سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 4

حافظ دلگير جو خاندان

ٽکڙ جي ادبي تاريخ تي ڪو مفصل ڪتاب لکيل ڪونه هو. بنده 1958ع ۾ ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ تاليف ڪيو، جو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. پر ان ۾ به هاڻي وقت گذرڻ ڪري، ترميمن ۽ اضافن جي ضرورت آهي. اسان کي گهڻو ڪري روايتن تي اعتبار ڪرڻو پوندو. جيتري قدر تحقيق سان معلوم ٿي سگهيو آهي، اهو هي آهي ته حافظ ذات جا ميمڻ هئا ۽ ١٢ صدي هجريءَ جي شروعات ڌاري سيدن سان گڏ مٽيارين مان هجرت ڪري اچي تعلقي گونيءَ ۾ نئين آباد ڪيل ڳوٺ وسي شهمير شاهه ۾ ويٺا. اهو ڳوٺ ٻڏي ويو. سيدن وري ٻيو ڳوٺ وسي شهمير شاهه جي نالي سان آباد ڪيو، جنهن کي ٽکڙ به سڏيندا هئا. تيرهين صديءَ جي آخر ڌاري اهو ڳوٺ به ٻڏي ويو. وري ٽيون ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه جي نالي سان آباد ڪيو ويو، جنهن کي ٽکڙ سڏيائون ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين زبون حالت ۾ موجود آهي.

حافظ پنهنجي علم ۽ فن جي ڪري گهڻو مشهور هئا. سندن قبيلي جا اڪثر فرد قرآن جا حافظ هئا. سندن هڪ مڪتب هو، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. انهيءَ درس ۽ تدريس جي ڪري ماڻهو کين حافظ سڏڻ لڳا ۽ هو پنهنجي اصلي قبيلي ميمڻ کان ڇڄي ڌار شاخ ۾ ورهائجي ويا.

هن خاندان جا ڪيترا فرد ورهين جا ورهيه ديني علم سان گڏ شعر ۽ ادب تي به دسترس رکندا آيا. ’سنڌ جي جديد شاعري‘ جي لکندڙ محمد خان غنيءَ جي دعويٰ موجب سنڌيءَ ۾ موزون شاعري ١٢ صدي هجريءَ جي اوائل ۾، ٽکڙ مان شروع ٿي ____ حافظ عالي، نور محمد خسته ۽ ميان ڇَتَن انهن بزرگن مان آهن، جن انهيءَ جو بنياد وڌو. مٿين ٽنهي بزرگن مان حافظ عالي ۽ نور محمد خسته، حافظ محمد هارون جي آباءُ اجداد مان آهن. جيتوڻيڪ تحقيق موجب سنڌيءَ ۾ موزون شاعري ٻارهين صدي هجريءَ کان اڳي ئي رواج ۾ هئي ۽ انهيءَ دعويٰ تي اعتبار نه ڪندي به ايترو ته چئي سگهجي ٿو ته ٽکڙ جا شاعر اولين موزون گو شاعرن منجهان هئا.

دلگير جو ڏاڏو حافظ محمد هارون اول به هڪ وڏو عالم فاضل شخص ٿي گذريو آهي. سندس فضل ۽ ڪمال متعلق روايتون وڏڙن کان ٻڌبيون آهن. سندس فرزند حافظ محمد يوسف به عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر هو. ڳوٺ جا اڪثر شاعر ۽ اديب سندس تربيت يافته هئا، جن مان محمد هاشم ’مخلص‘، علامه اسدالله شاهه ’فدا‘ ۽ سيد محمد حافظ شاهه اول جا نالا قابلِ ذڪر آهن. حافظ يوسف شاعري به ڪندو هو. مون پنهنجي فارسي مقدمي ۾ سندس ڪلام جو نمونو پيش ڪيو آهي، پر افسوس جو سندس گهڻو ڪلام ضايع ٿي ويو.

حافظ يوسف کي ٽي پٽ هئا: هڪ حافظ محمد هارون دلگير، ٻيو حافظ احمد ۽ ٽيون حافظ بسمل. هڪڙي نياڻي به هيس، جا به قرآن جي حافظه هئي ۽ ڳوٺ جون ڪيتريون نياڻيون سندس درس ۾ شامل ٿينديون هيون. حافظ دلگير وڏو هو ۽ بسمل صفا ننڍو هو. اهي ٻئي ڀائر فارسيءَ ۾ يڪتائي روزگار هئا. البت دلگير، بسمل جو استاد به هو ۽ کانئس علم و فن ۾ به وڌيڪ هو. دلگير عربيءَ جي تعليم به ورتي هئي، پر بسمل عربي تمام گهٽ ڄاڻندو هو. شاعري ٻئي ڀائر ڪندا هئا، پر اخباري دور کي نزديڪ هجڻ جي ڪري بسمل، دلگير کان زياده مشهور آهي؛ جيتوڻيڪ ٻنهي جي ڪلام ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. دلگير جو ڪلام بي بها آهي ۽ بسمل ساڻس همسريءَ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. باقي وچٽ پٽ حافظ احمد فقط درسي فارسي ڄاڻندو هو. قرآن به مڪمل ياد ڪونه هوس. ننڍي هوندي ماتا جي بيماريءَ ۾ هڪ اک جي روشني وڃائي ويٺو ۽ ٻيءَ اک جي به نظر گهٽ هيس، نه ته ممڪن آهي ته هو به ڀائرن وانگي ڪمال حاصل ڪري ها. مون حافظ احمد وٽ ڪجهه عرصو تعليم حاصل ڪئي هئي، باقي حافظ دلگير، سو آئون اڃا ٻن سالن جو مس هوس ته وفات ڪري ويو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org