيا سرند ماڻهو به ڳوٺ ڇڏي، مختلف شهرن ۾ اچي رهيا. ٻوڏ جي خوف کان ڳوٺ کي چوڌاري وڪڙي لڳي ۽ نتيجي ۾ بادصبا جي بدران هاڻ واريءَ جا طوفان وسڻ شروع ٿيا.

هاڻ ته ٽکڙ کي ڏسندي اکيون ڀرجيو اچن ۽ سندس تباهي ۽ بربادي دل دهلايو ڇڏي. چند گهر وڃي رهيا آهن. ماڻهو ملول ۽ ويڳاڻا، گذران تنگ، ڏينهن جو ڏک ۽ راتين جو روڄ ۽ راڙو. سج لٿو ته سڄي ڳوٺ ۾ ڪڪڙو ڪو ٿيو وڃي. وحشت ۽ خوف جا سايا اونداهيءَ ۾ گهمندا نظر ايندا. چوڌاري اداسيءَ جو هڪ عالم طاري ٿي ويندو آهي. بس قدرت جي ڪَمهري شل نه ڪنهن تي ڪڙڪي!

ٽکڙ پوين پساهن ۾ آهي، پر الحمدلله سندس سپوت اڃا تائين پنهنجن وڏن جي روايتن کي روشن رکندا اچن. حصرت صاحب خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا، آقا عبدالستار جان پير، علامه حافظ حڪيم محمد هاشم جان، مولانا محمد ابراهيم جان خليل، آقا محمد سليم جان سرهندي خاندان مان؛ محترم محمد خان ’غني‘ حافظ حامد جي خاندان مان؛ ۽ قبله سيد ميران محمد شاهه ’مير‘1 سيد محمد سعيد شاهه سعيد، سيد حافظ شاهه ناطق، امداد حسيني، شبير هاتف ۽ غلام رسول شاهه سوز، سيدن جي خاندان مان؛ پنهنجن بزرگن جا جانشين آهن. افسوس آهي ته اسين اڄ جنهن خاندان جي فرد کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون، ان خاندان منجهان ڪوبه اديب يا عالم ڪونه رهيو آهي، جنهن جو ذڪر ڪجي. منجهانئن آخري باڪمال شخص حافظ عبدالله ’بسمل‘ هو، جو به 1949ع ۾ بيڪسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو.

 

1  نهايت افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سائين ستار جان ۽ سائين ميران محمد شاهه رحلت ڪري ويا آهن. سندن خوشگوار ياد اسان وٽ رهجي وئي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org