سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان عارف

باب:

صفحو:7 

روئي روئي رات گُذاريم راڻا، تنھنجي ڪاڻ رهاڻ.

سھڻل ساريو سور چران ٿي، سوڍل پنھنجو پاڻ سُڃاڻ.

 

توريءَ تڪيا طول وهاڻا، سور سِراڻا ورهه وِڇاڻا،

مومل ساڻ ڇڏي ڏي ماڻا، سھڻل ساڳين سيجون ماڻ.

 

نيڻ نھاري ٿيئڙا نارا، ڇڏ جُدايون جيءَ جيارا،

پرچي پير پلنگ ڏي پيارا، هوڏ ڇڏي ٿي هڪ مون ساڻ.

 

ازل کان هي انگ اڙيو، هو جانب توسان جيءُ جڙيو،

مون قرب قديمي قيد ڪڙيو، نت ڪير ڪري ها ڪنھن جي ڪاڻ.

 

تون منھنجو راجا مان تنھنجي راڻي، جهوري جهنگن ۾ ٿي جوڳياڻي،

راڻا روئاڙي ڄاڻا واڻي، پيارا پنھنجي پورهيت ڄاڻ.

 

توري ٿيئڙا باغ پراڻا، ڪاڪ ڪنڌي جا ڪنول ڪوماڻا،

نينھن وارن جا نيڻ نماڻا، ’عارف‘ عشق سندا اُهڃاڻ.

¦

و

سوين ٿيم سال سورن ۾، سڄڻ سائين سڪايئي ڇو.

ليا پاتم لکين تولاءِ، لالڻ منھن کي لڪايئي ڇو.

 

ڪيم پر ۾ پُڇائون ڪئين، سوين باسيم سکائون ڪئين،

اٿم روح ۾ رٿائون ڪئين، رٿائون سڀ رلايئي ڇو.

 

ڪئين تولاءِ ڪريان ڪارون اچي ٿي درد جو دارون،

فراقن دِل ڪئي ڦارون، هجر هيڏو هلايئي ڇو.

 

ڪيئي جي قول پاري وڃ، نه وارث تون وِساري وڃ،

ننگي ڪو ننگ نھاري وڃ، هونئين ناحق نٽايئي ڇو.

 

ڪڏهن ’عارف‘ اڱڻ ايندين، دلاسا ڏڍ ڏُکي ڏيندين،

وِڇوڙيا گڏ وٺي ويندين، روئنديون رڻ ۾ رهائي ڇو.

¦

تنھنجي زلف جي زور زنجيرن ۾ زردار، هزارين مان نه رڳو.

تنھنجي حسن جي نيڪ نگاهه ڪيا نروار، هزارين مان نه رڳو.

 

توکي صفتون سھڻا يار سريون، تنھنجي چاهت ڪيون چوڌار چريون،

تنھنجا پير چمن ٿيون حور پريون، هر وار هزارين مان نه رڳو.

 

تنھنجي جوڀن جوت جمال ڪيا، ڪئين حيرت حال حلال ڪيا،

تنھنجي پرت پرين پئمال ڪيا، پڳدار هزارين مان نه رڳو.

 

ڪي روز رويو رت راهون ڪن، ڪي اشڪ وهايو آهون ڪن،

ڪي ديد ڏِسڻ لاءِ دانھون ڪن، ديھدار هزارين مان نه رڳو.

 

تو ’عارف‘ سان اچي انگ ڪيا، بي رنگي مان ڪي رنگ ڪيا،

تو يار سڏي ست سنگ ڪيا، سردار هزاري مان نه رڳو.

¦

آواز هي  الستيءَ آيو فقير جو.

رم جهم راز ٿيو آ رايو فقير جو.

 

گهمسان گِرد گهيرو، ديدن دمايو ديرو،

حسنات حال هُيَڙو، ڳايو فقير جو.

 

ازلئون اها انعامي، سھڻي سندي سلامي،

من ۾ هي مچ مدامي، مايو فقير جو.

 

افلاڪي عشق آيو، طرفين طلب تايو،

سبحان ٿيو سجايو، لايو فقير جو.

 

’عارف‘ بدن بلاتو، پرين آ پيچ پاتو،

سڄڻن صحي سڃاتو، سايو فقير جو.

¦

ڪمند قيدي کي ڪڙجي ويا، قديمي قيد ڪٽڻو پيو.

مجازي ميخ مھميزن کان، منھڙو مون نه مٽڻو پيو.

 

ڪري حملا حسن وارا، سپاهي سونھن جا آيا،

سڄڻ سرڪار جي سامھون، سِريءَ ۽ ساهه سٽڻو پيو.

 

وصف وارن جي وٺ وٺ ٿي، وڌئون وارن جا ونگ واري،

ويراڳي کي وصل سان گڏ، ورهه جو واس وٺڻو پيو.

 

ڇڏائڻ جون ڇٽيون ڳالھيون، اڃا ڀي ڇرڪ ڇا ٿيندو،

شبابي شوق ۾ شايد، برهه جو ڏنڊ ڀرڻو پيو.

 

ٿين منجهه دام دم پورا، ’عارف‘ جا گهر عجيبن جي،

ته راڻي کي روح ۾ روئندي لڪائي لاش لٽڻو پيو.

¦

حسن سڪايل سؤ هزار، سونھن سڪائڻ وارو ڪو ڪو.

بيدرد دُنيا ۾ بيشمار، سور سڻائڻ وارو ڪو ڪو.

 

عشق جي سمجهن ڪين اصولن، ماترائون ۽ مفعولن،

فڪر بنا سي ٿيا فنڪار، قرب ڪمائڻ وارو ڪو ڪو.

 

درد نه دِل ۾ ڪوڙيون دانھون، ڪير ٻُڌي ڀلا اهڙيون آهون،

هن نظارن جا ته نبار، ٻول ٻُڌائڻ وارو ڪو ڪو.

 

من مندر ۾ مخفي مستي، برهه وارا ڪن بت پرستي،

پائي زلف زنار، ڀيد ٻُڌائڻ وارو ڪو ڪو.

 

هڪ سان هڪ ٿي خيال ڪمائي، صاف صفاتي ورق وڃائي،

ڪري وحدت جو واپار، پاڻ وڃائڻ وارو ڪو ڪو.

 

تن ۾ طلب جن کي توڙا، گهاءُ بِنا ڪن گهوڙا گهوڙا،

ڪان پئي تن محبت مار، محب مڃائڻ وارو ڪو ڪو.

 

جت قرب حسن جو ڪوس هلي ٿو، جابر ڪو جوان دِل جهلي ٿو،

ڪات اڏي تي ڪلنگيدار، ڪنڌ ڪپائڻ وارو ڪو ڪو.

 

سڌڙيا سير کان واپس ورندا، سونھن جا ساگر سالڪ ترندا،

نيھي ٿي نروار، نينھن نڀائڻ وارو ڪو ڪو.

 

’عارف‘ عشق عميق ۾ ايندا، ويرن کان ڪيئن واپس ويندا،

برهه جون بونديون سر بسيار، ورهه وسائڻ وارو ڪو ڪو.

 

¦

مان به راڻي جي هيس، راڻو، ڪڏهن منھنجو به هو،

حُسن ديوي ٿانَ وٽ ٿاڻو، ڪڏهن منھنجو به هو.

 

محبوب محفل جي اندر، مرضيون به منھنجو ٿي مڃيون،

ماهِ لقا مهندار وٽ ماڻو، ڪڏهن منھنجو به هو.

 

حسن وارا ڪئين هزارين، پر حبيبن هنجھه ٻي،

هو محبت موتي جي مثل داڻو، ڪڏهن منھنجو به هو.

 

پرهه تائين بس پرين سان، هئا حويلي منجھه هنڌ،

ٽھڪ ڏيئي راتيون ٽڪڻ، ٽاڻو ڪڏهن منھنجو به هو.

 

”عارف“ عجيبن وٽ الاهي، قرب جي قيمت قديم،

وٽ ناز ور نازڪ بدن ناڻو، ڪڏهن منھنجو به هو.

¦

 

ڪري سينگار سَوَ سالم، سندم سردار اڄ آيو،

پائي لک هار هيرن جا، هينئن جو هار اڄ آيو.

 

ڏسي صورت حبيبن جي همه حيران ٿيون حورون،

اُڏامي هوش ويو هٿ کان، حسن لاهار اڄ آيو.

 

ملي مون مام ۾ محفل، لھي ويو مامرو من تان،

محب ماههِ لقاءَ، مرڪي ملڻ منٺار اڄ آيو.

 

نظاري نور ٿيو نوريءَ، نوازيو جنهن نگاهن سان،

نھاري نينھن جو ناتو، ننگي ننگدار اڄ آيو.

 

اچڻ واري عجيبن ڪئي، اُنائي آهه زاري ڪا،

”عارف“ عيدون ٿيون، عرشي، اِرم اظھار اڄ آيو.

 

¦ 

هه

 

دِلربا تنهنجي درد گهايو، رات هِڪڙي تون ته رهه،

مڃ سڄڻ بس روح رايو، رات هِڪڙي تون ته رهه.

 

گهر اچين هِڪڙي گهڙي، زر مال گهر گهوري ڇڏيان،

هِنَ هجر هاڃو هلايو، رات هِڪڙي تون ته رهه.

 

جانِ من تنهنجي جُدائي، جا اندر ٻارڻ ٻرن،

تانگهه دِل کي آ تپايو، رات هِڪڙي تون ته رهه.

 

محبوب رک تون مانُ، منهنجي منٿ مڃ ماهِه لقا،

واعدي جو ڏينهن آيو، رات هِڪڙي تون ته رهه.

 

مان ئي تنهنجو تون ئي منهنجو، ملڪ جا مهڻا نه ڏيار،

بيوس برهه آهي بنايو، رات هِڪڙي تون ته رهه.

¦
ــــھ 

ثناء و حمد هادي جي، پڙهان هر وار بسم الله.

سو خالق ملڪ جو مالڪ، سونھي صدبار بسم الله.

 

حڪم هر جاءِ حاڪم جو، هلي هر وار ٿو همدم،

ڪيائين ڪُن سان ڪُلَ پيدا، عجب جنسار بسم الله.

 

ملائڪ جن بشر حورون، فلڪ ۽ عرش ۾ جيڪي،

عجب پيدا ڪيا پرور، نکٽ نروار بسم الله.

 

منجهان آدم اپايا جنھن، پيغمبر پير ۽ اولياءَ،

تنھن جو آ مان مولا وٽ، عجب اظھار بسم الله.

 

ڏِسو لولاڪ لَما جي، پڙهي معنيٰ اي مؤمن،

محمدصه مُلڪ ساري جو، ٿيو مھندار بسم الله.

 

مٿان فرمان هي فرقان، جنھن جي شان ۾ آيو،

سوا لک ۾ سڄڻ سھڻو نبي نروار بسم الله.

 

عجائب پاڪ پيشاني، عجائب رنگ روحاني،

عجب صورت عجب سيرت، سخي سردار بسم الله.

 

قمر خورشيد جي خوبي نه مٽ ’عارف‘ عجيبن سان،

چُمن ٿيون حور ۽ پريون پرين پيزار بسم الله.

¦

ء

وڃڻ جون ڪيم ڪر وايون، مِٺا منٺار ترسي پئه.

هزارين ڳڻ تنھنجا ڳايون، هينئين جا هار ترسي پئه.

 

مِٺا مون سان ڇڏي ماڻا، رهو هڪ راتڙي راڻا،

سڄڻ سِڪ ساڻ اي سياڻا، صنم سنھيار ترسي پئه.

 

رهي پئھ ٿين رهاڻيون ڪي، ڪريون قربن ڪھاڻيون ڪي،

ڏِسن اکڙيون نماڻيون ڪي، تنھنجو ديدار ترسي پئه.

 

وصل جون هاڻ ڪر وايون، لڱن سان لال لڱ لايون،

ڀلا ڀاڪر ڀري پايون، پرين ڪنھن پار ترسي پئه.

 

پرين ڪو پيار پاري وڃ، جڏو جيئڙو جياري وڃ،

اندر جا غم اُتاري وڃ، اڱڻ انوار ترسي پئه.

 

روحاني رنگ رچايون ٻئي، مِٺا محفل مچايون ٻئي،

پرين ڪي پھه پچايون ٻئي، ’عارف‘ اقرار ترسي پئه.

¦
ي

 

الله جل جبار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

سائين سچي ستار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

 

هٿ پير جنھن اکيون ڏِنيون، کير ۽ ونيون ڏِنيون،

اهڙي سخي سردار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

 

جنھن جسم ڪيو جابر عطا، ان جي اسم تي ڪر سخا،

دِل خواهه تنھن دِلدار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

 

جو سھڻا ڏيکاري ڏينھن ٿو، طوفان ٽاري مينھن ٿو،

اهڙي اجهي آڌار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

 

جو ڏي ڏهاڻي ٿو گهڻو، ان جي اسم ڏي ڪجهه ڪڻو،

هن ڏيھه جي ڏاتار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

 

جنھن جوڙيا ڏِسو فرش، فلڪ، حاضر همئه حورون ملڪ،

قائم سدا ڪلتار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

 

تون ڇو ڪرين حاسد حسد، مخلوق سڀ مالڪ پسند.

اهڙي يقيني يار جا، احسان مڃ منڪر نه ٿي.

¦

حبيبن جي حسن ڪيئڙا هڻي حيران حد ٿي وئي،

سيارا، شمس ۽ ڪتيون قمر قربان حد ٿي وئي.

 

نيڻن کان محب ٿيو موهي، جهڪا جنسار کان جوهر،

گهورون گُل جان تان گوهر، ٿيان مرجان حد ٿي وئي.

 

ڀريندا ٿيا پسي بيپر، پڄن ڪيئن تون پري پيڪر،

ٿيا بيحال بت آزار، بُنياد بي جان حد ٿي وئي.

 

وريا جي وار وارن جا، لُٽيا هينئڙا هزارن جا،

ٿيا نيهي نظارن جا، نِجا نيشان حد ٿي وئي.

 

زلف جي زور ضربن ۾، ٿيا حيران ڪئين بن ۾،

ڪيئي قابو قيدن ۾، حد ٿي وئي.

¦ 

رسڻ ريت رسمون تون راڻا ڇڏي ڏي.

مومل ساڻ ناحق تون ماڻا ڇڏي ڏي.

 

سڄڻ آءُ سرچي نه ساعت سري ٿي،

ڏيڻ سور سختيون سياڻا ڇڏي ڏي.

 

پھچي يار  پيارا، پٽيون ٻڌ اچي ڪي،

زخم تون نه هرگز پراڻا ڇڏي ڏي.

 

تنھنجي ديد درشن سان دارون ٿي سگهندو،

هِتي تون نه دوري جا داڻا ڇڏي ڏي.

 

خدا راهه گُهر ۽ خدا کان به گُهر تون،

ناجائز ڪمائڻ جا ناڻا ڇڏي ڏي.

 

اٿي ڏور ڏونگر اڳيان پنڌ اڙانگو،

سمھڻ سيج تي ۽ وهاڻا ڇڏي ڏي.

 

ڏينديئي ڏس ڏاها پرين جي پسڻ جو،

رهج ساڻ سالڪ اياڻا ڇڏي ڏي.

 

انبن ۽ انگورن سندي چاس چک تون،

نه کاءُ گوار گدرا هنداڻا ڇڏي ڏي.

 

معشوقن جي محبت اٿئي ميٺ ماکي،

گهر تمام تازا ۽ باسي هاڻا ڇڏي ڏي.

 

’عارف‘ ساڻ ’عاصي‘ تيسين اور دِل جون،

ماڻي عشق موجون پڄاڻا ڇڏي ڏي.

 

¦

تڳان ٿو روز مان تاري، سندم رب جي سهاري تي،

هي نِڪري ڇوهه ڇولين مان، ٿيندي ڪشتي ڪِناري تي.

 

وصالي وائڙا ورندا، الستي ٻول اڄ پرندا،

ڏکن کان پوءِ سک سرندا، اي ڪاروبار واري تي.

 

رکيوسون بار باري تي، ڀلا ٻيو ڀروسو ڪھڙو،

۽ هلبو هوش پنھنجي تي، نه لڳبو ڪنھن جي لاري تي.

 

ڏکن ۾ ڏينھن ٿيا پورا، ته پرواهه ڪا به ڪانھي ڪا،

ٿينداسون بھشت ۾ داخل، سندئي عربي اشاري تي.

 

هي من مُھڻا گهڻا ماڻھو، نه مصري کان مِٺا مون کي،

اٿوَ الفاظ ’عارف‘ جا انھي نازڪ نظاري تي.

¦

سچ سڻاءِ ڪهڙي سبب، منٺار وئين منهڙو مٽي،

ڇو جُدائي ۾ جلائيي، جان توري ڪيئن جٽي.

 

گهر گهرائي ڪا گهڙي، گهوٽ گڏ گوڏي ويهار،

گهور گهايل ٿي گهمان، ڪيئن ڀلا گوندر گهٽي.

 

سِڪ سڄڻ سوراخ ڪيا، ساعت نٿي توري سري،

ڏيئي سڪڻ جي مون ستي، وئين ساهه سورن ۾ سٽي.

 

ڪيا حسن حملا هزارين، هر جاءِ حيرت ۾ هلاءِ،

هٿ حسينن تان کڻان، پر نه مون هينئڙو هٽي.

 

آءُ اڱڻ ’عارف‘ عجيبا، پوءِ ٿين پورا پساهه،

ڏيئي لتون لالڻ اچي، وڃ لوڙهه منهنجي کي لٽي.

¦

 

سڄڻ سھڻا اچي سڻ تون، سندي عاجز عرضداري.

پنو ڏِس هي پڙهي پيارا، اٿيئ درخواست دِل واري.

 

جھان ۾ جج تو جھڙو، نه پيدا ٻيو ڪيو پرور،

تون ئي حاڪم حسن وارا، تنھنجي ڪورٽ قرب واري.

 

سزا جي موت جي ڏيندين، ته مڃڻي محب مون پوندي،

جنم جي قيد جي جاني، قبوليم سِر سزاداري.

 

برهه جون بند باريڪون، ڀڄڻ ڀيڻي نڪا ڀانيان،

جشن جوڀن سندا جيلر، وتن ٿا چست ٿيا چاري.

 

ڏينھن کان ڏوهاري، ٿيس رُڳو نازڪ نھارڻ لاءِ،

زوري قيدي ضامن بند، نڪا تاريخ ٿي جاري.

 

سڄڻ سائين عمر ساري، ستائيندي ته سرندئي ڇا،

نڀائي نينھن جو ناتو، ’عارف‘ سان يار ڪر ياري.

¦ 

اديون اڌ رات کان اڳ ۾، عطر هُٻڪار عنبر ٿي.

عجب جنسار جانب جو، ڏِٺم چمڪار چندر ٿي.

 

محب مھندار مڙني جا، پيا پھريون نمبر پسجن،

آيا حاڪم حسن وارا، تجلي جا تونگر ٿي.

 

مبارڪ مُنھن موتيو گُل، سھائي سوجهرو سھڻو،

اڇائي ٻي نه اهڙي ڪا، سفيدي سنگمرمر ٿي.

 

دوناليون ديد جون ڌاري، دِلين تي پي هنيون ڌاڙا،

نگاههءِ نوڪ نيڻن جا لڳا نيشان نشتر ٿي.

 

جسم جانب سندو جلوو، ڪندا جنسار ڇا تنھن کي،

سراسر سونھه جي سامھون، هلن حورون نه همعصر ٿي.

 

ڏِسي حيرت حبيبن جي، هلي هٿ کان ويا هينئڙا،

حسن جي حادثي کان ويا، همه حيران هر گهر ٿي.

 

ڏِسي هي رنگ روحاني، رنو ’عارف‘ ته ڇا ٿي پيو،

سوداگر سونھن جا ويئڙا، سوين دارا سڪندر ٿي.

 

محب مُرڪڻ سان مِٺا، مهمير ڪيئن ماري ڇڏئي،

ڪاڻ ڌاڙي هي دوناليون، ديد ٻئي ڌاري ڇڏئي.

 

چنڊ کان چهرو چِٽو چئني طرف جنهن چاندني،

تنهن مٿان بادل ڀنڀا، ڪر بار بهاري ڇڏئي.

 

خمدار خوني خوبرو ڪن، خونريزي خلق ۾،

سي سقيلا صاف سهڻا، وار لئه واري ڇڏئي.

 

پاڻ ري ٻوڙيا ٻِسٽ، تو ٻاڻ ٻاٻيهل ٻئي،

سي سڌا سيني منجهان، تو تير جيئن تاري ڇڏئي.

 

پروان پيا پِڙَ تي پچي، تجلي پَسي تهدل تمام،

شمع جي شعاءُ ٿي، ٻهڳڻ، لکين ٻاري ڇڏئي.

 

گُلبدن گهائين ٿا ٻئي، گرز گولي جان شتاب،

اشڪ ’عارف‘ ڇا چوان، پر عام آزاري ڇڏئي.

¦

ڪرم پنھنجو ڪري قادر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي،

ديانت ڪا ڪري داور، مٺا منج مينھن ٻي پاسي.

 

سخي صابر سکيا رکجان، نه دم تن کي ڏکيو رکجان،

بخيلن کي ڪري بي زر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

ڏئين رب راهه جي روڪڙ، ڏهاڻي ڏي تنين ڏوڪڙ،

والي تن جا وري گهر ڀر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

وڻئي وسنديون ڪرين ويران، وڻئي پينو ڪرين سلطان،

پروڙي ڪير تنهنجي پر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

رٿا پنھنجي جنين جوڙي، ايندي اڳتي تنين سوڙي،

هتي خوش ٿي کِلن پيا کر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

نه ويساهه تو وڏائي تي، رهن پنهنجي پڏائي تي،

نه تائب تو نه توبهه در، مٺا مُنج مينهن ٻي پاسي.

 

آهين تون مُلڪ جو مالڪ ڏئين تون خلق کي خالق،

رَسائين رزق تون هر گھر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

شھنشاهه شاهه تون آهي، وسائين وهڪرا واهين،

ڀلا  اهڙا جھلي ڪو جر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

سڪندر جمجما دارا، سڀئي توکان گھرڻ وارا،

اچي والي ولھين وڙ ڪر، مٺا مُنج مينهن ٻي پاسي.

 

اچي ”عارف“ اجارين تون، سخن سائين سنوارين تون،

پياري ڪوثِر ساغر، مٺا مُنج مينھن ٻي پاسي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org