حافظ دلگير
جي سوانح حيات
دلگير جي ولادت جي تاريخ جي صحيح معلومات ڪانهي.
مون ڪي ورهيه اڳي سندس ڀائٽي مرحوم حافظ الهڏني
کان پڇا ڪئي هئي، جنهن ٻڌايو ته پاڻ اٽڪل ١٢٩٩
هجريءَ ڌاري موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو هو. ممڪن آهي
ته اهو سال صحيح هجي.
بهرحال! سمجهه لائق ٿيڻ سان دلگير پنهنجي والد
حافظ محمد يوسف وٽ سبق وٺڻ شروع ڪيو ۽ والد جي
تربيت هيٺ فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ سان
گڏ قرآن ڪريم به حفظ ڪيائين. انهيءَ وقت علامه
اسدالله شاهه ’فدا‘ مرحوم خانگي طور پنهنجن ڪن
عزيزن مثلاً فيض محمد شاهه کي عربي پڙهائيندو هو.
دلگير به وٽس 1314 هه کان ١٣١٦ هه تائين عربي
پڙهي. تعليم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ دلگير مڪتب ۾
شاگردن کي درس ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ گهر جي ڪم
ڪار ۾ به پيءُ جي مدد ڪندو هو. پاڻ چوويهن سالن جي
عمر کي مس پهتو ته سندس والد حافظ محمد يوسف وفات
ڪري ويو. گهر ۾ دلگير ئي وڏو هو، ان ڪري مڪتب
هلائڻ ۽ خاندان جي پرورش ڪرڻ جو سمورو بار مٿس
پئجي ويو. حافظن جو سواءِ درس تدريس جي ٻيو ڪوبه
آمدنيءَ جو ذريعو ڪونه هو ۽ نه وري سندن بزرگن جو
دنياوي مال ۽ دولت کي هٿ ڪرڻ ڏانهن ڪڏهن لاڙو
رهيو. انهيءَ ڪري هو اڪثر مسڪينيءَ ۾ گذاريندا
هئا. ڳوٺ جا سرند ماڻهو ۽ زميندار طبقي وارا، پڄت
سارو، سندن خدمت ڪندا هئا. ڪجهه حڪومت طرفان به
ملا مڪتب جي ڪري سالياني گرانٽ ملندي هين، پر اها
ڪا ايڏي وڏي آمدني ڪانه هئي، جنهن مان هڪ وڏي
خاندان جي آرام سان زندگي گذري سگهي.
دلگير انهيءَ غربت جي عالم ۾ پلجي وڏو ٿيو. سادي
زندگي گذارڻ ته سندس آبائي ورثو هو، پر گهڻا کائڻ
وارا ۽ هڪڙو ڪمائڻ وارو، تنهن ڪري گذر تنگ هوس.
جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي ته دلگير حافظن مان
پهريون شخص هو، جنهن مٿين ڪمن کان سواءِ پنهنجي
گذران لاءِ ڪجهه ٻيا ڪم ڪاريون به شروع ڪيا. هو نه
فقط پنهنجي مڪتب جو ڪم هلائيندو هو، پر خواجه محمد
حسين جان جي فرزندن، مرحوم محمد اسماعيل جان ۽
مرحوم محمد يعقوب جان کي الڳ پڙهائيندو هو. ان کان
پوءِ مرحوم سيد محمد حافظ شاهه جي فرزند مرحوم
محمد پناه شاهه کي به سيدن جي مسجد ۾ وڃي تعليم
ڏيندو هو، جتي ٻيا سادات به پڙهڻ ايندا هئا. انهن
سڀني بزرگن وٽان کيس امداد طور ڪجهه نه ڪجهه پيو
ملندو هو، خصوصًا خواجه محمد حسين جان ۽ مرحوم
محمد اسماعيل جان آخري دم تائين سندس دل کولي مدد
ڪندا رهيا.
سعيدپور واري سيد محمد ڪامل شاهه مرحوم جو دلگير
سان خاص قرب هوندو هو. سندس خط وڪتابت وغيره جو ڪم
به دلگير ڪندو هو. جڏهن به سندس صاحبزادا گرميءَ
جي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن دلگير کي
گهرائيندو هو ته اچي کين ديني تعليم ڏئي. حافظ
صاحب کي محمد ڪامل شاهه وٽان به ڪجهه نه ڪجهه
وظيفو ملندو هو.
خوشخطي
دلگير نهايت اعليٰ خوشخط هو. ڪيترا قلمي نسخا،
بهار اخلاق رسالي جا پرچا ۽ ٻيا ڪيترا ليٿو ۾ ڇپيل
ڪتاب سندس خوشخطيءَ تي شاهدي ڏين ٿا. ڪتابت مان به
کيس آمدني ٿيندي هئي. علامه فدا جا اکر به نهايت
سهڻا هئا، پر حافظ جي اکرن جي تمام گهڻي تعريف
ڪندو هو. هڪڙي بزرگ کي خط لکندي، حافظ هارون متعلق
لکيائين ته:
حضرتا بابرڪتا!
اجوبئه اسوله مرسوله فراخور ذهن ناقص بخذمت فيض
موهبت مرسول اند...... وکاتب خوشخط در قريه اين
حقير موجود است که کار خط وکتابتِ کتب وکاپي ميکند
و خطِ او احسن و ازين حقير است اگر کدام کتاب يا
بياض نويسانيدن باشد اغلب را باجرت نوشته خواهد شد
و نام کاتب مولوي محمد هارون است که ”هديه اسديه“
از دستخط اوست.....
العبد
اسدلله الحسيني
مرحوم محمد اسماعيل جان روشن، دلگير جي وفات تي
قطعه تاريخ لکندي، سندس فضل ۽ ڪمال متعلق هيئن
فرمايو آهي:
جناب حافظ هارون صدر مجلس فضل
گل حديقه ’دانش‘ مه سپهر ذکا
به ذهن هندسه خوان به فهم حکمت دان
به عقل پير، بدل نوجوان، به طبع رسا
چنان رفيع خيالي که در معارج نظم
گذشت پايئه اشعارش از شرِ شعريٰ
نظر به شعر خوشش نظم شاعران جهان
همان مقابلهء قطره ايست با دريا
به بحر نثر چنان بود فکر او غواص
که ميکشيد بيک غوطه صد دُرِ يکتا
به خط خوب ز امثال آنچنان فائق
که کس نپخت خيال سويتش اصلا
|