پ
دِلڙي لائي ۽ ڌڪارڻ، پوءِ آهي يار پاپ.
ٻاجهه سان سڀ ٻُھارڻ، پوءِ آهي يار پاپ.
ڪئي ته اڻڀن دِل اڌوري ۽ ڦڻي ڦرمار ٿي،
سينڌ سئين سنبل سوارڻ پوءِ آهي يار پاپ.
نيم خوابي نيڻ نرگس دوبدو ڌاڙا هڻن،
منجهه ڪجل ڌار ڌارڻ پوءِ آهي يار پاپ.
پيار گهرندي ئي پرين کان قطعه ڪلامي ٿي ٿئي،
بس اکر اهڙا اُچارڻ پوءِ آهي يار پاپ.
مايا پنھنجي ملڪيت به هوندو زر ضرورت کان سواءِ،
ٻي ڌران ڪا شيءِ اڌارڻ پوءِ آهي يار پاپ.
گهر ۾ حسين جوءِ به هوندي، عادت بُري چئجي کڻي،
نار ٻي ڪنھن ڏي نھارڻ، پوءِ آهي يار پاپ.
’نحن اقرب‘ وير ويجهو، ڪرم قادر جا ڪرم،
بس دوئي جو ڌيان ڌارڻ، پوءِ آهي يار پاپ.
مان ۽ لَڄ شان ڏيندڙ ’عارف‘ رزق ڏيندڙ الله،
تنھن ويجهڙي جا وڙ وِسارڻ پوءِ آهي يار پاپ.
¦
ج
سڄڻ سھڻو جي مِلي سردار، منھنجي ڪاڻ حج.
دلربا جي دِل اندر درڪار، منھنجي ڪاڻ حج.
عرفات مِنيٰ ۽ مڪي، هي مان وارا ماڳ سڀ،
ديدار محمد مصطفيٰصه منھندار منھنجي
ڪاڻ حج.
نور الاهي نار ۾ جي، نور سمايل هجي،
تنھن سونھن کي سجدا ڪرڻ، هر بار منھنجي ڪاڻ حج.
محبوب سان مِلندو ڏسي جي، ڪنھن سڙيل ساڙو لڳي،
پيا لڳن خر خام کي، سئو خار، منھنجي ڪاڻ حج.
اکڙين منجھان ’عارف‘ عجائب شفتين شاهاڻو شراب،
پيو پيئان هر وار ٿي، مئيخار، منھنجي ڪاڻ حج.
¦
ڄ
ڀيڄ مولا ڀيڄ مولا، عوام تي احسان ڀيڄ.
سڪ ۽ صحبت جو سراسر ساز ۽ سامان ڀيڄ.
دانھون ڪريان تو در مٿي، دِلدار ڪر ڪا دِلبري،
دردن سندو اي دِلربا، دارون دوا درمان ڀيڄ،
آزيون سُڻي الله تون، اڄ مينھن مُنج ٻي ملڪ تي،
منھنجي عرض احوال تي، مالڪ ڌڻي تون مان ڀيڄ.
هي سلطنتون سربراهيون، تو سنديون صاحب ستار،
جو خير خواهه ٿئي خلق جو، اهڙو وري انسان ڀيڄ.
ڪڍ ڪفر هن ملڪ مان، عربي جي صدقي تون الله،
جو اسلام جي عزت ڪري، اهڙو سخي سُلطان ڀيڄ،
سوال سُڻ سائين سچا، ’عارف‘ جي عيبن کي نه ڏس،
ڀرم رک منھنجو ڀلا، احسان ڪر ايمان ڀيڄ.
¦
ور، ورڻ جي وار وائي، ڪر وصل ونهوار اڄ.
تو ڏِٺي هينئڙو ٺري ديدون به ڪن ديدار اڄ.
دِلدار لائي دوستي پوءِ داغ دوري جو ڏي،
مھرباني ڪري مِلڻ جي ماه لقاءُ منھندار اڄ.
وِک وڌائي آءُ وري، ورهين سندا ويڇا وِسار،
ويهه ڪريون ويهي دِلين جو واجبي واپار اڄ.
مُنهن ڏِيکاري مار تون، ماڻا ڪري هرگز نه مار،
ڪر مهانڊن سان ڀلي تون، منتي مارو مار اڄ.
ڪم سڏيون سيني منجها اکڙيون مالڪ آرپار،
ديني اندر درمان مند دائم ٿين ڌڪار اڄ.
پيار ساقي سُرخ ساغر، شفتين جو ”عارف“ شراب،
مر پيئن پيالا ڀري هي، مست ٿي ميئخار اڄ.
¦
ڪرم ڪر ڪل تي قوي ڪونين قادر مينهن ڀيڄ،
عرض عاصين جا سڻي الله اڪبر مينهن ڀيڄ.
ڇاڇري تي ڇوهه مان، ڪي ڇوٽ ڇٽڪارون ڪري،
مُلڪ مُهراڻو مِٺي تي يار ٿر بر مينهن ڀيڄ.
پالوٽ ڪر ڪا پارڪر تي ڪڪر ڪارونجهر ڪنڌي،
ڪيتار، ڏهلي، ڏيپلو، نروار نگر
مينهن ڀيڄ.
آڻ عمرڪوٽ تي، ڪي آب اوهيرن سندا،
گرهوڙ اَڪڙي ۽ پٿورو ڪُنري نبي سر مينهن ڀيڄ.
ڊگهڙي پنگريو ۽ سمن سرڪار تي ڪر ڪي سُڪار،
ميرپور ۽ ميرواهه ستار ساجهر مينهن ڀيڄ.
ملڪ سڀ مالڪ وَسا ٿر جبل ٿاڻا سڀئي،
سنڌ ساري منجهه سُڪر اظهار اظهار مينهن ڀيڄ.
سوال سُڻ سائين سدا، سرڪار سارا سڀ ڪرين،
عرض ”عارف“ جا سڻي دِلدار در دي مينهن ڀيڄ.
¦
جهه
در تنهنجي آه دِلبر منهنجو هيءَ سوال سمجهه،
آهي اڀرو ۽ اڌورو، سو سڄڻ احوال سمجهه.
ڦٽ فِراقي، يار ياقي ديد دوناليون نشان،
مونکي جيڪو ٿيو عطا سو سڀوئي مال سمجهه.
توسان ڪهڙو سينو ساهيان، ريس توسان ڇا ڪيان،
التجا آهي اِها، ايء التجا هر حال سمجهه.
انب نڪين، انگور ڇا، ماکيان مِٺا چپڙا ٻئي،
جنهن چکي چس چاشني، سا چاهه واري چال سمجهه.
’قول‘ ’قالو‘ جي اڙايو، انگ الستي اڳ کان اڳ،
عهد سان عهد واري، سا سموري ڳالهه سمجهه.
پير اوکو آ پنهل جو، رڃ رائو جبل جار،
’عارف‘ هن پيچ پنڌ ۾ ٻيا مِريئي خال سمجهه.
¦
ڃ
حقيقت حال هي سارو، هجين هوشيار سمجهي وڃ.
سوا ووٽن وڏيرن کي، ڏِسڻ دشوار سمجهي وڃ.
اليڪشن آ اچڻ واري، ويندا وِڪجي هڙئي هاري،
صفا سستي خريداري، سندو واپار سمجهي وڃ.
چاليھه سالون جمھوريت چٽ، غريبن ساڻ دڙڪا دڙ،
وڏيرن سان وڏا ٿيا وڙ، وسي ونھوار سمجهي وڃ.
موڳا ٿيو وقت هن ورڪر، چٽيو چَپَ پيا هڻن چڪر،
وٺي ڪنھن پارٽيءَ جي ڀر، ٿيئون نروار سمجهي وڃ.
نه ورڪر اول ڪنھن اٽڪن، سڌو سنئون ٻوڙ تي سٽ ڪن،
سي چٽڻيون چاشنيون چٽڪن، سي يخني يار سمجهي وڃ.
¦
سڄڻ سينگارجي سھڻا مِٺا منھڙو ڏيکاري وڃ.
مِٺا غم درد جون ڳالھيون، مڙئي مَن تان ميساري وڃ.
دوا دارون دکي دِل جو، تنھنجي ديدار سان ٿيندو،
مٿي مون داغ دوري جون، دِلبر يار ڌاري وڃ.
ديوانه ڪر نه تون دانھون، آهي ديوانگي ۾ ڇا،
حياتي هوش سان پنھنجي، سياڻو ٿي سنواري وڃ.
حُسن تنھنجي ڪري هاڃا، رسايو بس هلاڪت کي،
ڏيئي ڪي جام جوڀن جا، مئو جيئڙو جياري وڃ.
هي ارڏايون انگل آرا، ڪرين ’عارف‘ اجايا ڇو،
حقيقي حال سان هلندي، اندر پنھنجو اُجاري وڃ.
¦
ڪر ملڻ جي مھرباني، ماهه لقاءُ ڀيرو نه ڀڃ،
درد ڪئي دلڙي ديواني، ماهه لقاءَ ڀيرو نه ڀڃ.
تون اچين اجري پون اعمال ۽ لڱڙا لحم،
زهر تو ري زندگاني، ماهه لقاءُ ڀيرو نه ڀڃ.
مٺڙا اڱڻ منھنجي اچين، ٿورا لکين تنھنجا ٿين،
ٿو چوان ظاهر زباني، ماهه لقاءُ ڀيرو نه ڀڃ.
تون منھنجي مايا ۽ ملڪيت، تون منھنجو مالڪ ڌڻي،
تو بنا هر شيءِ بيگاني، ماهه لقاءُ ڀيرو نه ڀڃ.
آهن پيريءَ منجهه پرين تنھنجي اچڻ جا آسرا،
توکي بخشي رب جواني، ماهه لقاءُ ڀيرو نه ڀڃ.
دانھون ڪريان ديدار لئه ”عارف“ اچڻ جي ڪر عجيب،
ٿو چوان سچ سان زباني، ماهه لقاءُ ڀيرو نه ڀڃ.
¦
چ
اڄ وري محبوب مون وٽ تون ڪري سينگار اچ،
صبح سانجھي سونهن وارا يار اچ دلدار اچ.
ڳل ڳراٽيون پاءِ پيارل، ديد دوناليون کڻي،
وره وارن سان، سُھڻل ٻيا ڪري ونھوار اچ.
واه بادل برسيا ملڪ ۾ مانڊاڻ ٿي،
آب اوهيرن اڇل سان، مُند
ٿي ملھار اچ.
لال للڪارن دڙن تي، خوش ٿين ڌڻ ۽ ڌنار،
سيگھه مان ساڻيھه ڏي، سانگي وري سنگھار اچ.
ڀروسو باري تي آهي. ننگ پرور ننگ پال،
ڀاڳ سان ڪر ڀال بيحد، يار اچ صدبار اچ.
عشق ۾ ”عارف“ اچيو، اُڌمان
اُٿن،
آڌيءَ عليل،
هُن ڪنڌ ڏي سير ۾ ساهڙ ڪري سھڪار اچ.
¦
ڇ
اهو عجائب عشق جا اظهار، ٻئي ڪنهن کان ته پُڇ،
موڙهل منڌل محبت سندا اظهار، ٻئي ڪنهن کان ته پُڇ.
فاعلن ۽ مفعولن مان ڪو نه ڄاڻن محبتي،
تون نه سمجهين مون مستي مهڪار، ٻي ڪنهن کان ته
پُڇ.
پاڻ طبلائي، وري ٻين کي چوين طبلي نواز،
ماٿرين تي شاعري پرمار، ٻي ڪنهن کان ته پُڇ.
آدم جي سجدي جو ڪرڻ، فرمان واحد کي وڻيو،
هن سان ڀلا ڇا هن ڪيو انڪار، ٻئي ڪنهن کان ته پُڇ.
درد و فراق ماجرا، آدم حوا کان وٺ پڇي،
ٿيو هجر ان ڪاڻ هاڃيڪار، ٻي ڪنهن کان ته پُڇ.
ڪوس ڪربل ۾ ٿيا، معصوم ويا سڀ مارجي،
مون کي ماتم کان نه جهل، مردار ٻي ڪنهن کان ته
پُڇ.
¦
ح
دِلرُبا جي ديد ڌاران، دِل آزاري ان طرح.
بردباري برهه واڌو، بيقراري ان طرح.
گهوٽ کان گهورون ڪري، لائن مھل جيئن لاڏ ڪن،
مون گهر اچي محبوب جي، هي شھسواري ان طرح.
مند سنھري وِچ سيارو، دِلربا گڏ در به بند،
بس سڄڻ سھڻي سان گُذري، رات ساري ان طرح.
لڱ لڱن سان پيا لڳن، لبريز نوشي جام جام،
بس برهه وارن کي گهرجي ٿي، بھاري ان طرح.
هِڪ حويلي هنڌ هڪ ۾، گڏ پرين گوشي نشين،
بس پلنگهه تي ليٽ ليٽان، ۽ پاٿاري ان طرح.
جيئن گهري ٿي دِل گهڻي، تيئن پڄاءِ ’عارف‘ اميد،
ور سُڻي آزيون سڀيئي، آهه زاري ان طرح.
¦
خ
نه موڙي منھن ڪڏهن، گهم مون ڪنان منٺار پنھنجو
رُخ.
پلڪ ۾ تون پساءِ مون کي، پرين ڪنھن پار پنھنجو
رُخ.
رهين ٿو راتو ڏيھان تون، حجابن ۽ نقابن ۾،
ڪرين ٿو ڇو نه تون، پڌرو عجب انوار پنھنجو رُخ.
لڳي لُؤن لُؤن اندر لوري، ليئا پائي لڪين ڇو ٿو،
چمڻ ڏي منھن مبارڪ تون، اچي اظھار پنھنجو رُخ.
لڱن سان يار لڱ لائي، چَکُون ڪا چاس چپڙن جي،
نٽائي تون نه ڪر پاسي، نگي نگدار پنھنجو رُخ.
هٽائي پوش ۽ پردا اچي مِل يار ’عارف‘ سان،
ڏيکارج تون ته ڪنھن حيلي، هينئن جا هار پنھنجو
رُخ.
|