سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان عارف

باب:

صفحو:2 

الف

الله اڪبر کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

دانہ دلاور کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

سڀ ساعتون جيڪو سنڀالي ۽ قريبن کان قريب،

تنھن راز رهبر کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

ڪرم ڪوڙين جنھن سندا، ڪھڙا لکي ڪھڙا لِکان،

ڪونين قادر کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

حال محرم حال جو، هر حال ۾ همراهه سو،

هر جاءِ حاضر کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

مڃ محمّد مصطفيٰ، جو انبيائن ۾ عجيب،

تنھن نور انور کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

يا علي مشڪل ڪشا، مشڪل ڪشائي جو ڪري،

حيدر بھادر کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

’عارف‘ اچي ڪربل اندر هو، سر ڏِنو صابر حسين،

تنھن شاهه شاڪر کان سواءِ، ٻيا سڀ اجايا آسرا.

 

مھر سان مالڪ مٺي مولا وسايا مينھڙا،

موڪليا هر ملڪ تي سائين سوايا مينھڙا.

 

کيٽ کيڙي خوش ٿيا، ٻاجهر وري اڄ ٻور تي،

ان لاءِ ٿيون عيدون ابر ڪن لئي اجايا مينھڙا.

 

ڏس دڙن جبلن مٿي، جهونگار جهانگين جي لڳي،

ڀيڄ مولا ڀيڄ، مولا اڄ ڪي آيا مينھڙا.

 

ڏيھه تان لاٿا ڏڪر، ڏاتر ڏولاوا ڏور ڪيا،

ٿيون وسون ولھار ۾، والي واريا مينھڙا.

 

’عارف‘ مڙئي الڪا لٿا، پوٺن پلر پالوٽ ڪئي،

ملڪ ساري تي، مڪا سائين سجايا مينھڙا.

¦

پرين آسرا سڀ پليندا هليا ويا.

چيائون نه اچجان، جهليندا هليا ويا.

 

مھر و وفا ڪا، ملي ڪانه تن کان،

رقيبن سان صحبت، سليندا هليا ويا.

 

روئي رت ڦُڙا، مان رندن تي رُلان ٿي،

سڄڻ روح ٻئي سان، رليندا هليا ويا.

 

ڌڪاري ڇڏيائون، ڌڪا کائڻا پيا،

مون کي روندي رڻ ۾، ڇڏيندا هليا ويا.

 

وري ديس پنھنجي تي، وڃبو اي ’عارف‘،

هي جا ٺاهوڪا، ٺھليندا هليا ويا.

¦

 

سراسر سونھن جا ساغر، پيتاسون صاف سبحانا.

هلي محفل ۾ مَئي خوري، پورا لبريز پئمانا.

 

مھانگو مئي سندو ماسو، نه مورهين ٿو مِلي ڪنھن مُلھه،

وتن تنھن لاءِ وڍايو سر، لڇن پيا لال لاثانا.

 

نظارا ناز پرور جا، نچائن ٿا نسنگ نينھن ۾،

هينئين منجهه مون حسن وارن، ڪيا نروار نيشانا.

 

مِلي مون محب کان ميسر، وٽي وصلات واري ڪا،

لبن تي لال لب لائي، ڪيم سر ساهه قربانا.

 

’عارف‘ اظھر اندر عاليٰ، بنائي آهه برهه بازي،

’پنھل‘ جي پيار کان ڌاران، ٿيا ڪيئن وير ويرانا.

¦
 

ڪانگ ڪوهن تان ڪھي وڃ، پس لمحه تون لال جا.

خوب روءُ جي ڏي خبر، ڪي خاص خط خوشحال جا.

 

وڻ مٿان ور ڏيئي وراڪا، پيو ڪجان زاريون ضرور،

من ڪڏهن ڪوٺي پڇن، توکان اکر احوال جا.

 

روبرو روئي چئيج ڇو ٿو، روئاڙين رات ڏينھن،

منجهه ڳري ڳوڙها وهائج، هن حقيقت حال جا.

 

ٻاجهه مان ٻولي جيڪي، سو سِگهو مون کي سڻاءِ،

مھربانيون تو مڃان، بيشڪ ڀلايون ڀال جا.

 

پيار جا پرزا پَرَن ۾، تون پکي پائي اچيج،

کولي کنڀڙن مان کڻي ڏي، سڄڻن سندي سنڀال جا.

 

ايندي عجيبن کي ڏِسي، ’عارف‘ ويا ارمان سڀ،

درد دوکا ٿيا دفع، ڏک سور دِل سو سال جا.

¦

بيدردي ديدم دور نئون غم درد جا داڻا، وسري ويا،

آزاد نظم جي دنيا ۾ بس شعر شاهاڻا، وسري ويا.

 

ڪي عامل ڪامل قاضي هئا، ڪي عاشق مست مجازي هئا،

ڪي شاعر سخن درازي هئا، تن پُرجھڻ پاڻا وسري ويا.

 

اکيون ساڻ الاهي عشق اڙيون، ڏيئي غير ڪڍيائون تات تڙيون،

ڇڏي مسجد مندر مور مڙهيون، تن ٽول ٽڪاڻا وسري ويا.

 

اڳي ’سچل‘ ’بولا‘ شاعر هئا، وري ’مصري‘ ’مھيري‘ ماهر هئا،

ڏاڍا شعر تنين جا ظاهر هئا، اڄ سخن سچاڻا وسري ويا.

 

هئا شايد شعر شمارن ۾‏، مٿي يار سخا سردارن ۾،

رهندا شاعر هئا دربارن ۾، سي رس رهاڻا وسري ويا.

 

جي برزخ کان بيچين هئا، طرفين جي عيبن عين هئا،

سڪ وحدت ۾ دن رين هئا، سي سياڻا اياڻا وسري ويا.

 

هت دانائن جا دور به هئا، سينگار ڳجھارت ڏور به هئا،

سي محفل مُھڻان مور به هئا، تن ٻول ٻاٻاڻا وسري ويا.

 

دلدار دلاسا ڏيندا هئا، لڪ چوري ايندا ويندا هئا،

رئاڙيندا هئا ۽ روئيندا هئا، سي نيڻ نماڻا وسري ويا.

 

ڪئين سھڻن جا سينگار نوان، انڪار بجاءِ اقرار نوان،

پيا روز ڏين ديدار نوان، خُد و خال پراڻا وسري ويا.

 

نڪي سينڌ پٽيون، نڪا وار سڳي، گفتار واپار جي تار وڳي،

هي مصر واري بازار لڳي، هو مرڪون ماڻا وسري ويا.

 

ڪي سنبريا سائي سومارن تي، ڪي سئنيما جي ستارن تي،

ڪن بار پيا اغيارن تي، تن عزت اولاڻا وسري ويا.

 

ڪي ”عارف“ عين امير به هئا، ڪي عشق ڪيا اڪسير به هئا،

ڪي ماهِ رخ ماههِ منير به هئا، سي گلزار گھراڻا وسري ويا.

¦

بدن ۾ روح قيدي، ۽ زلف زندان اٽڪي پيا،

اکين ۾ اڄ عجيبن جي، اکين جا ڪان اٽڪي پيا.

 

نگاههِ ڪرم ٿيو ساقي، سري مان نه ڪجھه سريو دل کي،

گلابي گل ۽ هي جام، ٻئي پيمان اٽڪي پيا.

 

اناري لب عجيبن جا، مٿان سرخي ڪئي سھڻي،

عنابي رنگ ٻيئي  اڄ، مثل مرجان اٽڪي پيا.

 

برهه امراض ڇا ڄاڻن، طبيبن سوچ ٻي دل ۾،

دوا ديدار ۽ دارون، طبي درمان اٽڪي پيا.

 

ملڻ محبوب آيو ٿي ته، کر جاڳي خلل ڪيئڙو،

ٻڌم پئي گھر ۾ دلبر سان، اٿي نادان اٽڪي پيا.

 

عجائب غم دل محبت، جھليو ميلاپ کان منڪر،

عجب هي غم مگر هو غم، اچي ارمان اٽڪي پيا.

 

عشق جي فوج ٿي هِتان، هُتان حملا حُسن جا ٿيا،

اچي ميدان ۾ لشڪر، صفا سلطان اٽڪي پيا.
 

مڃي مالڪ سندي مرضي، ڪيم محبوب  کي سجدا،

اصل ان ڳالھه تان، ابليس ۽ فرمان اٽڪي پيا.

 

مِٺي محبوب جي مرڪڻ، منجھان شفتين ٿي ظاهر،

سفيدي ۽ صفائي تان، دُرِ دندان اٽڪي پيا.

 

عرش احمد فرش محمّدصه، اسم ٻئي پاڪ عربي جا،

الاهي نور اسمن تان، انس غلمان اٽڪي پيا.

 

رلايا عشق ڪئين ”عارف“ ڇڏي تسبيح کڻي مرليون،

وٺي مذهب مجازي جا، هي شاهي تاج صنعان اٽڪي پيا.

¦

حُسن جي هاڪ جا هيل ڪيچين جا قافلا ٻڌا تو هوندا،

شھر ڀنڀور ڏانھن ٿيڙا روانا تو ٻڌا هوندا.

 

مومل جي موه مورت ته لکين ماريا ٿي مسافر،

تني جا ڪاڪ ڀر آخري آستانا تو ٻڌا هوندا.

 

ماروي جھڙي جسم، جوهر جهلي جنهن قيد ۾ آندي،

عمر جھڙا هوس ماريا، حيوانا تو ٻڌا هوندا.

 

سُھڻي ڪيا سِير ۾ سڏڙا ميھر رسيو، تن ماڳن،

اهڙا عاشق سچا سورهيه، سھانا تو ٻڌا هوندا.

 

بديعل ڪاڻ جنهن ٻيڙا لڙهايا سير ۾ سارا،

نار خاڪي مليا صيفل کي تمانا تو ٻڌا هوندا.

 

ملوڪت هير جي موهي ڪيو رانجھن، جوڳيئڙو،

حسن وارن جا حملا قاتلانه تو ٻڌا هوندا.

¦ 

مرڪڻ ڪيس مستان، من مرجان مانجھي ماريا،

ڪئين سِر ويا لحظي لھي، حيرت انھيءَ رت هاريا.

 

لب ڏسي لاثان لاشڪ، ٿين لکين لالون لڄي،

لالي تھين مان لال ٿي، هر جاءِ رنگ هالاريا.

 

ڪرنڪ ڪنول ڪئين ڪينڪي، سؤسيني ڪيا سورج سلام،

گفتار خوش گلشن اِرم، مکڙي مان گل گلزاريا.

 

آب ڪوثر کان ڪثر، شفتين شاهاڻا شراب،

پان پئمانا پڪون، پي پُر ٿيا پئناريا.

 

سھڻو سڄڻ سينگارجي، ”عارف“ اڱڻ آيو عجيب،

سرخي سندن ساڙيو‏، هينئون تنھن داغ ٻيهر ٻاريا.

¦

ب

 

دين جو ڪو درس وٺ تون، هي دُنيا بس خواب خواب.

اونو اندر ڪو اهو، اڳيان ملي من آب آب.

 

رب ارني عرض جو، مليو جوابن ۾ جواب،

پوءِ ڀلا ڪيئن پيو ڏسي، طور تي ڪو تاب تاب.

 

سبحان الله چئي ڪيو، مون عشق جو آواز هي،

سونھن جا سجدا ڪري، سائين سچو من ساب ساب.

 

علم و عقل کان ٿي الڳ، ڏي عاشقي جو امتحان،

درس دوئي دور ڪر، سُک برهه وارا باب باب.

 

پيار پيالا پر ڪري، شفتين مان شاهي شراب،

آب ڪوثر کان ڪر، ’عارف‘ لبن جو لاب لاب.

¦

رهيو دم دم آهي دِلبر، سندي ديدار سان مطلب.

دُنيا ساري سان ڪھڙو ڪم، منھنجو دِلدار سان مطلب.

 

سنڀالي جو جھان سارو، هلي جنھن عام اوتارو،

آهي ڏيھه کي ڏيڻ وارو، منھنجو ڏاتار سان مطلب.

 

هجي خاڪي يا ڪو ناري، تڳي سڀڪو تنھنجي تاري،

يتيمن ساڻ جنھن ياري، منھنجو تنھن يار سان مطلب.

 

آهي مالڪ ڏيئي لاهي، رزق ڌاران نه ڪنھن راهي،

رهيو الله جي آهي، منھنجو اقرار سان مطلب.

 

خدا جو محب دِل وارو، صفت جنھن جي قرآن سارو،

آهي محبوب موچارو، منھنجو مھندار سان مطلب.

 

دِلاسا دِلبريون ڏيندو، نھاري ساٿ سان نيندو،

اچي ’عارف‘ اجهو ٿيندو، منھنجو آڌار سان مطلب.

¦

اکيون عاشق سنديون آهن، عجب ديدار جون طالب.

ڏِسڻ لاءِ ڏيھه ٿيون ڏورين، مِٺي منٺار جون طالب.

 

اوکي جاءِ تي وڃي اڙيون، لاثاني لال سان لڙيون،

گهرن ٿيون گهوٽ جون گهڙيون، مِٺي گُفتار جون طالب.

 

لڳي ٿيون چار، چشمن سان، گُهمن گُلزار گُلشن سان،

ٿيون پالوٽ پرشن سان، پرين پيزار جون طالب.

 

ڏسيون جلوا پائين جهاتيون، اڳيان ڇيرا ڇنن ڇاتيون،

ڪروڙين قرب جون ڪاتيون، انھي قربدار جون طالب.

 

’عارف‘ جي ساهه سيباڻا، اچن سي راڄ جا راڻا،

مِٺا مُشڪي مُشڪ هاڻا، حسن هالار جون طالب.

¦

ٻ

جي سڄڻ سھڻا گهرن، تون سر ڏيئڻ کان ڪين ڪٻ.

حُسنات جي حملي اڳيان، حاضر هينئون ڪر تون نه هٻ.

 

بادلن و برسات ۾، جي ناز ور نِڪري بيھي،

بوند سنڙهي سان سڄوئي، ٿيو وڃي جنسار جهٻ.

 

مِل مِل بغل مان پيو بکي، هي سامري سارو جسم،

ڪير سھندو هي وري جھلڪار، جون جهاٻون جھڙٻ.

 

اهڙي نظاري سان عجيب، اڄ وري ڪوئي ڪٺو،

جيئن واندڪائي کان سواءِ، هاري جي آ ڪھڙي ڪرٻ.

 

عشق ’عارف‘ سور سو نيزو، سوري کان مٿي،

سُک سُمھڻ ڪھڙا وري، پيو رُڪ چڻا هر روز چٻ.

¦

ڀ

تون اچين سھڻا سڄڻ، مشڪل ٿيئن آسان سڀ.

تو مٿان گهوري ڇڏيان، جاني جسم جند جان سڀ.

 

ڇانءَ وارن جي هجي ابرو ۾ سجدا روز شب،

مر لڳن سيني سوان نيڻن سندا نيشان سڀ.

 

خار گل گونٽا گلابي، غرق غب غب غار ۾،

ماهِرو مختصران مڙئي، ماهڙيا مُئان سڀ.

 

چپڙن سندي چرڪي چکڻ، سان چاڪ دِل ٿي وئي چري،

مُرڪ اهڙي تان ڪريان، صدقي مڻيا مرجان سڀ.

 

’عارف‘ اڱڻ جي هي اچي، هِنَ عيد کان وڌ عيد ٿئي،

ديدار سان دِل جو ٿيئي، دارون دوا درمان سڀ.

¦

ت

اڄ ڪونه آئين بيوفا گذري ويئي اڌ رات رات.

تون ڪيا نه واعدا وفا، گذري ويئي اڌ رات رات.

 

انتظاريون ۽ اوسيئڙا، عشق جا انجام ڏس،

نينھن ۾ اهڙا نفعا، گذري وئي اڌ رات رات.

 

گهر ڌڻي در کان ورائي، داغ دوري جو ڏنئي،

پاڻ ٿي ويٺين خفا، گُذري وئي اڌ رات رات.

 

ڪنھن مھل اقرار عيدون، ڪنھن مھل انڪار اون،

سھندي اِهو جور و جفا، گذري وئي اڌ رات رات.

 

پوئين پھر تون پساء، ’عارف‘ اکين روئي ڏِنو،

سڏڪا ڀريندي سئو دفعا، گذري وئي اڌ رات رات.

¦

دِلربا جي دِلربائي ياد رهندي ڏينھن رات.

سونھن وارن سِڪ سوائي ياد رهندي ڏينھن رات.

 

ويجهڙو ٿي واري واري، وار وارن جا ڪري،

سي وصل وايون وفائي، ياد رهندي ڏينھن رات.

 

دِل دِلاسا دائما، دِلبر ڪيا ديدار جا،

ديدار درشن جي دوائي، ياد رهندي ڏينھن رات.

 

لوڪ سان ڪھڙا لاڳاپا، بس لمح تو لاجواب،

لنؤن سڄڻ تو يار لائي، ياد رهندي ڏينھن رات.

 

خوب رو جي خيال کان، بس خيال خالي تون نه ڪر،

خيال خانو ۽ خُدائي، ياد رهندي ڏينھن رات.

 

’عارف‘ الاهي عشق ري، ڪنگ، ڪور ڪنھن پاسي نه ٿيا،

هيڪ واحد جي وڏائي، ياد رهندي ڏينھن رات.

¦

ٿ

هجي يار تنھنجو سدا هٿ ۾ هٿ.

هلون پيا جھان ۾ وفا هٿ ۾ هٿ.

 

حسين ماه پارا، هي نوري نظارا،

نه اُن کان مونکي ڪر، جُدا هٿ ۾ هٿ.

 

ڪريون ڳجهه ڳالھيون، نيون ۽ نِراليون،

پرين پيار وارا، پڪا هٿ ۾ هٿ.

 

عجب نين نِرمل پرين پُر پيالا،

چڙهيا خوب تن جا نشا هٿ ۾ هٿ.

 

وجهي جان جوکي، کنيا عشق آرا،

سڄڻ سِر جا سودا، سڄا هٿ ۾ هٿ.

 

سلي راز ’عارف‘ هي ’موتوقبل‘ جو،

اچي ’انت موتو‘، ٿيا هٿ ۾ هٿ.

¦ 

ٽ

هي مسو منڪر مدامي، ٿيو مري مردار چٽ.

بس نه تنھن مان ڪو بچيو، ٿي ويس گهر ٻار چٽ.

 

ويو کسي خاني ڪنان، هي خارجي ٿي خوڪ ويو،

ڪنھن نه ڀر ڀيڻي ٿيو، ٿيس بدن بيمار چٽ.

 

عاشقن جي دِل رنجائي، اڄ انڌو اوجهڙ پيو،

عاقبت تنھنجي ويئي، ٿيو اندر آزار چٽ.

 

بي ڏوهه ڏوهي جنھن ڪيو، پيڙا ڏنڊا جنھن ڏيل ۾،

پر سندس ڏاڙهي، سندا سڀ وار ٿيا هر وار چٽ.

 

سڀ فقيرن فوج چاڙهي، ويو ’لاشاري‘ لوئجي،

’عارف‘ چئي رد روز ٿيس، علم عقل اظھار چٽ.

¦

محب مٺين ميٺ اهڙي، ٿيون مڙئي ماکيون نه مٽ.

کير کنڊ مصريون مڻين، مڙ مٺائين چاس چٽ.

 

پيار جا پئمان پياري، پيچ پائي منجهه پساهه،

هي اکيون ارواح، انگڙا سڀ کسيا سينھار سٽ.

 

مُحب تون ماههِ لقا، هم سر نه تو حورون پريون،

سورج چمي سا سرزمين، جنھن پِير پائين يار پٽ.

 

تو ڪنول، تون نازبوءِ، تون چنبيلي گُل گُلاب،

تون سارو تن غنچه گوهر، ٻيا مڙئي گُلزار گهٽ.

 

لاڏلا لوڻن مٿان لامون، ڪري لاڙي ڇڏيئي،

سي وڌا تو وار واري، هن ڳچي ۾ يار ڳٽ.

 

ڪوهه ڪُھڻ وارا ڪيٻائين، رک قرب ڪاتيون ڪنڌ تي،

وڍ نه ويساهي ڪجان، لھي ڪٽارن ڪار ڪٽ.

 

کل خوشامد خوبرو جي خونريزي جو خيال،

پر نينھن وارن کي نھوڙي ناز پرور ناز نٽ.

 

اڄ اکيون ڪن عيد عاليٰ ٿي قرب وارا تون قريب،

پيرن پڻي پلڪن ۾، پائي کِھه کَڙينُ جي خاڪ لٽ.

 

ڪر ملم ميلاپ جو، ڪا محب مُرڪي مئي پيار،

سونھن جي سوالي جو، سھڻا خير خواهه ٿي خير کٽ.

 

ترس ڪر ترسي هِتي، ڪا رات راڻا پئو رهي،

گڏ هينئن سان هاڻ هينئڙو، حال هھڙي کان نه هٽ.

 

لب لال لالڻ تو ڏِسي، ’عارف‘ هجر اسود چُمان،

ڏي الاهي آب ڪوثر، هن هيڏي کي جام جهٽ.

ٺ

وڏيرن وڏائي وڌائڻ تي وٺ.

رڳو پاڻ پنھنجي پڏائڻ تي وٺ.

 

پُڄي پوڇڙي ۾ ڪيئن پاڻي ڀلا،

مُنڍ وارن کي واٽر ڀڃائڻ تي وٺ.

 

زميندار ظالم ظلم تي لھي پيا،

غريبن کي ناحق ٿاڻن تي وٺ.

 

خدارا هي ڪنھن کي ڏوڪڙ ڏيئن ٿا،

فحاشي ۾ مايا وڃائڻ تي وٺ.

 

نه ڪنھن سوڀ خاطر هو سرڙو ڏيئن ٿا،

ٺلھو پاڻ سورهيه سڏائڻ تي وٺ.

 

ڪندا ڪين پوري پگهارن مان،

پوءِ روز رشوت وڌائڻ تي وٺ.

 

’عارف‘ هاڻ پَٽ سَٽ مان پوري ٿئي ڪيئن،

بيگم جي فيشن ڦيرائڻ تي وٺ.

¦

ث

عريضو ڇا ڪريان اظھر اندر احوال جا وارث.

هڙئي معلوم آ توکي، هِن هيڻي حال جا وارث.

 

آهين ڪل شئي مٿي قادر، ڪجا ڪونين ۾ ڪو قرب،

خطا مون معاف ڪر منھنجي، خوباني خيال جا وارث.

 

ڪيئي ڪُن سان ڪلئي پيدا، تو وٽ ڪائي ڪمي ڪانھي،

سدائون سڻ سگهو سائين سڄڻ هن سوال جا وارث.

 

ڪنھن کي ڏين تاج شاهي ٿو، ڪوئي آهي گدا گهر گهر،

حڪم تنھنجو هلي هر جا، تون ئي زر مال جا وارث.

 

ڪني وٽ زر زمينداري، ڪي پورهيت پيٽ ۾ پورا،

ڪرڻ هرگز نه هيئن گهرجي، ڀلائي ڀال جا وارث.

 

نوازش ڪر نظارن جي، نگاهه ڪرم ٿو گهرجي،

عطا ’عارف‘ سان ڪر ازخد عجيب خود خال جا وارث.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org