سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :15

 

 

هنگلاج ۾ چاءِ

(Tea at Hinglaj)

غلام رباني آگرو

“There was an idea, particularly in the middle Ages, that by goning on pilgrimage,as muslim pilgrims do,you were reinstating the original condition of man. The act of walking through a wilderness was thought to bring you back to God.”

Bruce Chatwin

THE SONGLINES

انگريزن جي ڏينهن ۾، پرائمري اسڪولن جا سنڌي درسي ڪتاب ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. چاليهه- پنجيتاليهه ورهيه گذرڻ کان پوءِ به انهن ڪتابن ۾ پڙهيل ڪي سبق اڃا تائين ياد بيٺا آهن. هڪ سبق ۾ لکيل هو ته ڪنهن پراڻي چيني مندر جي مٿان هي اکر لکيل هئا: ”پاڻ سڃاڻ“.

اهڙي قسم جو هڪ گفتو مسلمان صوفين ڏانهن به منسوب آهي. فرمايو اٿن ته: ”من عرف نفسہ‘ فقد عرف ربہ‘“، يعني  جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو، تنهن پنهنجو رب سڃاتو.

ايامن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهلِ دل انسان پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.

”مان ڪير آهيان؟

”هن دنيا ۾ ڪٿان ۽ ڇو آيو آهيان؟

”هتان ڪاڏي هليو ويندس؟

”منهنجو خالق ڪير آهي، ڪٿي آهي؟“

انهن سوالن جي جوابن لاءِ هر گهر تڙَ ڇڏي، جسم تان پٽ پٽيهر جا ويس وڳا لاهي، ڪلهن ۾ ڪفني وجهي، وستين ۽ ويرانن، پهاڙن ۽ پٽن ۾، تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيندا رهيا آهن ۽ سڪون ۽ ايڪانت وارن هنڌن تي پهرن جا پهرَ ۽ ڏينهن جا ڏينهن اڃ ۽ بک کان بي نياز، بلڪ خود پنهنجي وجود کان ئي بي خبر، گيان ۽ ڌيان ۾ گم رهيا آهن. قديم زماني جي السند والهند جي اهڙن قديم مرڪزن ۾ هنگلاج گهڻو مشهور آهي. سنڌي، هندي ۽ انگريزي ڪتابن ۾ ان جو ذڪر اذڪار هنگلاج، ناني هنگلاج ۽ نانيءَ جي نالن سان ملي ٿو. روايت آهي ته ڀلارو  ڀٽائي پڻ جوڳين ۽ سنياسين جي سنگت ۾ ٻه دفعا هنگلاج ايترا تي ويو هو. ڪن ظاهربين شخصن هنگلاج جي ياترين تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته:

ناٿ جنهين ننڌ، تت نه هاريو جوڳئين

ڪي ڪويساهيا ڪاپڙي، پريا پراهين پنڌ

هُو هِنهينِ هنڌ، ٿي هنهئين ويا هنگلاج ڏي.

ڀلاري ڀٽائيءَ اهو ٻڌي پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو:

ناٿ جنهين ننڌ، تت پڻ نهاريو جوڳئين

سي سويساهيا ڪاپڙي، پريا پراهين پنڌ

هُو هئو هن هنڌ، هنن هنگلاجان هٿ ڪيو.

نه رڳو ايترو، پر پنهنجي لافاني رسالي ۾، هنگلاج ۽ ان جي پانڌيئڙن کي ڏاڍيءَ سڪ سان ڳايائين. فرمايائين:

نانگا نانيءَ هليا، ويچارا وئا

ڪِينرَ ڪاپڙين جا، صبح تان نه سئا

هو جي هِت هئا، آئون نه جيندي ان ري.

...         ...                ...

نانگا نانيءَ هليا، سڱيون ساڻ کڻي

آيل آديسين جي، هينئين حب گهڻي

جنهين منهن مڻي، آئون نه جيندي ان ري

...         ...                ...

جان آهين اوطاقن ۾، تان ڪي ساڻن اور

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور

ويا جي هنگلور، ته ڪرم ملندءِ ڪاپڙي.

...         ...                ...

ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپٽَ،ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن ڍار

هلن جي هنگلاج ڏي، بابو ڇڏي بارَ

جي ”ڪين“ قبولڻهار،هلو ته تڪيا پسون تن جا.

...         ...                ...

ڪَنَ ڪَٽ، ڪاپٽَ، ڪاپڙي، ڪن جي ڪٽائين

لاهوتي لطيف چئي، ماڳ نه مٽائين

جي خوديءَ کي کائين،هلو ته تڪيا پسون تن جا

...         ...                ...

سامي، کامي، پرينءَ لئه، ڪُسي ٿيا ڪباب،

جهڙو ڏسن ڏوهه کي، تهڙو تن ثواب،

اونين آرتي گاڏئون، منجهان اکين آب،

سندو ذات جواب،تون ڪيئن پڇين تن کان.

...         ...                ...

پاڻهين ويٺا پاڻَ سين، پر ۾ پرياڻين،

هو جي هلڻ سنديون ڳالهيون ڳالهائين،

وڃڻ وڃائين، آئون نه جيندي ان ري.

...         ...                ...

پاڻهين ويٺا پاڻ سين، پر ۾ پرياڻين،

سامي سفر هليا، آسڻ اجهائين،

رخصت روئارين، آئون نه جيندي ان ري.

...         ...                ...

نه ڪي کڻن پاڻَ سين، نه ڪو ساڻن پاڻَ،

اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيندي ان ري.

...         ...                ...

ويهه پنجويهه ورهيه ڪن تي پڙلاءُ پيو ته هنگلاج هلڻ لاءِ هڪ قافلو تيار ٿيو آهي،  جنهن ۾ سنڌي زبان جو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سندس دوست(مرحوم) محمد اسماعيل نون ۽ ٻيا ڪي ساٿي شامل آهن. اها ڳالهه ٻڌي  اندر ۾ ڏاڍا اڌما اٿيا ته جيڪر ان قافلي سان شامل ٿجي، ۽ هنگلاج وڃي ڏسجي. ويتر جو ٻڌڻ ۾ آيو ته قافلي وارن هنگلاج جي اوکي پنڌ، برپٽ بيابان، سڃ ۽ ويراني  کي خيال ۾ رکي، وڏا بندابست ڪيا آهن، ڪيئي جيون ساڻ اٿن، منزلن لاءِ تنبو تولان به کنيا اٿن، ته هيڪاري روح سٽون ڏنيون. پر، پنهنجي غريباڻي حال کي ڏسي، مون هميشہ لاءِ هڪ اصول پنهنجي اڳيان رکيو هو— اياز قدر خود بشناس. چنانچه، هنگلاج ڏسڻ جي وڏي ذوق ۽ شوق جي باوجود، مون ڀلئي ڀلائي به اهڙو اکر پنهنجيءَ زبان تي نه آندو، جو مون کي ڪنهن جو احسانمند  ٿيڻو پوي. هنگلاج ڏسڻ جي حضرت بهر صورت دل ۾ رهي.

قرآن ڪريم ۽ خداوند ڪريم جون جيڪي صفتون  بيان ٿيل آهن، تن ۾ هڪ اها به آهي ته هو ظاهر ۽ لڪل (غيب) جو ڄاڻندڙ آهي. ٻئي طرف اسان جو علم فقط  ظاهر تائين محدود آهي، ويهه پنجويهه  ورهيه اڳ مون کي اهو خواب خيال به ڪو نه هو ته الله هڪ ڏينهن اهڙو آڻيندو جو مان هنگلاج هن طرح ڏسڻ ويندس ته جيپ بدران هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿي وڃي هوا مان هيٺ لهندس، جيئن ئي پير پٽ تي رکندس ته فوج جا جوان  مون کي سلامي ڏيندا ۽ هنگلاج جي ويراني ۾ گلم غاليچا وڇايا ويندا. ٿيو هيئن ته  گذريل سال آڪٽوبر مهيني ۾ ڊاڪٽر انيمري شمل دوستن کي خط لکيا ته مان سرءُ جي مند ۾ پاڪستان جي دوري تي اينديس. ڊاڪٽر شمل ويهه پنجويهه ورهيه اڳ مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي معرفت سنڌي ادبي حلقن سان متعارف ٿي هئي. هن سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ ستت ئي سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سنه 1985ع ۾ ٿي. جيئن ته  مرحوم پير صاحب مون کي گهڻي قدر ڀائيندو هو، انڪري هوءَ به مون کي ڀائنڻ لڳي. وقت جي گذرڻ سان، اسان سٺا دوست بنجي وياسين. جن ڏينهن ۾، پاڻ آڪٽوبر ۾ پاڪستان اچڻ جو اطلاع ڏنائين، تن ڏينهن ۾، صدر پاڪستان وٽان، مون وٽ اڪادمي اديبات پاڪستان جي آفيس ۾ هدايتون پهتيون ته ڊاڪٽر شمل ملڪ جي قابل قدر علمي خدمت ڪئي آهي. هوءَ جڏهن دوري  تي اچي ته سندس خاص خيال رکيو وڃي ۽ ميزباني جا فرائض اڪادمي اديبات پاڪستان سرانجام ڏئي.

مون ڊاڪٽر شمل کي خط لکي پڇيو ته گهمڻ لاءِ ڪاڏي هلڻو آهي؟ پنهنجي طرفان کيس سڪردو هلڻ جي صلاح ڏنم، جتي سنڌو درياءُ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. ڊاڪٽر شمل واديءَ ڪاغان ۾ سيف الملوڪ ڍنڍ ڏسڻ جو شوق ڏيکاريو، جنهن سان شهزادي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال پريءَ جو داستان منسوب ٿيل آهي ۽ روايت آهي ته اڃا تائين چوڏهين جي رات ڍنڍ جي ڪناري تي پريون ناچ ڪرڻ اينديون آهن.

مون صدر پاڪستان جي حڪم نامي جي آڌار تي، سڪردو ۽ ڍنڍ سيف الملوڪ – ٻنهي هنڌن ڏسڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو.

 

جڏهن ڊاڪٽر شمل پاڪستان پهتي ته اسان هوائي فوج جي هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿي، نالگا پربت جو پاسو ڏيئي، وڃي سيف الملوڪ ڍنڍ جي ڪناري تي لٿاسين. برف باري اڃا شروع ڪا نه ٿي هئي، پر ڍنڍ جي چوڌاري ملڪہ پربت گذريل سال جي برف سان سڄو ئي ڍڪيو پيو هو. ڍنڍ جو شفاف پاڻي، آسمان جي عڪس پوڻ ڪري، نيري رنگ جو هو، ۽ ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته قدرت بيضوي شڪل جو هڪ وڏو پيالو، نيري آب سان ڀري، برف پوش جبلن جي وچ ۾ کڻي رکيو هجي: مون ائين محسوس ڪيو ته  جيڪڏهن پرين کي چوڏهينءَ جي رات واقعي ناچ ڪرڻو آهي ۽ ناچ کان پوءِ کين ٿَڪَ لاهڻ لاءِ غسل به فرمائڻو آهي ته بيشڪ سيف الملوڪ ڍنڍ ئي ان مقصد لاءِ موزون ترين هنڌ آهي.

سڪردو وڃڻ لاءِ اسان هيلڪاپٽر بدران بوٽنگ جهاز جي سواريءَ کي ترجيح ڏني. رهائش جي لاءِ شنگريلا هوٽل ۾ انتظام ٿيو، جنهن جي اشتهار  ۾ دعوا ڪئي وئي هئي ته هيءُ هوٽل ڌرتيءَ  تي بهشت جون سڪون ٿي لاهي. سڪردوءَ جي هوائي اڏي تي اعليٰ عملدارن اسان جو استقبال ڪيو. اسان شام جو ساڻن ڪچهري ڪري، رات جو وڃي شنگريلا هوٽل ۾ ٽڪياسين.مرحوم پير حسان الدين راشديءَ جي وفات کان پوءِ هيڪر ڊاڪٽر شمل مون کي چيو هو ته سيوهڻ ڏسڻ جو شوق اٿم. مان جڏهن کيس سيوهڻ ڏيکارڻ وٺي ويو هوس، تڏهن مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر شمل سان رفاقت ڪرڻ لاءِ گڏ هئي. سڪردوءَ ايندي به سوچيم ته ادي مهتاب کي سڏي وٺان. پر ڊاڪٽر شمل جي هڪ جرمن سهيلي مئڊم ڪئرن سان اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، جنهن چيو ته ليڊي- ان- ويٽنگ جا فرائض مان سرانجام ڏيندس، انڪري شنگريلا  هوٽل ۾ مون ٻه سوٽ ورتا—هڪ ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن، ۽ ٻئي ۾ مون سامان رکيو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ  اسان پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسين. سڪردوءَ ۾ چڱا ٿڌا مٺا سيءَ هئا. مون پنهنجي ڪمري ۾ ڪاٺين جو مچ ٻارايو ۽ گرم گرم ڪافي گهرايم. جڏهن بتي وسائي وڃي بستري تي ستس. تڏهن ڪئرن ۽ ڊاڪٽر شمل اڃا پنهنجي ڪمري ۾ ڪچهري ڪري رهيون هيون.

صبح جو اسان جيپن ۾ سوار ٿي، ’ست پارا‘ ڍنڍ ڏسڻ وياسين، ۽ پوءِ اچي سنڌو درياءَ جون تصويرون  ڪڍيونسين. درياءَ ۾ پاڻي ٿورڙو هو، پر ان کي پاڪستان جي علائقي ۾ داخل ٿيندو ڏسي، منهنجي لونءِ لونءِ ٺري پيئي ۽ حيدر بخش جتوئي جي لافاني نظم ياد آئي:

اچين مانسرور مان ڪشمير ۾،

۽ باغ عدن واري تصوير ۾،

ڀرين تنهن کي خوشبوءَ اڪسير ۾،

مفرح کڻي سنڌ لئي سير ۾:

ڏئين دل کي فرحت،

ڏئين روح راحت،

۽ ڪيلاش پربت،

منجهان شِير شربت:

ٿو گلزار گلشن جا آڻين اٿاهه،

ڀلي آئين، جي آئين درياهه شاهه!

سڪردو گهمي جڏهن اسان واپس اسلام آباد موٽياسين ته ڪنهن هنڌ سنڌو درياءَ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ڳالهه نڪتي. مون ڊاڪٽر شمل کي ٻڌايو ته هڪ فرينچ ٽيم سبيءَ جي ڀرسان مهر ڳڙهه وٽ به پراڻا دڙا کوٽيا آهن، جن جي ڪري سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب  پنجن هزارن ورهين مان وڌي وڃي ست هزار ورهيه بيٺي آهي. جيئن ته سبيءَ  تائين صاف سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، ۽ سنڌو ميداني علائقي جي حد به اتي ئي پوري ٿئي ٿي، پرتي بلوچستان جا جبل شروع ٿين ٿا، ان ڪري  منهنجي خيال موجب مهر ڳڙهه جي تهذيب موهن جي دڙي ۽ آمريءَ واريءَ قديم سنڌي تهذيب جي اڳوڻي ڪڙي آهي.

ڊاڪٽر شمل وزيراعظم پاڪستان سان جڏهن ملاقات ڪئي تڏهن مهر ڳڙهه جي دڙن  ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. وزيراعظم کيس چيو ته اڳو پوءِ اوهان لس ٻيلي جو دورو به  ڪيو جو اتي به صاف سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر شمل مون سان اها ڳالهه ڪري اشارو ڏنو ته ڪوشش ڪر، ته پاڻ لس ٻيلي مان هلي هنگلاج ڏسي اچون. ان وچ ۾ پاڻ ڪجهه ڏينهن لاءِ هندستان ۽ بنگله ديش جي دوري تي رواني ٿي. جڏهن اتان موٽي پاڪستان پهتي ته  مان وزيراعظم جي آفيس مان حڪم جاري ڪرائي، مهر ڳڙهه جي دڙن، لس ٻيلي ۽ هنگلاج ڏسڻ جا سڀ انتظام ڪرائي چڪو هوس.

اسان رٿيل پروگرام موجب، صبح جو سوير ڪراچيءَ مان ڪوٽيا ويندڙ جهاز ۾ سوار ٿياسين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سبيءَ جي ايڊيشنل ڪمشنر ڪوٽيا جي هوائي اڏي تي اسان جو استقبال ڪيو. ٻه موٽرون آنديون هئائين. هڪ ۾ شمل ۽ ڪئرن ويٺيون ۽ ٻيءَ ۾ اهو نيڪ مرد ۽ مان ويٺاسين. منجهند جي مانيءَ مهل اچي ڍاڍر پهتاسين.

بولان درياءَ جي ڪپ تي سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ لنچ جو نهايت شاندار انتظام ٿيل هو. ماني  کائي شمل ۽ ڪئرن آسپاس  جون تصويرون  ورتيون، مون نماز پڙهي ٿوري دير آرام ڪيو ۽ پوءِ ڍاڍر جي ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ موٽرن ۾ سوار ٿي، مهر ڳڙهه جي بدران نوشهري وارو کوٽيل دڙو ڏسڻ وياسين، جو چيائون ته مهر ڳڙهه کان به وڌيڪ دلچسپ آهي.

ڪاڪي ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ انهن دڙن جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي بلوچستان ۾ دمدما ڪوٺيو  ويندو آهي. نوشهري وارو دمدمو ايڏو وڏو ڪونهي، وڌ ۾ وڌ آمريءَ واري دڙي جيترو ٿيندو. مٿاڇري تي  ٺڪراٺو ٽڙيو پکڙيو پيو هو. نشانيءَ طور ٻه – ٽي ٺڪريون ڪئرن کنيون ۽ ٻه- ٽي مون. معلوم ٿيو ته کوٽائيءَ ۾ جيڪي شيون دريافت ٿيون آهن، سي فرينچ ٽيم جا ماهر آثار قديمه پرڀرو ڪئمپ ۾ کڻي ويا آهن.

دڙو ڏسندي ڏسندي ٽپهري ٿي ويئي. واپسيءَ تي ڪن پراڻن قبن جي پاسي مان لنگهي  اچي روڊ تي چڙهياسين، جتان ڍاڍر جي ڊپٽي ڪمشنر موڪلايو. ان مهل بلوچستان جي خانه بدوش قبيلن جي بود وباش جو هڪ دلچسپ منظر نظر آيو.شفق جي شعاعن هيٺ هڪ وڏي ويڪري ميدان ۾ هڪ بلوچي قبيلو منزل انداز  ٿيو هو. پٿريلي ميدان ۾ ڪاريءَ ڏاس مان ٺهيل رانئٽيون هنيون هئائون، جن جي ٻاهران ڪي زالون ٻڪرين ڏهڻ ۾ مشغول هيون ته ڪي رات جي مانيءَ لاءِ اٽو ڳوهي رهيون هيون. ڪن زالن چلهيون دکايون هيون، جن مان نڪرندڙ  دونهين جون لاٽون فضا ۾ تحليل ٿي رهيون هيون. مرد اٺن ورائڻ ۾ مشغول هئا. اها هئي عاشقن جي ڪل ڪائنات. نه گهر نه تڙ، نه محل نه ماڙيون. بقول شاعر:

برات عاشقان بر شآخ اُهو

منهنجي هڪ بلوچ دوست گلزار مري (سابق سيڪريٽري بلوچي ايڪيڊمي) هڪ دفعي بلوچستان جي سفر ۾ مون کي هڪ قصو ٻڌايو. چي هيڪر ڪنهن برپٽ ۾ برسات اچي لٿي. مينهن اهڙو جو جهٽ پلڪ ۾ اوندهه انڌوڪار ٿي ويئي. هڪ ٻڍڙي زائفان اتي ٻڪريون چاري  رهي هئي. وٽس برسات کان بچاءَ لاءِ ٻيو ته ڪجهه ڪو نه هو، هڪ تڏي ساڻ هيس،جا کڻي مٿي تي اوٽ ڪيائين. ڌڻيءَ جو شڪرانو ڪري چوڻ لڳي ته هاڻي مون کي ته برسات جو  فڪر ڪونهي، پر هن مصيبت جي مينهن ۾ ويچارو اسان جو سردار الائي ڪيئن ڪندو!

منهن اونداهيءَ مهل اسان جون موٽرون اچي سبيءَ پهتيون، جتي ڊپٽي ڪمشنر  جي بنگلي جي پاسي ۾ هڪ ريسٽ هائوس ۾ اسان جي رهائش  جو انتظام ٿيل هو. ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون پنهنجن ڪمرن ۾ سامان رکيو ۽ دمدمن جي مٽي لاهڻ لاءِ غسلخانن جو رخ ڪيوسون، جن ۾ گرم ۽ سرد پاڻيءَ جو انتظام ٿيل هو. ايتري ۾ نوڪر چاءِ کڻي آيا ۽ اطلاع ڏنائون  ته رات جي مانيءَ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر  جي گهر هلڻو آهي. اسان اڃا چاءِ پي رهيا هئاسون جو فون تي اطلاع مليو ته اسان کي لس ٻيلي وٺي هلڻ لاءِ ايئرفورس جو هيلي ڪاپٽر سبيءَ پهچي چڪو آهي. مون ڪرنل انوارالحق نالي هيلي ڪاپٽر جي پائلٽ سان فون تي خوش مرحبا ڪئي ۽ کيس آرام ڪرڻ لاءِ چيو.

سبيءَ جي لائق ۽ فائق  ڊپٽي ڪمشنر ۽ سندس خوبرو گهر واريءَ جهڙي شاندار ڊنر کارائي تهڙي شاندار ڪچهري ڪئي. اسان رات جو ٻارهين ڌاران کانئن موڪلائي، اچي بسترن ۾ آرامي ٿياسين.

صبح جو سوير ازخود ننڊ مان جاڳ ٿي. منهن تي ڇنڊو هڻي، ڏندڻ ڪري، ڊرائنگ روم ۾ آيس ته ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن به ڪر موڙينديون اچي صوفن تي ويٺيون. اڃا منهن اونداهي هئي ۽ آسمان ۾ ٿورا گهڻا تارا موجود هئا. نوڪرن چاءِ آندي ۽ صاف سنڌيءَ ۾  ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ اندر ناشتو  ميز تي لڳي ويندو. چاءِ پي مان ريسٽ هائوس جي ڇٻر تي پسار ڪرڻ لڳس. سبي سانت ۾ هئي، ريسٽ هائوس جي وڻن ۾ فقط  پکين جي چون چون هئي. ٿوريءَ دير ۾ ناشتو اچي ويو. اسان تيار ٿي، ايئرپورٽ تي پهتاسين. سبيءَ جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هيلي ڪاپٽر جو پائلٽ اسان جي استقبال لاءِ موجود هئا.

سبيءَ وارو هيلي ڪاپٽر سيف الملوڪ ڍنڍ واري هيلي ڪاپٽر کان به سٺو هو. خاص ڳالهه اها ته ان ۾ اسان کي اڳيان پائلٽ  سان گڏ وهاريائون. ڊاڪٽر شمل پائلٽ جي پاسي واريءَ  ڪرسيءَ تي ويٺي، مان پائلٽ جي پٺيان واريءَ ڪرسيءَ تي ويٺس. منهنجي پاسي ۾ ڪئرن ويٺي ۽ سندس پاسي ۾ پائلٽ جو مددگار ويٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com