سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان عارف

باب:

صفحو:4 

د

دِل پيئي دلبر پُڪاري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد،

اڄ ڇڏيئي در تان ڌِڪاري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد.

 

در مٿي دربان جيئن، بس آسري تنهنجي رهيس،

ايندو هئين اڌ رات ڌاري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد.

 

تو چيو پنهنجي قرابت، قُرب آ تائين قيام،

سڀ ڇڏيئي واعدا وِساري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد.

 

پيو جيئان هِن جڳ اندر، بس آسري تنهنجي عجيب،

وڃ پُراڻا قول پاري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد.

 

تنهنجي من جو هينئن تي، ٿو رهي هاڃون هميشه،

تنهن ڇڏي جند جان ڳاري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد.

 

منهنجي روئڻ جي انتها هئي، پرچائڻ سان ڪئي تو ڪانه گهٽ،

اڄ ڪيئي ڇو بي سهاري، يار ڪر ڪي ڏينهن ياد.

 

در مٿي هئا، ديرا دميل ديدار جا،

يا ته پاسي نار واري، يار ڪر ڪي ڏينھن ياد.

 

ڏوهه مون ۾ ٿيا گهڻا، مِٺڙا ڪري تون معاف اچ،

اڄ ٿڪس راهون نھاري، يار ڪر ڪي ڏينھن ياد.

 

تون حُسن جو شھنشاهه، تنھنجو شاهي شان وڌ،

’عارف‘ پيو تنھنجي پناري، يار ڪر ڪي ڏينھن ياد.

¦

تو در اچي دانھون ڪيم، پر ڪا نه ڪئي فرياد ياد.

تنھنجي سونھن ڳاريا لحم، پر ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

 

حُسن تنھنجي جا هميشه، گهاءُ گهڻيرا مون سٺا،

ڪانه ڪيئي مرهم ملم، پر ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

 

مون چيو شفتين مان ڏي، آب زم زم جو ذرو،

تو ڪيو انڪار ان دم، پر ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

 

ويجهي وهڻ لاءِ مون چيو، ۽ تو چيو بس هن طرح،

آهي اِها لالچ جرم، پر ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

 

قدم بوسي ڀي ڪري، ڪيڏا وِڌا مون واسطا،

توئي ورايا سڀ قسم، پر ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

 

دِل ڦرايم دِلربا ٻيا، خيال ويا سارا سڀئي،

ڪين ٿيندئي هي هڙ هضم، پر ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

 

هاڻ ’عارف‘ جا هميشه، مڃ انگل آرا عجيب،

گڏ گُذار راهه غم پر، ڪا نه اٿئي فرياد ياد.

¦

ڌ

عشق جو آچار وڌ، يا ماهرو منٺار وڌ.

جلوه گري جهلڪار وڌ، يـــــــا جوهري جنسار وڌ.

 

ڌوئي ڇنڊي دلبر جڏهن، هو سر ڪلھن ٿا ڪن،

ڪَنِ ڪاريھر ڪار وڌ، يا زلف سنبل دار وڌ.

 

هي ڀرون محراب جيئن، ۽ منھن سڄو ڪعبه مثال،

جاءِ سجدي ڪار وڌ، يا تيغ و تبر تلوار وڌ.

 

نين نرگس نيم خوابي، ڪن نھاري نيم خواب،

هي ديدون سندئي ڌوپار وڌ، يا ڪوثر طھار وڌ.

 

شاهي حُسن جي باغ جو، شل باغبان مان ئي هُجان،

پوءِ منھن ڇھڻ چسڪار وڌ، يا دور کان ديدار وڌ.

 

دِلربا دندان دُرَ ۽ مُرڪ موهيندڙ مجيب،

خوش ٿي کِلڻ کيڪار وڌ يا جوشولين اظھار وڌ.

 

چاهِ زڪن جو زيب زم زم، پڻ پيئڻ آيا هلي،

پيار جا پينار وڌ، يا مئڪدو مئيخار وڌ.

 

زير پھري سيم زر، زيور ضرورت کان گهڻا،

ڪنٺمال چندن هار وڌ، يا ڏند سندئي انار وڌ.

 

سو ڳچي ۽ چيلھه سنهڙي سنيھار قد سھڻو سئون،

مينڊل ڪبڪ رفتار وڌ يا ڍولڻ هلڻ جي ڍار وڌ.

 

چُمان ۽ چشمن تي رکان پازيب وارا پيرڙا،

’عارف‘ چُمڻ پيزار وڌ يا سجدا ڏيڻ سئو وار وڌ.

¦

ڏ

 

مھرباني ٻي ته وئي، پر منھن مٽڻ منٺار ڇڏ.

نازور نامي سِر تو، ننگ نه هي ننگدار ڇڏ.

 

ڀروسي ٻي دِل نه ڀرمي، ڀرجهلا ڀر ۾ بيھار،

تنھنجا ڀاڪر ڀرم ڀانيان، پر نه هن بيمار ڇڏ.

 

پيچ پائي منجهه پساهه پيارا، ڪري پاسو نه ڪر،

پرڀرو ڪنھن پر نه پيارا، هي پرين پينار ڇڏ.

 

محب مُرڪي مَئي، پيارج، مد مجازي مون مدام،

مامري ماڻن سندي، مھميز مارو مار ڇڏ.

 

جيئن گهري ٿي دِل گهڻيرو، تيئن گهرائي گڏ ويھار،

هر گهڙي گُل ساڻ، بلبل خاص خدمتگار ڇڏ.

 

ڏي اڱڻ ’عارف‘ اچڻ، راڻا رهڻ ڏي منجهه رتول،

در مٿي دلدار ٻانھي، هي ٻُھاريدار ڇڏ.

¦ 

ڊ

 

اندر ۾ عجيبن جي آهي اڪنڊ،

نه چمڪي سگھي ايئن چوڏهين جو چنڊ.

 

پرين اچ ته پرچي گھڙيون گھاريون،

ملون پاڻ ۾ جيئن مليا کير کنڊ.

 

کڻي نيڻ، نيڻن جا جادو هڻي،

عجيبن اسان لئه منڊيو آهي منڊ،

 

مجازي محبت جون مڃتائون مڃ‏،

اسان تي وڻي جيڪو سو رک ڏنڊ.

 

نه غافل ٿي غفلت ۾  گھڙيون وڃاءِ،

شريعت، طريقت جا وڄنداءِ گھنڊ.

 

اميدن جي ”عارف ٿي جلوه گري،

نڪين مک ميارون نه ڪي ڏوهه ڏنڊ.

¦

ڍ

برهه جي بدن ۾ رُڳي آ وَڍو وَڍِ،

وئي سُرت ساڃھه، سَڄي آ وڍو وَڍِ.

 

سڄو ڏيھه پرڏيھه ڏوري ڏٺو پر،

مٿي سر جو سودو اڏي آ وڍو وَڍِ

 

نه غم ۾ غرق ۽ خوشين جا خُوبان،

لھي لڱ، لحم ۽ هڏي آ وڍو وَڍِ.

 

پنھل پيچ  پائي، وڃي ڪيچ پھتو،

هي هاڙهي وِندر ۾ وڏي آ وڍو وَڍِ.

 

ڪُلھن تان ورائي وسيھر وراڪا،

نه دلڙي ڌتاري، جڏي آ وڍو وَڍِ.

 

غمن ۾ نه  ”عارف“ لڌي سار لالڻ،

غريبن ۾ مايا مَڏي آ وڍو وَڍِ.

¦

 ذ

 

نه آيو مهل ڪنهن مون ڏي، منهنجي من جان جو ڪاغذ،

ٿيم سالون سنڀاريندي، سندم سلطان جو ڪاغذ.

 

سڪان ساريان هنجهون هاري، پوءِ واري ڪئي نه پاڳاري،

اڱڻ منهنجي اچڻ واري، مِٺي مهمان جو ڪاغذ.

 

ڪري دردن اندر دانهون، لکيم خطڙا ڀري آهون،

نه آيو ڪو اُتان پاهون، نظر پيڪان جو ڪاغذ.

 

ناهي جنهن جاءِ چوڻ چارو، جتي کاڌو قلم وارو،

روئي رت سان لِکيم سارو، پنهنجي ارمان جو ڪاغذ.

 

گنگهر گهاريم عمر ساري، پرين ڪئي ڪانه پوءِ واري،

نه آيو مهل موچاري، مڻئي مرجان جو ڪاغذ.

 

نه آيو ڏوهن حِسابن ۾، نه پرزور خط ڪتابن ۾،

ٿيس چالان چشمن ۾، انهيءَ چالان جو ڪاغذ.

نيڻ مان نير وهايان پئي، پلئو پائي پڇايان پئي،

وري من ڪو واجهايان پئي، برن بوستان جو ڪاغذ.

 

نه ٿيو ميلاپ جو مرهم، چڪي ٿيا چاڪ هڏ ۽ چم،

وٺان دِلبر اچي ڪنهن دم، دارون درمان جو ڪاغذ.

 

پريمي پُرلطف پاڪي، رهي هرگز نه غم باقي،

لکي سهڻو صنم ساقي، پيڻ پيمان جو ڪاغذ.

 

چاڙهيو جنهن عشق هي چوٽي، آهيان ان جي کري کوٽي،

مجي محبوب من موٽي، ”عارف“ احسان جو ڪاغذ.

¦

ر

 

ٿيس حيران اڄ هئي هئي، هينئي جي هار جي خاطر،

پيئي دِل مامري مورهين، مِٺي منٺار جي خاطر.

 

وِڇوڙي دِل وڍي ويتر، ورن مَن واڳڙي واري،

ويچاري ڪيئن وڌين واهون، وصل ونهوار جي خاطر.

 

آهيان ڀيڻي تني جي ڀر، نه ڀانيان ڀروسو ٻيو ڪو،

ڀلائي ڀال ڪن ڀيرو، برهه بيمار جي خاطر.

 

پرين پيارا پسان پلپل، پيارين ڪي پڪون پرچي،

پرانهون پنڌ اچن پاڻهي، پڇن پينار جي خاطر.

 

”عارف“ اڪثر هجان ها، برابر ڀونءَ باغن جي،

اچن ها گُل ڪيئن گڏجي، گُهمڻ گُلزار جي خاطر.

¦

تنظيم جي آهي، شجاعت سان شاندار.

ڇا صداقت مان لِکان، بيحد ڀلايون بار بار.

 

ڪِٿ مِليا رستا تلاءُ، ۽ ڪِٿ مِلي روڪڙ زخم،

ڪم غريبن جا ٿيا، الڪا لٿا سڀ انتظار.

 

راهه ترقي جي ڏِسي ٿو هي ادارو ڏِسي عجيب،

ميمبر آفيسر هن سدا، آهن سڀئي ايماندار.

 

مس زاهده ڏيٿو ڪنان ڏوٿين سندا ڏک ڏور ٿيا،

غم لٿا غربت وئي مفلس ٿيا سڀ مالدار.

 

سخناب کي ’عارف‘ سڃاڻن، اهل قلم ۽ اهلِ دِل،

اٻوجهه کي ڪھڙي خبر ڪھڙا، ٿيئن ٿا گل انار.

¦

ٻيا سڀ نشا ڇڏياسون، شوقِ شراب خاطر،

وسريا صنم هزارين نازڪ نواب خاطر.

 

روحي رکي ته رايو، سيني سڄڻ سمايو،

ماه لقاءُ لڪايو، منھنڙو حجاب خاطر.

 

سڄڻن لڪي ٿي ساريو، مرڪي نه منھن ڏيکاريو،

پلڪن تي پاند واريو، نوري نقاب خاطر.

 

شفتين ڪيف اعليٰ، نوان نينھن جا نشا نرالا،

پيئون ڀري پيالا، جاني جناب خاطر.

 

”عارف“ عجيب آيو، ڀولا لٿا مڙئي ڀوَ،

سھڻي سڄڻ کي سئو سئو سجدا ثواب خاطر.

 

¦

ڙ

دِلربا دوري ڇڏي دِلدار ڪر مون ڏي مهاڙ،

عيب ڍڪ منهنجا اچي اظهار ڪر مون ڏي مهاڙ.

 

ڀال ڪر مون تي ڀلايون، ٻي نه ڀيڻي ڀروسو،

ڪر عنايت آءُ هلي آڌار مون ڏي ڪر مهاڙ.

 

تو سوا سهڻا سڄڻ، ساعت سري هرگز نٿي،

سار لهه سائين سگهه، صدبار ڪر مون ڏي مهاڙ.

 

ڪر مِلڻ جي مهرباني محب مُرڪي مان رک،

مُنهن ڏيکاري ماهرو منهندار ڪر مون ڏي مهاڙ.

 

پيچ پائي يار پهرين، پوءِ پرين پاسا ڪرين،

’عارف‘ نهاري نينهن سان، نگدار ڪر مون ڏي مهاڙ.

 ¦

ز

عشق جي آڙاهه ۾ عاشق هڻائي روز روز.

پر نه پرواه يار تو ڪيئي پڄائي روز روز.

 

مُلڪ مارن جي تان موليٰ ڪيا ڏڪاريا ڏور ڏور،

سُک سنگهارن جي مٿان بادل وسائي روز روز.

 

سڏ سُڻي سُھڻي جا ساهڙ، سير ۾ ساڻي ٿئي،

ڪاڻياري ڪانڌ جي ليلان ليلائي روز روز.

 

سُور سِرَ تي چائي چادر، سسئي پھاڙن پنڌ ۾،

پئي پنھونءَ جا پنڌ پيرا، پرَ پُڇائي روز روز.

 

درد مان دانھون ڪرين دِلدار جي در دادلا،

ناز نخري ساڻ سي روهئون رلائي روز روز.

 

ڪي الستي انگ ۾، رمزئون رهيل مست و الست،

ڪن سان رندي راز پيو، سيني سمائي روز روز.

 

عشق آ شھباز ’عارف‘، بازي بازن کان کسي،

سُرت، ساڃھه، سوجهرا، سڀيئي وڃائي روز روز.

¦

س

يوم آزادي جشن جي، سونهن ۽ سُرهاڻ ڏس،

شاعر ويٺا ڪن شوق مان، وهه واهه وري واکاڻ ڏس.

 

محبتي ميلا متا، ۽ محفلون موجون هتي،

ڪيا قريبن قرب ڪيڏا، قرب وارن ڪاڻ ڏس.

 

ماڻهو سارا مان وارا، هت هلي آيا حبيب،

ٿيو عجيبن جو اچڻ، من تان ويئي مونجهاڻ ڏس.

 

ملڪ وارا محبتي، ۽ مان ڪيڏو ملڪ جو،

اڄ مندن تي مينهن موجون، ۽ منڊل مانڊاڻ ڏس.

 

’عارف‘ عجيبن جي اچڻ سان، ٿيا صفا شاهي شتاب،

جا بجا بجليون بتيون ۽ چؤطرف چانڊاڻ ڏس.

 

¦
 

ڳجهيون ڳالھيون ڳڻن واريون، ڳايو پئي يار ڳائيندس.

نِسورو نينھن جو ناتو، نماڻي ٿي نڀائيندس.

 

ڏِسي تنھنجي پاڪ پيشاني، لڳي حورن کي حيراني،

سڄڻ جي سونھن جا ثاني، قمر ڪوڪن نه ڀائيندس.

 

سڄڻ سنئين سينڌ سينگاري، وڌئي وارن جا واري،

کِلڻ کان تو ڇڏيو کاري، روئي توکي ريجهائيندس.

 

گنگهر پيا ڏينھن گهاريندي، تو لاءِ نِڪريو نھاريندي،

هنجون هر روز هاريندي، پلئه پنھنجا پسائيندس.

 

مِٺا موتي سندا داڻا، رهاڻيون روز ڪر راڻا،

اڱڻ ايندي ڇڏي ماڻا، مِٺا عيدون ملھائيندس.

 

ڇَمَر ڇائُون ڇپر ٿيندين، دِلاسا دِلبريون ڏيندين،

محب مِٺڙا مِلڻ ايندين، ويهي هنجهه ۾ ويھاريندس.

 

ڳراٽيون ڳل ڳچيءَ پائين، لڱن سان لال لڱ لائين،

اول ’عارف‘ آخر تائين، سڄڻ تنھنجي سڏائيندس.

¦

ش

ڇڏي ڏي محب تون ماڻا، مون کي ماريو تنھنجي رنجش.

اچڻ جي ڪانه ڪيئي ازخود، اندر ڳاريو تنھنجي رنجش.

 

رسي جنھن دم ويئين راڻا، ويئو آرام اکڙين جو،

کائڻ پيئڻ ويئا وِسري، کِلڻ کاريو تنھنجي رنجش.

 

ايندو هئين ڪاڪ تي ڪاهي مَيو مَھري مُهارن سان،

مِلڻ مھلون وساريون تو، ٽاڻو ٽاريو تنھنجي رنجش.

 

’عارف‘ هئا مچ محبت جا، عشق ۾ ڪانه اَڀري ٿيس،

ڀلا هي بي رُخي ۾ بس، بدن ڳاريو تنھنجي رنجش.

¦ 

ص

 

گڏ رهڻ جي راءِ راڻا، ڪر رهائش راس خاص.

درد دِل جا تو سڻايان، کولي خبرون خاص خاص.

 

قياس دِلبر ڪونه ڪيئي، محب ماريندي مِٺا،

جي هنئي ديدون دوناليون، سي بندوقون باس خاص.

 

باغبان مونکي رهاءِ، پنھنجي ڀلاري باغ ۾،

رُخَ تنھنجو بوستان ارم، هٻڪار هر هر واس خاص.

 

ڀال تنھنجا لک ڀلايون، پر ڀلا ڀر ۾ بيھار،

هاءِ گهوڙا ڪا گهڙي پيارا، رهائين پاس خاص.

 

زابر زخم آهن اندر ۾، ڪنھن کي سڻايان پاس خاص.

تون وڍيندڙ ويڄ تون، ڪورين تون تن تان ماس خاص.

 

اي! عجيبا در اوهان جي آهي ’عارف‘ التجا،

دم حياتي جا پڄن پيئندي چپن جي چاس خاص.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org