عبدالقيوم
”صائب“
تون
فقط ناهين
مگر
آهه دنيا
خود
غرض،
باده
ڪش
هو خود
غرض،
باده پيما
خود
غرض.
جن
جي دم
سان
محفلون دم
بدم
رنگين هيون،
سي
ئي پڌرا
ٿي
پيا،
سي ئي
نڪتا
خود غرض.
ظاهرا معصوم
ها ليڪ
اندر
۾
ڪڌا،
يار
پردن ۾ لڪل
ها
نه
ڪيڏا خود
غرض.
سڀ
کي
پنهنجي هئي
لڳل،
محو سڀ
ها
پاڻ ۾،
هي
غلط آهي
ته
هو گل
ئي
تنها خود
عرض.
جن
ٿي
خود ساراهه جا
ڍڪ
ڀريا
سي
ڪئن
ڦريا،
منهن
تي ايندي
ئي
ٿيا
يار ايڏا
خود
غرض.
ڪيئن نه
طوطا
چشم ٿي، هو
اکيون
ڦيري ويا،
نيٺ
ظاهر ٿي پئي
چشمِ
شهلا خودغرض.
تنهنجي
پرپٺ، تنهنجي
لئه،
ڇا
نه يارن
ٿي
چيو،
منهن
تي ايندي
ئي
ٿيا
يارِ يڪتا
خودغرض.
ڪنهن
جي
آئي،
ڪنهن
جو
ڇو،منهن جو پردو
ٿي
لٿو،
پاڻ
ظاهر ٿي پيو
نازِ
بيجا خودغرض.
ڪين
ڀيلو ها
ٻڏي،
ڪين
ها
سهڻي
ٻڏي،
جي
ٿئي
ها ڪين ڪي موجِ
دريا
خودغرض.
قلقلِ
مينا
ٻڌي، ياد
”صائب“
کي
پيو،
سو
سمون، جنهن
دم
ٿيا،
يا يڪجا
خودغرض.
”محبوب“
سروري
غزل
اسان
جو عشق
عاليشان، اسان
جو
نينهن نوراني،
اسان
جو پيار
پاڪيزه، اسان
جو
قرب قرآني.
اسان
جو چاهه
البيلو، محبت
آهه
مستاني،
خدا
جو شڪر
آهي
جنهن ڏني دل
آهه
ديواني.
محبت
صدقو چاهي
ٿي،
گُهري ٿو قرب
قرباني،
تريءَ
تي دل
تڏهن
آيو کڻي آهيان
مٺا
جاني.
نه
گُهرجي گنجِ
قاروني نڪي
تختِ
سليماني،
”مون کي ٿي بادشاهي
کان
مٿي
دلبر جي درباني“.
ڏسان ناڪام
ٿو
چرخِ
ڪهن
جي فتنه
ساماني،
جو
پهچي وئي
پرينءَ جي
سنگِ
در تي
منهنجي پيشاني.
سخن
تي جاهلن
جي
داد مان
حاصل
پشيماني،
سُڪوتِ
اهلِ دانش
۾
عذاب
آهي سخنداني.
ورهيه
گذري ويا
تو
هڪ نظر
کنئي
مون
ڏي
مستاني،
اڃا
دل آهه
ديواني، هِنئين
کي
آهه
حيراني.
چون
”محبوب“
ٿا
الفت
ڪچي
ڌاڳي
مثال
آهي،
غلط
فهمين، گمانن
۾
نه
ڇن
تون يار
ياراني.
”انور“
هالائي
ڪنهن کي ڏيڻ ميار،
مناسب نٿو
لڳي،
تڪرار
بار بار،
مناسب نٿو
لڳي.
وعدا
ڪري
ٿو
ان کي به
ڪجهه
آزمائجي،
شڪ
جو ٿيڻ شڪار،
مناسب نٿو
لڳي.
صحرا
کي
گلعذار ڪري
ڄاڻجي مگر،
ات
چاهتِ بهار،
مناسب نٿو
لڳي.
دلبر
وفا ڪري نه
ڪري
خود
وفا
ڪجي،
دنيا
تي آشڪار،
مناسب نٿو
لڳي.
خوددار
ٿي
گذارجي،ڪڍجي
نه
ڪنهنجي
ڪاڻ،
هر
ڪنهن
جو انتظار،
مناسب نٿو
لڳي.
مطلب
پرست يار
کان
پاسو
ڪرڻ
کپي،
اهڙن
سان رازدار،
مناسب نٿو
لڳي.
جيڪي
سڏن ٿا پنهنجو
انهن
سان نڀائجي،
غيرن
تي اعتبار،
مناسب نٿو
لڳي.
تو
عمر
ساري
مون
کي
سڪايو
ٿي
ديد
کان،
پردو
سرِ مزار،
مناسب نٿو
لڳي.
هن
جي جفا
تي
اشڪ وهائي
ٿيڻ
خوار،
”انور“ وفا
شعار، مناسب
نٿو
لڳي.
”محسن“
ڪڪڙائي
غزل
ڪا ڪا مُورت،
لکُ
لَهي ٿي،
سُهڻي
صورت، لکُ
لهي
ٿي.
جنهن
سان تنهنجو
نينهن لڳي
ٿو،
ان
جي قسمت،
لکُ
لهي ٿي.
منهنجي
دنيا ڪک برابر،
تُنهنجي
سنگت، لک
لهي
ٿي.
مُرڪي،
اک مِلائڻ
وارا،
تنهنجي
عنايت، لک
لهي
ٿي.
ڌَنَ جو
پوڄاري ڇا
ڄاڻي،
ڪنهن
جي چاهت،
لک
لهي ٿي.
سونهن
کي
سجدا، پيار
جي
پوڄا،
اهڙي
عبادت، لک
لهي
ٿي.
ماءُ
هجي، يا،
محبوبه،
عورت
عورت، لک
لهي
ٿي.
پَلَ
۾
ماسو، پَلَ
۾
تولو،
تُنهنجِي
طبيعت، لک
لهي
ٿي.
”محسن“ گهَرُ،
پُٽڙا ۽
ڌيئڙيون،
ههڙي
دولت، لک
لهي
ٿي.
”آثم“
ناٿن
شاهي
گُهمي
گهرَ، رکي
ڪا
گڏهه
تي
ٻِنِي،
وتو
نانءُ ناهي
مون
ڪنهن
کان
پِني.
ونڊي
آ مون
سُرهاڻ جهوليون
ڀَري،
ڏنا
ڏيهه
کي
ٿَم
گل ئي
گل
ڇني.
لَڙي
لُڙڪ
ڪاغذ تي
بڻجن
غزل،
جڏهن
ڪنهن
ڏکئي
جي ڏٺم اک
ڀني.
اَجها ڀي،
ڏجها ڀي ٿي ڏاڍ
ڏئي،
اها
ڏات،
ڏاتار
جيڪا
ڏني.
سدا
ساهه واري،
سَچي
شاعري،
نه
آ ماڊرن
۽
نه
ڪا
فئشني.
سنئين
سوچ
”آثم“!
اٽل
۽
اڏول،
ڪنهين ڍنگ کان
ڪانه آهي
ڊِني!
”طالب الموليٰ،
”فهيم“،
”بيخود“،
”محبوب“
۽
”خادم“
في
البديه
مسدس
(مشترڪه
تخليق)
- 1961ع -
ط
ٿيو
دورِ
خزان ختم
بهار
آئي چمن
۾،
خ
هڪ
لهر خوشي
جي
ٿو
ڏسان
سرو سمن
۾،
ب
عيد
آهي نئين
سر
ٿي
بپا دشت
و
دمن ۾،
فَ
ماحول بدلجي
ويو
سڄو چشم
زدن
۾،
م
لبريز
ڏسان
جام
ٿو
ساقيءَ
جي
هٿن
۾،
ط
اڄ رنگِ جواني به آهي چرخِ
ڪهن
۾.
ط
گلشن
جي صحن
کي
ٿي
صبا
روز
ٻهاري،
ب
بلبل
به خوشيءَ
مان
ٿي
گلن ساڻ
گذاري،
ب
سنبل
ٿو
وريو زلفِ
پريشان کي سنواري،
م
نرگس
ٿي
کڻيو
ناز
ڀريا نيڻ
نهاري،
ط
لب پنهنجا صراحيءَ رکيا ساغر جي لبن تي،
م
عاشق
ٿي
ڏني
ڄڻڪ
چمي
چاه
ذقن
تي.
م
بهتر
جو هينئر
واعظِ بي
پير
نه آهي،
ط
۽
پاي
جنون ۾ به
ڪو
زنجير نه
آهي،
خ
سڀ
خوش ٿو
ڏسان هاڻ
ڪو
دلگير نه
آهي،
ف
شب
آهي مگر
نالئه شب
گير
نه آهي،
م
ٿي
يار
جي
موجودگي
سوني
تي
سهاڳو،
ب
ڀاڳن
سان
ٿو
اهڙو
ڪو
ملي
وقت
سڀاڳو.
ف
شرمائي گلن
کي
ٿي
سندس
رخ جي
گلابي،
ف
غنچن
به سڄڻ
کان
ئي
سکيو ناز نقابي،
م
ڪن
مست
سڀن کي ٿا سندس
نيڻ
شرابي،
خ
هي
نيٺ
ڪرائينديون اکيون
خون
خرابي،
ف
رفتار سندس آهي قيامت تي قيامت،
م
گفتار سندس شانِ فصاحت
۽
بلاغت.
ط
رات
آهي يا
محبوب جا
هي
زلفِ پريشان،
م
رخسار يا
هي
نور سحر
آهي
نمايان،
ب
دلبر
جي جبين
آهي
يا هي
ماهِ
درخشان،
خ
هي
مست اکيون
يار
جون يا
چشمِ
غزالان،
ط
مستيءَ
۾
سنڀاليو
جو
اچي
يار
جي
بازن،
ط
غيرن جي دماغن جو ويو بگڙي توازن.
ط
هڪڙو
به سندس
تيرِ
نظر
ڪونه خطا
ٿئي،
ب
جنهن
کي
ٿو
لڳي
ان
کي حياتي
ٿي
عطا
ٿئي،
ط
ڪاوڙجي
تڏهن
پڻ
ٿو
سندس
وعدو
وفا
ٿئي،
ط
پرچي
ته وري
پاڻهي ئي
دردن
جي دوا
ٿئي،
ب
ڪنهن
تي
به
ڪڏهن
جورو
جفا
ڪونه
ڪري
ٿو،
خ
ڪيڏا
نه
سڄڻ
قرب
ڪري
پير
ڀري
ٿو.
ط
هو
”طالب
مولا“ جي
محبت
جو نگهبان،
م
”محبوب“
مليو
دل جا
ٿيا
پورا
سڀ ارمان،
ف
ٿو
حُسن
”فهيم“
ان
جو
ڪري
حسن
کي
حيران،
خ
”خادم“ تي
ڪري
يار
ٿو
احسان تي
احسان،
ط
هو
”طالب
مولا“ جو
خدا
آهي مجازي،
ب
بيخود
ٿا
نمن
جنهن کي سدا
ترڪ
۽
تازي.
(مرسله:
مخدوم
جميل الزمان
”جميل“)
”نثار“ بزمي
نعتيه
ڪلام
مٺي
منٺار تان
صدقي، سچي
سردار تان
صدقي،
مديني جي
ڳَلين
جي
سونهن ۽ سينگار
تان
صدقي.
اهو
ئي نانءُ
نرمل
آ سهارو
ساهه
منهنجي جو،
يتيمن جو
آ
جيڪو يارُ،
اهڙي
يار تان
صديقي.
زماني کي ملي
وئي
روشنائي جنهن
جي
جلون
کان،
لکين
منهنجا جنم
تنهن
جوان جلويدار
تان
صدقي.
ڪفرسازيءَ
جي
عالم ۾ حياتيءَ
جو
وجود
ڪهڙو،
انهيءَ
ٻُوسٽ ۾ دلبر
جي
عجب ديدار
تان
صدقي.
چيائين:
هڪ
خدا
آهي، سڃاڻو
پنهنجي سائينءَ
کي،
انهيءَ پيغام
تان
صدقي، انهيءَ
پرچار تان
صدقي.
تجليءَ کان انڌيرن
جون
ويون ويران
ٿي
واٽون،
سوين
ڀيرا
وڃان مان
صاحبِ انوار
تان
صدقي.
گهڙي
هڪڙي نه
وسري
ٿو،
سدائين آهي
سيني
۾،
وڃان
ٿو
هر گهڙيءَ
اهڙي
ڳچيءَ
جي هار
تان
صدقي.
تصور
۾
چيم:
سرڪار!
مان
تنهنجو غلام
آهيان،
چيائين:
مان
به
ڄاڻان
ٿو،
انهيءَ اظهار
تان
صدقي.
محمد
نانءُ آ
جنهن
جو، مٺو
محبوب آ
منهنجو،
ادا
”بزمي“
پُڇين ڇا ٿو، آ
دل
دلدار تان
صدقي.
احمد
خان
”مدهوش“
غزل
ڪيڏو
کڻي
به
عشق ۾ نقصان
ٿي
پوي،
ليڪن
اي دوست
ڪائي
خبر
ڪانه
ٿي
پوي.
شوخي
ادا ڪري ته
تباهيون مچي
وڃن،
مُرڪي ڏسي ته
موت
به آسان
ٿي
پوي.
ڪهڙو
گناهه؟ عارضِ
دلبر
چُمڻ،
اگر،
صورت سڄڻ
جي
صورتِ قرآن
ٿي
پوي.
ولله! تنهنجي
مصحفِ رخسار
کي
ڏسي،
تازو
توانو روز
ٿو
ايمان ٿي پوي.
جنهن
لاءِ تنهنجا
رلفِ
پريشان ٿا رهن،
سو
تنهنجي لاءِ
ڇو
نه
پريشان ٿي پوي.
رُخسار تان
هٽاءِ نه
زلفِ
سياهه کي،
زيرو
زبر نه
گردشِ دوران
ٿي
پوي.
دلر
جي تر
جون
ڪهڙيون
ٻڌايان
ڪرامتون،
ڪافر
ڪٽو
ڏسي
ته
مسلمان ٿي پوي.
ان
جي نصيب
سان
نه ڪريو ريس
دوست،
جو
خوش نصيب
عشق
۾
نادان ٿي پوي.
اهڙو
خدا ڪري ڪو
ڏهاڙو اچي
نديم!
”انسان
ذات
شل وري
انسان ٿي پوي“.
لاهي
قباء عشق نه
ڏيندس
اي
ناصحو!
توڙي
هزار چاڪ
گريبان ٿي پوي.
”مدهوش“
جي
اڱڻ
تي
اگر
هو
اچي
وڃي،
معطر
سڄو ئي
دامنِ ايوان
ٿي
پوي.
|