ڇپائيندڙ پاران
سنڌي شاعريءَ ۾
الف- بي وار
ديوان جوڙڻ جي روايت
خليفي
گل محمد هالائيءَ
قائم ڪئي، جنهن بعد سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي
غزلن جا ديوان جوڙيا، جن ۾ ”ديوان ِ فاضل“، ”ديوان
ِ گدا“، ”ديوان ِ سانگي“، ”ديوان ِ قليچ“، ”ديوان
ِ واصف“، ”ديوان ِ حافظ“ مشهور آهن. سنڌي ادبي
بورڊ طرفان سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘، مير
عبدالحسين خان ’سانگي‘ ۽ مرزا قليچ بيگ جا ديوان
ڇپجي پذيرائي ماڻي چڪا آهن. بورڊ طرفان گذريل سال
معروف شاعر ۽ محقق معمور يوسفاڻي جو
”ديوان معمور“ به
منظرعام تي آيو ۽ هاڻي ميرپورخاص جي بهترين شاعر ۽
فقير طبيعت جي مالڪ محترم پنهل فقير ’عارف‘ لغاري
جو
غزلن تي مشتمل
”ديوان عارف“ به بورڊ طرفان شايع ڪري منظرعام تي
آندو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي
شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان
رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي
رهيا آهن.
اِهو
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان
نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي
آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن.
ان کانسواءِ سندن هدايتن تحت
هڪ سؤ
کان ڏيڍ
سؤ صحفن واري اشاعتي اسڪيم
به
شروع ڪرائي
وئي آهي ۽ خاص ڪري سنڌ جي اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي
ادبي پورهيي کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪرائڻ، جن
جو ادبي پورهيو اڳ منظرعام تي نه آيو هجي. ان
اسڪيم تحت ئي
سنڌ جي هن عظيم سخنور
محترم پنهل فقير ’عارف‘ لغاري
جي غزلن جي
مجموعي
”ديوانِ عارف“ کي بورڊ طرفان شايع ڪرائي منظرعام
تي آڻڻ جي منظوري ڏني وئي.
هِن ”ديوانِ عارف“
جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي ايامڪاري ۽
سرڪردگيءَ
۾ شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي ته،
اسان جي
هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن وٽ
پذيرائي ماڻيندي.
02-
ربيع
الثاني
1443هه
سيد سڪندر علي شاهه
8- نومبر 2021ع
ارپـنـا
آئون هي پنھنجي عشق ۽ عقيدت واري محنت
منھنجي استاد سائين
معمور يوسفاڻي صاحب
۽
منھنجي معزز دوست سائين
نواب امداد علي خان لغاري
کي ارپيان ٿو.
’عاصي‘ عبدالواحد هڪڙو
پنهل فقير ’عارف‘ لغاري
(ولادت: 18- اپريل 1933ع وفات: 8- آگسٽ 2006ع)
ڳوٺ جاني لغاري- ميرپورخاص
”عاصي“ عبدالواحد هڪڙو
فقير صاحب جي سوانح
محترم پنهل خان (پنهل فقير) لغاري ولد حاجي محمد
عثمان لغاري جي ولادت 18 اپريل 1933ع تي ڳوٺ جاني
لغاري ديهه سانڱرو تپوڪاڪ تعلقه شجاع آباد ضلع
ميرپور خاص ۾ ٿي. ابتدائي تعليم چار درجا سنڌي
سندس والد حاجي محمد عثمان وٽ پڙهي پورا ڪيائون
پوءِ تعليم جو سلسلو مُنقطع ٿي ويو. 1946ع ۾ پنهل
فقير مجازيءَ جي مهيز ۾ وٺجي ويو.
سندس اندر جي ڪيفيت نهايت عجيب ٿي ويئي. انهيءَ
ڪيفيت ۾ سندس اندر جا اڌما شعر جي صورت ۾ نروار
ٿيا. سندس انهيءَ نينهن نهوڙيل وجود جا واڄا هنڌين
ماڳين وڄي ويا. ان وقت درگاهه پير ڪَڪَي جو فقير،
بلند پايه شاعر ۽ ولي الله مصري فقير مڱڻهار اچي
سندس آڱر جهلي ۽ کيس سڀ عشق مجازي کان حقيقي جا
گس سونهان ڪيائين. اهو 1958ع جو زمانو هو.
مصري فقير مڱڻهار ڀر جهلو بنجي. پنهل فقير کي
راههِ وحدت ڏيکاري ۽ گڏوگڏ روحاني رهبري پڻ ڪيائين
پوءِ ته مصري فقير ۽ پنهل فقير ۾ ڪابه جدائي ڪانه
رهي ۽ هميشه رات ڏينهن سندن رهاڻيون ۽ ڪهاڻيون
قائم و دائم رهيون.
مصري فقير سان ملاقات کان پوءِ رهاڻين جا رنگ رچي
ويا. ڪيترن ئي صوفي فقيرن سان ملاقاتون ٿينديون
رهيون، رس ۽ رهاڻيون ۽ قربن ڪهاڻيون ٿينديون
رهيون. مصري فقير جي دُعائن رنگ لاتو فقير انهن
سڀني فقيرن جي فيض مان سيراب ٿي ويو، سڀني دوستن
گڏجي پنهل فقير کي ”عارف“ جو تخلص عطا ڪيو. جن ۾
”قادن فقير“ (چاڪي) سومرو، محبت فقير ”سيد حبيب
الله شاهه بخاري“ ٻَاپوُ پورڻ ناٿ“ (کاڻ وارو)
اِهي تمام وڏي حال ۽ قال وارا صوفي هئا. مگر سندس
حال محرم ۽ استاد فقط ”مصري فقير“ هو. مٿين فقيرن
جا خيال هڪ ٻئي سان ملندڙ هئا، باقي قدح ڌار ڌار
هئا جيئن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي
ته:
وَٽ وٽ وٽي ۾ مٽ مٽ مَنڌ ٻيو،
قدر ڪيف ڪلال جو پياڪن پيو،
اچن دُرس دُڪان تي ڪنڌ قبول ڪيو،
سَرها سِر ڏيو چکن سُرڪ سيد چئي.
وقت جو ڪانٽو ڦرندو رهيو آخر 21 جنوري 1971ع تي
مصري فقير مڱڻهار هن جهان مان ڪوچ ڪري ويو. ڇٽ پٽ
تي پئجي ويو پنهل فقير پاڻ کي وري اڪيلو ڄاڻڻ لڳو.
سندس استاد مصري فقير جي شعر جي هڪ سٽ آهي ته:
”سُورن ساٿي ناهي ڪو ڄايس هڪ ڄَڻِي“
پنهل فقير جي سنڌ جي مايه ناز عالم محقق ۽ اڪابر
انسان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پراڻي ڏيٺ ويٺ ۽
شناسائي هئي، هو پنهل فقير جي هر ڏک ۽ مجبوري کان
چڱي طرح واقف هو جنهن پنهل فقير کي ”ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تي مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ڏانهن
موڪليو ۽ پنهل فقير کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيو
ته ”شيخ“ صاحب کي منهنجا سلام ڏيئي پروگرام لاءِ
چئجانءِ ايئن هڪ هفتي اندر پنهل فقير کي ريڊيو جو
ڪانٽيڪٽ ملي ويو. جتي پاڻ مسلسل ڪيترن ئي سالن
تائين سگهڙ جي حيثيت ۾ ”فتح خان“ سيد صالح محمد
شاهه جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندا رهيا! پنهل فقير
شاعري جي صنف ۾ ”حمد“ ”نعت“ ”مناجات“ ”مولود“
”مداح“ ”نوحا“ ”مرثيا“ ”غزل“ ”ڪافيون“
”نظم“ ”بيت“ ”سينگار“ ”ڏهس“ ”هُنر“ ”دوراهو“
”ڳجهارت“ ”ڏِٺ پرولي“ ”گرچيلو“ ”پهاڪا“ ۽ ”قصيدن“
تي طبع آزائي ڪئي آهي. سندس شاعري ”وحدت“،هيڪڙائي،
”عاجزي“،
”نيزاري“ ”هم استي“ ۽ ”مجازي“ موضوعن تي مبني
آهي. پاڻ چئن ٻولين ۾ سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ هندي
۾ شاعري ڪيائون. جيئن ته سندس وڏن جو ادب سان
واسطو پڻ هو. پنهل جو نانو ”ڏتل خان لغاري“ ”ڏور ۽
ڳجهارتن“ جو سٺو سگهڙ هو. پنهل فقير جو والد صاحب
”حاجي محمد عثمان لغاري“ پڻ ”ڏور، ڳجهارتون،
پروليون، سهڻا سخن، ۽ پهاڪا“ پاڻ لکندو هو. وٽس
ڪتابن جو وڏو ذخيرو هوندو هو جو اڃان تائين سندن
پوين وٽ موجود آهي.
”پنهل فقير“ جي شاگردن جو وڏو حلقو آهي جن مان
”رسول بخش شاڪر سراز، عبدالرحمان ’عادل‘ هڪڙو،
سيفل فقير مڱڻهار، جان محمد ’جاني‘ بروهي ۽ محمد
عُرس آريسر“ قابل ذڪر آهن.
پنهل فقير جي دوستن ۽ احبابن جو وڏو حلقو هو. ولي
محمد ولي سروري، معمور يوسفاڻي رئيس امير دوست
مري، عاصي عبدالواحد هڪڙو، (راقم الحروف)، تاج
محمد تاج هاليپوٽو، رمضان فقير مڱڻهار، خير محمد
خاص لنڊ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، در محمد ڪمال،
قمر لاڙڪ، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، الهبچايو
مشتاق آريسر، محمد حنيف الزهري، عبداللطيف لغاري،
فخرالدين بابر لغاري، حاجي نورل مري، محمد خان مري
سروري، محمد عثمان مانجهي ڪنڀار، محمد باقر لغاري،
محمد اسماعيل شورو ۽ ٻيا. فقير صاحب جن شاعري توڙي
نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. جيڪي هيٺ ڄاڻائجن
ٿا.
(1)
”رائي منجهه رڙيون“- (شاعري)
(2)
”انمولِ عارف“ - (شاعري)
(3)
”سانوڻ ٿڌڙا ڏينهن“ - (شاعري)
(4)
”ڳالهيون ڳُڻ ڳارين“ - (نثر)
(5)
”پنهوارن پچار“ - (نثر)
(6)
”جيڪر هُوند رَسان“ (نثر) ان کانسواءِ ٻيو به اڻ
کٽ مواد شامل آهي.
پنهل فقير ٽي شاديون ڪيون پهرين گهرواري ٿوري
وقت بعد الله کي پياري ٿي ويئي. ٻئي شادي مان هڪ
پٽ ٿيو جو ننڍي هوندي جهان ڇڏي ويو باقي 3 ڌيئرون
موجود ۽ پنهنجي گهرن ۾ آباد آهن.
ٽئين شادي مان 3- نياڻيون ۽ ٻه پٽ جمال الدين ۽
ڪمال الدين موجود آهن.
فقير صاحب تاريخ 8 آگسٽ 2006ع مطابق 12 رجب
الموجب 1427ع آڱاري ڏينهن منجهد جو هن جهان مان
پردو مٽايو. پنهل فقير جي تدفين مقام ”داد فقير
ڏگو“ (سيد الياس شاهه) ديهه سانڱرو تپو ڪاڪ تعلقه
شجاع آباد ضلع ميرپورخاص ۾ ٿي.
ديوان عارف جي اشاعت لاءِ آئون سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ جو انتهائي
ٿورائتو آهيان ان سان گڏ پبليڪيشن ڪميٽي جي
ميمبرن، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ پبليڪيشن سيڪشن
جي اراڪين جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هن اهم ڪتاب کي
منظور ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جي مرحلن ۾ محبت ۽ محنت سان
آسانيون پيدا ڪيون. خاص طرح منهنجي استاد محترم
معمور يوسفاڻي جي لائق فرزند ڊاڪٽر اسد جمال پلي
منهنجي هن ڪم ۾ گهڻي مدد ڪئي. ڪتاب جي ترتيب ۽
پروف ريڊنگ کان علاوه شاندار مقدمو پڻ لکيو. ساڳي
طرح تاجپور جي نواب امداد علي خان لغاري ڪلام جي
هٿ ڪرڻ ۾ خاطر خواه مدد ڪئي. ان کان علاوه فقير
صاحب جي فرزندن جمال الدين ۽ ڪمال الدين سان گڏ
محترم محمد رفيق لغاري، احسان لغاري، مولابخش
لغاري (ٻئي فقير صاحب جا ڀائٽا) فقير مختيار
لغاري، فقير صابر لغاري، فقير منير لغاري ۽ الله
جڙيو لغاري پڻ هن ڪم ۾ پنهنجي شوق ۽ ذوق سان شريڪ
رهيا. الله پاڪ سڀني کي خوش ۽ آباد رکي (آمين).
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
عمر ڪوٽ
مقدمو
پنهل فقير عارف سان منهنجي هڪ ئي تفصلي ڪچهري ٿي.
اِهو ادا عبدالواحد هَڪڙو صاحب جو ڪاڄ هئو. رات جي
ماني بعد اسان جي ڪچهري شروع ٿي. ٿورين رسمي
ڳالهين ۽ ڪچهري بعد رات جو 11 بجي کان صبح جو چار
بجي تائين فقير صاحب بغير ساهيءَ جي پنهنجي شاعري
۽ سگهڙائپ جا ٻول ٻڌائيندو رهيو ۽ ان شاعري جو
پسمنظر ۽ داستان حيات جا دفتر کوليندو رهيو. سندس
شاعري خواهه داستان گوئي ۾ ايڏو ته رس ۽ چس هئو
جو ڪنهن به مهل مون کي نه بوريت ٿي نه آئون ٿڪس.
مون پُنهل عارف کي اڳي به ٻڌو هئو. پر هن ڪچهري ۾
ته ڍءٌ ٿي ويو. فقير جي رنگ واه جو اثر ڏيکاريو ۽
پوءِ ڪڏهن به دل تان نه وسريو.
آئون ۽ محمد حنيف ازهري 2017ع ۾ حج تي گڏ هئاسين.
مديني پاڪ جي من موهيندڙ ماحول ۾ ڪٿان هِن عاشقِ
رسول جو ذڪر ڇڙي پيو. ازهري صاحب ڄڻ فقير جو مون
کان به وڌيڪ معتقد هجي. چيائين ته فقير صاحب مون
وٽ گهڻو ايندو هو. پنهنجي ڪلام جي هڪ ڪاپي به مون
وٽ ڇڏي ويو هو. ازهري صاحب سندس ذڪر مان ڍاپي ئي
نه پيو. مون کي هڪ سٽ اهڙي ٻڌايائين جو جيڪا روايت
مون کي ادا عبدالواحد هڪڙو صاحب ٻڌائي ان جي به
تصديق ٿي وئي. عبدالواحد چوندو آهي ته فقير صاحب
جڏهن پنهنجي مُڪمل روانيءَ جي حالت ۾ هوندو ته
چوندو هو ته: الا ! ملاح اڳ ۾ ويو هليو نه ته اسان
جا فيصلا راڄ ڪن ها. سندس سِٽ جيڪا ازهري صاحب
ٻڌائي اها هن طرح آهي ته:
”وڌي وياسين ويراڳي ٿي، ڇڏي ملاح رستي ۾“
فقير صاحب جي هيءَ سٽ انهي ڳالهه جي نشاندهي ٿي
ڪري ته سندس پرواز ڪيترو اُتاهين آهي جو ملاح کان
اوريان ڪنهن به شاعر ۾ سندس اک ٻڏي ئي ڪونه ٿي.
حالانڪه مولوي احمد ملاح به ساڳي طريقي سان پر
”خاتم الشعراء خاص“ جي مقام تي بيٺو آهي.
هتي مون کي اها ڳالهه ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿي ٿئي ته
ملاح رح جي گس تي جيڪي ٻيا شاعر اسان کي اسان جي
علائقي ۾، ساڳي دؤر ۾ ملن ٿا انهن ۾ پنهل فقير
عارف سان گڏ علي بخش ڏورٿ ۽ مجاهد چانڊيو تمام اهم
شاعر آهن. هي اُهي شاعر آهن جيڪي فن جا محتاج ئي
ناهن ۽ فڪر کين اتاهين اڏام ڏئي ٿو. منجهن جيڪو
متفرقه نقطو آهي ته هڪ طرف سندن کُٿاب وارو علم
صفا ابتدائي درجي جو آهي ٻي طرف سندس صحبت واري
علم جو اِهو عالم آهي جو توحيد ۽ رسالت جي تنوار ۾
ساڻن ڪلهو ملائڻ جو شوق هرڪو نه ڪري سگهندو. مولوي
احمد ملاح رح جو مقام، مان ۽ مرتبو سڀني کان
مٿاهون آهي. اهڙي طرح هنن فقيرن جي جُتي ۾ به هر
ڪنهن جو پير نه ماپندو.
پنهل فقير عارف هن سچي محبت ۾ بلڪل پنهنجي سفر جو
شهسوار آهي. کيس شاعري جي عام روايتن وانگيان:
مون کي ماءُ مجاز،پڃاري جيئن پڃيو،
هٿن ڇڏي هاج، ويئي سار سنڌن مان.
(شاهه)
يا
عشق بهري باز، چائي چنبن ۾ ڪيو
۽ پوءِ....
برهه بادشاهه جا، ڌاڄا ڌڄي ويا. (منٺار فقير)
بيشڪ اُهو مجاز ئي آهي جنهن جي هڪ نقطي مان نوازجي
فقير وڃي ٿا حقيقت جي جهان ۾ هونگارين ته:
هو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
پوءِ ويهي هنن فقيرن جي حال جي خبر پروڙجي. ڪي
حقيقتن جي پرده پوشي کان نڪريو وڃيو شطحيات تائين
پهچن ته ڪي پنهنجي حال تي ضابطو رکندي ڪُنيءَ جو
ڍڪ به ڪونه لاهين. پنهل فقير انهيءَ ضبط وارن
فقيرن مان آهي ۽ توحيد جي گس ڇڏڻ واري لاءِ ڪابه
رعايت ڪونه ٿو ڪري ته:
’عارف عشق الله ۾، تون شعر شاهاڻا به لک،
ٻيا ڪري گفتا غلط، شيطان شاعر تون نه واڦ.
ڏسو ته هن ’پاپ‘ جي وضاحت لاءِ ڪيڏو وسيع نقطو
منتخب ڪيو آهي، اڃايل کي پاڻي نه پيارڻ ۽ مسڪين
تي ظلم ڪرڻ ئي صرف پاپ نه آهي پر فقير وٽ ڳالهه ئي
ٻي آهي.
مانُ ۽ لَڄَ شان ڏيندڙ، عارف رزق ڏيندڙ الله،
تنهن ويجهڙي جا وڙ وسارڻ، پوءِ آهي يار پاپ...!
وري آسرو به ڪيڏو چِٽو آهي ته:
الله اڪبر کانسواءِ ٻيا سڀ اجايا آسرا،
دانھه دِلاور کانسواءِ ٻيا سڀ اجايا آسرا.
اڃان لذت انهي ڳالهه ۾ آهي ته فقير صاحب ڪيئن وڃي
اهو اوتارو ڳوليو آهي، جنھن جھڙو ٻيو ڪو اُتارو
آهي ئي ڪونه، ته:
سنڀالي جو جهان سارو هلي جنهن عام اوتارو،
آهي ڏيهه کي ڏيڻ وارو، منهنجو ڏاتار سان مطلب.
جيڪو ڏيهن جو ڏاتار آهي ان جا احسان نه مڃڻ ۽ ان
ڳالهه کان انڪار ڪرڻ جي گنجائش ڪٿي آهي.
الله جل جبار جا احسان مڃ، منڪر نه ٿي،
سائين سچي ستار جا احسان مڃ، منڪر نه ٿي.
ادا عبدالواحد جڏهن همت ڪري فقير صاحب جو ڪلام گڏ
ڪيو ۽ پوءِ اِهو عزم ڪيائين ته هاڻي اِهو ڇپائڻو
به آهي ته ڪمپوزنگ لاءِ منهنجي ننڍڙي ڀاءُ امام
بخش مڱريو جي حوالي ڪيائين ۽ جڏهن مون وٽ اُهو
ڪلام پروف ريڊنگ لاءِ پهتو ته اُهي لڳ ڀڳ، يارنهن
سئو صفحا هئا. هيڏي گهڻي ڪلام ڇپائڻ جي لاءِ گهڻو
سرمايو به کپي. هنن موجهارن مان گذرندي مون
عبدالواحد کي صلاح ڏني ته پهريائين ٿورو انتخاب
اڍائي سئو کن صفحن جو شايع ڪجي. پوءِ وري ٻيو
ڪلام ايئن ننڍن ننڍن حصن ۾ فقير صاحب جو ڪلام شايع
ڪرائجي. پاڻ مون کي حڪم ڪيائون ته توهين انتخاب
ڪريو. مون جڏهن فقير صاحب جي ڪلام جو انتخاب ڪرڻ
شروع ڪيو ته مون کي غزلن واري حصي ۾ ڪجهه اهڙا
قافيه ۽ رديف مليا، جيڪي ”غزلن جي ديوان“ لاءِ خاص
جوڙبا آهن. پوءِ جڏهن مون انهن جي ترتيب ٺاهي ته
ديوان جي مڪمل شڪل ملي وئي. 52 الف- بي جي اکرن جي
هن ديوان تي آئون ته حيران ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته مون
فقير صاحب کي هڪ سگهڙ ۽ عروضي شاعر ته سمجهيو پئي
پر صاحب ديوان جو خيال نه آيو. خوشيءَ ۽ حيرت جي
حد نه رهي. مون ديوان جو مسودو علحده ڪري
عبدالواحد جي حوالي ڪيو. ٻئي ڏينهن سنڌي ادبي بورڊ
جي پبليڪيشن ڪميٽي جي ميٽنگ لاءِ عبدالواحد صاحب
اهو نسخو جمع ڪرايو. ساڳئي ڏينهن ئي اهو نسخو شام
جو پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ ڊاڪٽر در محمد
پٺاڻ ۽ نواز علي شوق صاحب منهنجي تائيد سان منظور
ڪيو ۽ اڳتي جي مرحلن لاءِ پبليڪيشن سيڪشن جي حوالي
ڪيو. يقيناً هن ديوان جي ڇپجڻ ۾ هنن ٻنهي بزرگن جو
اهم ڪردار وساري نه سگهبو.
ٻن ٽن ڏينهن بعد عبدالواحد ڪجهه وڌيڪ ڪاغذ کڻي
آيو جن ۾ ”الوداع“ واري رديف وارو غزل پڻ شامل هو
جنهن جي اسان کي تلاش هئي. ان سان گڏ هن مرحلي تي
فقير صاحب جو اهو پنو به مليو، جنهن ۾ مڪمل الف ب
جو چارٽ هو جتان اها ڳالهه طئه ٿي ته هيءَ ديوان
ڪو اتفاق نه پر باقاعده فقير صاحب محنت سان تيار
ڪيو هو، پوءِ اها ڳالهه ٻي آهي ته القاءُ پهرين
ٿيو ۽ شاهدي پوءِ ملي.
اسين هن ديوان جي تفصيلي خوبين ۽ صنايع بدايع جي
اپٽار ۾ نه ٿا وڃون صرف ابتدا ۾ ڪيل توحيد جي سري
هيٺ واحد ۽ احد جي عددي ۽ صفاتي نقطن بعد ڳالهه کي
اڳتي وڌايون ٿا. الله پاڪ جي ذات وانگر صفات ۾ به
وحدانيت آهي. هن دقيق بحث کي اسان جي بزرگن نهايت
احتياط سان پرچٽو ۽ صاف نبيريو آهي. ۽ توحيد بعد
رسالت تي پهچي ويهي پنهنجي عشق جو اظهار ڪيو اٿس.
عاشق رسول ﷺ پنهنجي عشق جا رسيلا ۽ مڌڀريا پيالا
پئيندي ڍاپن ئي نٿا.
خدا جو محب دل وارو، صفت جنهن جي قرآن سارو
آهي محبوب موچارو، منهنجو مهندار سان مطلب
غزل جي شاندار پيرائي ۾ فقير صاحب واهه جو نظارو
ٿو پيش ڪري جيڪو عرش ۽ فرش تي بحث جي صورت ۾ موجود
آهي ته:
عرش احمدصه فرش محمدصه، اسم
ٻئي پاڪ عربي جا،
الاهي نور، اسمن تان، انس غلمان اٽڪي پيا.
’مسجد غمامه‘ جو مشهور واقعو جنهن جو ذڪر اسان
ڪليات احمد (ڀاڱو ٻيو) جي مهاڳ ۾ به ڪيو آهي،
انهيءَ جو حوالو به فقير صاحب وٽ واه جو آهي. حضور
نبي پاڪ ﷺ جن هڪ جمعي جي نماز مسجد غمامه (مدينو
پاڪ) ۾ پڙهائي ته هڪ اصحابي سڳوري عرض ڪيو ته
يارسول الله ﷺ ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي دعا گهرو برسات
پئي ته جيئن انسان، پکي، جانور ۽ جيت جڻا سکيا
ٿين. پاڻ ﷺ جن دعا گهريائون ۽ الله جي رحمت وسڻ
شروع ٿي. وري ايندڙ جمعي جي نماز به پاڻ سڳورن
ساڳي مسجد غمامه ۾ پڙهائي ۽ ساڳيو اصحابي سڳورو
اٿي بيٺو ته يارسول الله برسات تمام گهڻي آهي هاڻ
دعا گهرو ته بند ٿئي، ڇو جو مديني پاڪ جي ماڻهن جا
گهر ڪچا آهن، هاڻ سٽ سهڻ ڪونهي. ان ڳالهه تي حضرت
عمر فاروق رضه ان صحابي سڳوري کي چيو ته برسات
الله پاڪ جي رحمت آهي ان جي بند ٿيڻ جي دعا ڪونه
ڪبي، تون چُئه ته يارسول الله هيءَ رحمت هاڻ وري
ٻين خشڪ وادين ڏانهن وسي. نبي پاڪ ﷺ جن دعا گهري ۽
برسات مديني پاڪ کان اردگرد جي ٻين وادين ڏانهن
منهن ڪيو. سبحان الله. مولوي حاجي احمد ملاح چيو
ته:
وار واري ٻي ولهار...!
ساڳي ڳالهه فقير صاحب به ڪيڏي سهڻي طريقي سان ٿو
ڪري ته:
آهين تون مُلڪ جو مالڪ، ڏئين تون خلق کي خالق.
رسائين روز تون هر گهر، مٺا منج مينهن ٻي پاسي...!
فقير صاحب وٽ غزل جا موضوع به جهجا آهن ته لفظن
جي کوٽ ڪونهي. سندس نظر عام مشاعرن ۽ عام شاعرن تي
به آهي. هو مولوي عبدالغفور مفتون همايوني جي
ڪافي نما غزل جي تتبع تي لکي اِهو ٿو واضع ڪري ته
سندس نظر هر طرف شاعري جي جهان ۾ کليل ۽ سجاڳ آهي
ته:
تنهنجي زلف جي زور زنجيرن ۾ زردار هزارين مان نه
رڳو،
تنهنجي حسن جي نيڪ نگاهه ڪيا، نروار هزارين مان نه
رڳو.
هي سجاڳ شاعر اسان جي ادب ۾ ٿيندڙ ڇڙ واڳي وارين
حرڪتن کان به غافل نه آهي ته:
فحاشي اڄ فسانا ڪي، لکي ليکڪ ٿيا پڌرا،
اڳوڻو ويو ادب وسري، اديبن جي لڳي اڻ وڻ.
وري ساڳي وقت اڳ جا شاعر ۽ شاعراڻو ماحول ياد ٿو
اچي ته هو بُلهي شاهه، سچل سرمست سان گڏ مصري شاهه
۽ مولوي علي محمد مهيري جا نالا کڻي پوري دور کي
ٿو اوساري ته:
اڳي ’سچل‘ ’بولا‘ شاعر هئا، وري ’مصري‘ ’مهيري
ماهر هئا
ڏاڍا شعر تنين جا ظاهر هئا، اڄ سخن سچاڻا وسري
ويا.
هو پنهنجي ملڪ پاڪستان جو به گهڻگهرو آهي ۽ يوم
آزادي جي فنڪشن ۾ سندس گونج، گونجي ٿي ته:
سال گذرڻ بعد آيو، يار آزادي جو ڏينهن،
جا بجا ٿيئڙا جشن، جنسار آزادي جو ڏينهن.
بروي ۽ رپ جي داستان کي انسان جي جن ٿورن ڪلاسيڪي
شاعرن سمجهيو آهي، فقير صاحب به انهيءَ ساٿ ۾ شامل
آهي ته:
برهه ۾ هئو بروو، ٿيو ڪامياب،
سڄو ماس تن جو ڪاپايو عشق.
داستان گوئي سان گڏ کيس وطن جي نظارن جي سونهن به
هڪ هنڌ بيهاريو ڇڏي ۽ دلفريب نظم پيو چئي ته:
جيئن ڌنارن جون دڙن، للڪار لاتيون لوڪ گيت
تيئن درد مندن دلفريبي نظم نيارا هون شال.
هنن نظارن ۾ جيئن خلق، خدا خوش آهي تيئن وصل جي
نظارن سان عاشق مچي متارا ٿين ٿا.
جيئن کير ڏُڌ ۽ ٻيون خوراڪون، خلق کايو خوش گهمي،
تيئن وٽيون وصلات پي، مانجهي متارا هون شال..!
انهي لمحي عجيب آرزو ٿي، دِل مان اُٿي ته:
مون مرڻ جي مھل ۾ محبوب تون موجود هُج،
ساڻ درشن دم سڄڻ، تنھنجا تمھارا هون شال.
فقير صاحب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ذڪر
کانپوءِ پنهنجي مرشدن، دوستن، عزيزن ۽ مهربانن جي
ذڪر ڪرڻ ۾ ڪنجوسي ڪئي ئي ڪونهي. اسان اهو ذڪر
شاعري سميت سندن ٻئي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. هتي غزل ۾
باربار ايندڙ ذڪر مان اسين مسڻ جي مولوي عبدالڪريم
لغاري مرحوم جي ڳالهه ڪريون ٿا، جنهن جي عالمانه
صحبت جو اثر فقير صاحب تي نمايان آهي.
جيئن منجهه ’مسڻ‘ ماه لقا تون مولوي عبدالڪريم.
تيئن مونجهه وارن ٿي مسلم، مَنَ مِڙِ موچارا هون
شال.
غزل جي رومانوي رنگ ۾ فقير صاحب واهه جو نباهه ٿو
ڪري ته:
چيم هڪ شهر ۾ آهيون، ڪڏهن گهر ۾ گهڙي ايندس.
چيائين اهڙي عادت تان، لڏيندين يا لڏائيندين.
اڃان به اڳتي ته:
ڇانوَ وارن جي هجي، ابرو ۾ سجدا روز و شب،
لڳن سيني سنوان، نيڻن سندس نيشان سڀ.
مختلف صنعتن سان سينگاريل هن شعر ۾ رواني ۽ دلڪشي
جو مزو اگر وٺڻو آهي ۽ شاعر جي شاعري تي مڪمل
حڪمراني مان لطف اندوز ٿيڻو آهي ته پوءِ هيٺين بند
وارو سڄو غزل مطالع ڪريو ته:
ڪيائين ڪٽ، لهي ويا ڪٽ، لاٿائين ڪٽ ڪٽاري جو،
ڪُسيا ڪونڌر، ويا ڪيهر، قتل جي ڪار رستي ۾،
فقير صاحب پنهنجي غزل ۾ عام عوامي رنگ ۽ ماحول جي
عڪاسي ڪرڻ ۾ خوب آهي ته:
ڪندا ڪين پوري پگهارن مان،
پوءِ زور رشوت وڌائڻ تي وٺ...!
۽ وري مشاعرن ۾ اردو شاعري جي مزاحيه پهلو جو به
ذڪر ڪري ٿو ته:
’عارف‘ هاڻ پٽ سٽ مان پوري ٿئي ڪيئن،
بيگم جي فيشن ڦيرائڻ تي وٺ...!
ساڳي طرح هو عام ووٽر کي پنج سالن بعد وري ياد
دهاني ٿو ڪرائي ته:
اليڪشن آ اچڻ واري، ويندا وڪجي هڙئي هاري،
صفا سستي خريداري، سندو واپار سمجهي وڃ.
پنهل فقير عارف پنهنجي دور جو وڏو شاعر آهي. سندس
حافظو به ڪمال جو آهي. هُن سنڌي شاعري جي لڳ ڀڳ
سڀني مروجه صنفن تي لکيو آهي. ٻي طرف هو وڏو سگهڙ
آهي. هُن سگهڙائپ جي تقريباً سڀني منظوم صنفن تي
لکيو آهي. سگهِڙائپ جي خاص پهلوئن مان هو ڳجهارت
۽ هنر جو تمام سٺو گهڙيندڙ آهي. سندس هِن رخ جو
ذڪر اسان سندس ٻئي ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
هيءَ ڇاڪاڻ نج – نبار غزلن جو مجموعو آهي جنهن ۾
فقير صاحب جي غزلن جو به انتخاب آهي. سندس ٻيا غزل
ٻين مجموعن ۾ به ايندا. هتي اسان صرف ديوان جون
تقاضائون پوريون ڪيون آهن.
هن ديوان جي اچڻ سان فقير صاحب جي ڪلام جي اشاعتي
سلسلي جي ابتدا ٿئي ٿي. اميد اها آهي ته سنڌ جا
اهل ذوق هن ڪلام مان مستفيض ٿيندا ۽ فقير صاحب جي
علم ۽ هنر تي پنهنجو قلم تحرڪ ۾ آڻيندا. |