اڱڻ منھنجي عجيب ايندا، اچڻ سان عيد ٿي ويندي،
مٺي محبوب مشفق جي، ملڻ سان عيد ٿي ويندي.
محبت ڏيندا ڇڏي ماڻا، سندم سھڻا سڄڻ سچي،
پرين سان روز راتيون، گڏ، رهڻ سان عيد ٿي ويندي.
نھاريان روز پئي راهون، برهه بيمار ڪئي آهيان،
ڏکويل کي اچي ڏک ۾، ڏسڻ سان عيد ٿي ويندي.
قرابت منھنجي ڪانھي ڪا، قريبن جو ڪرم گھرجي،
قريبي قرب جون، ڳالھيون ڪرڻ سان عيد ٿي ويندي.
”عارف“ ايندا هو لاثاني، جياپي منهنجي جا جاني،
دلاسا دلبريون ڏيئي، پڇڻ سان عيد ٿي ويندي.
¦
محبوب رخ مدامي، غنچه گلاب آهي،
شب روز شھنشاهي، شاهي شباب آهي.
رحمان راز رايو، سھڻي ڪيو سرس سايو،
باطن برهه جو پايو، ظاهر نقاب آهي.
چشمن جي چوٽ چاڙهي، گھايل وڌو تو گھائي،
ڏک ڏيل تنهن ڏهاڙي، ازليءَ عذاب آهي.
حملا حسن هزاري، عاشق جي دل آزاري،
سڄڻ ڪري ستاري، سمجهه ثواب آهي.
سڪ سير هي سڃاتو، ٿيو بيوس بدن بلاتو،
پوشاڪ پيچ پاتو، ڀانيم نواب آهي.
”عارف“ عجيب عالي، شفتين مَئي موالي،
ڪوثر قسم ڪمالي، شاهي شراب آهي.
¦
مون کي دؤر دنيا جا درس نه ڏي، مون کي دام لڳي
درداني جي،
توکي ڪل ڀلا چئون ڪھڙي قاضي، عشق واري افساني جي.
کائي مال مَتو آهين، ڪر نه مڳي، خود هام هڻين ٿو
هو نھين کڳي،
توکي نوڪ نه هرگز آهي لڳي، ڪا نظرن جي نشاني جي.
”اَلاِنسَان سِرِي“
رب راز رکيو، ٿيو انڪار ڪري ابليس ڏکيو،
تو سبق اتائين ڪونه سکيو، وئين واٽ وٺي ويراني جي.
هل موکي جو مئخوان جتي، آهي جانب جلوو جتي ڪٿي،
ڇڏ دلڪ دوئي جا ڌيان هتي، رک دعوا تون نه زماني
جي.
”عارف“ راهه الله نه ڇڏ، دل وحدت جي ويساهه سان
گڏ،
رک صورت جا ارواح ۾ اٿئي، اها بازي رکيل بهاني جي.
¦
ڪري دل درد ۾ دانهون، تنهنجو ديدار ٿو گهرجي،
نه دارون ديد ري ٻيو ڪو، برهه بيمار ٿو گهرجي.
ساعت سال ٿي سنڀران، وچان ڪو ڪوهه سَو ڪوهن،
اچڻ جي ڪر اڄهين ازخود، اهڙو اقرار ٿو گهرجي.
سڄن سهڻا ستاري ڪر، ستائن ۾ سريو ڇا اٿئي،
سگهو سرڪار ٿي سامهون، سندئي سينگار ٿو گهرجي.
ڪيئي ڇو دلربا دوري، نه دل تان ٿو لهين دلبر،
دردوندن سدا درسن، تنهنجو دلدار ٿو گهرجي.
رهي وڃ رات ڪا راڻا، رسي ڇاکان روئاڙين ٿو،
لمحو لاثان تو لاشڪ، مون کي لاچار ٿو گهرجي.
وري آءُ تون وساريئي ڇو، مون کي ويل ڪا وسرين،
نه ورندي ٻي تي دل وندري، وصل وهنوار ٿو گهرجي.
روئان پيو روز شب تولاءِ، نه ٻيو ڪو روح ريجهائي،
ڪئين رنگ روپ رف توري، روحي رنگداس ٿو گهرجي.
جدائي جيءَ جهوري، مٺا توري مري ويندس،
جيئين جاني تنهنجو جلوو، ”عارف“ اظهار ٿو گهرجي.
¦
ڪيا عجب ديدار ديدن، ٿيون دغائون دل مٿي،
ورق ويسهه جا پڙهڻ، واجب وفائون دل مٿي.
هي اکيون ازخود هلن، پر اوچتي ڪنھن اک جڙيون،
روڄ راڙي ۾ رهن، اورڻ ادائون دل مٿي.
سُونھن سهڻل جي ڏسي، سوگھيُون ٿيون ساري عمر،
سي ته سورن ۾ سڙيون، سارن صدائون دل مٿي.
ريس مان جيڪي روئن، جي روبرو ته به رڙ نه بند،
پاڻ پرچڻ کان پري، راضي رٿائون دل مٿي.
پائي ليا لاثان ٿيون، ”عارف“ اهڙا اظھر عجيب،
دائما سي ديد ڪن، درمل دوائون دل مٿي.
¦دردمند
ٿي دوا، دلدار گهر آيو وري،
محبتي مينهڙا وٺا، منٺار گهر آيو وري.
سرس سانوڻ لاءِ سڪندن، سر سوين سودا ٿيا،
سهڻو سڄڻ سينگارجي، سرڪار گهر آيو وري.
اڄ عجيبن کي پسي، آسون پنيون اکڙين سنديون،
عاشقن آرا، عجب اظهار گهر آيو وري.
مون مٺي محبوب ماڻڻ ڪاڻ، مڃتائون مڃيون،
محب سڀ ماڻا ڇڏي، مهندار گهر آيو وري.
اڄ سڪندر سيج ماڻي، سوڀ ”عارف“ ٿي وري،
سال مون سڪندي ٿيا، سردار گهر آيو وري.
¦
ڪجل ڌاران ڪُنڍيون ڪاريون، ڪٽاريون پيون ڪٽين
ڪَڙڪي،
لڳيون لحظي اندر لاشڪ، لکين سِر لال پيا لڙڪي.
ڌڙا ڌڙ ڌوم ڌاڙا ڪئين، ڌرئون ڌر ڌرم ڌر ڪهڙي،
ڌڪو ڌڪ ڌار ڌڙ سر کان، دُڙن کان دل پئي ڌڙڪي.
دردمند ٿيون دانهون، پسي دم دونهن دارون جا،
دونالي ديد مان دائم، برابر باهه ڪا ڀڙڪي.
ونگيون ور ڏيو، وڳن ويتر، وتن ور ور وراڪيو سي،
ورائين وار وس واريون، وجودي ورق ۾ وڙڪي.
اکيون ”عارف“ عجيبن جون، ارادا ڪن اصل اهڙا،
آيون مارڻ امالڪ سي، نه اٽڪيون اول ڪنهن اڙڪي.
¦ |