سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :21

تبصرا

قافيون (جلد ٻيو)

سنڌ جي سپوت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڏي جاکوڙ ڪري،سنڌي لوڪ ادب جو تمام وڏو سرمايو سهيڙي، سموهي ۽ سنواري سنڌ آڏو پيش ڪيو آهي. سنڌي زبان ۽ ادب جي جيڪا هيڏي ساري خدمت محترم ڊاڪٽر صاحب ڪئي آهي، ان لاءِ سنڌ وارا دل جي گهراين سان سندس ٿورا مڃين ٿا. سندس هن محققانه ڪم جي جيتري به تعريف ڪجي، اها ٿوري آهي.

سنڌي لوڪ ادب گڏ ڪري شايع ڪرڻ واري رٿا، سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ اهم رٿا هئي، جنهن موجب چاليهه جلد تيار ڪري ڇپائڻا هئا. اها عظيم رٿا محترم ڊاڪٽر صاحب جي حوالي  ڪئي وئي هئي، جنهن نهايت خوش اسلوبيءَ سان اهو ڪم سرانجام ڏنو آهي. ۽ اڃا تائين انهيءَ ڪم ۾ رڌل آهي. تقريباً سڀ جلد ڇپجي منظر تي آيا آهن، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي محنت، محبت ۽ محققانه شعور جي ساک ڀرين ٿا. ڪن جلدن کي ته ٻن يا ٽن حصن ۾ شايع ڪيو ويو آهي. تازو هن اسڪيم تحت محترم ڊاڪٽر صاحب جو نئون ڪتاب” قافيون“ (جلد ٻيو) منظر عام تي آيو آهي.

سنڌ ۾ ” ڪافي“ نهايت مقبول عام صنف رهي آهي. بيشمار شاعرن ڪافيون چيون آهن، ۽ راڳيندڙن انهن کي نهايت ذوق ۽ شوق سان ڳايو آهي. عام ماڻهن کي هن صنف سان هر دور ۾ دلي لڳاءُ رهيو آهي، ۽ هنن وڏي دلچسپي سان ڳائيندڙن کان ڪافيون ٻڌيون آهن، ۽ جهونگاريون آهن. اهوئي سبب آهي، جو ماضي قريب ۾ ڪتب فروشن ڪافين جا ڪيترائي ڪتاب ڇپائي  پڌرا ڪيا. انهن کان سواءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪافين جا بيشمار  بياض ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ظاهر آهي ته جيڪڏهن اهو سمورو سرمايو گڏ ڪيو وڃي ته ڪيترائي جلد تيار ٿي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو، محترم ڊاڪٽر صاحب کي چونڊ ۽ اختصار جي باوجود ٽي جلد تيار ڪرڻا پيا. پهريون جلد 1985ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، ٻيو جلد هينئر ڇپيو آهي، ۽ ٽيون جلد اڃا شايع ٿيڻو آهي.

هن جلد ۾ 240 شاعرن جون 709 ڪافيون آنديون ويون آهن. هي سمورو مواد ڇپيل ڪتابن، ڪافين جي ڇپيل ڪتابن، قلمي بياضن ۽ محترم ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سر جيڪو مواد قلمبند  ڪيو آهي، ان تان چونڊي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي. هي سمورو مواد چوڏهين صدي هجري جي فقط پهرين ڏهاڪي جي شاعرن جو آهي. ان مان ڪافين جي اٿاهه سمنڊ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪم تي ڊاڪٽر صاحب چاليهه سال ڪم ڪندو رهيو آهي. ”مهاڳ“ ۾ لکيو اٿس:

”فاقن جو هيءُ اٿاهه مواد گذريل ٽيهن چاليهن سالن واري عرصي ۾ جدا جدا جاين تان ڪافي محنت سان سهيڙيو ويو آهي ۽ زباني روايتن کان سواءِ گهڻائي ڪي ڇاپي ذخيرا توڙي قلمي بياض ۽ دفتر ڳوليا ڦوليا ويا آهن.“

هن مواد کي محترم ڊاڪٽر صاحب پنجن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرين باب ۾ چوڏهينءَ صديءَ جي اوائلي شاعرن جو ڪلام آندو ويو آهي. جهڙوڪ: خواجه غلام فريد، فيض دريا شاهه، محمود فقير کٽياڻ، رمضان واڍو، حاجي خانڻ چنجڻي وغيره. هن جا وري پنج ڀاڱا آهن. پهرين ڀاڱي ۾ ان زماني جي مشهور شاعرن جو ڪلام آهي، جهڙوڪ: خواجه غلام فريد، حافظ هادي ڏنو، محمد اڪرم، مير غلام نجف خان ”غلام“ وغيره .ب“ واري ڀاڱي ۾ فيض دريا شاهه، ”ميرل“ ۽ سندس مريدن جو ڪلام آندو ويو آهي. ”د“ واري ڀاڱي ۾ 1911ع ڌاري لکيل بياضن ۽ 1915ع تائين ڇپيل ڪافين جي ڪتابن تان کنيو ويو آهي. ”هه“ ۾ ٻن گُني شاعرن: رمضان واڍو ۽ حاجي خان چنجڻي جو ڪلام ڏنو ويو آهي.

ٻئي باب ۾ لاڙ جي شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي. جهڙوڪ: مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، مصري شاهه، صاحبڏنو شاهه وغيره. ٽئين باب ۾ اتر سنڌ جي شاعرن ڪلام گڏ ڪيو ويو آهي. هن جا به چار ڀاڱا آهن. ”الف“ واري ڀاڱي ۾ شڪارپور ضلعي جي شاعر حضرت مولانا عبدالغفور همايوني، مير علي نواز علوي ۽ سندس همعصر شاعرن جو ڪلام آندو ويو آهي. ڀاڱي ”ب“ ۾ جيڪب آباد ضلعي جي شاعر قادر بخش گولو ۽ ٻيا نامور شاعر اچي وڃن ٿا. ڀاڱي ”ج“ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي جي شاعرن وريل فقير ابڙو، قلندر شاهه وڳڻائي ۽ قادر بخش غمدل جو ڪلام ڏنو ويو آهي. ”د“ ڀاڱي ۾ شڪارپور ضلعي جي مدئجيءَ واري تير جي شاعرن: فضل علي شاهه، شاهنواز علي شاهه ۽ سيد غلام علي شاهه جو ڪلام گڏ ڪيو ويو آهي.

 

باب چوٿين جا به چار ڀاڱا آهن.”الف“ ڀاڱي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ بياضن تان مواد چونڊي ڏنو ويو آهي. هي بياض 22-1920ع ڌاري لکيا ويا.”ب“ ڀاڱي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بياضن تان مواد کنيو ويو آهي، پر هي بياض30-1920ع ڌاري لکيا ويا. ”چ“ ڀاڱي ۾ 1911ع کان 1630ع واري غير معروف شاعرن جو ڪلام آهي”د“ ۾ ڪن غير معروف شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي. باب پنجين جا ٻه ڀاڱا آهن. پهرين ڀاڱي ۾ صوفيانه سلسلن جي شاعرن جو ڪلام آندل آهن. هن ۾ درگاهه جهوڪ، درازا درگاهه، شاهه نصير نقشبندي جي درگاهه، هنباهه جي درگاهه ۽ حضرت پير صاحب پاڳاري جي درگاهه جهوڪ، درازا درگاهه، ڀرڇونڊي جي درگاهه، امروٽ جي درگاهه ۽ راڻيپور  جي سيد صالح شاه جي درگاهه جي شاعرن جو ڪلام آندو ويو آهي. ڀاڱي ”ب“ ۾ ٻين معروف شاعرن جو ڪلام آهي.

جن به شاعرن جو احوال معلوم ٿي سگهيو آهي، انهن جي حياتيءَ جو مختصر احوال شروع ۾ ڏئي، پوءِ انهن جو چونڊ ڪلام ڏنو ويو آهي. ان هوندي به ڪيترن شاعرن جو احوال ملي نه سگهيو آهي. اهڙن شاعرن جا فقط نالا ڏئي، سندن چونڊ ڪلام ڏنو ويو آهي، ان مان محترم ڊاڪٽر صاحب جو هي تمام وڏو ڪارنامو آهي، جو هيترو سارو مواد نهايت سهڻي ۽ سيبائتي ترتيب سان هڪ هنڌ گڏ ڪيو اٿس.

هڪ اهم ڳالهه جو ذڪر به ضروري آهي. اڳ ۾ ”ڪافي“ جي املا ”ڪ“ سان لکبي رهي آهي. محترم ڊاڪٽر صاحب ”ق“ سان ”قاضي“ لکيو آهي. ان معلوم ٿئي ٿو، ته ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق موجب ”قافي“ لفظ ”قافيه“ مان نڪتي آهي. اها ڳالهه سوچڻ جوڳي آهي ۽ منهنجو اندازو آهي ته ان تي سنڌي زبان ۽ ادب جا ڄاڻو مشڪل سان متفق ٿي سگهندا.

- ڊاڪٽر  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

مڪلي ڏڪريءَ جو سير

سنڌ جي سيني تي ڪئين دڙا، ڀڙٺه، ماڳ ۽ مڪان خاموش شهرن جي صورت ۾ موجود آهن. تاريخي آثارن ۾ ”موهن جي دڙي“ جي خاموش شهر کان پوءِ ”مڪلي“ هڪ اهڙو خاموش ۽ ماٺيڻو شهر آهي، جيڪو بي زباني هوندي به پنهنجي اندر هڪ خاص زبان رکي ٿو. ۽ سنڌ جي تاريخي نشانن ۾ نهايت اهم جاءِ والاري ٿو. ”مڪلي“ سان سنڌ جي تاريخ جا ڪئين باب لاڳاپيل آهن. مڪلي جو ماڳ سنڌ جي تاريخ جو اهو اڻ مٽ نشان آهي، جنهن کي زماني جا لاها چاڙها اڄ تائين مٽائي نه سگهيا آهن. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ان جي ورقن کي ووڙي ۽ انهن بي جان پٿرن کي پڙهي. جيڪي ڪيترن ئي آڳاٽن وجودن جي تاريخ جو ورجاءُ ڪن ٿا. مرحوم محبوب علي چنا، الله کيس مرهي، مڪلي جي خاموش شهر جو سير ڪندي جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ان کي هن پنهنجي ڪتاب”مڪلي ٽڪري جو سير“ ۾ بيان ڪيو آهي.

”چنه“ مرحوم مڪلي جي سڄي وستار کي پنهنجي هڪ مخصوص انداز ۾ قسطوار ماهانه نئين زندگي ۾ بيان ڪيو. جنهن ان وقت به داد حاصل ڪيو ۽ اڄ به سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتابي صورت ۾ هڻڻ ڪري لائق تحسين آهي.

منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن مرحوم پاڻ حياتي هجي ها ۽ هن ڪتاب جي انهيءَ صورت سان ڇڄڻ جو عمل ڏسي ها ته يقين آهي ته هو صاحب ان ۾ ڪي اضافا ۽ واڌارا ڪري ها، ڇاڪان ته ”مڪلي نامه“ مؤلف پير حسام الدين راشدي مرحوم) جي طباعت کانپوءِ چنا صاحب جي ”مڪلي ٽڪري جو سير“ ۾ بيان ڪيل ڪيترين ڳالهين جي وضاحت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ هو صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب لاءِ اهو فرض  بخوبي انجام ڏي ها، جيڪو ڪتاب جي افاديت ۽ همه گيرت ۾ وڌيڪ  اضافو ڪري ها. جناب ڊاڪٽر سنديل، چنا صاحب جي نئين زندگي ۾ ڇپيل مواد کي سهيڙي جيڪا صورت ڏني آهي اها جس جوڳي آهي. اهو اسان چنا صاحب تي ٿورو نه ڪيو آهي، پر اهو اسان جو زبان ۽ تاريخ جي خيال کان پاڻ ئي احسان آهي.

هئڻ ائين گُهربو هو ته ڪتاب ۾ بيان ڪيل تاريخي حقيقتن، ان جي ماڳن، مڪانن، بزرگن، اميرن، بادشاهن وغيره جي سلسلي ۾ ”مڪلي نامه“ جي طرز تي فوٽ نوٽ ۽ حاشيه ۾ اضافا ۽ واڌارا ڪيا وڃن ها، جيئن ڪتاب جي جيڪا اهميت اهي اها پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ ڄاڻ واري ٿئي ها. مثلاً ٽڪري تي نالي جو مسئلو، ان لاءِ رايا ته ڏنا ويا آهن، پر عام بحث ڪري نتيجو نه ڪڍيو ويو آهي. شيخ حماد جمالي جي سلسلي ۾ چيو ويو هو. ماموئي فقيرن جي سلسلي ۾ جيڪي بيت آهن، انهن سڀني کي ڏيڻ ضروري هو. ارغونن ۽ ترخانن توڙي مغل صوبيدارن جي سلسلي ۾ مجموعي حقيقتن جي اپٽار ڪئي وڃي ها. سمن جي حسب نسب جو بيان ڪيو وڃي ها ۽ انهن جي نظرين سنڌ تي جيڪو اثر ڪيو ان جو بيان ضروري هو. اهي ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون ڪتاب جي افاديت ۾ واڌارو ڪري سگهيون ٿي. وقت جي تقاضا مطابق يقين هو ته چنا صاحب ان طرف قلم کڻي ها. سهيڙيندڙ جي صورت ۾ اهو فرض صاحب جن جو هو، جنهن کي نڀائڻ ضروري هو.

هن سلسلي ۾ اسان وٽ مواد جي ڪا کوٽ ڪانه هئي. جناب ڊاڪٽر صاحب جن جو پيش ڪيل ادبي ۽ تاريخي مواد وڏي مدد جوڳو آهي. ازانسواءِ مڪلي نامه، تاريخ مظهر شاهجهاني، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، تذڪره امير خاني ۽ بيگلارنامه وغيره وڏي مدد جوڳا ڪتاب هئا. صرف مواد وٺڻ جي ضرورت هئي، ائين بنهه نه ڪيو ويو آهي، جنهنڪري عام پڙهندڙ ذهني اساٽ محسوس ڪندو. ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب مڪلي ٽڪري جي سير جي حيثيت ۾ سونهي جو ڪم ڏيندڙ آُهي ڪتاب ۾ مڪلي جو نقشو تمام ضروري هو جنهن مان ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارن جي رهنمائي ٿئي ها. هي ڪتاب چنا مرحوم جي انهن ڪوششن جو نتيجو آهي، جيڪي سنڌ سان پيار ۽ محبت جي صورت ۾ کين هيون. جناب ڊاڪٽر سنديلي هنن وسريل ورقن کي ڪتابي صورت ڏيئي نهايت لائق تحسين ڪم ڪيو آهي، ڄڻ اڄ چنا صاحب اسان جي ادبي ۽ علمي مجلسن ۾ موجود آهي. ڇپائي ۽ سهڻائي جي لحاظ کان ڪتاب جي قيمت ڪا وڏي ڪانه آهي. سرورق تي ڄام نندي جو مقبرو شينهن جيان ڪر کنيو هن ڌرتي جي عظمت جو ڏيکاءُ ڏيئي رهيو آهي، جنهنکي سنڌ جي ثقافت ۽ وڏائي جو نشان چئجي ته بجاءِ آهي.

- محمد حسين ”ڪاشف“

لطائف لطيفي

ليکڪ: مير عبدالحسين سانگي، ترجمو: عبدالرسول قادري بلوچ، سائيز ڊيمي؛ صفحا 124، قيمت 25 رپيا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، سال 1986ع.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ( 1690-1751ع) جي سوانح متعلق ابتدائي مواد – مير علي شير قانع، برٽن، فريئر (؟)، ٽرسپ ۽ ڏيارام گدومل لکي ڇڏيو آهي. ان بعد شاهه صاحب جي سوانح، شعر ۽ فڪر جي ڏس ۾ مڪمل ڪتابن لکڻ جو دور اچي ٿو. سنڌي زبان جو ناليرو ليکڪ مرزا قليچ بيگ پهريون عالم آهي، جنهن سال 1887 ع ۾ شاهه عبداللطيف متعلق پهريان ٻه ڪتاب هڪ انگريزي ۽ ٻيو سنڌي زبان ۾ تيار ڪيو. ورندي سال يعني سن 1888ع ۾ مير عبدالحسين سانگي ”لطائف لطيفي“ نالي سان، شاهه صاحب بابت پنهنجو فارسي ڪتاب تيار ڪيو. ان ريت سنڌ جي هن سدا حيات شاعر بابت ڪتابن لکڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. ٻن سالن جي وٿي ۽ وقفي کان پوءِ ليلا رام وطڻ مل انگريزي زبان ۾ ”شاهه جي سوانح، مذهب ۽ شاعريءَ نالي هڪ ڪتاب تيار ڪيو. هي ڪتاب 1890ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو هو.

حقيقت ۾ شاهه عبداللطيف جي سوانح  بابت پهريون ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال مير عبدالحسين سانگيءَ کي آيو. ليڪن سندس گڏ ڪيل مواد کي مرزا قليچ بيگ ڪتب آندو ۽ پنهنجا ڪتاب تيار ڪيا. تاهم مرزا صاحب ان سموري مواد کي استعمال نه ڪيو. جيڪو سانگي نوٽس جي شڪل ۾ گڏ ڪيو هو. ان صورتحال جي پس منظر ۾ مير صاحب قلم کنيو ۽ فارسي زبان ۾ ”لطائف لطيفي“ نالي ڪتاب تيار ڪيائين. مير علي شير جي ٻن ڪتابن کان علاوه پاڻ ذاتي طرح جستجو ۽ جاکوڙ ڪري روايتي ذخيرو گڏ ڪري مير صاحب هي ڪتاب تيار ڪيو. ”لطائف لطيفي“ اصل حالت ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران سال 1967ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو.

سنڌي زبان جي اها خوشبختي آهي جو اوڻيهن سالن جي قليل عرصي کان پوءِ (اصل جي اشاعت کان بعد)، ”لطائف لطيفي“ سنڌ جي اسرندڙ اديب ۽ عالم دين مولوي عبدالرسول قادري هٿان، ان جو سنڌي ترجمو شايع ٿي، شاهه عبداللطيف جي عاشقن جي هٿن تائين پهتو آهي. قادري صاحب جي هن علمي ڪارنامي لاءِ شاهه عبداللطيف  جا ڄاڻو ۽ محبتي ته سندن ڳڻ ڳائيندا، ليڪن آءٌ ذاتي طرح سان مولوي صاحب جو شڪر گذار آهيان، جو پاڻ منهنجي گذارش تي ٻين فروعي ڳالهين کي ڇڏي، هي اهم ڪم هٿ ۾ کڻي ان کي ترت تڪميل تي پهچايائون.

مير عبدالحسين سانگي هن ڪتاب جو سٽاءُ هن ريت رکيو آهي: ديباچو، ابتدا، شجرو، مٽياري ساداتن جو سنڌ ۾ اچڻ، پيري مريديءَ جو سلسلو، داستان  جي شروعات، ڇٽيهه حڪايتون  ۽ ضميما وغيره. جيئن اسان ابتدا ۾ ٻڌايو آهي ته سانگي مرحوم هن ڪتاب جي تياريءَ لاءِ گهڻو انحصار روايتن تي ڪيو آهي، انڪري ڪجهه ڳالهيون سندس تحقيق کان سواءِ اچي ويون آهن. مستقبل ۾ سندس حوالو کڻندڙ عالم کي گهرجي ته هو ان ڏس ۾ ضروري ڇنڊ ڇاڻ بعد، اڳتي قدم وڌائي، ٻي صورت ۾ اهم غلطين جو امڪان ٿي سگهي ٿو. مثال طور هالا جي مخدومن ۽ شاهه صاحب جي تعلق بابت سانگي صاحب جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ڏس ۾ عالي جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جي ”مهراڻ“ (87/1) ۾ آيل وضاحتي مقالي کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي. ان ريت ميان نور محمد ۽ شاهه صاحب جي لاڳاپن بابت پڻ سانگيءَ جو بيان وڌيڪ تحقيق طلب آهي.

مولوي عبدالرسول قادري صاحب ڪتاب جو ترجمو ڪندي سليس نثر پيدا ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور هي ٽڪرو ڏجي ٿو، ”اولياءِ صاحب حاڪمن جي وقفيت تي اعتراض نه ڪندا هئا، انهن سان سٺو سلوڪ ڪندا هئا. ان سبب ڪري جو حاڪم سان واقفيت يا تعلق هوندو ته انهن جي ظلم کان ڪنهن غريب کي ڇڏائي سگهبو ۽ ان مان غريبن کي فائدو ٿيندو“ (ص 94) مترجم طرفان  ڪٿي به ڪو وضاحتي حاشيو نه هنيو ويو آهي. تاهم حڪايت يارهين ۾ راشدي پيرن جي ذڪر ۾ ڏنگين اندر پاڻ موجوده  پير صاحب تائين ذڪر آندو اٿن (ص 48). سانگي مرحوم ٻارهين حڪايت ۾ مائي گلان جو ذڪر ڪيو آهي. هي مائي ابتدا ۾ راڳ روپ سان لاڳاپيل هئي. بعد ۾ ميان نور محمد جي نڪاح ۾ آئي. ميان غلام شاهه سندس فرزند هو. ميان قادري جهيڙي محبتي انسان کي ترجمو ڪندي، ان لاءِ اکر ”ڪڃري“ ڪتب آڻڻ کان احتراز ڪرڻ کپندو هو(ص 54).

متن ۾ آيل سنڌ جي شهرن کي سنڌي ترجمي ۾ پڻ فارسي خط ۾ رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپندي هئي. هن ترجمي جي هڪ اهم خوبي هي آهي جو هن حڪايت جي آخر ۾ آيل طويل فارسي نظمن کي، مولوي صاحب سليس نثري روپ ۾ پڙهندڙن لاءِ سنڌي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. *

 

هن ڪتاب جي اشاعت سان ”لطيفيات“ جي ضمن ۾ هڪ اهم ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي.  منهنجي خيال ۾ مرزا صاحب، سانگي ۽ ليلا رام وطڻ مل جا شاهه صاحب بابت تيار ڪيل چار ڪتاب، حضرت شاهه صاحب جي سوانح ۽ فڪر جي ڏس ۾ اڄ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکن ٿا. انهن چئن ڪتابن جي اشاعت ۽ ترجمن جا حق صرف ۽ صرف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ هجڻ گهرجن.

 

مرزا صاحب وارو انگريزي ڪتاب پهريون ڀيرو سال 1980ع ۾ مرڪز شايع ڪيو هو. ان کان اڳ ”احوال شاهه عبداللطيف“سنڌي زبان ۾ پڻ ساڳئي اداري طرفان وري ڇپيو ويو هو.

جيڪو ڪافي عرصي کان اڻ لڀ آهي. اِن ريت ليلا رام وطڻ مل جو قيمتي ڪتاب موجوده دور ۾ لاهور ۽ ڪراچيءَ مان اهڙن ادارن ڇاپيو آهي، جن کي سنڌ جي ڪلچر کان وڌيڪ پيسي سان پريت آهي. ان ڪري لازمي آهي ته ليلا رام جي ڪتاب کي پڻ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شايع ڪري سستي  اگهه تي پڌرو ڪيو وڃي. موجوده دور ۾ مرڪز وٽ فنڊن جو ڪو مسئلو ڪونهي، ان ڪري جناب حميد آخوند صاحب ان کي ان طرف خصوصيت  سان ڌيان  ڏيڻ گهرجي. مير عبدالحسين جي ”لطائف لطيفي“ جو سنڌي ترجمو پڻ، آخوند صاحب جي ذاتي  ڪوشش سبب ڇپجي  پڌرو ٿيو آهي، جنهن لاءِ کيس جس جڳائي. هي ڪتاب چئن رنگن جي ڪاشيءَ جي سهڻي ڊزائن واري ڪور سان سفيد اُچي پني تي ڇپيو آهي ۽ سندس قيمت پنجويهه رپيا مناسب آهي.

- غلام محمد لاکو

SHAH ABDUL LATIF AND HIS TIMES

از: ڊاڪٽر ايس. ايم. جهانگياڻي، ڊيمي سائيز صفحا ٻه سؤ پنجاهه، قيمت 140 رپيا، دهلي يونيورسٽي 1986ع.

سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف بابت تحقيقي  ڪم جو آغاز  گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ شروع ٿي چڪو هو، تاهم ويهين صديءَ ۾ ان ۾ اڃا به وسعت آئي ۽ پختگي پيدا ٿي. ايڇ ٽي. سورلي پهريون  عالم آهي، جنهن انگريزي زبان ۾ شاهه صاحب بابت  مقالو لکي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس اهو مقالو ڇپجي سڄي دنيا ۾ ناموري پيدا ڪري چڪو آهي. ان بعد هي سلسلو جاري آهي. ورهاڱي بعد سنڌي زبان جي مطالعي جا ٻه مرڪز: هڪ هند ۽ ٻيو سنڌ ۾ پيدا ٿيا. تبصري هيٺ آيل ڪتاب سنڌي زبان جي مشهور عالم مسٽر سنتداس جهانگياڻي جو تحقيقي  مقالو آهي، جيڪو دهلي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي، واسطي پيش ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ان کي ساڳي يونيورسٽيءَ ڪتابي شڪل ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.

 

ساڳي يونيورسٽيءَ حضرت شاهه عبداللطيف بابت هڪ ٻيو تحقيقي مقالو ”شاهه عبداللطيف : هز لائيف اينڊ ورڪ“ نالي سان پڻ سال 1975ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جيڪو مشهور عالم موتي لال جوتواڻي پنهنجي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري لاءِ تيار ڪيو هو.

”شاهه عبداللطيف ۽ سندس زمانو“ جو مصنف ڊاڪٽر سندس جهانگياڻي سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. سندس لاتعداد مضمون ۽ مقالا هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيل آهن. سنتداس تعلق مشهور عالم ڊاڪٽر هرو مل ايسرداس سدارنگاڻيءَ جي خاندان سان آهي. هي مقالو ماهر  لسانيات جناب ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهنمائيءَ ۾ تيار ٿيو آهي. ڊاڪٽر سنتدس ديش بنڌو ڪاليج دهليءَ ۾ استاد آهي. سال 1985ع ۾ شاهه صاحب بابت سندس ڪتاب ”تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي“ شايع ٿي مشهوري حاصل ڪري چڪو آهي. ”شاهه عبداللطيف ۽ سندس زمانو“ نالي هي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو هڪ باب تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح ۽ شعر جو ستاسي صفحن تي ذڪر ڪيو ويو آهي. لطيف جي سوانح مختصر مگر مڪمل قلمبند ڪرڻ لاءِ فاضل مقاله نگار سٺي جاکوڙ ڪئي آهي. شاهه جي سوانح جي ضمن ۾ جنم، تعليم، مجازي عشق، جوڳين جي صحبت، واپسي، شادي ۽ وفات --- عنوان قائم ڪري موضوع کي نباهيو ويو آهي.شاهه صاحب جي شجري سميت هي موضوع صرف اوڻيهن صفحن تي مشتمل آهي. ان بعد صفحي ستاسي تائين شاهه جي شعر ۾ تصوف، فلسفو، مذهب، وطن پرستي، تقدير پرستي، رحم دلي، جاگرافيائي ڄاڻ، تاريخي معلومات، اهنسا، امن توڙي ٻوليءَ جا شاهڪار ڳولڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آٰهي.

ڪتاب جو ٻيون ڀاڱو، ٽن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب سياسي مطالعي تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٻئي باب ۾ حضرت شاهه صاحب جي دور ۾ سنڌ جي معاشي ماحول، جاگرافيائي عنصرن، زراعت ۽ واپار توڙي صنعتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن ڀاڱي جو ٽيون ۽ آخري باب ڀٽائي صاحب جي دور جي سماجي  حالتن، سماجي اڏاوت جي جزن، سوسائٽي، آدمشاري، معيار زندگي ۽ ريتن رسمن تي مشتمل آهي. ان بعد ببلوگرافي ۽ انڊيڪس ذريعي ڪتاب جي اهميت ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي.

 

جهانگياڻي صاحب جو هي ڪتاب جڏهن سنڌ ۾ پڙهيو ويندو، تڏهن ان ۾ ڪافي گهٽتايون محسوس ڪيون وينديون. ان جو هڪ وڏو سبب هي آهي جو، ڊاڪٽر صاحب تاريخ سنڌ توڙي لطيفيات جي ضمن ۾، سنڌ اندر ٿيل مطالعي ۽ بنيادي ماخذن جي جديد اشاعت کان مستفيض نه ٿي سگهيو آهي. شاهه عبداللطيف جي سوانح جو سرسري ذڪر پڙهندي ڏسجي ٿو ته فاضل مقاله نگار ان ڏس ۾ ڪجهه اهم عنوانن کي به نظر انداز ڪري ويو آهي. مثال طور شاهه صاحب جا ناناڻا، ڀٽ جو وسائڻ، ميوزڪ جو ادارو کولڻ ۽ شاهه حبيب جي وفات وغيره. البته ڊاڪٽر جهانگياڻي پهريون عالم آهي. جنهن هندستان ۾ ويهي، شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جي صحيح عيسوي سالن جي تلاش ڪئي آهي. شاهه صاحب جي تعليم ۽ تربيت بابت مثبت سوچ پيدا ڪئي وئي آهي، اتي هن ٿيسز ۾ شاهه ۽ لنواري بزرگن جي حوالي سان ڪيل گفتگو هڪ تحقيق طلب مسئلو آهي.

سياسي، سماجي، عمراني، زرعي، صنعتي، معاشي ۽ واپاري جائزو پيش ڪندي. جهانگياڻي صاحب انگريز سياحن، تاريخ ڪلهوڙا ۽ ڇٻلاڻي توڙي سورلي جي ڪاوشن کان خوب مدد ورتي آهي. تاهم لائق مصنف هر عنوان تي لکندي شاهه جي بيتن کي پڻ حوالي ۽ سند طور ڪتب آندو آهي. ان ڏس ۾ سندس گهڻو مدار امڙ ايلسا قاضي ۽ محترم ڪلياڻ آڏواڻي جي رسالن تي رهيو آهي. اميد ته هي ڪوشش ايندڙ دور جي محققن لاءِ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪندي. حاڪمن جو عوام سان رويو، عوام جي پنگتي حالت، راند روند، وندر ورونهن،گذر سفر، زراعت ۽ واپار، چرخو ۽ ڪرت، بيرون ملڪ واپار جي ڏس ۾ لنڪا، بصري، چين، عدن ۽ پور بندر جو ذڪر، وڻجارا ۽ سامونڊي، تاريخي اشارا ۽ رمزون وغيره جهڙن عنوانن تي لکندي، جهانگياڻي صاحب هر هنڌ ڀٽائي صاحب جي بيتن کي حوالي طور ڪتب آڻي، پنهنجي ٿيسز ۽ ان جي عنوان سان نباهڻ جو وڏو جتن ڪيو آهي. جيتوڻيڪ همعصر ڏيهي شاعرن کي هن مطالعي ۾ ڪتب نه آندو ويو آهي، تڏهن به ڪٿي ڪٿي ميين عنات جا بيت حوالي طور ڪتب آندا ويا آهن.


*  مير عبدالحسين هن ڪتاب جي آخر ۾ ڪجهه تاريخي ضميما پڻ ڏنا آهن، جي بيحد اهميت رکن ٿا. شاهه عبداللطيف جي ڄم ۽ وفات بابت مير صاحب تحقيق سان عيسوي سن ڏنا آهن، جن بابت اسان وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري هڪ مضمون ”مهراڻ“ (85/3) ۾ شايع ڪرايو هو. ميان نور محمد جي مدفن کي  ”محمد آباد“ سان متعارف ڪرڻ وارو مسئلو به خاص اهميت رکي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com