ض
آهي هر ڪنھن حال ۾ الله اڪبر کي عرض.
ٻيو ڀلا ڪھڙو ڪريان ديوار ۽ در کي عرض.
ڏيھه جو ڏاتار هِڪڙو ڏان تنھن کان ٿو گُهران،
ٻيو ڀلا ڪھڙو ڪريان سلطان سڪندر کي عرض.
هڪ وحدهُ وارث وسيلو ۽ وسيلا ٻيا نه تو،
دربدر ٿي ڪونه هاڻي شھر بازر کي عرض.
هر جاءِ حڪم تنھنجو هلي، هر جاءِ حُسن تنھنجو
حبيب،
جڙتو سڀئي جام جايون، محراب مندر کي عرض.
ويا لھي اُلڪا اندر ’عارف‘ اڱڻ آيو عجيب،
سؤ دفعا سجدا ڪيم، سردار سرور کي عرض.
¦
ط
مھ لقا محبوب ايئن ڀيرو ڀڃڻ آهي غلط.
وره وري وارث سگهو تون، مُنھن مَٽڻ آهي غلط.
دائما دِل دام جنھن جي، تنھن کان دوري در گُذر.
دِلبر اڳيان دعويٰ سندو، ٻيو دم ڀرڻ آهي غلط.
نينھن جي ناتي چڙهي، نوري نظارا ماڻجن،
ناز نيڻن جي نگاهن، کان نسڻ آهي غلط.
وير ورنھه ويجهڙي کي، ساڻ ويسھه گڏ ويھار،
وير وحدت ۾ وڃي، واپس ورڻ آهي غلط.
سر سڄڻ جي سام پيو، سھڻو سڏي سوري مٿي،
’عارف‘ الاهي عشق ري، اوجهڙ اچڻ آهي غلط.
¦
سڄڻ ويا سال گُذري ڳچ، نه آيو يار تنھنجو خط.
اِهو من تي ٻري ٿو مچ، نه آيو يار تنھنجو خط.
توکي ڪنھن چغل چوريو يا، پاڻھي تو ڪئي نه پوئواري،
چوان سھڻا سڄڻ ٿو سچ، نه آيو يار تنھنجو خط.
ڏٺي ڪي ڏينھن ٿيا، ڏاڍا نه آئين تون اڱڻ منھنجي،
هئا ڪي ڪوڙ مون ۾ ڪچ، نه آيو يار تنھنجو خط.
پري هئي پوسٽ توکان، يا قلم ڪاغذ نه هٿ آئيي،
لفافي تي گهڻو ڪو خرچ، نه آيو يار تنھنجو خط.
’عارف‘ ايندين ته ٿيندي آس، پوري مون سندي سائين،
آهي مون کي نه ٻي لالچ، نه آيو يار تنھنجو خط.
¦
ظ
لڳا ديدار تي پھرا، نظارن جو خداحافظ.
وريون وائون جَهڪَون جهولا، بھارن جو خداحافظ.
حُسن هر جاءِ حاضر آ، حڪومت ڏس حسنين جي،
ڀانئي ٿو هر ڪو ڀورل کي، ۽ ڪارن جو خداحافظ.
وڃائي وڙ سڀئي ويتر جويون ڪن جنگ ۽ جهيڙا،
اهڙي جُٺ کان بچيل ٿورا، هزارن جو خداحافظ.
گلابي گُل ڪنڊا گڏجي، پيئن ٿا آب هِڪ ٻي سان،
گُلن جي پالنا ناهي، ته خارن جو خداحافظ.
ڪڏهن ڪنھن دم ڪنھن جي پاران، اکيون ۽ هٿ ڳالهائين
ٿا.
مِلن جو روبرو جهڻڪون، اشارن جو خداحافظ.
مِلڻ جي مھل ۾ ’عارف‘ ڪنھين دم محب ماڻا ڪن،
باقي اڄ ڪلھه سڀاڻي جي، سھارن جو خداحافظ.
¦
ع
محبوب کان مرهم مليو،
مرضن ڪئي بس الوداع
ڏوکڙا سڀ ڏور ٿيا، ڏوکن ڪئي بس الوداع
مند ملھاري مُلڪ موريا، هر جاءِ ٿيا سانوڻ سُڪار،
ٿيا ڪاشتڪارن تي ڪرم، قرضن ڪئي بس الوداع
قرض و مرض ڪل معاف ٿيا، غربت ويئي گوندر گھٽيا،
در کُليا ديدار جا، دردن ڪئي بس الوداع
ٻاجھه واري ٻاجھه ڪئي، سائين کي ڪيا سانگين سوال،
هر جاءِ آباديون اپر، الڪن ڪئي بس الوداع
رحمان تنھنجي رحم سان آسوندن آسون پُنيون،
روڄ راِڙا بند ٿيا، سڏڪن ڪئي بس الوداع
هيڪڙن جو حڪم هڪدم، ڪيو وري هادي حڪيم
واه وه ويساهه سان وهمن ڪئي بس الوداع
لبريز لب نوشي ڪري، ”عارف“ ٿيا سي آبوَر،
خوش خيال سان خوب ٿيا،
خامن ڪئي بس الوداع
¦
غ
توئي يڪي سر يار جي بس، يار ياري باغ باغ.
با وفا تنھنجي هميشه، بردباري باغ باغ.
تون اچين عيدون ٿين، جو دم جُدا سو دم عجيب،
برهه ۾ جيڪا ٿئي ٿي، بيقراري باغ باغ.
تو چيو انجام تي، ايندس وري اُميد رک،
آمد انھي جي دِل اندر ۾، انتظاري باغ باغ.
تنھنجي ملوڪت ساڻ منھنجو، مانَ ٿيو سڀ ملڪ ۾،
ذوق تنھنجي جي اندر ۾، زرنگاري باغ باغ.
روبرو، روئي پوان، جي لُڙڪ هي زارو قطار،
ڇا عشق تنھنجي ٿيئي سان، اشڪ باري باغ باغ.
شب روز تنھنجي شوق ۾، ها نه مِليا ته به شان وت،
تنھنجي خدمت ۾ هجان بس، خلب خواري باغ باغ.
اڄ قريبن قرب جا، پاتا قدم ’عارف‘ قريب،
آئي عجيبن جي اڱڻ تي، شھسواري باغ باغ.
¦
ف
منھن ڏِسڻ محبوب ڏي، رُخ تان هٽاءِ گهونگهٽ غلاف.
عاشق اچي ان جاءِ ڪن ٿا، طلب وارا ئي طواف.
پيار درسن سان پرين، دِلڙيون ڦري دوري نه ڪر،
محبت سندو بس ڪونه ٿيندئي، محب اهڙو ڏوهه معاف.
پير پيادي پھچ ناهي، پھچ پيارا تون اچي،
قرب ڪر ڇو ٿو ڪرائين، هي ڪشالا ڪوهه ڪاف.
احّد احمّد پاڻ ۾، ڪانھي ٻيائي ڪا ڪِٿي،
بي دين سمجھين دور تون، هرگز لٻاڙون هڻ نه لاڦ.
عشق جو اولو وٺي، ’عارف‘ عجيبن ساڻ اور،
سونھن کي سجدا ڏيئي، صوفي سڃاڻج سئير صاف.
¦
ڦ
رک دوستي جو ڌيان، اندر ساڻ ديگر تون نه واڦ.
عشق جون ڳالھيون ڳجهيون، محبتن جو مظھر تون نه
واڦ.
دلدار دِل منھندان اچي ٿو هل ڪرين ها ڇو نه پوءِ،
محبوب سان مِلندو ڏِسي مُردار مُنڪر تون نه واڦ.
منھن چڙهي محبوب کي، مائٽ ڀلي مھڻا ڏيئن،
پس گلا غيبت ڪري گم گمنام گازر تون نه واڦ.
سگ سڄڻ جا دڳ جهليو، ٿو دربدر دانھون ڪرين،
بس ٺلھا ٺانٺا وري، اڄ ٺوس ٺانگر تون نه واڦ.
سھڻو سڄڻ مون سان ڏِسي، ساڙو لڳئي ته به سور سانڍ،
بس ڀُرِي ڀورا نه ٿي بيڪار، بازر تون نه واڦ.
’عارف‘ عشق الله ۾، تون شعر شاهاڻا به لِک،
ٻيا ڪري گُفتا غلط، شيطان شاعر تون نه واڦ.
¦
ق
منجهان قيس مجنون بنايو عشق.
منصور سوري سڏايو عشق.
ڇڏ ماڳ مسند هي مرليون کڻي،
تاج تخت رانجهن کي ڇڏايو عشق.
ڪيا سڏ ساهڙ کي اچي سير ۾،
ميھر منجهه درياءَ ملھايو عشق.
پنھون هو شھنشاهه والي ڪيچ جو،
کٽي خاص تنھن کي ڪرايو عشق.
مومل هئي مجازي سدا مام ۾،
اچي ان کي آڙاهه چڙاهيو عشق.
برهَه ۾ بَروو هو ٿيو ڪامياب،
سڄو ماس تن جو ڪاپايو عشق.
ڀوريءَ ڪاڻ ڏسو ٿيو ڦل فقير،
درد منجهه در در پنايو عشق.
سيفلُ ڪاڻ، بديعل بيراڳي بَنيو،
سڄو ساٿ ’عارف‘ لڙايو عشق.
¦
ڪ
مون سخن سُھڻا سيکاريا، تو سڄڻ سنيھار سڪ.
تون هُجين هردم هيئن حاضر، هيئين جا هار هڪ.
پيا سڪڻ سوراخ سيني، سار سنڌ سنڌ مان ويئي،
دردن سندا دارون ٿيو، پياري پرين پينار پڪ.
ذوق ۾ زاريون ڪيم، ته به ڪرين زورايون،
عرض اظھاريون اڳيان تو، لالڻ ڪريان ڪھڙي مان لڪ.
درد دوري ويو وڌي، ڪو ڏي دلاسو دلربا،
در اڳيان دربان کي، ڌاريون ڪري دِلبر نه ڌڪ.
تنھنجي اچڻ ساڻ هي، اڱڻ ’عارف‘ سندا اُجري پون،
تو لاءِ سڄڻ سھڻا ڪيا، مون نير واهي نيڻ نڪ.
¦
سنسار ۾ سھڻا گهڻا، پر منجهه هينين تون يار هڪ.
دِلربا درسن ڏيئي دلدار در تان تون نه ڌڪ.
ڏِسي تنهنجي سڄڻ صورت، پيا سالڪ سجودن ۾،
ڇڏي مسجد مندر موٽيا، پرين تنھنجي پيئڻ لئه پڪ.
ڏيئي پيار ڪو پھرين تون، رئاڙيئي رندن ڇو مون،
تو لاءِ نير واهي اڄ، ڪيم پڻ نيڻ پنھنجا تڪ.
ناهي جي پردو پرور کان، پرائن کان ڪھڙا پردا،
سرِ بازار مِل سھڻا، لوڪ کان آ ڪھڙي لڪ.
قرب وارا ڪرين ڇو ٿو، اچڻ ۾ دير ڪا دِلبر،
سگهو سينھار مل سھڻا، سھي ’عارف‘ نه سگهندو سڪ.
¦
دِلربا دوري نه ڪر، آ تنھنجي درشن جي درڪ.
محبت اندر آهي مرڻ، هروار مشتاقن مرڪ.
ڪو مِلڻ جو مھل جنھن، مرضي پوئي ايندس اتي،
بس اونداهي رات ۾، لانگها لتاڙي لوڪ لڪ.
توسان ناتو نينھن جو، بس هو ازل کان ئي اڳي،
پر هتي هڻي ڌاڙا دِلين جا، ڪو ازل کان ئي اِڪ.
دوبدو ڌاڙي جي خاطر، دِلبر دوناليون ڌارين،
ڪير سھندو ڪونه ڪو دِلربا ديدن جا ڌڪ.
’عارف‘ اول اعلان هو الله جو، اهڙي طرح آدم کي،
سجدو هي سچو ناهي، شرڪ تنھن ۾ ڪو شڪ.
¦
ميم در بر ڪيم ڪر دلدار پنھنجو دردناڪ.
تنھنجي حُسن ڪيئڙي چري هي دِل ديواني چاڪ چاڪ.
شعاءَ شمع تنھنجي مٿي پروانو هي پچندو رهيو،
حسنات جا حملا ڪندي ڪئي، جسم سارو هي هلاڪ.
زير سھري سڀ محبتون ٿياسون ضرورت آهر زم،
پئي قدم بوسي ڪئي سون پيش قدمي ڪي ڪلاڪ.
ماٺ منھنجا ڪر مِٺا ۽ عرض ڪر منھنجا قبول،
اکڙيون چُمان ۽ لب چُمان ۽ چُمان هي پير پاڪ.
عرض ’عارف‘ جا سُڻي، ساڳي سنگت کي تون سڀنار،
ٿا رهون هڪ راڄ، پنڌ، جا ٻه ٽي بلاڪ.
¦
ک
بي عقل سان دوستي ڪرڻ جو، آسرو ئي نه رک.
بيوفا کان وفا وٺڻ جو، آوسرو ئي نه رک.
قدرت سان جيڪڏهن گڏهه تي سونا سنج ٿي پون،
ته هن کي گهوڙي چوڻ جو، آسرو ئي نه رک.
ادب ۽ اخلاق نه مِليو، دولت مِلي ته ڇا ٿيو،
دُنيا ۾ بخيل ۽ ظالم ٿي رهڻ جو، آسرو ئي نه رک.
شان ۽ مان وارن کان، مان مِلي ٿو ضرور،
بي عزتي کان، عزت مِلڻ جو، آسرو ئي نه رک.
’عارف‘ طالب ٿئين ته، شاهه جو ٿي،
ٻي ڪنھن کي مڃڻ جو، آسرو ئي نه رک.
¦
گ
ڪوئي نه ساٿي ڪنهن سان سنگ، واه زمانا تنھنجو رنگ،
واه زمانا تنھنجو رنگ، ڪوئي نه ساٿي ڪنھن سان سنگ.
ڪوئي نه ڪنهن جو آهي ڀائي، ويتر ويئي وڌي وڏائي،
ڪري ٿو هر ڪو پنھنجي پڏائي، ناحق جوٽيو وتي جنگ.
ڪلفت ڪاهي پئي گھڻيري، ڀاءُ ٿيئو بس ڀاءُ جو ويري،
هر ڪنھن سوڙ آ پاڻ ڏي سيري، ويرين پاتا ڏاڍا ونگ.
شاعر ٿي ويا لک ڪروڙا، گھاءُ نه دل ۾ گھوڙا گھوڙا،
ڪي ته گھمن پيا جوڙا جوڙا، ڪن جي ڪارڻ ڀينگ ڀڙنگ.
سنبري نڪتا سر اگھاڙا، جوان جسم ڪي مرد ڪُراڙا،
خالي کيسو هڻن لٻاڙا، عشق جو بيٺا چوري چنگ،
”عارف“ ماٺ تون ڪر مولائي، آهي سونھن ڏسڻ جي سڀ
سولائي،
عشق ۾ ڪانھي ڪا اولائي، هر شماعون هر پتنگ.
¦
ڳ
ٿيو محب مھمان اچي هن ماڳ.
ڪيا ڀاڳ ڀورل ڀلارا ٿيا ڀاڳ.
ٿيا بخت بالا بزم جون بھاريون،
سريو هو ڪنھن ساعت سڄڻ جو مھاڳ.
عجيبن اچڻ سان ٿيون عيدون اپار،
سريو ديد دائم ويو اُڏري اڀاڳ.
جني لاءِ سڪيا ٿي هينئون ماه هڏ،
وٽائين مِليو تن وصل جو ويراڳ.
’عارف‘ هي اُميدون پُنيون من اندر جون،
آيو دوست دِلبر رهاڻيون راڳ.
¦
گهه
توکي دلربا ملائڻ جي سگهه.
گوندر غم منھنجا گهٽائڻ جي سگهه.
ڪيئي قول گڏجي گُذارڻ جا هردم،
توکي آهي واعدي نڀائڻ جي سگهه.
اڱڻ آءُ پيارا پري ڇو ٿو گهارين،
توکي آهي ڀر ۾ بھارڻ جي سگهه.
ڏکويل کي ڏکڙا ڏيئڻ جا نه ڪر تون،
اٿئي غم گوندر مٽائڻ جي سگهه.
نه ساعت سري ٿي سِگهو آ سڄڻ تون،
توکي آهي ويڙهي وسائڻ جي سگهه.
’عارف‘ اُميدون ڪر پلڪ ۾تون پوريون،
توکي آهي دانهن انائڻ جي سگهه.
¦
ڱ
ٺھي ڪيئن عقل ساڻ نادان جو سڱ.
مگر پوءِ به محبوب جند جان جو سڱ.
وڻي توکي جيڪي، ڪرين جيڪا حڪمت،
هلي هر جڳھه تنھنجي فرمان جو سڱ.
اچيو زلف جڏهن ٿا اُلٿن ڪُلھن تي،
اچي آزمائش ۾ ايمان جو سڱ.
ڪريو يار ڀيرو، اسانجي اڱڻ تي،
ٺھي ميزباني ۾ مھمان جو سڱ.
چئي ’ڪن‘ تو جوڙيو هي جنسار جاني،
’الستي‘ اُتاهون سندئي شان جو سڱ.
مٿان عشق ’عارف‘ آ ديرو ڄمايو،
نظر ناز سان آهي نيشان جو سڱ.
¦
ل
هرجا حسين حاڪم، هرجا حُسن جو هُل هُل،
رُخسار چهرو احمر، گهرو گُلاب گُل گُل.
جهلڪار جسمي جوهر، اظهر عجيب عاليٰ،
منهنجو حبيب هيرو، ناهي مڻيئي جو مُل مُل.
سُهڻي صفات صورت، محبوب ماهه بدري،
شفتين لب سراسر، لبريز ڪيف قُل قُل.
درمان درد مندن، ديدار دم جو دائم،
دِلبر جي لاءِ سِڪ دِل، گُلزار ڪاڻ بُل بُل.
مالڪ جي گهر جو مالڪ، ’عارف‘ علي ازل کان،
حامي حشر ۾ ٿيندو، هسوار يا دُل دُل.
¦
محب توسان محبت ڪرڻ بيمثال،
هٿن سان حرڪت ڪرڻ بيمثال.
سندو مان محبن مٿي ملڪ کان،
عجيبن جي عزت ڪرڻ بيمثال.
حسينن جي هر دم ڪجي حاضري،
نجيبن سان نسبت ڪرڻ بيمثال.
محبوبن جي محفل منجهان ئي انهي دم،
رقيبن کي رخصت ڪرڻ بيمثال.
’عارف‘ عاشقن سان معشوقن جا ميل،
سڄڻ سان صداقت ڪرڻ بيمثال.
¦
ساز سارنگ سرس سهڻا، صد هزارا هون شال،
سبز سيمون سڀ ٿيون، پر سالم سڌارا هون شال.
هي اشارت عشق جي، ڪئي تو عطا عبدالڪريم،
عاجزن جي ڪاڻ، اڳتي اي اشارا هون شال.
مند ملاري ملڪ موريا، مهل هن مانڊاڻ هئا،
هر ولايت تي وري، وڄڙين جا وارا هون شال.
تنھنجي دُعا سان ديس، هر ڪنھن تي ديانت ڪئي ڌڻي،
دِلبريون ۽ دم دِلاسا، اي دوبارا هون شال.
آب اوهيرن اڇل سان، عام آباديون ٿيون،
باغن بھاريون بزم باليٰ، منجهه گُلشن گُلزارا هون
شال.
طالب الدنيا ۽ عقبا، ساڻ تنھنجون صحبتون،
پر ورهه وارن ساڻ، تنھنجا وڙ واڌارا هون شال.
مير محمّدصه جي مھابي، مڃ منت مفلس
سندي،
ٻول تنھنجا ٻي طرح، ٻيھر ٻاجھارا هون شال.
پيٽ پوڄارين جي پارت، توکي پرين پيارا هجي،
پرت وارن ساڻ پيوند، تنھنجا پيارا هون شال.
جيئن چيخندي آئون ٿي چوان، تيئن تون مڃج مالڪ
مُدام،
ته نينھن وارن ڪاڻ، نئين سج نوريءَ نظارا هون شال.
جيئن ته ڪنڍن جون قطارون، واهه ڪڪرن ويس وڌ،
تيئن سينڌ نئين سنبل، سنواريل قيس ڪارا هون شال،
جئين ته اَبرن ۾ عجائب، آهه اُجريل انڊلٺ،
تيئن پرين جي پارچن، ڪئيچن ڪنارا هون شال.
جيئن ٿين گجگاهه گوڙون، ٺيس دِل ڏاڍا ٺڪا،
تيئن حڪم حسنات سان، ابرو الارا هون شال.
جيئن وسن ٿا وڏ ڦڙا، آکاڙ سانوڻ ۾ ابر،
تيئن نجيبن ڏي نھاري، نيڻ نارا هون شال.
جيئن تنھنجي ديا هر ديس تي، پر سنڌ ساري ٿي سُڪار،
تيئن وصال يار جا، هر وار وارا هون شال.
جيئن پلر پالوٽ ڪئي، يوپي ڪراچي ۽ بنگال،
تيئن مجازي جا قدح، لبريز سارا هون شال.
جيئن ٿيا سيلاب کان هئا، بيگناهه برباد ڪئين،
تيئن طالبن مطلوب منجهه، محبت جا مارا هون شال.
جيئن بوند برسي ڪيون، بھاريون، ٿر بر پِيَڙا پچي،
تيئن چال چوڙيلن سندا، چيھي تي چارا هون شال.
جيئن ڌنارن جون دڙن تي، للڪار لاتيون لوڪ گيت،
تيئن دردمندن دِلفريبي، نظم نيارا هون شال.
جيئن کير ڏُڌ ۽ ٻيون خوراڪون، خلق کايو خوش گهمي،
تيئن وٽيون وصلات پي، مانجهي متارا هون شال.
جيئن گرڙ گولاڙن سنديون، وڻ کي وليون ٿيون ويڙهجن،
تيئن ڳل ڳراٽيون ۽ ڳچي، ۾ زلف ڳارا هون شال.
جيئن ازل جي ڏينھن کان، روحن ڪئي گڏجي رهاڻ،
تيئن تني کي هت سريا، ڀورا يا ڪارا هون شال.
جيئن عام لاءِ عيدالفطر، يا عيدالضيٰ ٿي اچي،
تيئن سوز دِل ستاويھن رجب، جيئن سال ساراهون شال.
جيئن ٻڌي حُب جون هَڙِيون، حاجي هلن حرمين ڏي،
تيئن طالبن جا تار ٿيل، طلبن طيارا هون شال.
جيئن مڪو، مينا، مزدلفو، ۽ عجب عرفات تي،
تيئن وڌڪ وهه واهه اڃان، مدني منارا هون شال.
زاهدن آهي ضرورت، بھشت حورن بي حساب،
تيئن برهه وارن سر برابر، بئچون ۽ ٻارا هون شال.
جيئن لوڪ ساري کي لڳي، ڏس لوڀ واري لوچ پوڇ،
تيئن مئي سندي مئخان ۾، ترسيل سيارا هون شال.
جيئن منجهه مِسڻ ماهه لقاءُ، تون مولوي عبدالڪريم،
تيئن مونجهه وارن ٿي، مسلم من مڙ موچارا هون شال.
جيئن آئون ڪميڻي ڪُووڙي، تو در ايھي دانھون ڏيان،
تيئن مھر ڪر مڃ مون سندا، جي انگل آرا هون شال.
فيض تنھنجي سان، فقر فاني فنا ٿيندا فراق،
سرڪار در تنھنجا سخن، ثابت سچارا هون شال.
مورت سندي محلات مان، ٿو محمدي مذهب ملي،
پائي زلفن ڳل ڪمند قيدي قرار هون شال.
ڏي اجازت تون اچڻ جي، پنھنجي قدمن وٽ قريب،
تان قدم بوسي ڪري، بي زر ڀلارا هون شال.
هڪ ڀروسو باري مٿي، ٻيو ڀروسو آهي ڀلن،
تنھنجي ڀر ۾ ڀڙ ٿين، ۽ ڀاڳ وارا هون شال.
تون پاڪ پرور جي مُھابي، سڻ پاڪ پنجتن لڳ پُڪار،
تنھنجي نظرن ساڻ، ناقص نام وارا هون شال.
مُون مَرڻ جي مھل ۾، محبوب تون موجود هج،
ساڻ درشن دم پڄڻ، تنھنجا تمھارا هون شال.
تون سڄڻ ڪِج ساهه سوگهو، سَنڌَ سِري ثابت سميت،
مر ملائڪ جا مٿم، مورهين مارا هون شال.
قرب سان منھنجي ڪفن ۾، ڏجو يار گيسوئن غلاف،
تن پسي ٿيندا پري، جي پڇڻ وارا هون شال.
پاڪ ڪلمن جي پڙهڻ سان، پُل صراطون ٿيون پري،
ڇا ڪندا ميزان محشر، دِلبر دِلارا هون شال.
ڏوهَنَ سنديون پُرزا پٽيون، مورهين وينديون
ميسارجي،
سامُھون سڄڻ جي سونھن جا، سالم سيپارا هون شال.
پر نه پرکي هي پروليون، ڪاڻ چَترُڪ چيز هي،
جنھن ۾ سمايل سونھن، سرور جا ستارا هون شال.
وِچ اورانگي اوريان، اڳتي عجيبن وٽ اوطاق،
’عارف‘ عدم ۾ عارفن ازخود اوطارا هون شال. |