۾
ڪيو ديدن عجب دِلبر، سندو ديدار رستي ۾،
ويراڳين سر وڍڻ خاطر، ڪيائين وار رستي ۾.
ڪيائين ڪت، لهي ويا ڪٽ، لاٿائين ڪٽُ ڪٽاري جو،
ڪُسيا ڪونڌر ويا ڪيهر، قتل جي ڪار رستي ۾.
تبر تاري، پيو توڙئون، نه ڪيائين ترس تِر جو ڪو،
خوشامد خونريزي جي کِلي، کيڪار رستي ۾.
ملائڪ کي موٽائي، پاڻ، مارڻ لئه بنيو ماري،
نه مورهين موت کان بچندا، مدامي مار رستي ۾.
نه ڪنهن دم قياس ڪو ڪنهن تي، روئڻ ۽ روڄ ۾ راضي،
لُڇي ڪيئن لال پيا، ليٽن برهه بيمار رستي ۾.
’عارف‘ ايندو اڏي تي ڪو، سنڀالي سر صفا سورهيه،
وهن پيا روز جِت رت جا، نديون ۽ نار رستي ۾.
¦
هليو محبوب اڄ مون سان، روان ٿي راهه رستي ۾،
هينئون ۽ حال هٿ ڪيائين اکيون ارواح رستي ۾.
دوئي کان دور ٿي داناءُ چيو سهڻي سنڀالي هل،
ڪڇان ڪنهن پر وڃان ڪاڏي، ڪيائين ڪاهه رستي ۾.
منجهان سُر پُر چيو سُهڻي، صفا صورت سُڃاڻي وٺ،
رکي معنيٰ سندي مورت جي، آيو الله
رستي ۾.
روئندل کي ريجهائڻ لاءِ، پرين پيوند پاتا پرچي،
ڪيون موٽي مهربانيون، منور ماهه رستي ۾.
ڇڏي ٻيڙيون ٻيائي جون، ٻڌي توڪل سندو تُرهو،
وڌي وياسون ويراڳي ٿي، ڇڏي ملاح رستي ۾.
’عارف‘ اظهار ٿي آيو، رکي آدم سندو اولو،
انهي سرڪار سان سرتيون، سبيو ٿم ساهه رستي ۾.
ن
هي دنيا جو چهچٽو، ۽ يار ياري چار ڏينهن،
جهولا سيارا ۽ اونهارا، بس بهاري چار ڏينهن.
ڇا عزيزن جي عزازت، ڇا قريبن جو قرب،
ڪوڙي خوشامد کيل، جيئن آهي مداري چار ڏينهن.
بيعزتي ۽ بي حيائي، مونجهه مايا ۽ ملول،
قيام سيئن ڪاراڻ منهن تي خلق خواري چار ڏينهن.
هابيل ۽ ڪابيل کي ڇا، ۽ ڇا يهودا کي سريو،
يعقوب يوسف ساڻ ڪئي، يارن غداري چار ڏينهن.
ڏس چڱايون چڱن جون، پيون ڳوٺ ڳلين ڳائجن،
ظالمن جي هن زمين تي، ظلم داري چار ڏينهن.
حرص حرص جي هوڏ تي، هر وار هاڃي ۾ رهيا،
سير هي سارو جهان، ساحل جي ساري چار ڏينهن.
اي! بندا بانور نه ڪر، تنهنجو نه تِر هِڪڙو هِتي،
هتُ ميارون مهل هر ڪنهن، هِت مياري چار ڏينهن.
ڪر سخاوت جو ثمر، اڳتي سفر جي ڪاڻ تون،
شان شهرت شوق هاڻا، شوقداري چار ڏينهن.
مايا ۽ ڪايا تي ڀلا بس! ڀروسو ڪهڙو ڪجي،
هر ملڪ جو مالڪ خدا، ٻي ملڪ داري چار ڏينهن.
شل جُڙيا جڳ ۾ رهن، ’قائم علي شاهه‘، ’بينظير‘،
هُئي تني جي حڪمراني، وزارت واري چار ڏينهن.
محبتي مايا نه مورهين، ڪا ختم ٿيندي ڪڏهن،
ٻي تونگري جي تِجارت ۽ تُجاري چار ڏينهن.
تاج سر نبوت محمّدصه، ملڪ جو مالڪ
الله،
ٻيا دُنيا جا بادشاهي، ۽ تاجداري چار ڏينهن.
پاڪ پنج تن جي مهابي، جاءِ جنت جوڙجان،
ڪيم ڪج مونکي ڪڏهن، ڏک ۾ ڏهاري چار ڏينهن.
ڏي شفا شافعي جهان ’عارف‘ اگهايون عيب لاهه،
ڪين ڏس منهنجي ڪچائي، ۽ ڪواري چار ڏينهن.
¦
سال گُذرڻ بعد آيو، يار آزادي جو ڏينھن.
جا بجاءَ ٿيئڙا جشن،، جنسار آزادي جو ڏينھن.
نينھن ٿيڙا، مينھن ٿيڙا، ڏيھه تان ويڙا ڏڪار،
ڏک ويا سُک سان ڏِنو، ڏاتار آزادي جو ڏينھن.
ٻيانوي تي ٻاجهه ڪئي، ڪونين جي قادر ڪريم،
آگسٽ چوڏهين تي ڪيو، ڪلتار آزادي جو ڏينھن.
سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب ٿي پسجي پذير،
چئين صوبن کي سريو، سينگار آزادي جو ڏينھن.
ڪرم سان قادر ڪيو، وڌ مان پاڪستان جو،
رب کان گهرون ٿا، هر گهڙي گُلزاري آزادي جو ڏينھن.
ديس واسي ٿي رهون، ڀائر برادر پاڻ ۾،
هر وار محبت سان ڪريون، سھڪار آزادي جو ڏينھن.
پاڪستان جو پرچم کڻي، دُعائون گهرو دم دم دلبر،
’عارف‘ رهي مثل آبرو، اظھار آزادي جو ڏينھن.
¦
اڄ سڄڻ سھڻي سندئي، سينگار تان قربان جان.
ٻي ٻاجهه جي ٻولي، سندس گفتار تان قربان جان.
اڄ پرين پيرا ڀري، ڪئي پوئواري پيار سان،
تنھن روحاني راز جي، رفتار تان قربان جان.
دِلربا ديدون اڙائي، من دوا ڪن درد جي،
دائم آهي درسن سندئي، ديدار تان قربان جان.
ماهرو مشڪي صنم، موٽي ملاقاتون ڪري،
ڳل ڳراٽيون جي وجهي، منٺار تان قربان جان.
مَنَ اُنائي آهه زاريون ’عارف‘ اچن اوڏا عجيب،
ورنھ ٿين ڪي ويجهڙا، تنھن وار تان قربان جان.
¦
سڄڻ جون صحبتون سرسيون، ڀلا جن کي سريون هونديون.
تني جون چاهه ۾ دِلڙيون، چوان سچ ٿو چريون
هونديون.
پري کان پرتوا پيئڙا، پڄڻ سان پريم پوري ٿي،
پتنگ پروان ڪن پڙ تي، پسڻ ۾ سي پريون هونديون.
سڳين ۾ يا ڪيائون سوگها، وسيھر وار وهه وارا،
لکين زندان ٿيا زوري ڳتيون تن جون ڳريون هونديون.
زخم جا ڇو ٿيا پيرا، ڇٽيون گهورن سنديون گوليون،
سڌا سوراخ سيني ۾، نڪي واپس وريون هونديون.
ازل کان پيچڙا پائي ڏِٺا، جن ديد دِلبر جي،
عوشاقن سر مٿي باهيون، هتي ٻيھر ٻريون هونديون.
مجازي جون سھي مارون، رهيا محلات مورت ۾،
تني جي سر مٿي، سورن ڀنل ڀاري ڀريون هونديون.
’عارف‘ جا ٻول ٻاجهارا، نه وانجهيل کي وڻيا ڇا
ٿيو،
نظم سُڻندي اکيون نس نس ٺاهوڪن جون ٺريون هونديون.
¦
اچڻ سان اوچتيون ازخود، اکيون اکين سان اڙجي ويون.
گهڙي ۾ گهاءُ ٿيا گهائو، گهايل گهورن سان گهڙجي
ويون.
ڪُھَڻ خاطر کڻي ڪاتيون، قريبن ڪار ڪئي ڪھڙي،
ڪنڍين جي قيد ۾ قابو، ڪُٺيون قسمت سان ڪڙجي ويون.
سوا سينگار ۽ سرمي، ستايائون سوز وارن کي،
سڪنديون صرف هڪ ساهي، سڌيون سيڱن سان سڙجي ويون.
ڇٽا هو ڇوٽ مان ڇرجي، چيم ڇالاءِ ته ڇا ٿيندو،
ڇوهون ڇالن مٿي ڇالون، ڇاتيون ڇيرن سان ڇڙجي ويون.
واريائون وار ’عارف‘ تي، نه واپس وار واريائون،
وجودي واهه ۾ ويتر، ونگيون هر وار وڙجي ويون.
¦
دلبرن کان وفائون، ملي ٿيون وڃن،
سھڻن کان سخائون، ملي ٿيون وڃن.
ڪڏهن هٿ ۾ آيل، هٿان شي وڃي ٿي،
ڪڏهن اڳ ڪٿائون، ملي ٿيون وڃن.
ڪڏهن ڪنھن جي، خالي نهارڻ سان ناحق،
عمر جون سزائون، ملي ٿيون وڃن.
جتان هئا نفعي جا، وڏا آسرا ڪي،
اتان ڪي خطائون ملي ٿيون وڃن.
”عارف“ ڪنهن جي صحبت سدائين سري ٿي،
ڪٿان ڪي جفائون، ملي ٿيون وڃن.
¦
اهڙيون عجيبن جون اکيون آرا، اجل اعلان ڪن،
حسنات جا حملا ڪري، هينئڙا کسيو حيران ڪن.
ڪن ري ڪجل قتلام ڪئين، هر جاءِ حشر ماتام ڪئين،
اهڙا سندن انجام ڪئين، بالا نشين بيجان ڪن.
اهڙيون نگاهون ناز ور، تجلات جيئن توبون تبر،
تائب لکين ٿيا تاج ور، ڪئين تخت ور تابان ڪن.
برقي منجهان بجليون بکن، مارڻ سندا رايا رکن،
ڌاڙا هڻيو دهلي، دکن نظرن سندس نيشان ڪن.
اهڙي اکين جي افسري، سوگھا سوين ڪن سامري،
بند قيد ۾ قابو ڪري، عرب و عجم حيران ڪن.
ديدن واري هن دام سان ۽ محبتي مئي جام سان،
”عارف“ اهڙي انعام سان، انسان کي انسان ڪن.
چيم محبوب مٺڙا، تون ڪڏهن منھڙو ڏيکاريندين،
چيائين ماٺ ڪر، منھنجي هٿان بس مار کائيندين.
چيم محلات مان نڪري ڪڏهن مونسان ملڻ اچ تون،
چيائين آئينو ڏس، تون ڪھڙي منهن سان ڳالھائيندن.
چيم، دلبر جھڙو تھڙو، مان آهيان تنھنجو ديوانو،
چيائين تون الائي ڪيئن، منھنجو عاشق سڏائيندين.
چيم تو گھر اڳيان روئي، ڏيندس مان اوڇنگارون ڪئين،
چيائين خوار ٿي پنھنجون، پٺيان پاڙون پٽائيندين.
چيم هڪ شھر ۾ آهيون، ڪڏهن گھر ۾ گھڙي ايندس،
چيائين اهڙي عادت تان، لڏيندين يا لڏائيندين.
چيم ”عارف“ آهين سھڻو، پرين حورن کان وڌ ويتر،
چيائين ڪونه ايندس مان، کڻي ڪھڙو پڏائيندين.
ڻ
عمر ڇا کان لاتئي، اسيرن سان اڻ وڻ.
وطن ڏي وراءِ تون، ڏِسان ويڙه وڻ وڻ.
هيڻن تي هلائون، ڪيي ڇو هچارا،
کائي شل خطا جو، توکي جيت کڻ کڻ.
ڀٽن پاسي بادل، ڀنا جام هوندا،
ڪِٿي مينھن موجون، ڪِٿي بوند ڪڻ ڪڻ.
ڏِنيون وڄ وراڪن، واڌايون وصل جون،
مِلي ساڻ مارن، ماڻيان مڻ مڻ.
پھچائج پلڪ ۾، ’عارف‘ هي امانت،
وڃي ٿر پياريان ڌنارن، جا ڌڻ ڌڻ.
¦
عداوت عشق دشمن سان، عجيبن جي لڳي اڻ وڻ.
نه هو پھتو انجامن تي، رقيبن جي لڳي اڻ وڻ.
آيو هي دور دُنيا جو ۽ ڌيان ويا نِڪري،
ڪاهي پئي ملڪ ۾ ڪلفت، قريبن جي لڳي وڻ وڻ.
نياڻيون نياءَ نبيرن تي، ويئو اڄ مان مردن جو،
نه ڀائو ڀاءُ سان ڀيڙو عزيزن جي لڳي اڻ وڻ.
دُنيا درياهه ۾ بس ڇا ڪندو انسان اڻ تارو،
ڀرم ويو آئي بدبختي نصيبن جي لڳي وڻ وڻ.
اوسيئڙو حج نه زيارت جو لکين لک خرچ بندن تي،
وڏيرا ڀاءُ وڏيرن جا غريبن جي لڳي اڻ وڻ.
حديثن تي هلڻ وارا ڪي ٿيا قرآن جا قائل،
ٺاهي فرقا وجهن فتنا خطيبن جي لڳي اڻ وڻ.
فحاشي اڄ فسانا ڪي لکي ليکڪ ٿيا پڌرا،
اڳوڻو ويو ادب وِسري اديبن جي لڳي اڻ وڻ.
چغل بازين هڻي چغليون وڃايا وجهه وصل وارا،
وري ميلاپ منڪر سان مجيبن جي لڳي اڻ وڻ.
پرين آيو اڱڻ ’عارف‘ سڙيو ديگر انھي ساعت،
اهڙي حاسد حرامي کي حبيبن جي لڳي اڻ وڻ. |