سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987 (3)

 

صفحو :13

جيستائين ڪ خدا منهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي موڪلي.

ڀلا جي اوهان  کي انهيءَ حقيقت ۾ شڪ آهي ته آءٌ خدا جو مقصد پورو ڪري رهيو آهيان ته پوءِ پنهنجي خاطريءَ  لاءِ اوهين هن طرح معاملي جو جائزو وٺو- ڏسو ته آءٌ نيڪيءَ جو پرچار ڪندي پنهنجن ذاتي معاملن ۽ پنهنجي اهل عيال کان به غافل ٿي ٿو وڃان، ذلتون ۽ تڪليفون  سهان ٿو پر ان ۾ مون کي ڪو مادي ۽ مالي فائدو يا دل جي سکڻي ورونهه نه پئي ملي، تنهن جي معنيٰ ته منهنجو اهو ڪم عام رواجي انساني عمل  نه آهي نه ته اصل معاملو سمجهڻ لاءِ هيڏو بحث مباحثو نه ڪرڻو پوي ها. (پر منهنجو ڪم غير رواجي ڪم آهي). ۽ منهنجا مدعي هزار نرلڄائي  جي باوجود اڃا ايڏي منهن جي پڪائي نه ڪري سگهيا آهن جو اهو ثابت ڪري سگهن ته آءٌ هڪ پيشي ور ۽ اجوري تي ڪم ڪندڙ معلم آهيان- ته صاحبو، منهنجي غريبي ۽ مسڪيني منهنجي عرض احوال جو وڏو ثبوت آهي.

برابر اهو عجيب ٿو لڳي جو آءٌ هن ريت ماڻهن کي صلاحون  ۽ نصيحتون ڏيندو رهان ٿو توڙي هنن جي شخصي معاملن ۾ به هنن کي واٽون ڏيکارڻ جي ذميداري پوري ڪريان ٿو، مگر اوهان سڀني جو ڪو ميڙ ڪٺو ڪري سياسي ۽ ملڪي معاملن تي تقريرون نٿو ڪريان، تنهن جو سبب به اهو ئي آهي جو  آءٌ هڪ الهيٰ ۽ رباني آزمائش جي اثر هيٺ اچي ويو آهيان. هڪ خدائي مقصد پورو ڪري رهيو آهيان، جنهن کي ميليطس صاحب مون لاءِ هڪ تهمت بنائي ڇڏيو آهي. انهيءَ الهيٰ آزمائش جي ابتدا منهنجي ننڍپڻ کان ٿي. مون کي هڪ طرح جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جو هميشہ مون کي منهنجن رواجي ڪمن ۽ ارادن کان روڪيندو هو، پر ڪنهن خاص ڪم تي مجبور به نه ڪندو هو. جي آءٌ رواجي ڪمن ۾ پوان ها ته سياست ۾ حصو وٺان ها، جنهن جي نتيجي ۾- پاڻ کي توڙي اوهان کي ڪو فائدو پهچائڻ کان سواءِ ئي- پنهنجو سر وڃائي ويهان ها.

 مهرباني ڪري منهنجي هن صاف گوئي تي ناراض نه ٿجو، ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو پوري هوش حواس سان اوهان جي يا ڪنهن جمهوري  اداري جي مخالفت ڪ ندو، خود سياسي ڪمن کان پاسو ڪندو ۽ سياسي غلاظتن ۽ بي قاعدگين کان بچڻ جي ڪندو، سو مشڪل سان ئي (اوهان جي) عتاب کان بچندو.

جيڪو انصاف جو سچو سورمو آهي، سو جي زنده رهڻ چاهي- کڻي ٿوري وقت لاءِ سهي- تنهن کي کپي ته گوشه نشيني اختيار ڪري ۽ سياست  کي اڪيلو ڇڏي ڏي.

هن سلسلي ۾ آءٌ ڪي حقيقي دليل پيش ڪندس، جن کي اوهين جيڪر قدر جي نگاهه سان ڏسي ۽ سمجهي سگهو ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته آءٌ محض موت جي خوف کان ڪنهن قوت آڏو جهڪڻ وارو نه آهيان، نه ته ظاهر ۾ اها هڪ رواجي ڳالهه آهي: ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر جي حيثيت سان آءٌ هڪ واحد شخص هوس، جنهن اوهان جي غير آئيني ڪمن جي مخالفت ڪئي، بنان ڊپ ڊاءَ جي اوهانجن غلط فيصلن جي خلاف راءِ ڏنم، اوهين مون کان ناراض ٿيا، مون کي خطرناڪ  نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، پر مون حق ۽ قانون جو پاسو نه ڇڏيو ۽ اوهان سان ناجائز ڪمن ۾ شريڪ نه ٿيس. اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيو، جڏهن پاڻ وٽ اڃا جمهوري راڄ هو. پوءِ جڏهن  امراءِ جي حڪومت (آليگارچي) آئي ته هنن (اڃا وڌيڪ انياءَ ڪيا ۽) وڌ کان وڌ ماڻهن کي پنهنجين بڇڙاين ۾ ملوث ڪرڻ ۽ ڦاسائڻ لاءِ قدم کنيا. انهن حالتن ۾ به  مون موت جي خوف کان آزاد رهي، حق ۽ انصاف جو عملي ساٿ ڏنو. حڪومت ۽ ان جا حواري اهي ظالماڻا ڪم ڪندا رهيا ۽ آءٌ گهر هليو آيس (حڪومت جو ساٿ نه ڏنم). حڪومت مون کي موت جي سزا ڏيڻ جا سانباها ڪيا، پر انهيءَ کان اڳ اها پاڻ ئي ختم ٿي وئي، نه ته منهنجو بچڻ مشڪل هو. منهنجي هن دعويٰ  جا هتي ڪيترا شاهد موجود آهن.

اوهين سمجهو ٿا ته آءٌ حڪومت جي ناجائز ڪمن ۾ شريڪ ٿي به عزت جي زندگي گذاري سگهان ها؟ نه صاحبو نه! ويتر آءٌ حق جو پرچار ڪرڻ کان به وڃان ها. بهرحال آءٌ هميشہ حق ۽ انصاف تي قائم رهيو آهيان ۽ ان سلسلي ۾ مون انهن سان به ڪا رو رعايت نه ڪئي آهي، جن کي عام طور تي ڏاڍي بدنيتي  سان منهنجو شاگرد چيو وڃي ٿو. نه مون پنهنجي پرچار جو ڪڏهن ڪو اجورو ورتو آهي، نه ڪڏهن  غريب امير جو فرق رکيو اٿم. مون هميشہ رياڪاري ۽ منافقت کان سواءِ حق جو کليو پرچار ڪيو آهي. پوءِ جي ڪو ماڻهو سلڇڻو ٿيو آهي يا ڪلڇڻو، ته انهيءَ لاءِ آءٌ ذميوار نه آهيان، ڇاڪاڻ ته فقط پرچار منهنجي ذمي آهي، ڪنهن کي نيڪ يا بد بنائڻ منهنجي ذمي ۽ اختيار ۾ نه آهي. ۽ جي آءٌ ڪن کي کاريندو رهيو آهيان، ته ڏسو ته هتي ڪيترا ماڻهو موجود آهن، جن جوانيءَ ۾ منهنجي تقليد ڪئي آهي ۽ هاڻي وڏي عمر جا آهن، توڙي انهن جا مٽ مائٽ به موجود آهن، جي يقيناً شاهدي ڏيندا ته مون هنن کي کاريو ناهي، سڌاريو آهي. پر منهنجا مدعي انهن جي شاهدي وٺن ئي ڇو ٿا!

ٿي سگهي ٿو اوهان ۾ ڪو اهڙو هجي، جنهن کي اهو ڏکيو لڳي ته جڏهن مٿس هن کان به وڌيڪ گهٽ سنگين ڏوهن تي مقدمو هلايو ويو هو، تڏهن هن عدالت جي اڳيان لڙڪن جا سمونڊ هاري هاري درديليون درخواستون ڪيون ۽ پنهنجن ابهم ٻارن کي به آڻي عدالت ۾ بيهاريو ته جيئن وڌ ۾ وڌ همدرديون ماڻي، دوستن ۽ مائٽن کان سفارشون ڪرايائين، پر هڪ آءٌ آهيان جو موت جي سزا جو انديشو هوندي به ائين نه پيو ڪريان. ٿي سگهي ٿو اوهان مان ڪو انهيءَ ڪري مورڳو مون سان حسد ۽ تعصب ڪرڻ لڳي ۽ خار ۾ اچي منهنجي خلاف راءِ ڏي- ته انهيءَ صاحب کي آءٌ عرض ڪندس ته : جيئن هومر چوي ٿو ته ”آءٌ ڪنهن وڻ يا جبل جو ڄائو نه آهيان، بلڪ هڪ انسان جو اولاد آهيان.“ تيئن آءٌ به انسان جو اولاد آهيان، منهنجا مائٽ به آهن ۽ منهنجا ٽي پٽ به آهن، جن مان ٻه ته بنهه معصوم آهن، پر آءٌ انهن کي ڪڏهن عدالت ۾ آڻي نه بيهاريندس، نه اوهان کي ايلاز ڪندس ته مون کي آزاد ڪريو، ڇو؟

- انهيءَ جو سبب اهو نه آهي ته آءٌ هوڏي آهيان يا اوهان سان ڪا نفرت اٿم، نه ئي انهيءَ ۾ ڪو منهنجي بهادري يا بزدلي جو ڪو سوال آهي، بلڪ سبب هي آهي ته : منهنجي خيال ۾ منهنجي، اوهان جي ملڪ جي ناموس انهيءَ ۾ آهي ته آءٌ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪو اهڙو  ڪريل طريقو اختيار نه ڪريان. جيتري منهنجي عمر آهي ۽ جيترو منهنجو ناماچار آهي- غلط ڪي صحيح- بهرحال عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته آءٌ- سقراط- عام ماڻهن کان مختلف سڀاءٌ ۽ مختلف ڪردار جو ماڻهو آهيان. (انڪري مون کي ڪريل حرڪتون ناهن ڪرڻيون) سياڻپ، حوصلي ۽ ٻين اهڙين نيڪين ۾ نالو رکڻ واري ڪنهن به شخص لاءِ اها ذلت جي ڳالهه ٿيندي، جي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اهڙو  رستو اختيار ڪري. مون ڏٺو آهي ته ڪي اعليٰ درجي تي پهتل ماڻهو به مقدمي ۾ ڦاسڻ بعد پنهنجي بچاءَ  لاءِ نيچ طريقا  اختيار ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته زندگيءَ تان هٿ کڻڻ هنن لاءِ وڏي دهشت جي ڳالهه آهي. هو سمجهن ٿا ته موت جي سزا کان بچي هو امر ۽ لازوال ٿي ويندا. اهڙي قسم جا  ماڻهو شهر (ملڪ ۽ قوم) لاءِ خواري جو سبب ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن جي نندا ٿيڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڏاڍا دکدائڪ ناٽڪ ٿا پيش ڪن.

ها البت هر ماڻهوءَ لاءِ اهو برحق آهي ته هو  ( پنهنجي مقدمي ۾) عدالت جي اڳيان مڙئي حقيقتون  بيان ڪري ۽ عدالت کي دليلبازي سان قائل ڪري. عدالت انهيءَ ڪري نٿي لڳائي وڃي ته اها انصاف کي خيرات ڪري ورهائي، بلڪ عدالت جو منصبي فرض آهي ته ڏسي ته انصاف جي اصل تقاضا ڇا آهي، حق ڇا آهي ۽ ناحق ڇا آهي. جيوري جو فرض  آهي بي ريائي سان فيصلو ڏيڻ. نه جوابدار ڪا غلط بياني ڪري عدالت تي غلط اثر قائم ڪري نه عدالت ڪا غلط سوچ رکي ۽ جوابدار تي ڪو اثر وجهي. ائين ته ٻئي ڌريون ڏوهي ٿينديون.

 

تنهنڪري صاحبو، آءٌ اداڪاري کي وسيلو بنائي اوهان تي اثر وجهڻ جي ڪوشش نه ڪندس. ائين ڪري ته آءٌ پنهنجي مذهبي فرض کان ڦرڻ جو ڏوهي ٿيندس ۽ اوهان جي نظرن ۾ به ڪرندس. منهنجي  بيباڪيءَ تي اوهين به ناراض نه ٿيو. منهنجي هر بيجا حرڪت ڄڻ اهو ثابت ڪندي ته منهنجي مذهبي عقيدي جا بنياد ڪمزور هئا! ائين ته اوهين به مذهب کان بيزار ٿيندا! نه صاحبو نه، مون کي مذهب تي پورو ۽ سچو اعتقاد آهي- منهنجي مدعين جي مذهبي اعتقاد کان وڌيڪ پختو.

هاڻي آءٌ پنهنجو معاملو اوهان تي ۽ خدا تي ٿو ڇڏيان ته- فيصلو ڪيو وڃي ته منهنجي لاءِ ڇا بهتر آهي اوهان لاءِ ڇا بهتر آهي.

]عدالت سقراط کي ڏوهي ڪيو ۽ ميليطس عدالت کي درخواست ڪئي ته سقراط کي موت جي سزا ملي[.

تنهن تي سقراط عدات کي هن طرح خطاب ڪيو: (سزا کاڌل ڏوهيءَ کي اهڙا بيان ڏيڻ جي مهلت ڏني ويندي هئي).

 صاحبو، اوهان جو فيصلو ٻڌي ڪو ڏک نه ٿيو، ۽ انهيءَ جا گهڻا سبب آهن، جن مان سڀ کان وڏو سبب هي آهي ته مون کي اهڙي فيصلي جي اڳ ئي اميد هئي، البت مون کي ووٽن جو تعداد ڏسي ڏاڍي  حيراني ٿي ته معاملو بس ٿوري تان  منهنجي برخلاف ٿيو. ]220 سقراط جي حق ۾ ۽ 280 هن جي خلاف پيا. جيوري جا ڪُل ميمبر 500 هئا[. هاڻي قاعدي موجب مون کي هڪ متبادل سزا جي درخواست ڏيڻي آهي- (جوابدار  پنهنجي سزا جي بدل طور ٻي ڪا به سزا آڇي  سگهيو ٿي). ظاهر آهي ته اها متبادل سزا ڪا وڏي سزا هئڻ گهرجي. پنهنجي ”ڏوهه“ جي سزا طور آءٌ آخر ڪهڙي ڀوڳنا جي درخواست ڪري سگهان ٿو؟ مون عام رواجي سڪون واري حياتي ڪڏهن نه گهاري آهي، ڪڏهن اهڙن معاملن جو فڪر نه رکيم، جن جو عام ماڻهو فڪر رکندا آهن- نه ڌن ميڙڻ جي ڪوشش ڪيم، نه ڪو آرام وارو گهر ٺاهڻ جي، نه ڪو عهدو حاصل ڪيم، نه ئي ڪنهن ٻي سرگرمي ۾ حصو ورتم، نه تقريرون نه تنظيمون نه گڏجاڻيون. ڪڏهن ته آءٌ پاڻ سوچيندو هوس ته جي انهن اصولن تي سختيءَ سان قائم رهيس ته جيئڻ مشڪل ٿي پوندو.

آءٌ اوهان ۾ پرچار ڪندو رهيس ته انفرادي معاملن ۾ پنهنجن ظاهري ۽ دنيوي فائدن تي گهٽ ۽ پنهنجي باطن  جي سڌاري تي گهڻو ڌيان ڏيو ۽ اجتماعي (سماجي ۽ قومي) معاملن ۾ وري فائدن کي گهڻي اهميت ڏيو ۽ عام رواجي اصلاح کي گهٽ. اهو ئي اوهان جو عام اصول هئڻ گهرجي. هڪ اهڙي پرچارڪ کي ڪنهن انعام جو حقدار به سمجهو ٿا؟ اهڙي سڌارڪ کي گهڻي سڪون ۽ فرصت جي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري سرڪار کي کپي ته اهڙن ماڻهن لاءِ زندگيءَ جون ضرورتون مفت موجود ڪري، ڇاڪاڻ جو هو اولمپڪ رانديگر فاتح کان  وڌيڪ انهن سهولتن جو حقدار آهي. مثال طور رانديگر  اوهان کي فتح جي هڪ ”شڪل“ ڏين ٿا، جڏهن ته آءٌ اوهان کي ان جي ”حقيقت“ ٿو ڏيان.

اوهين منهنجي بيان مان منهنجي خود سر هئڻ جو اثر وٺندا هوندا، پر حقيقت ان جي برخلاف آهي. ڇا ڪجي جو مقدمي لاءِ فقط هڪڙو ڏينهن ٿو ڏنو وڃي ۽ ايتري وقت ۾ اوهان کي قائل ڪرڻ مشڪل آهي. خير- مون هاسيڪار ڪنهن سان بدخواهي نه ڪئي آهي. سو سائين، جڏهن موت جي سزا جي باري ۾ ئي نٿو ڄاڻان ته سٺي شئي آهي يا بري، ته باقي ان جي متبادل سزا ٻي ڪهڙي تجويز ڪريان؟ سو جي ڪا ڳالهه تجويز ئي ڪرڻي آهي ته منهنجي اها تجويز وٺو جا هينئر ظاهر ڪيم ته: ذهني اخلاقي تبليغي ڪم ڪرڻ وارن کي وڌ ۾ وڌ سڪون ۽ فرصت ڏيڻ لاءِ حڪومت هن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري.

حياتي مون کي ايتري ڪڙي به ڪانهي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ جيڪر هٿ پير هڻان، ڏسان پيو ته اوهين به هاڻي بيزار پيا ٿيو ۽ معاملو ختم ڪرڻ پيا چاهيو. آءٌ اهو به ڏسان پيو ته جي متبادل سزا جي طور ديس نيڪالي قبول ڪري ڪنهن ٻئي ديس ڏانهن هليو ويندس ته اتي به منهنجو ههڙو ئي حشر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو سچ جو پرچار  ڪرڻ کان آءٌ اتي به نه رهندس، انهيءَ ڪم تان دستبردار  ٿيڻ کي آءٌ وڏي نافرماني ٿو سمجهان. اوهين منهنجي ڳالهه نه سمجهندا ۽ آءٌ پنهنجو ڪم نه ڇڏيندس. ]نيٺ جيوري موت جو قطعي فيصلو ٻڌايو[

سقراط باقي بيان ڏنو:

چڱو صاحبو! اوهين ٿوري ۽ وقتي فائدي خاطر(هن عظيم) شهر تي بدناميءَ جو اهو داغ لڳائڻ جو فيصلو ڪري ئي چڪا آهيو. ظاهر آهي ته اوهان تي اها ملامت اوس ٿيندي ته اوهان سياڻي سقراط کي ماري ڇڏيو، ۽ هن شهر جو نالو (هميشہ) انهيءَ حوالي سان ورتو ويندو .

هاڻي جيئن ته  منهنجي حياتي باقي ڪي گهڙيون وڃي بچي آهي ته پهرين آءٌ انهن صاحبن سان مخاطب  ٿيندس، جن منهنجي سزا جي حق ۾ راءِ ڏني.

ته صاحبو: اوهين بيشڪ سمجهو پيا ته منهنجي سزا برحق آهي، ان ڪري جو منهنجا جوابي دليل ناڪافي ۽ بي وزن  آهن، پر حقيقت ائين نه آهي. اصل حقيقت هيءَ آهي ته منهنجي بيان ۾ اها نرلڄائي ۽ ديده  دليري نه هئي جيڪا اوهان کي متاثر ڪري سگهي( انهيءَ لحاظ کان ته برابر منهنجو بيان بي وزن ۽ ناڪافي هو)، نه مون کان اها چاپلوسي ٿي جا اوهان کي خوش ڪري سگهي. اوهان ڀانيو ته آءٌ روئندس، ايلاز ۽ منٿ ميڙ ڪندس ۽ اهو سڀڪجهه ڪندس جيڪي منهنجي شان جي خلاف آهي، جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ  جا اوهين هميشہ کان هيراڪ ۽ شوقين آهيو. مون موت کان خوف نه کاڌو ۽ اهڙا ڪريل طريقا نه ڪيم، توڻين جنهن انداز سان پنهنجو مؤقف اختيار ڪيم، تنهن تي مون کي ذري به پشيماني نه ٿي آهي. اهڙو عزت ۽ وقار جو طريقو اختيار ڪري موت قبولڻ انهيءَ کان بهتر آهي، جو نيچ رستو اختيار ڪري زندگي ماڻيان. جنگ جو ميدان هجي يا عدالت جو ايوان، موت کان بچڻ لاءِ اهڙا ڪريل طريقا اختيار ڪرڻ ۽ بازاري حرفتن جو سهارو وٺڻ بنهه غلط آهي- اها پنهنجي مقصد سان غداري ٿيندي.

ياد رکجو ته هن دنيا ۾ اصل مسئلو اهو نه آهي ته موت کان ڪيئن بچجي، بلڪ (انسان لاءِ) اصل مسئلو هي آهي ته بدڪاري ۽ غلطڪاريءَ کان ڪيئن بچندو رهي، جا موت کان وڌيڪ گهڻي تکي تيز رفتار هوندي آهي. مون سان ته معاملو ئي ٻيو ٿيو- آءٌ ٻڍو ۽ سست رفتار ماڻهو موت کان به پوئتي رهجي ويس، جيڪو خطا جي معاملي ۾ خود ڍلي رفتار وارو آهي. يعني مون کان اهو سست رفتار  موت به گوءِ کڻي ويو ۽ اوهين جي چالاڪ به آهيو ۽ تيز رفتار به آهيو، سي وري خطا ۽ پاپ جي معاملي ۾ پوئتي رهجي ويا، يعني اوهان کي وري پاپ مات ڏئي ويو، جو اسان کان وڌيڪ تکو آهي- (موت ۽ گناهه ٻئي ڄڻ هڪ ٻئي سان ڊوڙ پڄائيندا آهن، پوءِ ڪو انسان گناهه کان بچڻ لاءِ موت کي وڃيو گلي لڳائي، ڪو موت کان بچڻ لاءِ وڃيو گناهن ۾ پوي) ته سائين خطا کان بچڻ لاءِ موت قبوليو اوهان جي هٿان.

جڏهن آءٌ عدالت مان نڪرندس ته منهنجي هٿ ۾ اوهان جو عطا ڪيل موت جو پروانو هوندو ۽ جڏهن اوهين هتان نڪرندا ته اوهان جي هٿن ۾ ”سچ“ جي عدالت جا جاري ڪيل حيف ملامت جا پروانا هوندا. اوهان جي ڪمينپائي ۽ سياهڪاري تي ڏنل فيصلا! ۽ جيئن مون پنهنجي سزا قبول ڪئي آهي، تيئن اوهان کي به پنهنجي سزا قبول ڪرڻي پوندي. بهرحال هي ته اوس ٿيڻو ئي هو ۽-

- منهنجي خيال ۾ انجام بهتر ئي ٿيو آهي.

هاڻي، منهنجي زبان ڪي حقيقتون  بيان ڪرڻ لاءِ بي قابو ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت جنهن واٽ تي بيٺو آهيان، اتي الهام ۽ القاءَ انسان ڏانهن جلد ايندا آهن. ٻڌو: آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان ته جيئن ئي منهنجي سزا تي عمل ٿيندو ۽ آءٌ دنيا مان رخصت ٿيندس، تيئن ئي انتقام ۽ عذاب اوهان تي نازل ٿيڻ لڳندو ۽ اها سزا اوهان لاءِ سخت عذاب جو سبب ٿيندي بنسبت انهيءَ سزا جي، جا اوهين مون کي ڏئي رهيا آهيو. اوهان سمجهيو آهي ته مون کي سزا ڏيڻ کان پوءِ اوهين وڌيڪ نندا ۽ نڪته  چيني کان محفوظ ٿي ويندا، پر ياد رکجو ته نتيجو انهيءَ جي برخلاف ٿيندو. منهنجي مرڻ پڄاڻان اوهين  وڌيڪ لعنت ۽ ملامت جو شڪار ٿيندؤ. منهنجا پوئلڳ ۽ پيروڪار اوهان لاءِ مون کان وڌيڪ ڏکيا ثابت ٿيندا.

 جي اوهين ڪنهن کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ کي پنهنجن غلط ڪارين  تي ٿيندڙ حيف ملامت کان بچڻ جي تدبير ٿا سمجهو ته پوءِ اوهان جي سمجهه ۾ پڪ سان ڪا خامي آهي. انهيءَ قسم جو ”فرار“ نڪو ممڪن آهي، نه ئي مناسب آهي. ماڻهن جا وات بند ڪرڻ بجاءِ  پنهنجو ڪردار ۽ عمل سڌارڻ وڌيڪ بهتر آهي. انهن لاءِ، جن منهنجي موت جي سزا جي حمايت ڪئي آهي، هي منهنجو آخري پيغام آهي.

۽ هاڻي رخ انهن ڏانهن آهي، جن منهنجي موت جي سزا جي مخالفت ڪئي ۽ منهنجي آزاديءَ جي سفارش ڪئي:

آءٌ اوهان سان به چند اکر ڳالهائيندس ته جيئن اوهين  منهنجي انجام جي حوالي سان پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي واٽ ٺاهيو. عملدار پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن ۽ آءٌ اڃا موت جي جاءِ تي نه پهتو آهيان. اوهين منهنجا دوست  ۽ خير خواه آهيو ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجي معاملي ۾ صحيح رخ سان ڏسو.

جيوري جا احترام لائق صاحبو! سچ ته فقط اوهين ئي اهڙن اکرن سان مخاطب ٿيڻ جي لائق آهيو (جن منهنجي حق ۾ انصاف ڪيو). مون کي هڪ زبردست  تجربو ٿيو آهي. اڳي هيئن ٿيندو هو جو اهو هاتفي آواز، يڪو لاڳيتو مون تائين پهچندو هو، سوئي هردم منهنجو ساٿي ۽ هم راه هوندو هو ۽ مون کي  ذري پرزي  جيتري رواجي کان رواجي خطا تي به جهل پل ڪندو هو، پر هاڻي (اڄ) مون سان هي ٻيو ئي معاملو ٿيو آهي، جو انهيءَ هاتفي آواز ڪنهن به مرحلي تي مون کي روڪ نه ڪئي آهي، نه ڪو بچاءَ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته اوهين سمجهو پيا ته (اوهان جي ليکي) آءٌ هڪ وڏي مصيبت (موت) کي قبول ڪرڻ جي غلطي ڪري رهيو آهيان! انهيءَ اشاري مون کي ان وقت به نه روڪيو جنهن وقت اڄ صبح آءٌ گهر کان نڪتس، نه ان وقت جڏهن آءٌ عدالت ۾ اچي ويٺس ۽ نه ئي انهيءَ بيان جي دوران  جو مون هتي ڏنو، جڏهن ته اڳي اهو آواز مون کي منهنجي گفتگو جي وچ ۾ به ٽوڪيندو هو—تنهن جو مطلب آهي ته منهنجو ايقان صحيح ۽ پختو آهي ته منهنجي زندگيءَ جو هي حادثو، يعني هي مقدمو ۽ موت جي سزا مون لاءِ هڪ وڏي رحمت آهي ۽ جي اسين موت کي هڪ بڇڙي شيءِ ٿا سمجهون ته اها اسان جي غلط سوچ آهي. جي آءٌ ڪنهن خراب انجام ڏانهن وڌندڙ هجان ها ته  منهنجو اهو همراه مون کي ڪا روڪ ضرور ڪري ها.

موت جي هڪ نعمت هئڻ جا ٻيا به گهڻائي بنياد ۽ دليل آهن، جن تي اسين  پنهنجون بهتر اميدون  ٻڌي سگهون ٿا. موت—هنن ٻن شين مان هڪ ضرور آهي: موت يا ته هڪ مڪمل فنا يا نيستي آهي ۽ مرڻ بعد انسان جي ڪا به  احساساتي قوت يا صلاحيت  باقي نٿي رهي يا ته موت محص هڪ تبديلي آهي، جيئن اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو. صحيح اهو آهي ته موت هڪ (محض) تبديلي آهي، (آرفي متي جو پرچار ڪيل اهو نظريو اٿينس  شهر ۾ اڳ ئي موجود  هو). جنهن موجب روح هڪڙيءَ جاءِ تان ٻيءَ جاءِ ڏانهن هجرت ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ حساب سان جو موت احساسات جي مڪمل فنا نه آهي، بلڪ هڪ سپنن ۽ خوابن کان خالي ننڊ آهي، موت هڪ نهايت شان وارو نفعو آهي اُپراسو آهي!  منهنجي خيال ۾،  جي ڪنهن کي چيو وڃي ته  پنهنجون اهي راتيون شمار ڪندو رهي، جن ۾ اهڙي گهري ۽ مٺي ننڊ ڪئي هجيس جو انهيءَ ۾ ڪو خواب به نه آيو هجيس ۽ پوءِ پڇجيس ته اهڙين راتين کي پنهنجين ٻين اهڙين راتين ۽ ڏينهن سان ڀيٽي ٻڌاءِ، جيڪي وڌيڪ خوشي ۽ سڪون سان گذاريا اٿس ته هو يقيناً انهن راتين کي وڌيڪ بهتر ٻڌائيندو، جيڪي خوابن کان خالي ننڊ ۾ گذاريون اٿس. جي موت انهيءَ شيءِ جو نالو آهي ته آءٌ ان کي وڏي فائدي جي شيءِ چوندس، ڇاڪاڻ ته ان جو سڄو ئي مدو فقط هڪ واحد رات ئي ڀانئبو- هڪ مٺي پرسڪون ننڊ جو وقفو!

توڻين، جي موت جي معنيٰ آهي هتان نقل مڪاني ڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هلڻ ۽ جي اهو سچ آهي، جيئن چيو وڃي ٿو ته هتان لاڏاڻو ڪرڻ وارا سڀئي انسان ٻيءَ دنيا ۾ موجود آهن، ته پوءِ صاحبو! انهيءَ کان وڌيڪ نعمت ٻي ڪهڙي ٿيندي؟ جي ماڻهو هن ناحقي دنيا کي ڇڏي هڪ اهڙي دنيا ۾ وڃي پهچي جتي  ههڙن نالي پٽين يا نالي ۾ نهال منصفن  ۽ مدعين جي پهچ (هلندي) نه هجي ۽ جتي سچيون عدالتون ۽ سچا منصف هجن، جتي اهي اوتار به هجن جيڪي هِتي به حق تي قائم رهيا، ته پوءِ دوستو اهو سفر ڪو بي فائدي چئبو؟ اهڙين هستين سان ملاقات لاءِ ته آءٌ ڏهه ڀيرا مرڻ لاءِ تيار آهيان. (هتي سقراط ڪيترن اوتارن جا نالا ورتا ۽ هومر کي به ياد ڪيو) اهي هستيون گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن کي حق پرستي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ته نه ڏينديون- اتي موت هوندو ئي ڪٿي!

مانوارا صاحبو! اوهين به موت جو انتظار سڪون ۽ اعتماد سان ڪريو (نه خوف سان) ۽ هميشہ اهو پڪو يقين رکو ته نيڪ ماڻهوءَ کي ڪنهن به طرح جو ڪوبه خوف خطرو ڪونهي- نه زندگيءَ ۾، نه مرڻ کان پوءِ. هي مون سان جيڪي  ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ جنهن انجام تي رسيو آهيان، سو ڪنهن ميڪانيڪي عمل جو نتيجو نه آهي. مون تي هاڻي چٽيءَ طرح  واضح ٿيو آهي ته هي مصلحت ۽ حڪمت مقرر هئي- ته هاڻي پنهنجن مونجهارن (حياتيءَ جي بکيڙن کان) نجات پائڻ لاءِ زندگيءَ  تان هٿ کڻڻ گهرجي. تڏهن ئي مون کي هن تجربي کان بچڻ جو ڪو اشارو نه مليو. ذاتي طور تي مون کي انهن صاحبن سان به عداوت  يا شڪايت ناهي جن مون کي موت جي سزا ڏني آهي، جيتوڻيڪ هنن جي  نيت اها نه هئي ته مون کي هڪ وڏي نعمت سان نوازين. هنن ته پنهنجيءَ پر ۾ مون کي وڏو آزار ڏنو آهي، تنهنڪري هنن جي اها بدنيتي ته ضرور ملامت جي لائق آهي.

بهرحال، آءٌ انهن صاحبن کي هڪ درخواست ڪريان ٿو، هڪ مدد گهران ٿو ۽ اها هيءَ ته:

 صاحبو! جڏهن منهنجا ٻار وڏا ٿي وڃن ۽ اوهين ڏسو ته هو نيڪي ۽ چڱائيءَ جي بدران دنيا ميڙڻ کي لڳي ويا آهن ته پوءِ اوهين هنن کي ائين ئي حيف ملامت ڪجو، جيئن آءٌ اوهان تي  ڪندو رهيو آهيان. اهڙيءَ طرح اوهين هنن کان منهنجو انتقام وٺي ڇڏجو ۽ جي هو بي سبب ۽ بي جواز  پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ لڳن ۽ پاڻ پڏائڻ لڳن ته به هنن کي ائين ئي جٺ پٺ  ڪجو،  جيئن آءٌ اوهان کي جٺ پٺ ڪندو رهيس. جي اوهان ائين ڪيو ته آءٌ (ٻيءَ دنيا ۾) سمجهندس ته اوهان انصاف ڪيو، حساب برابر ڪيو -- منهنجو توڙي منهنجي اولاد جو!

ته صاحبو، هاڻي هلڻو آهي—مون کي مرڻ لاءِ ۽ اوهان کي  وڌيڪ زنده رهڻ لاءِ. پاڻ ٻنهي ڌرين مان ڪنهن جو انجام بهتر آهي ۽ ڪنهن جو بدتر، تنهن جي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به خبر ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com